سيڪشن: شاعري

ڪتاب: خليفي صاحب جو رسالو

باب:

صفحو:16 

سي حرفي: لولي

 

الف يار ميڏي گهر آوي       آؤندا ڏيکان تان ڏک جاوي

سهجؤن آنگ نه چولي ماوي  سوهي ويس ڪران سر ساوي

درجن ڇوڙ کڙي هر دعويٰ     گوڏي ڪول ٻهي گڏ کاوي

يا ربّ منگيم ڏي تون تِيوين

آ مل ڍول شالا جڳ جِيوين

بي دي بات سڻايان ڪيهي   ميڏا يار ٿيا پر ڏيهي

اصلؤن ڏيک نه ڪـِيتم ڏيهي لکي لوح، پليسان تيهي

ويسان جهاڳ آئـِي منهن جيهي      ليندي نينهن نـِڀيندي نيهي

مارين يار وسارين ڪيوين

آ مل ڍول شالا جڳ جيوين

سڻ تون تي تبارڪ تعاليٰ يا ربّ يار ميلين مت والا

اچڪ آيم سيء سيالا پهلي رات نه مارم پالا

بلبل ويک جـِيوي گل لالا     جنهن ڪاڻ ڪاٽيم سخت ڪشالا

مئن نال جام صراحي پيوين

آ مل ڍول شالا جڳ جيوين

سڻ تون ثي سونهاري سڏان   آؤسي سڏ ميڏي سڻ ڪڏان

جنهن ڪاڻ لعل پنگوڙا اڏان ٿڌڙي هير سهاوي هڏان

نچان جهمر آوي جڏان موئي خر پوون ڀر کڏان

ميڏي چاڪ سهڻا هٿ سيوين

آ مل ڍول شالا جڳ جيوين

ڪنهن نال جيم ڪران مئن جهيڙي  مئن ڪن نت لڻيجين نيڙي

هردم هودندا هڪٻي ويڙهي   يا رب ٽوڙ نه جوڙي ميڙي

باري پار اڪارين ٻيڙي        ٿڌڙي ٺار اکيندا ٿيوين

آ مل ڍول شلاا جڳ جيوين

هي هڻ عشق آيا ڪر هلاّن    ڪنهن هٿ آک سنيها گهلاّن

ٻيٺِي وانگ ٽِنڊاڻي ٻلان       ڇتڙي ڇوڙ سناسيين رلان

ڀڪلي ڌوڙ ڀڀوتـِي ملاّن       همدم ڏيندم درد هلاڪـِي

مليم يار نه ٿـِيوم ياڪـِي

خي هڻ خط فـِراقي لـِکان      لکان، لکڻ ڪنهن ڪن سکان

جوڙان مس هڏي ڀن مـِکان    وڃان دوڙ پوون جي وکان

آوي قاسم جنهن ڪاڻ سڪان        جان بُت خاڪ نه ٿيندم خاڪي

مليم يار نه ٿـِيوم ياڪـِي

دالين داغ پيا در دلين تؤ بِن ماس پٽيا مه هلين

مرده جيء پووي خوش کـِلين   سهڻي ٽور اڱڻ جي ٽـِلين

ملاّن مشڪ عطر جي مليين  موليٰ! کول وصل در طاقي

مليم يار نه ٿِيوم ياڪـِي

ذالين زنگ ٻيٺون گهت زنگي        بَڇئي نينهن جنگاور جنگي

ويري ويڙهه ميڏي دل ونگـِي   ملاّن ڀوت ڀڀوت ملنگي

ساميين نال ڦـِران سـِر ننگي   ڏتـِي سرڪ فراقي ساقي

مليم يار نه ٿـِيوم ياڪـِي

ڪـِيتم رهبر ري رواني پٺيم يار ڏهون پرواني

گهونگهٽ لاه! لکان لک جاني منجان ميڙ طرف مسناني

ملن شاهه ٿيون شادماني کلن باغ مرادان باقي

مـِليم يار نه ٿيوم ياڪي

ظالم زي زمانا آيا ميڏي يار مهينا لايا

ڄاتم ڏينهن سؤ سال سڌايا ملسان يا ربّ يار ملايا

اي ڏک ڏيک لهن، جي ڏيکان

سينين سڏ ڪران سؤ پِيرين   وهلا مـِليم شاه وزيرين

کلدي کنڊ رلايان کيرين       دلبر ڌير ڏيوين دلڌيرين

هردم چاڪ سهاوي هـِيرين    قاسم لطف رباني ويکان

اي ڏک ڏيک لهن، جي ڏيکان

پِيتم شين شراب طهورا[1]       پِياري جام ڏتا ڀرپورا

پيتم اوت الٽ پنجتورا        لڳا نينهن، نچان گهت نورا

اي تن ڪيتم ساز طنبورا     ڀيرم راڳ رلايان ريکان

اي ڏک ڏيک لهن، جي ڏيکان

اؤسي سڻ صاد ميڏي سڏ جانـِي      لائق شان ڀريا لاثاني

جِيندي ٻانهيان دي مئن ٻانهي       تهتئون ڪوڙ ٿيوان قرباني[2]

