سيڪشن: شاعري

ڪتاب: خليفي صاحب جو رسالو

باب:

صفحو:5 

سر کنڀات

فصل پهريون

]١[     ور سا ڪاري راتِ، جنهن ۾ ڏٺِم پرينءَ کي[1]

        چنڊ تنهنجي تات، هڌ نه وڻي هاڻ مون.

]٢[    اچي سا اونداه، جا ميڙيندڙ سڄڻين

        ڪتو بَهڪـِي م اٿي، ڏجهڻ پئي م ڏاه

        مون کي ٿئي مباح، اورڻ عجيبن جو.

]٣[    قمر! ڪارو نانگ، توکي کائي ڪڏهين

        سڄڻ آيا مون گهرين، ڀري موتين مانگ

        وڇوڙو وڙانگ، ڏنئي ڏکوين کي.[2]

]٤[    قمر! ڪوه ڪيوءِ، چـِهرو چوڏهينءَ ماه ۾[3]

        ڏينهن ڏوراڻا سپرين، رات رنڊائي توءِ

        وڏو وير وڌوءِ، رات رنڊائي توءِ

        وڏو وير وڌوءِ، ادا عاشقن سان.

]٥[    اڀري اڀن آءُ، ڪر سهائو سيگهه مان[4]

        ڪندو سا ڪري چڪو، ازل کؤن الله

        اکيون منجهه اهاء، مر جان پسن پرين کي.

]٢[    رنگ ڳوڙهو رخسار، سرو قدارا سپرين[5]

 

        جانب جلويدار، سوسي سورج جهپيا[6]

]٧[    نڪو نڪ نه اکڙيون، تو ۾ چنڊ نه چپ

        پاڻان وجهين ڊپ، اچيو عاشقن کي.

]٨[    چنڊ! چشمان چار، جي اڀي سڃين سامهيون[7]

        ته پڻ نيم – نهار، هوند نه پڙين پرين جي.[8]

]٩[    اڌ لک اکيون چنڊڙا! نو لک نڪ سنداءِ

        حسن ساڻ حبيبَ جي، جِهتِ جاءِ نه ڪاءِ

        اڀي پرين اڳياءِ، نائج ڪنڌ نياز مؤن.[9]

]١٠[   نياپو کي سڄڻين، چئج چتائي چنڊ!

        وڌي ڪا وصال ۾، رات رقيبن رنڊ

         محبَ مصري کنڊ، شل ڪؤڙا ٿين م ڪڏهين.[10]

]١١[   چئجِ نياپو پرينءَ کي، ادب ساڻ اصيل!

        تو کؤن سري سپرين، مون کي سڪ سبيل

        وچان ٿي وڪيل، آڻ سنيها سپِريين.[11]

]١٢[   ڏي سنيهو سڄڻين، ڇؤ جئن چيائون.

        مشڪي مشتاقن جون وهيون وانچِيائون

        کلي کنيائون، اکيون ٻيئي ٻاجهه سان.[12]

]١٣[   ناسيندي ئي نور، قمر پس قريبَ جو

        منهنجا ڏيج سنيهڙا، هلي منجهه حضور[13]

        ٻئـِي ٻڌج هٿڙا، داين جي دستور

        صبح شام آسور، اکيون انهجي آسري.[14]

]١٤[   ناسيندي ئي نڱيو، سرجيو سورهينء ماه[15]

        پِريان سندي پنڌ ۾، ڪرهو ڪاهيو ڪاه

        اکيون منجهه اهاء، مــرجان پسن پِر کي.[16]

وائي

آيم اڄ عجيبَ، سور سڌايا سرتيون[17]

١.      اچي اوطاقي ٿِئا، هنيڙي منجهه حبيبَ

٢.      اڱڻ آيا سپرين، ٿـِئڙا رد رقيبَ[18]

٣.      ميڙائي جِي مون پِرين، ڏنڙي تِياڪ طبيبَ.[19]

٤.      جيئري جدام ٿئي، قاسم ساڻ قريبَ[20]

v 

فصل ٻيو

]١[     سر سڀيئي سڦرا، پر خاصو سر کنڀات

        وجهي پنڌ پِرين ڏي، اٿيو آڌيءَ رات[21]

        قاسم ڪره پلاڻـِيو، سينگاري سغلات[22]

پِره پسندي موٽيو، جمل وجهي جهات

پڃاڻان پِرڀات، عاشق آسڻ آئيا.[23]

]٢[    ٻور ٻالاپڻ نينهن، سرجنديئي سکيو[24]

        رمي راتو ڏينهن، پِريان سني پنڌ ۾.

]٣[    پڳ سنهون سوغات، ڪڏهن مٿاهون ڪــرهو[25]

        ڪاڇي قدم اڇليا، ڀوري ڀنيء رات

سنج سونا سغلات، ميي سڀ ملهائيا.

