فصل پهريون
]١
[ مڙي ملاحن، مڇ سان وڌو مامرو
وڙهڻ وائـِي وات ۾، روڪيا تان نه رهن
صبح سي نه سهن، اڄ هين ماريون مڇ کي.
]٢
[ اڄ هين ماريون مڇ کي، صبح سهي ڪير
وٺ وهلو وير، ته پري ٿئيئي پڌري.
]٣
[ سڌ سڀڪنهن هوءِ، سدا مند شـِڪار جـِي
تانگهو گهوريو گهاتئين، اونهي ويا نه اوءِ
مڇ ماريندو سوءِ، پسي جو پاتار کي.
]٤
[ پسي جو پاتار کي، سو مــر ماري مڇ
جنـِي گهوري گهاتئين، سندي پاڻيءَ پڇ
تنـِي سندا رڇ، پئونرا پائي آئيا.
]٥
[ جني گهوري گهاتئين، سندي پاڻي پِڪ
تني چوسي چِڪ، ڏان لڌائون ڏيڏريون.
]٦
[ گهاتو گهيريا مڇ، مڇ نه گهيريو گهاتئين
تني سندا رڇ، جهلي رپ رهائيا.
]٧
[ گهاتو گهڙيا، نه وريا، وڏي لڳـِين وير
تني سندا سير، اڀِي نت نهاريان.
]٨
[ وڙهڻ واري سڀڪو، وڙهـِي نه ڄاڻن
ڪڄاڙي کي ڪن، ڪوڙيون سڌون ڪن تي.
]٩
[ گهڙي گهوريائون، اونهي ڪن عميق ۾
جِتي تانگهه نه تارئين، سو ڏيه ڏوريائون
ڪڇون ڪوريائون، وجهي ڪات ڪپار ۾.
]١٠
[ آيا مرد مچــِي، ڪلاچـِي جي ڪن تي
ڏٺائون ڏئـِيت کي، اکين ساڻ اچـِي
مورڙي مل مچِي، وڌس ڪند ڪپار ۾.
]١١
[ مــر جان ڄايو ماءِ،
مل مهائين مورڙيو
وڙهندي مانگر مڇ سان، وير نه لڳو واء
دڳو دلوراء، هردم ڏنس هٿ ۾.
]١٢
[ گهڻا گهاتو آئيا، دل بهادر دل
ڪٺا ڪن ڪلاچ جي، اونهي آب اجهل
ري مهائين مل، وڙهي ڪير ڪلاچ سان!
]١٣
[ گهڻا گهاتو آئيا، مٿي ڪن ڪهي
سگهي ڪونه سهي، تابش هن تلاءَ جي.
فصل ٻيو
]١
[ تانگهيائين سو تار، جو اڳ نه گهوريو گهاتئين
مهائين منٺار، لاٿـِي آڳ اڳين جِي.
]٢
[ مــر جان وڙهي مورڙو، وڙهي جو ڄاڻي
جيڪين لـِکيو لوح ۾، سو سڀ سڃاڻي
تانگهوءَ کي تاڻي، ڪڍيائين ڪلاچ
مان
]٣
[ تون مل مهائـِين مورڙو، تون شـِڪاري شير
تون قـِلعي جو ڪوڏئو، تون وٺندين وير
ٻِئو وڙهندو ڪير، ڪلاچـِيءَ جي ڪن سان.
]٤
[ مورڙي ماريو مڇ، مڇ نه مهٽيو مورڙو
راوت ڇڏي رڇ، هنيس ڪات هٿن سان.
]٥
[ لکين گهاتو گـِهڙيا، پر مهت پِرايو مور
تِتي مانگر تڪيو، جِتي آبُ اتور
شڪاري شهزور، هنيس ڪند ڪپار ۾.
]٦
[ لکين گهاتو لڙيا، پر موريو مل مزار
جِتي تانگهه نه تارئين، تانگـِهيائين سو
تار
هڻي ڪند ڪٽار، مانجهيءَ مانگر ماريو.