ٻڌم ٻانهپ دي ڳل ڳاني     محڪم عشق جڙايان ميکان

اي ڏک ڏيک لهن، جي ڏيکان

آيا ضاد ضلالت باري واڳان موڙ سڄڻ هڪ واري

تئن تؤن واران جند پياري[3]     صدقؤن صدق ٿيوان سؤ واري

بلبل ويک جِيوي گلزاري      پٽيان بيد درد ديان بيکان

اي ڏک ڏيک لهن، جي ڏيکان

طي هڻ تيغ بره سر تلي       ٿِيوي چور اهو جو چلي

ڪوپي مار کڙي سر ڪلهي   سمل ديڳ چڙهي آ چلهي[4]

پِيون عاشق جام املي سرڪي تيز ڪنون تلوارين

يا رب يار مـِلائين يارين

ظي تون لنگهه زمانا زنگي    رکيئي بَرسر قرب ڪلنگي

پيالا پـِيءَ تڙون تـِشنـِگي      انگي لاه ٿـِيوان سـِر ننگي

ٿـِيوان مستومست ملنگي     منگهٽ موڙ سونهن مختارين

يا ربّ يار ملائين يارين

تؤ سر عين الله دا سايا        آيا يار لڻـِيجِين آيا

ميڏي درد ڪنبائـِي ڪايا     وسريم مال مڏي گهر مايا

تؤ ڪيون لاڙ مهينا لايا       سر دا سودا عشق بازارين

يا ربّ يا رملائين يارين

مينون غين گهتياغم دونهين[5] ڪٿون سور ٿئي آ سونهين

اڳي آهي اِٿ آسونهين        اصلئون رمز پـِرائـِي روحين

اي ڏک نين آئي گهن ڏونهين        ڪيتا وڻج حسن وڻجارين

يا رب يار ملائين يارين

کليي في فضل دي جهولي[6]   آئي سروئون مند ممولي[7]

ميڏا يار آيا مئن ڪولي       ڀڳي ڀئو سڀيئي ڀولي[8]

ٿـِيون خر شلا مر ٿولي قاسم! ڏي باهين خس خارين

يا ربّ يار ملائين يارين

ڪانگي قاف ڪتابَت آندي   آکيسي آيس اي درماندي!

ڏيسان سهجؤن ٻانهن سراندي        ٿِيسينن درد فراقون واندي

لڌيان مفت مرادان باندي      چيراس لعل ڪراڻ سر چنيان

آيا ڍول مرادان پنيان

ڪيتي ڪاف ميڏي ڪم پوري       اصلؤن آهي جي اڌوري

چٻان پان سوپاري چوري       ڪران ناچ، نچان گهت نوري

ٻولن ’تون هين تون‘ طنبوري سٽان دور درنگي دنيان

آيا ڍول، مرادان پنيان

ڪيتا لام لطف رب سائين   ميڏا ڍول آيا مئن تائين

کليان خير خوشي ديان واهين  ڪيتيان داڙو پِير دعائين

چِشمين جوڙ ٻِلهايان جائين   اکيان ريجهه رهيان جي رنيان

آيا ڍول، مرادان پنيان

مئن ڪن ميم پِيامهه ساقي[9] مڌوا يار منايم ياڪـِي[10]

ڪيتِي ميڏي ڍول ملاقي[11]     همدم لٿِي درد هلاڪي

رليان رمزان روز ميثاقي        قاسم! مل خرين منهن ڪنيان

آيا ڍول، مرادان پنيان

لايا نيڻين نون نظارا   مئن ڪن بخت ڏتا ول وارا

گهتيم پؤن – ٻارهن دا ڍارا   همدم حامي نبي سونهار

لڳا نوبت سوڀ نغارا  مڇان ريش رقيبين منيان

آيا ڍول مرادان پنيان

پونم واو وٺوتا ڇٽا[12]    مئن سر مينهن مهر دا وٺا

ڪاتي مار وڇوڙا ڪٺا ٻٽّا خر منافق مٺّا

ڏيندا لوڪ مبارڪ شادي

هي هنومان لڳائـِي لڪا       ڏتا باندر ڦوڪ ڀڙڪا

متا جهگ مڳ جوت جهڙڪا ڏهه ڏهيسر ٺوڙ ٺڙڪا[13]

