سيڪشن: شاعري

ڪتاب: خليفي صاحب جو رسالو

باب:

صفحو:11 

سر رامڪلي

فصل پهريون

 

]١ [   رام ڪليٿِي روءِ، ساريو سناسين کي

        چڙهي اڀِي چوءِ، آن ڪي جوڳي گڏيا!

]٢ [   رام ڪلي، ڪنهن نه پلي، چلي سامين سنگ

        ڇڏي ننگ نسنگ، گڏي گورکناٿ کي.

]٣ [   رام ڪلي، ڪنهن نه پلي، ٿي جوڳياڻي جوءِ

        چڙهي اڀي چوءِ، آن ڪي جوڳي گڏئا.

فصل ٻيو

رامڪلي سي حرفي

]١ [    الف کي اوڏا ٿيا، ’ميم‘ رکيائون من

        فاينما توو لوا فثم وجه الله، جوڳي جاٽون ڪن

        نحن اقربُ اِليه من حبْل الوريد، ٿيا پاڙيچا پِرين[1]

        قاسم ڪانوٽـِين، ناني گڏي نجهري.

]٢ [   بي جو لٿو بار، ’الف‘ ڏٺائون اکيين

        انا احمد بِلا ميم، ٿِئا سامي سليدار

        رايت ربي بِربـِي، ڏٺائون ڏاتار

        قاسم! ڪلاندار، آسڻ آرامي ٿيا.

]٣ [   تي تڪبّر تارڪي، ڪينو مور نه ڪن

        هئڻ ڇڏي هليا، روئي رام رسن

         فليضحڪوا قليلا و ليبْڪوا ڪثيرا، اِي عادت آديسين

        قاسم ڪانوٽين، ناٿ نمايو نياز سان.

]٤ [   ستيٰ سڏ ٿـِئون، ثي سڻيدي اٿـِيا

        ذالک فضل الله يؤتيه من يشاءُ، قادرڪــرم ڪيون

        من له الموليٰ فله الڪل، سڀڪين اِتِ سرئون

        باري ڀاڳ وريون، قاسم ناٿ نوازئا.

]٥ [   جيم جهليندي جڳ، ناد وڄائي نڱئا

        اِهد ناالصراط المستقيم، سامي ٿئا ســرڳ

        منجهان ناٿ نــرڳ، قاسم ڪڍئا ڪاپڙي.

]٦ [   حي هئڻ جِي حد، ويا اورانگهي اوڏهين

        نانگن پنهنجي نفس جِي، سڀڪا وڍي سڌ

        من عــرف نفسه فقد عــرف ربه، پنهون عشق عدد

        من طلبَ شيئا و جد وجد، قاسم سريو ساميين.

]٧ [   خي مليندي خاڪ، قاسم هليا ڪاپڙي

        دنيا ۽ عقبيٰ کان، پاڻ رکيائون پاڪ

        طالبُ الدنيا مخنث، طالب العقبْيٰ منث الک جا عساق

        منجهان روز ميثاق، پنڌ پروڙي آئيا.

]٨ [   دوئي دال ڦـِٽِي ڪري، پورڀ ويا پيهي

        جوڳين کي جبْروت ۾، پل گهڙي پيئي

ملڪ ڇڏي ملڪوت جو، ويا سامي سنجهيئي

نهن کوڙيندي نڱئا، ناسوتان نيهي

ڏٺائون ڏيهي، لتاڙي لاهوت کي.

]٩ [   ذال ئون ذڪر خفي، جهر جڳايو جوڳيين

        نانگا نانـِي هليا، ڇڏي ابُ اخـِي

        پاڻ نه کڻن پاڻ سان، صوفي صاف سخِي.

        مهيسين مخفي، قاسم! رام ريجهائيو.