]٧
[ لکين گهاتو لڙيا، پر مهت مور ڪيو
ڪري ڪير ٻِيو، هيڏي سوڀ شڪار جي!
]٨
[ لکين گهاتو لڙيا، پر موري مٽ نه ڪو
هي سوڀارو سو، جنهن وير اڳين جا واريا.
]٩
[ مانگر ماريائون، گهاتن گهر واڌائيون
پنهنجا پاريائون، قول ڪلاچـِيءَ ڪن سان.
]١٠ [ ڪڇون موريي ڪڇ ۾، ڪڇون پري ڪين
ادا! ٿـِي آمين، ته همه ئـِي حق ٿيو.
]١١
[ تون
ڪڇونء جو ڪوڏيو، ڪڇونء توسين ڪوڏ
ڪنهن کي چوندين ٻوڏ، جي همه ئي حق ٿيو.
]١٢
[ ڪـِٿان ڪڇون آئيو، ڪٿان آئين تون
ڏيک م ادا ڏون، جي همه ئـِي حق ٿيو.
]١٣
[ ڏسڻ ڪيا ڏور، ڏس م ڏائي جِيڻي
اکيون ٻئي پور، ته همه ئـِي حق ٿِيو.
]١٤
[ نڪو ڏجهڻ ڏيه ۾، سڄڻ نه وائـِي
ٻول نه ٻـِيائي، جي همه ئـِي حق ٿِيو.
]١٥
[ جان جان ڄيين جڳ ۾، مڇـِي مور م کاء
پلي سندي پريءَ کي، هارئا هٿ م لاء
جنهن ۾ کـِکـِيءَ ساء، اوڏو وڃ م ان کي.
وائي*
موريو ماريندءِ وو! متو آهيين مڇڙا
١. مڇن سندو من ۾، هئڻ توکي هوءِ
٢. تولاءِ رکـِي رڇڙا، صبح ايندو سوءِ
٣. ڪاٽي ڪندو واٽڙي،
]لڱن[
منجهان لوه
سر ڍولو مارو
]١ [
ڍولو نــرور سيريين، مارو پاس ٿرين
قاسم ٿر ٻاٻـِڙا، آڙهر پِياس مرين
گوري جوئي باٽــِڙي، تون ڍولا! آو
گهرين.
]٢ [
ڍولو نرور سيريين، مارو ٿر رهڪ
گوري جوئي باٽـِڙي، اوڀـِي ماٿي
لڪ.
]٣ [
مارو ماٿي مينڍيون، ڍولي منهن ۾ موڇ
قاسم ڪيم بِسارتان، ڍولاسون سريکا سوچ
]٤ [
مارو ماٿي مينڍيون، ڍولي ماٿي مول
ڍولا! ٿاري ماروئي، ڦول سريکـِي
تول.
]٥ [
مارو هاٿي ميندڙي، ڍولي هاٿ ڪمان
ڍولو ماري مرگڙا، مارو لال جوان.
]٦ [
مارو هاٿي ميندڙي، ڍولي هاٿ ترار
ڍولو ماري ايڪ دو، مارو لاک هزار.
]٧ [
مارو مونه ۾ ٻـِيڙلو، پان سوپاري کاءِ
ڍولو نرور سيريين، اڙ ڪانگا
لي
آءِ.
]٨
[ کوڏ، ڀــرنٽ، کڙ، ٻاجــِري،مونگ، جواري کاءِ
قاسم ڪنول ڪامـِني، چوڏس چاند لڄاءِ
]٩ [
پانا جيسي پاتلـِي، قاسم ڪنول رنگ
اڀـِي آنگڻ تــڙڦڙي ، جيم جوئي نانگ ڀونگ.