مـِليا دزين عشق دڙڪا تڏان سيت لکمڻ کاڌي[14]

ڏيندا لوڪ مبارڪ شادي

لامؤن لائق پير لڪياري       سنڌ هند جنهن نوازي ساري

باري بار اٺايا باري[15]   ڪلنگي برسر شه ڪلتاري

مهدي مير سونهي مختياري  قاسم گهن آيا گهر هادي

ڏيندا لوڪ مبارڪ شادي

الفا عشق تيڏي لک ٿوري    ڪيتيان نال ڀلايان ڀوري

آيس گهوٽ، جنهين دي گهوري      اڱڻ يار ڏيندا سو ٽوري

تئن تؤن گهور ٿِيوان مئن گهوري     گل ڦل سيج وڇايان گادي

ڏيندا لوڪ مبارڪ شادي

يي هڻ ياد ڪرو رب تعاليٰ    ڏيکون پِير مغانمي والا

ڏيندا نوري نور پيالا   مئن ڪون شاه پـِلائي شالا

ڪلمي ڪاٽيا سخت ڪشالا  مومن لهندي مفت مرادي

ڏيندي لوڪ مبارڪ شادي

لا اله  اِلا لله محمد رسول الله

بيت سرائڪي: محبت ۽ مجاز

يار ميڏي سينگار ڪيتا، سر سونهن درست دشالي – افضل عالي

مور ٿـِيون ڪمزور، ويکن جـِٿ ٽور ٽرڻ دي چالي – ناز نرالي

موتي ڏند، گهتن دل بند، جڏان چا ڪنڌ ڀلا مڙ ڀالي – سؤ غم ٽالي

لال لبان سر لالـِي لائـِي، خوب کليي گل لالي – بي مثالي

سي منصور لکين مخمور ٿيون، ڀرپور پِيون پيالي – مستي والي

سؤ مشتاق چڙهيي سر سولي، کاڌي بشيهر ڪالي – زلفان والي [16]

سؤ عاشق مشتاق ٿيون، جي مست ڦرن متوالي – ڪاڻ وصالي

ڳل وچ ڪفني ڪفرن گدائي، بيک پنن بيحالي – تنبڙيان والي

قاسم! ٿي قربان تـِنهان تؤن، ڏيکي آپ ڏکالي – آ گڏ جالي[17]

---

محبوب، ڏٺوسي خوب، دلين تي دام گهتي در دانا – يار يگانا

ڇٽڪيا شوق شڪار شتابي، چا ترڪش تير ڪمانا – ڪر بهانا

من اساڏا محبت دي وچ محو ڪيتس مردانا – هي شڪرانا

دوست دلين دا تنهن در آوي، جنهن تي راض ربانا – بي بيانا

ڳــَل قاسم دي آڻ گهتيوني، ڳــُنڌ زلف دا ڳانا – دست نشانا

---

محبوب، اساڏا خوب، جڏان ]ڪر[ فرمان فوج چڙهائين - ]ڪرهلائين[

ڪر سينگار سبز سرخ ]تين[ بيحد ويس بَنائين – مال منائين

جوهردار زلف دي خنجر، لنءُ لنءُ وچ لڳائين – چوب چڀائين

نيزا نينهن نظارا، قسم قرارا، هڪ ڇڀڪائين - ]تين[ ٻيا چائين

قاسم ٿي قربان تنهان تؤن جيڪر نينهن رلائين – توڙ نڀائين.[18]

v

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

مولود ۽ ڪافيون[19]*

مولود[20]*

جهجها ڏيج جهار، منهنجا عالم جي آڌار ]کي[

پانڌي پريان رسول کي، جهجها ڏيج جهار

١.     آجوڪريو احمدا! عاصي کؤن آزار

٢.     سگ پانهجو سپرين! وارث ڪيم وسار

٣.     سگهو موٽج سيدا! سڏ سڻي سالار!

٤.     رهي آهي روح ۾، پِريم تنهنجي پچار

٥.     قاسم جي ڪونين ۾، سيد لهج سار

 

ڪافي: سر ڪلياڻ

اِيهو ميڏا حال، سانول سڻدا

ڪيهي ڪل بيگاني لوڪ وو

١.      مادر ميڏيان جڏان ڳنڌڙيان مينڍيان، هٿين وه وه ڇلڙي وينڊيان

[21]نينهن لايس مئن نال

٢.      ڪيتم ناچ ماريم کڙ تاڙي، ڊڪ چڙهيئان عشق دي ماڙي

سڙن سڀ سيال

٣.      عجب رمز اِشارت آئي، لوڪ ڪنون لڪ يار سڻائي

ڳجهؤن ڳجهڙي ڳال

٤.      مليم رانجهن رنج ٿيا کيڙا، ترتئون چاتم پرت دا پيڙا[22]