        سنج سونا سغلات، ميي سڀ ملهائيا.

]٤[    چندن چکـِي آئيو، اٻي َول نه جوجهي وات

        ڪرهي ڪؤنڙ لتاڙئا، ريهي پئي رات

        توڏي تنهن وڻ تات، جنهن ۾ بوءِ بادام جِي.

]٥[    جنهن ۾ بوءِ بادام جي، اوڳر عطر تل

        تنهن ول سندو گل، چانگو چکي آئيو،[26]

]٦[    جنهن ۾ بوءِ  بادام جِي، اوڳر عطر روءِ

        رات مڪوليا مشڪ سين، ميي پنهنجا موءِ

        ساسوٺائين جوءِ، اگر جِيائين اپِجي.

]٧[    جنهن ۾ بوءِ بادام جِي، اوڳر عطر واس

        رات وياري ولڙيون، پر ڪيائين پاس[27]

        اڀو ڪفري اڪاس، اڄ پڻ انهين پار ڏي[28]

]٨[    وليون سون – ورن  َ، ٽارن ٽؤنر ڦلاريا

        سڻي ڳالهه سنبُل جـِي، ڪاڇي کنيا ڪن َ

        مڇي پانن پن  َ، ڪره ڪاڻيٺا رڱئا[29]

]٩[    ڪرهو ڪاڪل موهيو، سنبل آيس ساءِ

        ميي موران نه وڻي، ٻي قاسم ول نه ڪاءِ

        ٿو لڇي تنهين لاءِ، راتِ جنهين گل رانئـِيو.

]١٠[   جنهن گل رانيو ڪرهو، سو گل چڙهيس چـِتِ[30]

        گؤنري کي گلابَ جو، وڌو پيچ پِرتِ

        نايو چري نتِ، قاسم ڪؤنرن ٽاريون.

]١١[   ڪرها! تو ڳـَل ڳنڍڙيون، پوئي پايان پنج

        هلندي حبيبن ڏي، ڪاڇــِي! ڪڻڪ م ڪنج

        ڏجهڻ ڏيئي ڏنج، مون کي سڄڻ ميڙئين

 

وائي *

جمل منجهه جهان، چـــرن پيئن چاڳلا

١.     ان نه اوڏا ڪرها، نڪي گهرن نان

٢.     جهنگل جهوڪون ان جون، ليڙا لامڪان

٣.     رات وياري ولڙيون، آيا مست انان

٤.     وڳ کٿوريءَ واسيا، مين لڌا مان

٥.     قاسم! ڪرهن پيٽ ۾، پرڀونء سندا پان.

v

 

سر سرراڳ

فصل پهريون

 

]١[     هيرو جن هنڌن، وڃ وڻجارا اوڏهين

                سودو صرافن سين، جـِت ڪوڙين ويٺا ڪن[31]

                تون پڻ وٽان تن، وانءُ وهائي آءُ ڪي.[32]

]٢[     هيري سندو هوه، مان ڀلو جن ڀيڻيين

هاڻي تن هٽن تي، لس وڪامي لوه

سون سڃاڻي ڪونڪو، آهي اِي اندوه

قاسم ڪچ سندوه، قدر نه ڪوڏيءَ جيترو.[33]

]٣[     سچ سوديندڙ ٿورڙا، ڪچ سوديندڙ ڪوڙ

                سودو صرافن سان، جودئون وڃي جوڙ[34]

                موتي ۽ مرجان کؤن، ماسو منهن م موڙ

                صبح پئي سوڙ، امل ٿيندو آذقو.[35]

]٤[     سون وهائج سڦرو، ڪچ ۾ ڪم  ُ نه ڪوء

                پيدا پورو نه ٿئي، لاڳو منجهان لوه

                قاسم! سود سندوء، پار پسندا پارکو.

]٥[     پاڻيٺ جي پرکين، لاري لڳج تن جي[36]

                قاسم ڪل جواهر جا، اصل اوءِ امين

                ماڻڪ ديندءِ موڙيون، چنڊي منجهان چِين[37]

                ڏينهڪ ويٺا ڏين، هيرولعل هٿن سان.

