سيڪشن: شاعري

ڪتاب: خليفي صاحب جو رسالو

باب:

صفحو:14 

سر ڪاموڏ

]١ [    لوڙهي لک وڪاءِ، ڪم ڪروڙيان آڳرو[1]

        پٻڻ پدمنئون پري، قيمت بِهه نه ڪاءِ[2]

        گيربُ ڪري نه گندري، کاڄ غاريبو کاءِ

        جنهن سان ريڌو را، سا سڃيائين سوکڙي.

] ٢ [  تال طنبورا تان، لڳا ِڪينجهر ڪنڌيين

        هٿ شيشو، منهن وٽڙي، چٻيو چٻي پان[3]

        منڇــر لڌو مان، جڏ تڙ تماچي آئيو

]٣ [   تڙ تماچي آئيو، ڪن رنگيليون راند

        پکي پيهي آئيو، ڪينجهر ڌڻي ڪانڌ

        چنيءَ چارئي پاند، ويچاريءَ وڇائيا.

وائي

سمو تنهنجڙي ساءِ، ڪندو معاف مياڻيون

١.       هيرو لعل هٿن سان، پويو پارس پاء

٢.       سهسين سرود سهاڳ جا، ڳايو ويٺڙي ڳاءِ

٣.       چوئو، چندن، ڪيوڙو، لويو لـِڱن لاءِ[4]

٤.       پاتا پيچ پريت جا، رات گهرائي راءِ

٥.       مڇيءَ سندو مامرو، لٿو تو مٿاءِ

٦.       قاسم پان پِريان سين، کايو ويٺڙي کاءِ

 

وائي

سمو ڄام سڌير، تو گهر آيو گندري

١.      مٿان مياڻين جي، ٿيندڙي اوت عنبِير,

٢.     اوڍئو اوڍ لڱن تي، پٽولا پٽ -  چِير,

٣.     ڪندو معاف مڇيارين، قاسم سڀ ڪبير,

 

متفرقه ڪلام

 

مداحون

]مدح – ١[ [5]*

 

مدح حضرت محبوب سبحاني، غوث صمداني، قطب رباني، ميران محي الدين شيخ سيد ابي محمد عبدالقادر جيلاني گيلاني قدس الله سره العزيز.

 