 صاب پئي سڀ سوال[23]

٥.      قاسم! ڳئي ڏک ڏينهن ڏولاوي، کيڙا ڇوڙ کڙا سڀ دعوي

وليي ني واء وصال

 

ڪافي: سر جوڳ[24]*

     جوڳيئڙا! پڇ پوٿـِيان نون، ڪوئي يار دا ڏي ڏسڙا

١.   خزان تن دا خون سڪايا، چل پـِيا چولت چؤوايا

                  ڏينهن ڳڻينديفان نؤبهار دا ڏي ڏسڙا

٢.  آک ڳيا ول آيا ناهـِين، آيس تؤ در دؤڙ تڏاهين

                          من موهن مختار دا ڏي ڏسڙا

٣.  ’نحن اقربُ‘ سڻيم اشارا، ڍونڊ رهي مين رنگپور سارا

                  بلبل رووي، گلعذار دا ڏي ڏسڙا

٤.  مار نجومي! ميڏي بخت دا ڍارا، ڪڏان ملسي يار پيارا

                  پڇدي وتان اهـِين وار دا ڏي ڏسڙا

٥.   قاسم پِيا پيش طبيبان، سڀ سڻايم حال حبيبان

                          دارو پڇان بيمار دا ڏي ڏسڙا

ڪافي: سر جوڳ

لوٽ رانجها وي نيتئي دڳ تون

                ڦر رانجها وي نيتئي دڳ تون

١.      روز الستي ڏينهن جڏان دا وي

        مئن تين رانجهن عشق تڏان دا وي

                مين تيڏي، سڳ تون[25]

٢.      اوڙي پاڙي وچ مقالان وي

        رانجهن سر سڀ ساليان وي

                مين تيڏي، جڳ تون[26]

٣.      قاسم آکي نال نماڻيان وي

        ڪر تون رانجهن ياراڻيان وي

                ڳل ميڏي لڳ تون[27]

 

ڪافي: سر جوڳ

آساڏي اڱڻ اڄ سهاڳ وي!

رانجهو يار پاتي ول پيرڙي

١.  مل سهيان مينون ڏيوو مبارڪ، وليئي وصال دي واڳ وي[28]

ٿئي سهاڳي سڀ سيرڙي

٢. کوءِ کٽان ٻن نال کيڙيان وي، طولان مئن ڏيندييان آڳ وي

سانون ور جهنگل دي گهيرڙي

٣. شڪر الحمد لله رانجهو يار مليو سي، هڻ وليا اساڏڙا ڀاڳ وي[29]

ڪيتي چاڪ دليين وچ ديرڙي[30]

٤. آکي قاسم منجهڙيين والا، آيا اساڏڙي ماڳ وي

ڏيسي ڳــَلي ڳـــَلي سو ڦيرڙي

 

ڪافي: سر جهنگلو[31]*

   سڄڻ ول آوي مئن ڪولي، ڍولڻ ول آوي مئن ڪولي

١. جدا جالڻ مئن نون مشڪل، جِيوين باغين بِنؤن بلبل

   نهين ڪوئي تيڏا تل تل، رهيان هڻ گولي مئن گولي

٢. سڄڻ اسان تي ٿيا راضي، نه ڪيتس مئن نال بي نيازي

   ڍولڻ ساڏي مني آزي، ڄاڻان ڪيون ٿوري مئن! ٿولي

٣. ڍولڻ ول ديسڙي آيا، ڪيتس ڪنهن رمز دا رايا

   راول ريجهه رنگ لايا، ڪيتس سيل وچ اِهين سولي[32]

٤. دلبر ديسڙي سوانون آ“ ]قدم[ ول اڱڻ ساڏي ]چا[

   قاسم تي تون ڦيرڙا ول پا، سهجؤن انگ نه ماوان چولي[33]

 

ڪافي: سر بروو سنڌي

    ڪير پڄي ملان قاضين سان، غم م کاء گهم غازين سان [34]

١. ڪنهن نه پڙهي پڙهي يار ريجهايو، ڍول اي گهر آزين سان[35]

٢. مڙي ملن منصور موالـِي، رند وڌو بَند بازين سان

٣. نو بنو ڏس ناز پرين جا، ڇو وڙهين ملان ماضين سان

٤. قاسم کي نت نينهن نچايو، ڇير ٻڌي تند تازين سان

 

ڪافي: سر بروو سنڌي

عشق عاشق ڪر مطالع، وردهم ويسار تون

   ري محبّت مفرد مانجهي! ٻيون ڪتابُون ٻار تون

١. ڪوڙين ڪتابُون ڇو پڙهين، وٺ عشق جي آڌار تون

   ]تان[ سبز سرخي رنگ جو، دم دم پسين ديدار تون

٢.        ’ڪنز‘ ’ڪافي‘ ڇو پڙهين، ڇاکي پوين جنجار تون

   جِت سودو ٿئي ٿو سر سندو، پس بـِره جي بازار تون[36]