]٦[     پاڻـِيٺ سندا پارکو، داڙو خير دلال

                هيرو هٿان ان جي، ماسو ملي مال

                قاسم! ڪوڙ ڪنگال، سودي ان سڌاريا.[38]

فصل ٻيو

]١[     امل سندي آس، ڪڏي پئو ڪلاب ۾

                گهوري منجهه غواص، پارس پائي آئيا.[39]

]٢[    ويهو پاس وڙن، پڊ پراڻا ڦوليين.[40]

                قاسم! ڪنهن پر نه لهين، منجهان ڀڪ ڀِڙن

                ماڻڪ تن مڙن، ساڪن جي سمونڊ جا[41]

]٣[    ساڪن جي سمونڊ جا، پس تني جـِي پاڳ

                ڏوريندن ڏسين ٿا، سندو ماڻڪ ماڳ[42]

                قاسم ڪل جهوار جي، وس تني جي واڳ

                سنئون تن سڀاڳ، جي پلئي لڳا ان جي.[43]

]٤[    جاڳـِي جاڳـي جن، ستڙ سنجيون ٻيڙيون[44]

                صلاحون سونهپ جون، قاسم ويٺا ڪن

                امل آندو تن، ٻڏا جيڪي ٻار ۾.[45]

]٥[     هاگامان ۽ هل، سڄن ڪن  َ سمونڊ جا

                آندا تن امل  َ، جي آسون پلي اوهريا.[46]

]٦[    آسون پلي اوهريا، امل آندا تن

                وڏا طالع تن جا، جهاجـِهه جهاري جن

                    جي تانگهي منجهه ترن، قاسم ڪوڏيون تن لئي.[47]

وائي*

توه تنهينجو مڱان، توه تنهينجو مڱان

ياالله توه تنهينهجو مڱان، الله آءُ توڙئون تنهينجو مڱا

١.                ڀيڙي ٿيان ڀتار سان، آنگـِي لاهي اڱان[48]

          موليٰ مون کي ميڙيين، دور ڪري درڱان

٢.       ڇـِيٽون جـِتِ ڇرين ٿا، چــِٽ چــِٽرجن چڱا

          سيڻن چرون چاڙهيا، رچن رڱ سرڱان

٣.        قاسم ڪوم منجهائيين، سانئـِيم! پنهنجي سڱان

          پنهنجا پاڻ فضل سان، پار لنگهائيين لڱان.

 

سر سامونڊي

فصل پهريون

 

]١[     چـِتِ ڪيائون چـِين، هاڪاريائون هلـِيا

        پڳهه پائي ناکئا، مونکي نال نه نـِين

        زورق دور زمين، سنبهي سامونڊين جـِي[49]

]٢[    سـِڙه کنيائون سنبهيا، هليا ڏانه هالار

        رات پرنيا رب کي، ڀاڏيلين ڀتار

        قاسم ڪارونڀار، الله تن اڪاريين.

]٣[    سڙهه کنيائون سنبهيا، چين ڪيائون چــِت

لئي لڪا جي اوهريا، سڻـِي سهڻيءَ ڀت

        آءُ نـِهاريان نـِت، واٽون وڻجارن جون.

]٤[    ٻيڙا مکي ٻار ۾، وڌائون واري[50]

        سـِڙهه کڻي ساڄا ٿيا، ساجهر سينگاري

        هليا هاڪاري، الله سندي آسري.

]٦[    ڀوين ڀاتو ڀات، وکر وڌا ٻيڙيين[51]

        پڙهي پڳـــَهه ڇوڙيا، سامونڊين صلوات[52]

        نظر ناکئن جـِي، آهي منجهه عرفات[53]

        ميسر ڪـِيائون مـِيم ۾، ماڻڪ ملاقات

سرين سا سوغات، جنهن قاسم قيمت ناه ڪا.[54]

]٦[    وڻجارن واري، وکـــر وڌا ٻيڙيين

        چليا چين مهه – چين ڏي، سيد سنڀاري[55]

        قاسم ڪارونڀار ڏي، هليا هاڪاري

        احمد اِشاري، ناءُ بَچائـِي نوح جي.[56]

وائي

وڻجارن وري، وکرڙا ٻيڙيءَ چاڙهيا

١.     وڻجارن ولات جـِي، سودي ري نه سري

٢.     جهوني ٻيڙي جهاجـِهه ۾، آهي آبَ ڀري[57]

٣.     ٻيڙي تار طوفان مؤن، تنهنجي توه تري

٤.     اتي تاري تنهنجـِي، جـِتي ڍيم ڍري[58]

٥.     قاسم ڪارونڀار جي، سڄي ڳالهه ڳـــَري.

فصل ٻيو*

]١[     سودي ڪارڻ سنبَهيون، ويهون وڻجارن

        چليا چـِين بنگال ڏي، ماڻڪ رکـِي من

        آيا ان اوڙاهه ۾، جتي ڍيم ڍرن

        لهرين جي لپاٽ سين، ڪاٺ ڪڙڪا ڪن

        قاسم ڪاورنڀار سين، تاڙي لڳي نه تن

        اتي اتارن، هادي ڏيندو هٿڙا.[59]

]٢[     هادي ڏيندو هٿڙا، واهڻ سر ويهي

        نوح جني جو ناکئو، ثابت ويا سيئـِي

          تنهن ڪشتيءَ ڪيهي، قاسم! تابَ طوفان جـِي.[60]

]٣[     جهونـِي ٻيڙي، جهاجـِهه گهڻي، وچ وڏاندر وير

        لهرين جي لپاٽ سين، ڪوڙيين ڀڄن ڪير

        پسي دور درياه جو، قاسم! ڪنبن ڪبير[61]

        فضل ساڻ فقير، پربَندر پهچائـِيين.