بِسم الله الرحمٰن الرحِيم

صفت ڪريان سبحان جي     آگا تنهنجي احسان جي

دعويٰ رکان تو دان جي        توکي مڃان مهدي موچارا

داد ڪر بغداد وارا

جن سان نبي تنهنجي يراني  ٻيو تني جو ڪير ثاني

تون پسا تن جي پيشاني      وه بنيا گڏ چنڊ تارا

داد ڪر بغداد وارا

پير پيران پير تون              شه ڏي دلاسو ڌير تون

منهنجو وسيلو وير تون هردو جهان هادي همارا

داد ڪر بغداد وارا

تون ڌڻي بغداد جو             سڻ داد ڪر فرياد جو

امداد ڏي دلشاد جو    توکان پني پازي پيارا

داد ڪر بغداد وارا

ٿي سگهو همراه هادي ڏي اسان کي شاه شادي

مدعي ٿيا مات مادي مئا وچائين ٿي ويچارا

داد ڪر بغداد وارا

جن اسان سين جنگ جوڙي تو تني جي ناؤ ٻوڙي

ڪين پهتا توڙ توڙي ڪيا تني ۾ موت مارا

داد ڪر بغداد وارا

جن درنگي ڪي دغائي       ڪيو تڙي تن کي توائي

تو وڃاين وير! وائي     پيا اهڏ انڌا آسارا

داد ڪر بغداد وارا

توکي مڙئي معلوم ميان      ٻي دانهن آءٌ ڪنهن کي ڏيان

تنهنجي دلاسي ٿو جيان      تون پاڻ ٿي مسڪين پارا

داد ڪر بغداد وارا

منهنجا مدغي مات ڪر      غمناڪ دل کي شاد ڪر

احمد وصل ارشاد ڪر  تنهنجا پسان نوري نظارا

داد ڪر بغداد وارا

مهدي! منافق مار تون اغيار کي ڪر ڌار تون

خونخوار کي ڪر خوار تون     نيڪي وڃائي ويا نصارا

داد ڪر بغداد وارا

کر تو تڙايا کودڙا      گس تؤن کڻي ويا گودڙا

]پيا ڌوڙ ۾ سي دوڌڙا[ منهن تي ملين عربي انگارا

داد ڪر بغداد وارا

منهنجي ميان! ڪر ماڙ تون   بگهياڙ جي پٽ پاڙ تون

ڀڃ ڏيپري جي ڏاڙ تون بَڇ گرگ کي سگ بي شمارا

داد ڪر بغداد وارا

ڪامل قبولت عرض ڪر      ٻي غرض کان لاغرض ڪر

مون سين ملاقت فرض ڪر   منظور ڪيم تنهنجا منارا

داد ڪر بغداد وارا

پارس وسيلو پير تون   عارف امل اڪسير تون

دلگير جو دلڌير تون    لک پي چڙهيا تو کان تسارا

داد ڪر بغداد وارا

هادي هدايت جا ڌڻي  پايان اکيين تنهنجي پڻي

توڙا اٿم تنهنجي تڻي جيءَ ۾ وسين جاني جيارا

داد ڪر بغداد وارا

دارو دوا در دست تو    دل مست ڪي منجهه بست تو

ويئي ورائـِي وست تو   تنهنجا امر جاري اشارا

داد ڪر بغداد وارا

هادي رسين هر حال تون       فائدو ڏئين في الحال تون

ڪر سوال جي سنڀال تون      سڏ ٿو ڪريان توکي سوارا

داد ڪر بغداد وارا

دل ۾ وسين دلبند تون        هادي همه هر هنڌ تون

منهنجي وساء مسنند تون     ڪامل قمر قوت قرارا

داد ڪر بغداد وارا

سرور سپه سالار تون   چؤ طرف چوڪيدار تون

پنهنجو اڪارين پار تون       ڪوڙين لکين عاصي اپارا

داد ڪر بغداد وارا

حامي حمايت ٿو گهران        تو کان تنهينجو تو گهران

توکي وڻي سک سو گهران    دک دور ڪر داڙو دوبارا

داد ڪر بغداد وارا

هر حال ۾ همراهه تون  گمراهه کي ڪر راهه تون

بدخواه کي ڏي باه تون        کامي مرن خوني خسارا

داد ڪر بغداد وارا

توڙان اٿم تنهنجو تڪيو      هر حال ۾ گهرجين هڪيو

چورن ڪتن آهيان چڪيو      ڪاهيو رسن دز ديو ڪارا

داد ڪر بغداد وارا

داد ڪر بغداد وارا

توڙان اٿم تنهنجي تڳا       سگ کي وجهين قابو سڳا

بهڪيو اچن ڀيٽو ڀڳا تن کي چکا لٺ جي لغارا

داد ڪر بغداد وارا

توڙان اٿم تو ۾ طمعان        ضامن آهين منهنجو ضمان

ڪوڙين نوازيئي ناڪمان       مشڪلڪشا مختيارڪارا

داد ڪر بغداد وارا

دائم ڊگهو هٿ دين تو        مقصد گهري مسڪين تو

سلطان چاڪر چين تو  بردا برين بلخ و بخارا

داد ڪر بغداد وارا

شب روز شڪرانو چوان آندي مهر مون تي اوهان

پر جام ڏي نينهن جا نوان    صدقا گهران ساقي سونهارا[6]