]١٠ [  ري ريا جي تڪيي آسڻ ڪن نه او

        لوڪ نه لکي سگهيا، خاڪـِي سندين خوءِ

        ڌاڳا ڌوڙ ڀڪليا، ميرا ٿئڙن موءِ

        راول روبروءِ، قاسم وصل واڳيا.

]١١ [  ذي ذرو نه جٽِيا، جوڳي منجهه جهان

        ماريندي مراد کي، وئا ڏانه ويران

        العشق نارالله، جل پِرايو جان

        موتوا قبل ان تموتوا، مري لڌائون مان

        قاسم اِن ڪمان، گهڻا بابُو گهائيا.

]١٢ [  سين وڄائي سڱـِيون، هليا ڏانه هنگلاج

        ترڪ تڪيا تن تارڪين، ڪنه سان ڪم نه ڪاج[2]

        پيٽ بُکيا لنگ لانگ ۾، سر سلطاني تاج

        سيواگر سڪاج، قاسم نينهن نوازيا[3]

]١٣ [  شين وڃائي شڪ، گڏيا گورکناٿ کي

        صحِي سڃاتو ساميين، حق سان پنهنجو حق

        الاِنسان سري و اناسره، سکيا اِي سبَق

        وجودي ورق، قاسم پڙهن ڪاپِڙي.

]١٤ [  صاد صبر جون سڱيون ويٺا وڄائين

        ولله مع الصابِرين، ڳجهه اندر ڳائين

        جيڪين مڪو سڄڻين، سو ڀلو ڪيو ڀانئين

        ناني ڏنه نائين، منهن مونا ڪنڌ ڪاپِڙي.

]١٥ [  ضاد بَرتن هٿ ۾، ڪاسو مور نه ڪن

        پرگهران پري ويا، گهران ڪين گهرن

        ڪانوٽين قبوليو، فاقو فقيرن

        فاقة الفقر معراج الفقراءِ، اي وجه ويراڳين

        قاسم ڏيئي ڪن، سڻجِ ڳالهه سناسيين.

]١٦ [  طوئي طالبَ توڙ ري، وچان ڪين ورن

        مرض مهيسي موت جا، ماريا تان نه مــرن

        آلا اِن اولياءَ الله لايموتون، خـِضر خوءِ سندن

        توڙئون مٿان تن، لٿو حرف حسابَ جو.

]١٧ [  ظوئي ظالم نفس سان، جوڳـِين واري جنگ

         فتحنا الجـِهاد الا صغرو رجعنا اليٰ الجِهاد الا ڪبَر، مڙن ڪين ملنگ

        قاسم ڪيســر رنگ، ڪالهه رتائون ڪپڙا.

]١٨ [  عين الک سين واڳئا، ٻيائي ٻاريائون

لم يلد ولم يولد، پڙهي پاريائون

ماڪان محمدا ابَا احد، اي سٽ ساريائون

ويا واريائون، قاسم قضا ڏينهڙا.

]١٩ [  غين غذائون ان جون مڙئي موچاريون

        فرض، واجِبَ، سنتون، پڙهي تن پاريون

        سڀي سنيون تن کي، صاحِبَ سيکاريون[4]

        اني جِيون آريون، قاسم! رب قبوليون.

]٢٠ [  في فائق فيض جا، اجها عاصيڙن

        وما ارسلناڪ اِلا رحمة للعالمين، سڀ تي هٿ سندن

        قاسـِم مٿان تن، گهوري گهوريان جِندڙو.

]٢١ [  قاف ڪمائـِي ان جِي، قادر پيش قبول

        اِعملواماشئتم فقد غفرت لڪم، مختياري مقبول

        حسنات الابْرارسيات المقربين، سودو پيڙن سول

        قاسم منجهان مول، هادي حاصل وترو.

]٢٢ [  ڪاف ڏٺائون ’ڪل‘، ’جز‘ وڃائي جوڳـِيين

        انا من نورالله و ڪل شيءِ من نوري، آيو پيش اصل

        ستگــر ملا ساميين، آندو عـِشق امل

        قاسم ارگ اتل، مليو مهيسين کي.