]٤[     جهوني ٻيڙي، جهاجـِهه گهڻي، ويريون وچ وڙهن[62]

        ننڊ گمائـِي ناکئين، سک نه سکاڻن[63]

        قاسم! ڪارونڀار ويا، سي موٽي مس مـِڙن

        واءُ سڻائو واريين، ساڄو تن سـِڙهن

        گهيڙان جنهن گـِهڙن، ان تڙان ئي آڻ تون.

]٥[     جهوني ٻيڙي، جهاجـِهه گهڻي، ربّ پرنيان تو[64]

        پِير خضر پاڻيءَ ۾، ساڻـِي ٿيندو سو

        قاسم غم نه ڪو، اولو احمد هٿ ۾.

]٦[     ڪنڌي ناه ڪلابَ جـِي، ڏنگ وڙنگا واء[65]

        قاسم ڪارونڀار ۾، پير پروڙي پاءِ

        معلومن ملاح، پڇ پاڻـِيء جون خبَرون

]٧[     ڪنڌي ناه ڪلابَ جـِي، ڪپر ڪارا ڪن[66]

        جهوني هن جهاز کي، تــر ۾ پئي م تن

        الله! ساڻ امن، قاسم آر اڪاريين.[67]

]٨[     ڪنڌي ناه ڪلابَ جـِي، وچان وير نه واند[68]

        لڳو واءُ وڏاندرو، سـِڙهه پراڻا پاند

قاسم ڪارونڀار ۾ مڇ مچائـِي راند

        دگولي درماند، پرور! پار اڪاريين.[69]

]٩[     ڪنڌيناه ڪلابَ جـِي، ڪپر ڪن ڪارا[70]

        موجون ڏين مهراڻ جون، لهريون لامارا[71]

        وهي واهڙ وچ ۾، پاڻـِي ٻِه – پارا[72]

        اتي اتارا، پرور! پار اڪاريين.[73]

]١٠[    ڪنڌي ناه ڪلابَ جي، ڪپر ڪن ڪارا[74]

        سودي ڪارڻ سنڀيا، وري وڻجارا[75]

        لعلون لکـِي -  ســـر، ۾، موتي موچارا

        سودي سوارا، کٽـِي آيا خير سان.

وائي

بندر جا وڻجارا، شال مون کي ملندا هوءِ جي

١.     مٿي واٽن مون ڪـِيا، آيل نيڻ نهارا

اٿيو سامونڊين جا، پسان سڙهه سوارا

٢.     ڌڄيون ڌاريچن جون، ڏيندم شال ڏيکارا

سارئو ويٺي ساريان، جيڏيون جـِيءَ جـِيارا

٣.     پلئه پائي اڳيان، پڇان تڙ پوڄارا

موليٰ مون کي ميڙئين، سامونڊي سونهارا

٤.     قاسم چئي ڪڏهين، ملين جي منٺارا

ته موٽي موڪل نه ڏيان بندر جي بازارا.

v

 

فصل ٽيون

]٦[      زورق وجهان زيريون، پڳهه پايان پنج[76]

          آڻي وجهان آڳ ۾، وڍي اولا ونجهه

          مون کي ڏيئي ڏنجهه، اڄ م وڃو اوهري.

]٦[      زورق وجهان زيريون، پڳهه پايان ويه[77]

کوءِ سودو، ٻن ٻيڙيون، هلڻ مند نه هـِيه[78]

          سودو هت سنبيه، سفر وڃ م سپرين.[79]

]٦[      زورق وجهان زيريون، پڳهه پنج هزار

          گهڻي کٽـِئي گهوريان، بندر جي بازار [80]

          ڪوڙين ڪارونڀار، آهن سوداگر سميٽـِيا.[81]

]٦[      اڄ م اوهري، مونکي ڏيئي ڏنجهه

          سامونڍين سان سنجهه، ڪريان روح رچنديون.

وائي*

جـــر ناريل پِيا، ماءَ! سنڀوڙا سپرين

١.       الله سندي آسري، کوها تن کنيا

٢.      ساڄا سڙهه سامونديين، ڪالهونڪر ڪيا

٣.      پرڻي مون پرينءَ سان، ٿورا ڏينهن ٿيا

٣.      مٿي پڳهه هٿڙا، روندي مون نه رهيا.