]١٠ [
گم گم پائي گونگهرا، جان الٽيو گيند
راه آنگڻ مارو چلي،
]جيم[
ڀِيني بادر چند
]١١
[ مارو اوٽا اوتري، ڪڙيين لاوي ڪيس
ڇتر پتيو راجِيو، جيم مارن چليو
ديس
]١٢ [
ڍولو آوي هنس ملون، پائون پڙون مين توءِ
تجهه مليگـِي آبرو، ڀاگ همارو
هوءِ
]١٣
[ اڙ ڪانگا لي جا تون، ڪاڳد ميرو آج
قاسم ڪيم بِسارتان، ڍولا لاک
سريکي لاج.
]١٤
[ ڍولي ڪاڳد وانچتي، قاسم لاگو ٻاڻ
ڪاڳد پڙهتي پڙگـِئي، من ۾ تاڻو
تاڻ.
]١٥ [
پک هووي تو اڙملون، گڙتـِي مانجم رات
مارو سي باتان ڪران، قاسم ڀاتو
ڀانت.
]١٦ [
اڪنڊئا تنگ تاڻئا، مارو چــِت چڙي
]١٧ [
قاسم ڪاڪر ڪاڍلي، ڏي مهارين ڍيل
ڍول هماري پگ
۾، ڪين سوڪ لگايا کـِيل.
١٨١
[ پگلين ڪاڍي ڪاڪـِري ڪرهي لاگـِي ڪام
گـــَڙتـِي مانجم راتڙي، نجرين
ڪيڌو گام.
]١٩ [
پگلين ڪاڍي ڪاڪري، ڏيڌي تڻ مهار
پگ پون سي مل گئي، جا اڀو انگڻ
پار.
]٢٠ [
ڪرهي باڍي
ڪوسڙي، پل ۾ ساٺ پچــِيس
ڪڻڪ سڻتي ماروئي، ارڙي ڀاگـِي
اِيس
]٢١ [
روم روم سيتل ڀئي، اتر گئي سڀ پاپ
ووهي ڍولو گهر آئيو، جو امني ڏيڌو
ٻاپ.
]٢٢ [
مارو ڍاڙئو ڍولئو، ساسو ڍاڙي سيج
آج ڍولو گهر آيو، ماندي ملئو ويج.
]٢٣ [
سو ڍولو گهر آئيو، جِن ڪي جوتـِي باٽ
مين ڍولي سي هنس مـِلي، کـِلن
لاگـِي کاٽ.
وائي*
ڪيسريا! گره لگاني دي سانوريا
اِتني عرض ميري مان ري
ساچ ڪهو، تم ڪاهيڪو ريساڻي، رهتي روز خفا
قاسم سي هنس بول پيروا! جو چاهي سولي.
سر مارئي
فصل پهريون
]١
[ ڀتين ڀتين ڀال، مون سر ماڙيچن جا
ڪوه ڪريان ڪونين کي، مون نه گهرجي مال
ويٺِي گهران وصال، من ۾ ماروءَ ڄام جو.
]٢
[ مون سر ماڙيچن جا ٿورا نه ٿورا
آءٌ ڪينءَ ڪڍان ڪنن مان، ڏاڏاڻا ڏورا
سانڀـِي سدورا، منڌ رونديءَ ميڙيين.
]٣
[ مونکي وجهل وڍيو، اباڻن جي اڄ
ماڙيءَ لڳم ميهڻو، لڇيو مران لڄ
پائي ڇاڻيان ڇڄ، مـِٺي مڪ ملير جـِي.
]٤
[ منهنجو وجهل وڍيو، هنيڙو وچِينء وير
عمر! اباڻن جا، ويٺِي سوريان سير
اکيون ڪري پير، وڃان وطن سامهين.
]٥
[ وجهل ويڙهيچن جي، مون وٽ وڏو مال
ڳڻي ڳڻيا ڏينهڙا، ساعت ڀانيان سال
اِيندم اڄ ڪ ڪالهه، ويٺِي واٽ نـِهاريان.
]٦
[ وجهل ويڙهيچن جي، ويهه م وساري
فليضحڪوا قلـِيلا و ليبْڪوا ڪثـِيرا، پڙهيو ٿـِي پاري
هنجون جا هاري، پسي سا پهنوار کي.