داد ڪر بغداد وارا

بي پير ڪيا لک پير تو       دز، مير! ڪيا شه مير تو

سنگ سون ڪيو اڪسير تو   تاران اڪاريا تو اتارا

داد ڪر بغداد وارا

توکان گدا لک شاه ٿيا        لک شاه تنهنجا ڏاهه ٿيا

گمراهه تو کان راهه ٿيا فرمان ۾ فغفور دارا

داد ڪر بغداد وارا

داڙو! وڌايو دين تو      نهرا ڪيا نابين تو

توڙان آهيان تابين تو  جڳ جو مٿئه مهدي مدارا

داد ڪر بغداد وارا

تازا نوان ڪر نينهڙا    محبت وسايو مينهڙا

ڪڍ تون ڏولائي ڏينهڙا        ڪر تون سڪا سبزا ستارا

داد ڪر بغداد وارا

تون ’ڪل‘، جڳ تنهنجو ’جزو‘      ڪامل ڪجان ڪاذب قزو

ڇا نيڪ ڇا دانا دزو    ڇا برگ گل ميوا موچارا

داد ڪر بغداد وارا

منهنجي مدت شه مير ڪر    واهر وسيلو وير ڪر

پنهنجو لڪياري پير ڪر      ڪل پير جا پارس پاڳارا

داد ڪر بغداد وارا

نيڪي بدي تنهنجي گلي    پازي پيو تنهنجي پلي

خر کي پليو تنهنجي کلي    دل سين گهران تنهنجو ديدارا

داد ڪر بغداد وارا

توکي نبي بخشو سدا تون دادلو خلق خدا

توکان مڱان من جي مدا      قلبان پڙهان ڪلمي توارا

داد ڪر بغداد وارا

لا اله اِلالله محمد رسول الله

]مدح –٢[  [7]*

مدح پير دستگير شيخ سيد عدبالقادر جيلاني قدس الله سره

 

بسم الله الرحمٰن الرحيم

ساره ڪريان صاحب سندي

جنهن جي آهيان بردي بندي

آڌي جنهين اوڍي گندي[8]

يا پير پيران بادشاه

احمد مڃون ايمان سان

ڪلمون پڙهي دل جان سان

فائدو وٺون فرقان سان

يا پير پيران بادشاه.

چوکا نبي جا چار يار

آهين اکين جا نار ٺار

تن جي ڪڍيم قلبؤن ڪوار[9]

يا پير پيران بادشاه

پنجتن سندو آءٌ خاڪ پا

جوڙي ڏيان در سيني جا

ويٺو واکاڻيان واه واه

يا پير پيران بادشاه.

بغداد پوکيو باغ تو

ملتان مڪو ماڳ تو

روهڙي ٻڌي سر پاڳ تو

يا پير پيران بادشاه.

هن ديس ۾ آئين جڏي

 بَهرا ڏنئي بهرا تڏي

اي واحد ڏني توکي وڏي

يا پير پيران بادشاه.

عاصي آهيان هن پار جو

عاجز آهيان آزار جو

دارون ڪريو درڪار جو

يا پير پيران بادشاه.

چارئي عناصر چاڪ ڪر

هادي صحت هشناڪ ڪر

غمناڪ دل چالاڪ ڪر

يا پير پيران بادشاه.

سڀ سرزمين سردار تون

مولي اڳيئون مختيار تون

محمد سندو منٺار تون

 يا پير پيران بادشاه.

حسنين جا دو-نين تون

داڙو آهيين دن رين تون

سوالي سندي سڻ سين تون

يا پير پيران بادشاه.

اچي جهاڙ پئو ڦر ۾ ڦلي

’جز‘ ۾ پئو جلوو ’ڪلي‘

تڏ عشق جهولي پئو جهلي

يا پير پيران بادشاه.

چنڊ ۾ سهائو سج جو

ڀون تي وٺو مينهن وڄ جو

تون نور اعليٰ نج جو

يا پير پيران بادشاه.

ڪونين جي هٿ واڳ تو

ڪل پير جي سر پاڳ تو

منگتي ڏنا لک لاڳ تو

يا پير پيران بادشاه.