٥.       قاسم ڪارونڀار جي، سڄي ڏور ڏيا.

v

 

فصل چوٿون

]١[     تڙ توارون پون، گهنڊ گڙندا مون سئا

        مان مون کي چون، تو وڻجارا آئيا.[82]

]٢[     ماءَ ساريندي مون، تڙ وڻجارا آيا.

        پنيون اميدون، وهون ورن گــَڏيون.

]٢[     وريا وڻجارا، وهن گهر واڌائيون

        اچي سڙهن اوچتا، ڏنا ڏيکارا

        کاري کيڏارا، کٽي موٽيا خير سان.[83]

وائي-١

ڪيئن وساريان آءٌ تن کي، منهنجا بندر وئڙا جي[84]

١.       لعلون لکي – ســر، جون، سودي ايندم سي

٢.       سڪايل سمونڊ کي، آڻيو اکا ڏي

٣.       کٽي ايندا خير سان ڪارونڀاران ڪي.[85]

٤.       قاسم سيـــر سمونڊ جي، ناڀون پايو ني

وائي – ٢ *

بندر لڳڙن ڏينهن وو، ماء! منهينجي وو سڄڻين

١.       اتر لڳي اوهريا، مٿان وٺڙن مينهن

٢.       گهڻو گوندر گاڏئون، ناکئاڻو نينهن

٣.       بندر لڳن ڏينهڙا، هيڏا اڳ نه هيئن

٤.       قاسم ڪانگ پـِريان جا، کـِلي ڏيندم کينءَ

 

 

سر توڏي

فصل پهريون

 

]١[   نڪو تنبو تــرهو، نڪا سـِيڻهه ساڻ

       پاڻيء وجهي پاڻ، الله سندي آسرري.[86]

]٢[   نڪـِي تاڻي تــرهو، نڪو ميڙي مڏ

       هتان سڻيو سڌ، ڪڏيو پوءِ ڪلاب ۾.

]٣[   نڪو ٻڌي تـــرهو، نڪو ٻڌي نوڙ.

       پاڻي پـِنيءَ ٻوڙ، سهڻي ڀانئي سـِير ۾.

]٤[   سهڻي ڀانئي سـِير کي، ڇينهري جي ڇـــر[87]

       نه ملاح نه مڪري، نه توڏي ٻڌي تـــر

       اچئو الله آهـــر، ڪاهيو پوي ڪنن ۾.

وائي-١

         مونکي ڪيڙو سڏ سنگهار، آءٌ اڄ ويندڙي لو! پِرين پار

١.     ٻيلي ٻيلاين جي، گــــُڙن گهنڊ گهنڊار

٢.     مونکي لائي من ۾، لنئون وڄندڙي لار

٣.     ڪوڙين واهڙ ڪيترا، توڙي وهن تار

٤.     سدا سائر سير ۾، لڌڙن لک هزار

٥.     ٻڌم ٻيلاين سان، قاسم قول قرار.[88]

وائي – ٢

موٽ ميهار! مانگــرڙيون، مون مارينديون لو! مڇڙيون

١.     آءٌ اتاري آهيان، ڪيئن پڄندڙي پار[89]

٢.     ڪوڙين مانگر ڪيترا، سائـِر ۾ سينسار

٣.     نه مون ناؤ نه تــرهو، آگا! آر اڪار

٤.     منهنجا واهڙ وچ ۾، سڻـِج سڏ سنگهار

٥.     تنهنجي آڳه اڪري، قاسم ڪارونڀار.[90]

v

 

فصل ٻيو

]١[     ڏم سان ڏينهن م گهار، سس سان ڀِرم سهڻي[91]

        پاڙيچن پچار، مڇڻ منڌ وساريين[92]

]٢[    ڏم سان ڏينهن م گهار، سس سان ڀِرم سهڻي[93]

        صبحِ تو سنهگار، منهن تي ڏيندءِ ميهڻو[94]

]٣[    ڏم ڏٻرو هو، ساهڙ سدائين سنرو

        ٻڏندي ٻانهيارين جو، ساڻي ٿيندو سو

        قاسم غم نه ڪو، آڳهه احمد جن جو.[95]

]٤[    ڏم ڏٻرو تان گهوريو، مچي مـــر ميهار

        آڳهه جنهن جي اڪري، قاسم ڪارونڀار

        سونهي مون سينگار، ساهڙ جي سهاڳ ۾.[96]

وائي

        ڏم سان گهاريان ڪيئن، لولو هو! مون منڙو مهيارن سان،

                                مون سڱڙو سنگهارن سان.

١.      جيئن جيئن ڀِڄي راتڙي، مون تن تانگهي تيئن.