]٧
[ سڳا سونهن سنگهار جـِي، سونئون ڀلا سپّ
هميراڻي هٿ سان، تن تي چڙهي تپّ
لوڏي لفسي لپّ، پِيان شال پهنوار سان.
]٨
[ کٽ مٽ مور نه ڀانئيان، وهڻ واريءَ هنڌ
شال نه ڪنديس سومرا،
ڪــر هيٺانهون ڪنڌ
مون ليکي مسنند، منهن ماڙيچن جا.
]٩
[ قلبَ ڪک وڻن، ماڙيءَ من نه وندري
جهروڪن جهوريو هنيون، هتي هڏ سڙن
ڪرڙين پٽ پهنوار، سي پسـِيءَ ٿا پــرن
جي کلي کٽ چڙهن، آءٌ نه ڄائـِي ان مان.
]١٠
[ آءٌ نه ڄائـِي ان مان، هوءِ جي ڀڃن حق
منهنجا سيڻ ملير ۾، ميڙيو اچن مڪ
ماڙي تن مــرڪ، جي ڄايون ڄاموٽن جون.
]١١
[ ماڙيءَ مونجهه ٿِيام، هنيڙو پٽن هيرئون
جي هت لکيا لوح ۾، سي هـِت پهر پـِيام
هو جي وس ويام، ٿو اندر آٽي ان لاءِ.
]١٢
[ اندر آتي ان لاءِ، هوءِ جي وئڙا وس
وسي راتِ وڄِڙيين، مون کي ڏنا ڏس
واٽون ولين ڇانئـِيون، گلن ڇانيا گس
هتي پايو هس، ٿيون لڏن لووڙياريون.
]١٣
[ اوتيم پِيتم جن سان، سي ڪالهه ويا ڪاهي
غومر! آباڻن جي، ساڙيس سانباهي
لاڳاپا لاهي، هتان مارون هليا.
وائي – ١
آءٌ و
ِساريان ڪيئن، هي ڳڻ ماروئڙن جا
١. ڇتا هڏ نه ڇوڙيان، جيڏين ڳتا جِيئن
٢. منهنجو ماروءَ ڄام سان ننڍي لاڪون نـِينهن
٣. اسان ماروءَ پاڻ ۾ گڏ وسايا مينهن
٤. قاسم چئي ڪوٽ ۾ روئان راتو ڏينهن.
وائي-٢
ڪو ماروء کي چوءِ، جا من منهنجي ڳالهڙي
١. سارئو توکي سپرين! رويو ويٺڙي روءِ
٢. وڳــر منهنجا واڇڙو ڪنهنجو وڃي ڪوءِ
٣. ڏوري ڏسن پانهنجو ساعت ۾ هوند سوءِ
٤. آءٌ تان ويس وسري ڏاڏاڻن ڪنهن ڏوه
٥. منهنجو ڪيڙو ماروئين قاسم داد نه ڪوءِ
فصل ٻيو
]١
[ پکا تِت پهنوار، جهانگـِي تـِتي جهوپڙا
مندائتي ماڻيان،
ماروءَ ساڻ ملار
ڪالهوڻا قرار، پاريان شال پهنوار سان.
] ٢
[ جِتِ سائو تِت سنگهار، مارو تِتي مينهڙا
موهــر- ڄائي، مون ڌڻي! ماڙيءَ منجهه م مار
پلــر ساڻ پهنوار، پِيان پائر ڪنڌيين.
]٣
[ ڪٿ کائڙ، ڪٿ کــِير، ڪٿ پائــر، ڪٿ پهنواريون
مون ســر چڙهـِي، سومرا! وڇوڙي جـِي وير
هوند نه هـِتِ همير، گهڙي گهاريان ان ري.