احمد چڙهيو عرشين جڏه

توتي قدم آئيو تڏه

ات ٻيو نه ڪو پهتو ڪڏه

يا پير پيران بادشاه.

جي امتِي احمد سندا

تون شاه تن جو رهنما

سي ٿيا ڀلا واصل بالله

يا پير پيران بادشاه

تنهنجي رتا جي رابطي

توڙي نه پڙهيا ’بي‘ و ’تي‘[10]

سهوا بچيا سي سر قصي (١)

يا پير پيران بادشاه.

تنهنجي آيا خمخوان ۾

مستان ٿيا ميخان ۾

مرڪي اڀا ميدان ۾

يا پير پيران بادشاه.

تنهنجي زيارت ذوق سان

حاصل ڪريون شدشوق سان

محبت گهرون منهن موڪ سان

يا پير پيران بادشاه.

طالب آهيان تنهنجو سدا

توکان گهران من جي مدا

سڀ اوک ٿئي مون تان ادا

يا پير پيران بادشاه.

وارث وسيلو وير تون

پٽ مرض جي جڙ پير تون

دارو دوا دلگير تون

يا پير پيران بادشاه.

تون اولياء الله جو

محبوب محمد شاه جو

رهبر سونهون ره راه جو

يا پير پيران بادشاه.

تون اولياء الله جو

محبوب محمد شاهه جو

جي امتي احمد سندا

توڙي آهيون ميرا مندا

قائل آهيون ڪلمي سندا

يا پير پيران بادشاه.

عرب و عجم ايران ۾

ڇا ڪامرو ڪستان ۾

بغداد ڇا بسطان ۾

يا پير پيران بادشاه.

دلي دکن لاهور ۾

پيران پٽن پيشور ۾

تنهنجا تائب هر دور ۾

يا پير پيران بادشاه.

ڇا چين ڇا ماچين ۾

آيا دڳي سان دين ۾

تنهنجي نطر منجهه مين ۾

يا پير پيران بادشاه. [11]**

 

ٻي جدا مدح جو بند:

معجزا مشهور تنهنجا مالوي ملتان ۾

ڪڇ ڪڙي پتلاد پورب روه ريگستان ۾

پر بندر منگرول سورت مسقط و مڪران ۾

يا پير پيران بادشاه.

ٻي جدا مدح جو بند:

موسيٰ سندي عاصاهوئي تنهنجي ڪرامت دست ۾ مون کي نبي بخشيو سدا آئي خوشي دل بست ۾

تاثير پيو تلقين جا منصور جي دل مست ۾  يا پير پيران بادشاه.


[1]  اصل ”لوڙيه“

[2]  اصل ”پدمن پري“

[3]  ڪ ”وٽري، خ د ظ ش. وٽيون“

[4]  ڪ د ش ”چوئا چندن ڪيوڙا“

[5] * ھيءَ مدح ظ ۾ ڪانھي.

[6]  خ. سھارا

[7] * ھي مدح ظ د ۾ ڪانھي

[8]  خ آندھي جھم اوڊي گندي، ڪ آندھي جنھن اوڍي گندي

[9]  ڪ تن جي ڪيم قلبئون تواز

[10]  اصل. ائين.

[11] ** ھن بند کان پوءِ خ ڪ ش ۾ ٻيا ٣ بند لاڳيتا شامل آھن جن مان سواءِ ٻن بندن جي ٻيا جملي بند، وزن، معنيٰ، توڙي شاعري جي لحاظ کان ناقص آھن ۽ يقيني طور اھي خليفي صاحب صاحب جا چيل نھ آھن بلڪھ بعد ۾ ٻئي ڪنھن لکي ڇڏيا آھن. البت جي بند ھيٺ ڪاري ليڪ بعد ڏنا ويا آھن سي غالبا خليفي صاحب جي  جي ٻين ٻن مداحن جا آھن جن مان ھڪ آخري نالي وارو آھي. ولله اعلم.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org