٢.      گهڙو گهڙي تان گهوريو، مٿو مٿان نينهن

٣.      گهڙان گهوريو جندڙو، وڃان ساهڙ سـِيئن

v

 

فصل ٽيون

]١[     سهڻي ساهڙ پاڻ ۾، هـِڪا هڪ ٿيا

                گهڙو ڀڳو تان گهوريو، وچان وچ ويا

                ٻِيائي منجهه ٻِيا، هو ويا وحدت گڏجي.

]٢[     سهڻيءَ سڪ سري منجهؤن سـِير سگنهار جـِي[97]

                مر جان پتِ پري، ميس لٿو مامـِرو.[98]

وائي

ويهي ڪيم وسار، ڪج سنڀار، قالوا بَليٰ جي قول کي

١.       متان ورچي ڇڏيين، سندي پِر پچار

        وڄائـِج وجود ۾، جئن سا گهنڊيءَ لار[99]

٢.       ڪاهي پؤ ڪلابَ ۾، ترس م پسي تار

گهڙو ڀڳو تان گهوريو، نينهن ۾ پئي م نهار

٣.       هو جو گهاڙو گهڙيو، ڪچو ڪالهه ڪنڀار

        مڇڻ پئين مامري، اونهي جي آڌار

٤.       ڪل نفسٕ ذائقة الموت، لکيو لکڻهار

       آهي عزرائيل جو، ڪنڍو منجهه ڪپار

٥.      ٻيلي ٻيلاين جا، گڙن گهنڊ گهنڊار

       آسونهيون سونهيون ٿيون، سڻي تند توار

٦.      گهوري گهورج جندڙو، مٿان منڌ! ميهار

       ساڻي ٿيندو سير ۾، سڻي سڏ سنگهار

٧.      ٻڌو ٻيلاين سين، قاسم ڪالهه قرار

       جيڪي لکيو لوح ۾، سو پاريو ويٺي پار

 

سر سارنگ

 

فصل پهريون

]١[     ابر منجهه آثار، اڄ پسـِجي مينهن جو

        سج پِڙي، ڪس ڪڪرين، چؤوايو چوڌار[100]

        سنجهي لهندو سار، اچي اڃاين جي.

]٢[     مند ٿـِي، منڊل وڄـِئا، چريو چؤوايو[101]

        مينهن موگهون ڪڍيون، آيو ڪي آيو

        سانوڻ سوايو، پٽين لنبَ پچي پِيا.

]٣[     مند ٿِي، منڊل وڄـِئا، ٻنـِي ٻوڙيائين

        سامڊهي جي سـِيم ۾، خيمان کوڙيائين[102]

        جوڙون جوڙيائين، پڪـِي ڪورڙ ڪڇّ جـِي.

]٤[     مند ٿـِي، منڊل وڄـِئا، ٻڏا سڀ ٻنيار

        هڻـِي مينهن منجهائـِيا، رڙيون ڪن ريڍار

        تڙ واهڙ سڀ تار ٿيا، پهري ڪانه پهنوار.

        مينهون ۽ ميهار، آگي آسودا ڪيا.

]٥[     چوڏس چڙهي آئـِيو، سارنگ سوڀارو

        سنڌ سري هالار کي، وس ڏنو وارو

        ڀِنو ڀِٽارو، منن مرادون پنيون.

]٦[     گجـِي گڙي آئيو، سارنگ سوڀارو

        ڏنو ڏنڙين کي، وڄڙين وارو

        ڀِنو ڀـِٽارو، من مرادون پنيون[103]

]٧[     ڀري ڀـِٽاري، ٻهر ٻنهي ڪنڌيين[104]

        قاسم ڪيا سڏڙا، سيد سنڀاري

        واري آندي وڄڙي، سارنگ سينگاري

        وسي وسڪاري، عالم آسودو ڪيو.

وائي

سارنگ لاهج سسوڙ، مـِينهن وسائي مارئن جي[106]

١.     اتر کؤن ٿي آئيو، غازي ڪري گوڙ

٢.     وسي ڪيا وڄڙيين، پاڻي پـِنيءَ ٻوڙ[107]

٣.     مينهون کائي موٽيون، سندا موگر موڙ[108]

٤.     آهي تنهنجي آسري، قاسم عالم ڪوڙ.


[1] خ د پِر کي،

[2]  ظ وڇوڙو وڙواند- الخ

[3]  ظ جھيڙو چوڏھينءَ ماه ۾

[4]  د. سيگھ مؤن

[5] خ. د. رنگ گورو. ش. قداوار

[6]  ڪ د سؤ سين، ش. سھسين

[7]  خ. شامھون، خ ابھي سڃڻين سامھيون.

[8]  د ڪ ش. ھڏ نھ پڙين- الخ

[9]  ظ ش نياز سان

[10] ظ. شال ڪوڙا-الخ، د. ڇل ڪوڙا- الخ

[11]  خ ظ ڪ ش سپرين، د. سپريئين

[12]  ظ د. ٻئي

[13] خ ڪ د ش. منھنجا  ڏج- الخ

[14] ظ ش. اوھان جي آسري

[15]  خ ظ. سوريھ ماه، ڪ ش سوره ماه.