]٤
[
ڪٿ کائڙ، ڪٿ کيـِر، ڪـِٿ ساڏوهيون،
]ڪٿ[ سيڙڪا
پهون ڪٿ پهنواريون، ڪٿ ميها، ڪـِٿ ڪوڍير
اچي پيئي اوچتي،
ڦاندي منجهه فقير
ڪانڌ قبوليان ڪو ٻئو، قاسم ٿـِين ڪبـِير
مٿان ماروءَ مير، سهسين گهوريان سومرا.
]٥
[ پکن منجهه پهنوار، منهنجو قالب ڪوٽ ۾
وڃي گڏ وسائيان، سانوڻ ساڻ سنگهار
کٿيريون کائڙ ۾، ڏيکاريين ڏاتار
موهــر منجهه ملار، مندائتا ماڻـِيان.
]٦
[ پکا پائر ڪنڌيين، سونهن سائـِيءَ ريل
منهن گولاڙن مکريون، ڦليا جِينءَ ڦليل
ڀلي پاروڙن جـِي، چــِٽِي ان چنبيل
سالون ڀانيان سيل، لوئيءَ هريا لـِڱڙا.
]٧
[ کوءِ کهنبا، ٻن ٻانڌڻا، کوءِ پٽولا پٽ چـِير
مون ماروءَ سين لڌيون، لائون منجهه لوير
قاسم ٿـِين ڪبِير، جي سالون اوڍيان سومرا!
]٨
[ جِتي ڪتِ نه ڪارڙا، نڪو مڇر ُ ماڳ
چڻئو للـــُر لاڻـِيون، کـِين سلوڻا ساڳ
اتان ڪنهن اڀاڳ، آنديس عمرڪوٽ ۾.
]٩
[ ميها موگر تليين، پِپون – پاساڙن
ڪانبا ڪوڍيرن سين، پر ڪئا پهنوارن
سڏ انايان ان جا، قاسم نايو ڪن
ساريو پنهنجا سن، ويٺي ڳوڙها ڳاڙيان.
]١٠
[ سهسين گهوريان سومرا، مٿان ماروءَ ڄام
بَاغئون ڀلــِي ڀانئيان، کاري کٻڙ لام
آسون عمر ڪوٽ جون، هـِنيڙي منجهه حرام
عمر! مون ڏي آئيا، پاڙيچا پيغام
ماڳ مٽايا ماروئين، ڏلهي تڙ تمام
تِڙ ڪوليون ترڪ ڪري، وڃي ويٺا گوڇر گام
اچي نه آرام، سا سڻـِيندي ڳالهڙي.
]١١
[ مرڻ جـِيئڻ ماروئين، اوڍڻ پهرڻ ان
سهج تنهنجو سومرا! آسان ڪاري ڪن
منجهان سچ سمن، ٻڌيم ٻانهيارين سان.
وائي
پر پيرون گڏ چونڊيا لو! مون سان ماروءَ مير
١. پيان شال پهنوار سان، وڃي کائڙ کــِير
٢. آمان آڇِ م سومرا! منهنجو قوت ڪوڍير
٣. وڃان وطن سامهين، اوڍي لوئيءَ لـِير
٤. ٻاريان تنهنجا ٻانڌڻا، پٽولا پٽ چــِير
٥. قاسم آيا ڪارڻي، ڀڳــِي هام همــِير
v
فصل ٽيون
]١
[ قادر! قيد نه هون،
]پئي[
م ڦوڙائو سڄڻين
سدا گڏ سنگهار سان، گهاريان پاسي گهون
ته هوند رت نه رون، نت نماڻيون اکڙيون.
] ٢
[ جِهڙو قيد ڪمند، تـِهڙو بَند نه ڪو ٻــِئو
ٻانهين ٻاريان مچ ۾، ڀڃــِي بازو بَند
هتي هيٺانهون ٿئو، ڪالهه منهينجو ڪنڌ
سڄــِي رات صمد، ويٺي سوريان سومرا!
] ٣
[ پـِٽيو ڪڍان پار، پر ۾ پهنوارن لاءِ
سانگين لاءِ ستار، ويٺـِي ڳوڙها ڳاڙيان.