]٢٣ [  لام لانگوٽِئان ڌار، انگ نه واڍن ڪپڙا

         اِن اوليائـِي تحت قبَائـِي لايعرفونهم غيري، ڍڪئا ڍڪڻهار

        نانگا پنهنجي نفس تي، ساڄا ٿئا سوار[5]

        تن سامـِين تان سو وار، اسم قرباني ٿيان.

]٢٤ [  ميم نه ماسو مال، نڪا سڌ سوال جي

        نڪو سنگ ثوابَ سان، نڪو ڏوه وبال[6]

         الا اِن اولياءَ الله لا خوف عليهم ولا هم يحزنون، لٿو خوف خيال

        جوڳـِي منجهه جمال، قاسم پوتا ڪاپڙي.

]٢٥ [  نون نمائي ڪنڌ، اڀا الک سامهان

        ادبُ آديسين جو، پوربَ منجهه پسند

        منهن مونين سر مٿڙا، سيني منجهه صمد

        تال وڄائي تند، قاسم ريڌا رام سان.

]٢٦ [  واڳئا واو وصال جي، ويٺا منجهه وجود

        منجِهه تيرٿ، منجهه تڪيا، منجهه عنبَر، منجهه عود

         منجهه ڪعبو، منجهه ڪيرتون، منجهان منجهه معبود

        قاسم ڪن سجود، پاڻ سڃاڻي پاڻ ۾.

]٢٧ [  هي هنيين سين لاءِ، قاسم سڻ سنيهڙا

        ايڪلتارو تال سان، ويهـِي هت وڄاءِ

        ڳايو ويٺو ڳاءِ، سو ڳڻ سناسين جا.

]٢٨ [  لام لڪـِياري پِير، مرشد منهنجو معنوي

        ابن علي شاه جو، ڏوهٽو محمد مير

        قاسم! ڪل ڪبِير، ڪامل منهنجا ڪاٽـِيا.

]٢٩ [  الف آسڻ آئيا، جوڳـِي جاٽ ڪري

        پڇ تني کان خبَرون، پِرتئون پير ڀري

        قاسم اون ڳري ڳجِهي آهي ڳالهڙي.

]٣٠ [  يي ياراني حق ري، ڪنهن سين مور نه ڪن

        لاڳاپا جي لوڪ جا، لاٿا لاهوتين

        الفقير لايحتاج اِلا اِلي الله، پر گهر ڪين پِنن

        توڙئون قاسم تن، اوريو ڀيد الک سان.

 

وائي

سڱڙين سامين سڻائـِي، اي ماءَ! جوڳين جامن ڳالهڙي

١.      سامين سڱڙين ۾، وحدت ڦوڪ وڄائي[7]

٢.      رايت ربـِي بِربـِي، ستگر اِي سمجهائي

٣.      انا احمد بـِلا ميم، ڳالهه اِها تن ڳائـِي

٤.      ڪارو پسن ڪينڪـِي، سامين پيش صفائي

٥.      قاسم! قلزم ڪن ۾، ٻوڙي ڇڏ ٻيائي

 

سر رپ

]١ [   سورن سوا سير، جي پائي ترازي توريان

        گوندر غم غريب جي گهٽ ۾ لايا گهير[8]

        ٻيو سڃيندو ڪير، صحت سپيرين ري.

]٢ [   سورن سير – سوا، مڻن مٿو ناه ڪو

        مون ڏي مڪا ماءَ! آڻ توريا سڄڻين.

]٣ [   سڄڻ! سڪ مياس، موٽ منهنجا سپرين!