[16] ظ ش. پرين کي، ڪ، پرينءَ کي  

[17]  ڪ ظ. سڌاريا.

[18] خ د ڪ ش. رنج رقيب

[19] ظ. ميڙائي جو. خ ظ ش. ٽياڪ، ڪ، ترياڪ، د. تياڪ

[20]  ڪ د ش. جدائي ۾ ٿئي

[21] د. وڃي پنڌ- الخ

[22]  اصل ڪرھ پلاڻيا، خ ڪ سينگاريي شغلات، د. سينگاري شغلات، ش، سينگاري سغلات

[23]  ش پرھھ ڦٽي پرڀات الخ

[24] ظ. سرڄنديئي

[25]  خ ڪ د، مٿاھم ڪرھو.

[26]  ھيءُ بيت لفظ ظ ۾ آھي. اصل . اگر عطر تل ،

[27] ڪ د، رات وھاري- الخ

[28]  ڪ، اوڪاس، س، اڄ بھ، ظ اڄ به

[29] ڪ. ڪانيٽا، دش، ڪانٽيا.

[30]  خ ش، رائيو، دڪ. رايو، ڪ رانئيو (٢) ھيءَ بيت فقط ظ ۾ آھي.

* ھي وائي اصل ”سرپورب“ ھيٺ ڏنل ھئي، جتان ٽپائي ھت آندي وئي آھي.، ٣ اصل، رات وھاري، الخ. ٤ اصل. ”مين لڌا“ ھيءَ مصرع فقط ڪ ۽ د ۾ آھي.

[31] ڪ، جت سودو صرافن سين ڪوڙين ويٺا ڪن.

[32]  خ. وانڻن وھائي آءُ ڪي، ظ، ونيءُ، ش، وئون، ڪ. ونءُ ھيءَ بيت د ۾ ڪونھي.

[33]  ھيءَ بيت د ۾ ڪونھي.

[34]  خ ظ ش، زودئون وڃي جوڙ

[35] اصل ”آزڪو“.

[36] خ.  پاڻيت، ڪ، پاڻيٽ

[37]  خ. ماڻڪ ڏيندي- الخ

[38]  ھي بيت د ۾ ڪونھي

[39]  ھي بيت فقط ڪ ۾ آھي

[40]  خ، ويھيون پاس وڙن ۾، پٽ پراڻا ڦوليين، ش، و ھو پاس وڙن – الخ

[41]  ھي بيت ظ ۽ د ۾ ڪونھي.

[42]  ڪ. ڏوريندڙ ڏسين ٿا- الخ

[43]  ھي بيت ظ ۽ د ۾ ڪونھي.  

[44]  ڪ. سنجھيون

[45] خ. ٻڏا جٻي ٻار ۾. ظ ۽ د ۾ ھيءَ بيت ڪونھي.

[46] ھي بيت  خ ۾ آھي.

[47]  ھي بيت فقط خ ۾ آھي.

* ھيءَ وائي د ۾ ڪانھي.

[48]  ظ. انگيون لاھي اڱان.

[49] خ ڪ. زورڪ، د. زوردڪ خ. سنڀي سامونڊين جي، د. سڀني، ڪ ش، سڀئي، ظ سنيھي.

[50]  ڪ. ٻيڙا مڪي- الخ

[51] س. ڀھين- الخ، ظ. بويون ڀاتون ڀات، وکر وڌائون ٻيڙئين

[52]  خ. سامونڊي صلوات.

[53]  ظ. نظر ناکوئن جو- الخ ڪ د. نظر ناخوئن جي.

[54]  اصل ۾ ھي بيت ”سر راڳ، ھيٺ لکيل آھي، جتان ٽپائي ھت آندو ويو آھي.

[55]  ش. چليا چين ماچين  ڏي- الخ،

[56] ھي  ط ۾ ڪونھي ۽ باقي ٻين نسخن ۾ ”سرراڳ“ ھيٺ لکيل آھي جتان ٽپائي ھت آندو ويو آھي.

[57]  ظ جھوني ٻيڙي جھاز ۾- الخ.

[58]  اصل. ڊيم ڊري

[59]  خ ظ اتارن، ڪ د، او تارن، ش اڻ تارن

[60]  ظ ڪ ش تنھن ڪشتي تي ڪيھي – الخ

[61]  ظ. قاسم ڪن ڪبير.

* ھن فصل جا جملي بيت اصل ۾ سر سرراڳ ھيٺ ڏنل ھئا، جتان ٽپائي ھت آندا ويا آھن.