]٤
[ منهنجِي ويڌن مون ڳري، انـِي جِي ان ساڻ
پانڌي پرين پهنوار جو، هتِ نه آيو هاڻ
سڀي جني ساڻ، عمر اوريان ڳالهڙيون.
]٥
[ منهنجِي ويڌن مون ڳري، ان جي اني وٽِ
منهنجو وهڻ ماڙيين، ان جا پکا پٽِ
کوءِ ٻن ڇپــر - کٽ، لـِڱين واري
لوئـِيان.
]٦
[ منهنجي ويڌن مون ڳري، مارو ڪانه منجن
ڪنهن
سان ڪريان ڳالهڙيون، سنديون سنگهارن
پکي پهنوارن، گهڻو اڪنڊي آهيان.
]٧
[ اينڌا عمر ڪوٽ ۾، سڪان سينڌن لاءِ
نه سرتيون، نه ساڏوهيون، نه سي مـِٽ، نه
ماءِ
سانگي ڳڻ سنداءِ، وٺيو ويٺي وندران.
]٨
[ اينڌا عمرڪوٽ ۾، ڏسان نه ڏيهي
جني وٽِ ويهي، پڇان کائڙ خبرون.
]٩
[ آءٌ ٿِي منجهان ماڙيين، مارو منجهه ملير
سڏيان، سوريان، ساريان، پهنوارن جا پــِير
اباڻن آسير، ميڙ ته ماندائي لهي.
]١٠
[ جان جان جيءُ وجود ۾، تان تان مارو من
پلاء سين نه پاڙيان، کائڙ ماني کن
سهسين گهوري سومرا! ٻِئا سڀ وجهان ٻن
قاسم منهنجا ڪن، اِبْر اباڻـِي سبِيا.
]١١
[ اِبْــر اباڻـِيء سبِيا، ڪن منهنجا ڪالهه
سون تنهنجو سومرا! مونکي لوهه مثال
قاسم! عيبُ ڪمال، اوڍڻ پٽ پهنواريين.
]١٢
[ جنڊ ڳاري ۾ ڳم، ساڳ سلوڻا راڇڙين
گندم ساڻ غريب جو، قاسم ڪونهي ڪم
داور! منهنجو دم، پوتو هتِ پهنوار سين.
]١٣
[ نه سي ڍنڍ ڍرن، اجڙ آڙين هيروان
گندا گوڄارن ۾، جهڳا پان جهرن
هنيڙي منجهه حورن، ڳالهيون ڳوٺاين جون.
]١٤
[ ڳالهيون ڳوٺاين جون، چڙهـِيون مٿي چـِتِ
عمر! اوريم ان سان، جي هوند هئڙا هـِتِ
نيڻ ٽمايو نتِ، قاسم! ڪانگ اڏائيان.
]١٥
[ ڳالهيون ڳوٺاين جون، چڙهيون مٿي چـِتِ
آءٌ نهاريان نتِ، واٽون ويڙهيچن جون.
]١٦
[ ڪايا منجهه ڪڙن، من ماروءَ سين واڳيو
ساه سنگهارن سانڍيو، هتي هڏ سڙن
سندي تانگهه تڙن، جان حـِيان تان نه لهي.
]١٧
[ گهڙي گهوري سا، جا پِيم هـِت پهنوار ري
منهنجو ماروءَ ڄام سان، ناتو ننڍي لا
سو ڪو وري وا، جينءَ موٽـِي ميڙائو ٿئي.
وائي
مٺا مارو موٽ، آءٌ اڪنڊي آهيان
١. نـِئو نماڻي پاڻ ڏي، ڪڍي منجهان ڪوٽ
٢. پـِيان است پهنوار سان، لوڏي منجهان لوٽ
٣. واري ور وهاريان، جوڙي مٿي جوٽ
٤. لاهيان شال لطف سان، وڃي کائڙ کوٽ
٥. قاسم اوريان ڪانڌ سان، ڳالهيون پنهنجي ڳوٺ
|