٣.        اچلي چو گان ۾ نعرو هڻـِي نروار تون

   سر سٽي سولـِي اتي، پر پهلواني پار تون

٤.        ٻن ٻِيائي کي وجهي، ڪر اصل کي اظهار تون

   گولو م ٿـِيء گمان جو، ساکـِي سڏاءِ سردار تون

٥.        قاسم سڻي سڀ سمجهه ڪر، اِي پِرين جي پهچار تون

   تنهنجو پرين تو وٽ سدا، ڇا کي پڇين ٻئي پار تون.

ڪافي: سر بروو سنڌي

   ڪهڙي سانگ آيون بَلما! ڪهڙي سانگ آيون تون

١. بيرنگي رنگ پيدا ڪيتوئي، ميم چِهه مک ڇپايون تون

   نه ڄڻيوئي ڪو ٻيٽا ٻيٽِي، نا ڪنهن پيٽئون ڄايون تون

٢. سٽيوئي تخت هزارا شاهي، شوق جهنگل پا چايون تون

   رنگپور دي وچ سيل ڪيتوئي، خاڪي خرقا پايون تون

٣. انگ ڀڀوت لنگوٽيا جوڳي، خاڪ لڱين ڪون لايون تون

   ڪيتوئي قيد حسن دي قابُو، ڏاڍي ڏاوڻ ڏايون تون

٤. الاِنسان سري و انا سره، ڳالهه اِهائي ڳايون تون

   انا احمد بـِلا ميم، عالم وچ الايون تون

٥. سک دا ڏيهه پِيون سٽ ڏکين، بر سر بار اٺايون تون

   هٿتين مار ڪهاڙا پيرين، احدئون عبد سڏايون تون

٦. محمد مورسل آپ رسولان، هرجا حڪم هلايون تون

   آپي عاشق آپ معشوقا، آپ چـِه آپ سمايون تون

٧. عشق متان چڪ آندا تيڪون، ٺاهه رنگيلا ٺاهيون تون

   وچ ميدان محبّت والي، قاسم ڪؤنت ڪڏايون تون.

 

ڪافي: سر بروو سنڌي

    اِيهو هٽ ڇوڙ چليا وڻجارا، سٽ سودا سود وچارا

١. سودا ڪيتس، ڪر نه ڄاتس، ڪيتس ڪوڙ بسار[37]

٢. ’فاني‘ ڪون ڪر ڄاتس ’جاني‘، سٺس داغ دوبارا

٣. ڪٿ سڪندر تخت سليمان، ڌوڙ لٽيا شه دارا

٤. رنگپور دا شه چل سڌاڻان، ڪـِيتس ڪوچ نغارا

٥. ‘فانـِي‘ ڪون سٽ ’باقي‘ دي وچ، قاسم اڏ اوتارا

 

ڪافي: سر بروو سنڌي

    ويک جاني طرف ميري، مين هوئي حيران وي

١. تجهڪا لگا مجهڪون، ڪاري ڪليجي مين ڪان وي

    روز ڪيا تو پِيا هي، ميري جان ڪون نيشان وي.

٢. پرچـِي پيارل ٿـِي ڪڏهن مان وٽِ مٺا مزمان وي

    ڪريان پاڻ کي پيزار تؤن ڪوڙين ڀيرا قربان وي

٣. مانکي هڻـِي مستان ڪيو تنهنجي مٺا مزگان وي

    ڪوڙيين لکين قاسم جِها، تنهنجي ناز ڪيا نادان وي.

 

ڪافي: سر بروو سنڌي

   ڪو ڪسيدي سنگ نه چلدا، هر ڪوئي پابند پل دا

١. ٻيٽا آذر بـِهشتين وڙيا، آذر دوزخ ٻلدا

٢. پيٽئون ڄايا نوح نبِي دا، نوح  دا واليا نه ولدا

٣. عيسيٰ چڙهيا بَر آڪاسين، خـِضر ساڪن جل دا

٤. رنگپور دي وچ قاسم آکي، ڪـِيتوئـِي سيل ڪنول دا

 

ڪافي: سر بلاول

    ڪيون ڪـِيتوئي ديوان، جاني ]ڪيون ڪيتوئي[ مستان

    تن ميڏي ڪون تؤ ڀر ماريا، ڪاري ڪيبر ڪان[38]

١. ٻِنهان لوڪان وچ خوشيان هونديان عاشقان وچ ارمان

    آکيان تيڏيان خون ڪربنديان، زوري زور زيان[39]

٢. آکي قاسم جنهن ڪون ڪيتوئي، راتو ڏينهن حيران[40]

    ديد ويکا ڪي آپ ڪيتوئي، قاسم ڪون قربان.