[62]  ظ . ويرون وچ ورن

[63]  خ. ننڊ گنوائي ناکوين- الخ

[64] د ش پرنيا تو.

[65] خ ظ ش ش ڪنڌي ناھي- الخ

[66] خ ظ ش ڪنڌي ناھي- الخ

[67]  خ اوڪاريين

[68] خ ظ ش ڪنڌي ناھي- الخ  ڪ وچارن ويرن واند

[69] خ. اوڪاريين

[70] خ ظ ش ڪنڌي ناھي- الخ

[71] خ ظ. لمارا

[72] ڪ وھي واھڻ وچ ۾ پاڻي ٻيھارا، ش پاڻي ٻن پارا

[73]  ش اتي اڻ تارا- الخ خ. اوڪاريين

[74]  خ ظ ش ڪنڌي ناھي- الخ

[75] خ ڪ سنبھيا

[76] خ. زورڪ

[77]  خ. زورڪ

[78]  ظ ھلڻ منھيه

[79] اصل. سڀيه

[80] ظ  گھڻئي کٽيو گھوريان- الخ

[81]  خ ظ ڪ ش. ھن سوداگر سميٽيا د آھن سوداگر سميٽيا.

ھيءَ وائي ظ ۾ ڪانھي ڪ ۾ مصراعن جو سلسلو  (١، ٤، ٣، ٢، ٥) مصرع نمبر ٣ ش ۾ ڪانھي ڪ پرڻو مون پريان سين- الخ ٤. ڪ. پڳھھ

[82]  ھيءَ بيت فقط ڪ ۾ آھي.

[83] ھيءَ بيت ظ ۾ ڪونھي

[84]  ظ ۾ ھن مکيھ ٿلھھ بعد وراڻي تھ: ”ڪيئن آءُ  تني کي ساريان آءٌ تني کلي“

[85]  ڪ ش. ڪانڀارئون

ھيءَ وائي ظ ڪ ۽ ش ۾ ڪانھي. . ٢. اصل گيرتن (؟) ”گوندر گاڏئون- الخ.“

[86] خ- پاڻي وجھي

[87]  ظ. ڇنھري ڪ ڇنوري.

[88]  خ ڪالھھ وار

[89]  ڪ. آءٌ اڻتاري- الخ

[90]  ظ ”تنھنجي آڳه آئون گھڙي قاسم ڪارونڀار“

[91] ڪ. ڀڙ ۾ سھڻي

[92]  ھي بيت فقط ڪ ش ۾ آھي

[93] ڪ ڀڙ ۾ سھڻي

[94]  ھي بيت فقط ڪ ش ۾ آھي

[95]  ھي بيت فقط ڪ ش ۾ آھي

[96] ھي بيت فقط ڪ ش ۾ آھي.

[97] ش. منجھان سرڪ سگھار جي.

[98]  ظ ميس پت بري، ميس لٿو مامرو

[99]  خ ڪ د ش. جيءَ سو گنڊي لار، ظ، جي سو گنڊري لار.

[100]  خ د چوواڻو

[101]  د ڪ چڙھيو چؤ وايو

[102]  اصل سانڊري جي سيم ۾- الخ

[103] بيت (٢) بعد ھيٺيان ٻھ بيت سڀني نسخن ۾ ڏنل آھن، البت خ ظ ۾ پھرين سٽ جي پڙھڻي ”جيڏيو جياريو- الخ، آھي ۽ د ڪ ش جي پڙھڻي ”جيندي جياريو- الخ“ جا اختيار ڪئي وئي آھي خليفي حاجي شير محمد جي جي روايت موجب، اھي ٻئي بيت ”جيئندي سمي“ جا چيل آھن جو خليفي نبي بخش جي مريدن ۽ راوين مان ھو ۽ ڪڇ ۾ ”سامونڊي“ جي ڳوٺ ۾ رھندڙ ھو.

(الف٢)            جيڏيون جياريو، ستٻي سارنگ شاھھ کي

                        سڻي سمي سڏڙا، آيو ڪ آيو

                        سانوڻ سوايو، من مرادون پنيون.

(ب ٢)             جيڏيون جياريو، ستٻي سانگ شاھھ کي

                        اڳي ڪل عالم کي، پدر پيارئو

                        آڏي اوتارو، ويٺو پاس پراج جي. 

[104] خ. پھرين ٻنھي ڪنڌين، د، پھرين ٻئي ڪنڌين، ظ. لوين سي ڪنڌيين، ش ٻني ٻنھي ڪنڌيين، ڪ. پھر ٻني ڪنڌيين.

[105] ھي وائي خ ظ د ۾ ڪانھي.

[106]  ش مارن جي

[107]  ھي مصرع ڪ ۾ ڪانھي

[108] ش، مينھون ڳئون متيون، سدا موگر موڙ.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org