 

ڪافي: سر ڌناسري

آڪيتوسي ڪيا، وي سيان! آڪيتوسي ڪيا!

١.      ايڪ گهڙي دي آوڻ ڪيتي، پاپ پلي ڳل پيا

٢.      ديس پرائي آ پيوسي، جٿان ساء نه لا

٣.      وقت ڄاوڻ دي رب آساڏي موت نه ماري ما

٤.      آدم بَن ڪر نال سيان دي، وير پرايم ويا

٥.      قاسم هڻ تان ڪڇڻ ناهين، ٿِيوڻا ها سو ٿيا.

 

ڪافي: سر آسا

آسانون هويان سنڀالان، لائيني دنڙي گهڻيري[41]

١.  لڳيان بـِره ديان چاٽان، کڙي ڳلينديان واٽان

    قبول پيان ڪاٽان، سريان سميت والان[42]

٢. سڄن تيڏي فراق دان، سانون هويا وصالان

    ڳليان تيڏيان مئن ڳاوان، پئيندي فراق ]ديان[ فالان[43]

٣. نبي بخش مئن ڪني آيا، کڙ مئن سيج وڇايا

    رانجهن مئن ڪني آيا، تسان بِنؤن سڏيان اي حالان

 

ڪافي[44]*

ڪوئي وي سنيهڙا ڪڏان، ميڏي يار نه گهليا

ڪنهن پاڙوسڻ سڃِي ڍولڻ پليا

١. آک ڳيا ول آيا جو ناهين، دوڙ وڃان مئن هڻ ڪنهن در دانهين

واٽ ڀليندي ميڏا يار نه وليا.

٢. وس نه رهيا مئن تان بيوس هوئي، خبر لي آ وڃ يار دي ڪوئي

جِيڙا نماڻا جهوري دي وچ جليا

٣. نامئن رسايا رانجهونا مئن رنجايا، پير ڪڏان مئن نه پر گهر پايا

حيرت دي وچ هينئڙا رليا

٤. قاسم ڪر ڪوئي داد اساڏا، ڪنهن بَرمايا ڌتي ميڏڙا لاڏا

ماس هڏان تون ڳالهين سڻ سڻ ڳليا

 

ڪافي[45]*

        هيٻو مريندڙيان، هـِيٻو مريندڙيان

                        وچ درياء دي سيان سيان

١.      سي سيان ول ڌاوڻ نه آيان

                        او اوڏاهين رهيان رهيان

٢.      وحدت دي درياء وچولي

                        ٽٻ ٽٻ ڏيون ڏيان ڏيان

٣.      ٻانهن اولارن ڇنڊڙي مارن

                        هڪٻئي ڪن هن تريان تريان [46]

٤.      نال جنهان دي مئن هيٻو ماري

                        ڪيا ڄاڻان او ڪيڏي ڳيان ڳيان[47]

٥.      قاسم ڪر ڪر ياد تِنهان ڪون

                        اکڙيان رو رو رهيان رهيان

 

اين جز [48]*

در زبان هندوستان در سلوڪ و مناجات و غزليات [و وائيهاي]

 

و وريخته [وراکهاي]

در سکوڪ نکتهء توحيد

بسم الله الرحمٰن الرحيم

 

ايا شاهه بيرنگ در باغ رنگ لکي رنگ کي رنگ سيڻ خوب جنگ

لکگا عشق کان تب سڍ ڊنکا تمام کيا ترک جنت کوڻ آدم امام

نه کهتڍ هيڻ آدم کا مادر پدر کدهر کا چلا هڍ پهر آيا کدهر

تو ”يٰس“ مين ديکهه ”کن فيکون“  که پيدا هوا پل ميڻ گونا و گون

ميڻ ماڻ باپ سيڻ بهي تو آگڍ هوا نه ديکها اسي ديس جيتا موا

کهاڻ سون ميڻ آيا کهاڻ جاؤنگا کسي بات سوڻ ڊرکڍ پچهتاؤنگا

نه مشرف، نه مومن، نه ايمان پر نه قاتل يزيدي، حسيني، نه حر

نه بامهن، نه جوشي، نه زنا پوش نه ملاّ، نه قاضي، نه نرگي مئڍ نوش

نه ذاکر، نه شاکر، نه غافل غرور نه جن و پريزاد، مکي نه حور

نه خالق خدا، نه خدا سڍ جدا يهودي، نصاريٰ، نه قوم لدا

نه ميڻ رافضي هون، نه سني صحي نه پڙهتا هوڻ پوتهي، نه صرف ونحي

ثوابوڻ سڍ الف نه طالب خطا ميري ذات مجهه کون کو ديوي بتا

نه ميڻ جانتا هوڻ که ميڻ کون هوڻ نه لوها، نه پيتل، نه ميڻ سون هون

نه هاشم، نه قاسم، محمد ملوک نه جگهڙا کسي سڍ، نه کرتا سلوک

اسي ديد ميڻ چل کڍ آيا جبهي مذاهب طريقيڍ ميڻ ديکهڍ تبهي

کيا موج رنگين آ حباب حباب هي مليا آب سيڻ آب آب

نه دگهاتيان هيڻ موجاڻ طرح طور طور سبهون ميڻ هڍ پاني نهين اور اور

وه بهيدي پچهانڍ اسي بهيد کوڻ پچهانڍ گا جو شاهه ناپيد کوڻ

بحر ميڻ پڙي بوند هوگئي بحر بحر هڍ بحر هڍ بحر هڍ بحر

بحر مين نکالڍ بهلا کون بوند بحر سيڻ ملي بوند هو گئي سموند

بحر سيڻ يهي بوند موتي امول وهي پهول پهل هڍ وهي جهاڙ پهول

وهي پهول پهل هڍ وهي جهاڙ هڍ دوئي کي نظر مين تو بيگاڙ هڍ

نظر بيچ آئڍ عجب ايک کهيل يه هڍ کهيت بويا، نه ساتهي نه بيل

که آگڍ بهي تها ان پيچهڍ بهي ان مليا خاک سيڻ ايک ساتهي کا تن

رهيا پهنچ اپني اصل سڍ اصل نه آيا هماري نظر ميڻ نقل.

 

 

مناجات بجناب علي ولي

مطلع: عربي علي ولي کوڻ، ميرڍ سلام کهيو

در پر کهڙا هون، دائم سائل سدا سوالي

ديجو بهلا گدا کون ايمان انعام کهيو

حوض کوثر کان والي، شهر نجف کان سلطان

ساقي پلادڍ مجهکوڻ، بهر بهر دو جام کهيو

تيريڍ جناب کا هڍ، فدوي قديم قاسم

اپني زباڻ سڍ اپنا، اوس کوڻ غلام کهيو.

 

مناجات بجناب غوث اعظم

غوث اعظم پير، پيراڻ مدد ميري مير- ميران

جو چل آوي سو پهل پا کاٽ هماري سب تقصيراڻ

---

هم هيڻ جنوڻ کڍ جنم کڍ داس صاحب ميرڍ سميما بصيرا

جرم گناه سب قاسم کڍ کيجيو معاف صغيرا کبيرا.


[1] پنجتورو پيالو.

[2]  خ  ”تھتو آ قربان ٿيوان ميقرباني“، ڪ ”تھتون قرب ٿيوان قرباني ش ”تنھن تون گھول ٿيوان قرباني“

[3]  يعني: آءٌ تو تان جند گھوريان. اصل . ”مئن تو واران جند پياري.

[4]  سمل ديڳ = زھر جي ديڳ

[5]  اصل ”مين تون غين گھتيا- الخ“

[6]  اصل ”کھليو في فضل دي جھولي“

[7]  اصل. آئي سرون مند معمولي“

[8]  خ ڌ ”ڪڍيئي پوءِ سب ڀولي، ڪ ”ڪڊيئي ڀو سڀ ڀولي.“

[9]  پيا = دلبر

[10]  مڌوا = مٺو- وسيلو. ياڪي = وڇڙيل.

[11]  اصل ”ڪيتي ڍول ميڏي ملاقي

[12]  چنڊ، جو گيرھڻ ھيٺ ھو سو ڇٽو.

[13]  خ ”ڏھھ سر ڏھيسر ٿوڙ ٿڙڪا ڪھ ”ڏھھ ھيسر ٿڪر ٿوڙ ٿڙڪا.

[14]  خ ڪ ڌ ”تڏه سيت لکمن کاڌي.

[15] اصل ”تنھن ياري بار اٺايا ياري”

[16]  ھي مصرع فقط ڪ ش ۾ آھي.

[17]  نسخن ۾ مصرعن جي اختلاقي ترتيب کي سموھي ھيءَ بيت نئين سر مرتب ڪيو ويو آھي.

[18] اصل ”قاسم ٿي قربان تنھان تان جي نينھن لائين نوڙ نڀائين.

[19] * مختلف نسخن ۾ ڪن ساڳين ڪافين جي مٿان ”ڪافي“ توڙي ”وائي“ عنوان ڏنل آھي، ھيٺ اسان ساڳيو عنوان ”ڪافي“ قائم ڪيو آھي.

[20] * ھي مولود فقط ڪ ۾ آھي.

[21]  ڪ ”ڳتڙيان مينڍيان“

[22]  خ ڌ. ”تڙتم ڇٽم پڙم پيڙا، ظ. ”تڙم ڇٽم پيڙا“ د. ”تڙ تم چتم يڙم پيڙاء، ش ”تڙ تم چتيم پئڙا“، ڪ ”ٽڙ تم چٽيس پيڙي پيڙاءُ. سڀني نسخن جي پڙھڻي مبھم آھي. متن جي پڙھڻي خليفي حاجي شير محمد جي روايت جي آڌار تي ڏني وئي آھي، جنھن جي مراد ھن طرح آھي. لاڙ ۾ حضرت موسيٰ جا پٽڙا پيئڙا باسيندا آھن. ڪٽي ۽ جا لڏون ٺاھي، مڃتا مڃڻ وارو ھڪ ھڪ ڪري کڻندو ۽ چوندو تھ ”جي مراد پوري ٿي تھ آءُ ھيترا پئڙا ڏيندس.“ ھن سٽ ۾ پئڙي کڻڻ (= ڄام پيڙا) واري مڃتا ڏانھن اشارو آھي.

[23]  اھا پڙھڻي ڪ مطابق آھي. ٻين نسخن موجب، پئي ثابت سڀ سوال.

[24] *ھيءَ وائي فقط ڪ ۾ ڏنل آھي. اصل ۾ ٿل جي پڙھڻي.

                        ”لوث رانجھا وي نيتي دل تؤن، ڦر رانجھا وي ليتي دل تؤن.

[25] اصل ”مين تيڏي سڳ“

[26]  اصل ”مين تيڏي جگ“

[27]  اصل ”ڪر تون ٻارڙائيان  وي- ڳل ميڏي لڳ.

[28]  خ د ڪ ش . ”ولئي واڳ وصال“، ظ ”ولي واڳ وصال وو،

[29]  خ ڪ د ش ”شڪر الحمدلله، ظ ”الحمد لله

[30]  اصل –ڏتي چاڪ دلين وچ ديرڙي.

[31] *  ھي ڪافي  فقط ڪ ۽ ش ۾ ڏنل آھي.

[32]  ڪ، ڪي تس سيل وچ آھي سولي، ش، طالب ..... ڪيس سيک سچائي،

ڪ،                  دلبر دسڙي سانون آ               ڪڏان ول اڱڻ ساڏي آ

                        قلم تي تون ....... ول يا          سھجون انگ ماوان نا چولي.

ش                   دلبر ديسڙي ساڏي آ               ول اڱڻ اساڏي آ

                        تي تون ڦيرڙا ول پا                 انگ ماوان نا چولي.

[33]  ظ جا ڪافيا: غازي، بازي، ماضي، تازي،

[34]  ڪ. ڪنھن نھ پڙھي پنھنجو يار ريجھايو. الخ

 

[36]  خ ظ. ”جت سودوئي تو سر سندو- الخ“. ڪ ”جت سودو ٿئي تو سر سندو- الخ“  ش ”جت سودو ٿئي ٿو سر سندو- الخ“.

[37]  اصل  ”سودا ڪيتوئي ڪونھ ڄاتوئي- الخ“

[38]  ظ ”قھري قبيرڪان.

[39]  ظ . اکيان تيڏيا کنديان نھ پيديان زوري زور زبان

[40]  خ ڪ ش ” آکي قاسم ڇڪن ڪيتروئي راتو ڏينھن حيران.

[41]  اصل ”گھڻيري دنڙي“

[42]  اصل ”قبول پنيا ڪاتان سريا سميت واران“

[43]  خ د ”پئي ئي فراق فالان“. ڪ ”فراق قھل لان“.

[44] * ھي ڪافي فقط ڪ ش ۾ ھي سر جو نالو ڄاڻايل ڪونھي.

[45] * ھي ڪافي فقط ڪ ش ۾ آھي. سر جو نالو ڄاڻايل ڪونھي.

[46]  اصل ”ھڪٻئي ڪن ھڪ ترھيئان

[47]  اصل ڪيا ڄاڻا او ڪن گيئا گيئا.

[48] * به جز قلمي نسخون ميڻ سندھي رسم الخط ميڻ لکا ھوا ھڍ او کاتبون کي غلطيون کي وجھ سڍ جملھ متن بالڪل مبھم او پيچيده بن چکا ھڍ. بعض اشعار موزون ھيڻ مگر زياده تر اشڳار ساقط ھين. بعض عبارات کي تصحيح کي گئي ھڍ ليکن ڪافي کچھ عبارات پھر بھي مبھم ره گئڍ ھيڻ

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org