        ورهيه منجهه وماس، مون ليکيندي لنگهئا[9]

]٤ [   سڄڻ! سڪ مران، ڪــر نه لڌيئي ڪڏهين

        منجهـِئي منجهه ٻران، ڪنڀر نـِيهائينءَ جان.[10]

]٥ [   سڄڻ! سڄي راتِ، تو ڳــَر ڏيان ٻانهـِڙي

        پاٻوهي پرڀاتِ، هوند کيرون ڏنم جيڏيين[11]

]٦ [   سام وهامي راتِ، جنهن ۾ گڏئا سپرين

        ڀينر! ڀليءَ ڀاتِ، اوريان سور عجيب سان.

وائي[12]*

سانگ م پوئي سڄڻين، م ڦوڙائو پوءِ

١.    سڀڪو ڀيڙو سڄڻين، هوند هميشان هوءِ

٢.    جدا پنهنجي پِــر کؤن، قادر ڪج م ڪوءِ

٣.    قاسم قرب جنهين سان، سائين آيم سوءِ

سر ليلان چنيسر[13]*

 

]١ [    ليلان لڇڻ ڇڏيو، ڪين چنيسر چيوس

                ٻجهان ڪن پيوس، ڪو جو ڏوه ڏهاڳ جو.

 

وائي[14]**

        توبه توبه يار! تو در زاري، خان! تو در زاري

١.      ربِ ارني موسيٰ ٻولي، ’لن تراني‘ آءٌ ماري

٢.     بازي عشق جِي کيڏڻ وارن، ڪن کـِٽي ڪن هاري

٣.     دلبر منهنجو دانا بينا، آءٌ تان ڀورڙي ڏاري

٤.     پاڻان پاسي پاڻ سڃاڻي، ڌڪي ڇڏ م ڌاري

٥.      ڪنـِي عيسيٰ موسيٰ مڃئو، قاسم احمد تاري

 

سر بلاول

 

]١ [   ڏئي جي ڏاتار، ته منگ منگتي ڪيتري!

       لک ۾ لک هزار، پينارا پر ڪري.

]٢ [   ڏاتار ڏند نه ڀِيڙڻو، ڏئي کلندي ڏاتِ

       آيا سي اگهيا، ڪانه پڇي ٿو ذاتِ

       ڏيڻ جي ڏينهن راتِ، وائـِي اٿس وات ۾.

]٣ [   ڏاتار ڏند نه ڀيڙڻو، کـِلي منهن خوشحال

       جيڪو ڪري سوال، تنهن کي ڪري سڏڙا.

]٤ [   ڏاتار ڏند نه ڀيڙڻو، کلي منهن خوشحال

اٺئي پهر عام تي، وسي مينهن مثال

       ڪوڙين لک ڪنگال، تنهن پاڳاري پر ڪيا.

]٥ [   پس پاڳارو پِير، ٻـِئي در وڃ م مڱڻا!

       دائم دستگير، جنهن ڏکيا ڏوليءَ چاڙهيا[15]

]٦ [   حاتِم هلي آئيو، پِنن پٽ کڻي

       سندي قربْ ڪڻي، حاميءَ ڏني هٿ سان.

]٧ [   حاتِم هلي آئيو، پٽ کڻي پينار

       سرڪي سخاوت جي، ڏياريس ڏاتار

       عشق جو آثار، حاصل ڪري هلئو.

وائي

تون جڳ جيندا هووين يار! تون جڳ جيندا

١.    توڙ ڪنون وه تؤن دلبر تؤن، مئن صدقي سؤوار

٢.    ڪل عالم دي تاج تيڏي سر، تون صاحب سردار

٣.    لک دشمن تيڏي ڪون کلا، ماران ٻانهن اولار

٤.    حوران، ملڪ، پريان مل تيڏي پير چمن پينار

٥.    قاسم دا سڀ دو جڳ دي وچ، باري تؤ سربار

 

 

سر ڏهر

 

فصل پهريون

 

]١ [    جاڙيجاڻي جنگ، آهي اوٺارن سان

        لڳو لوڙائن جو، منجهان ٻنيءَ ٻنگ

        گورا توڏ گڙنگ، هڻيو هيڪاندا ڪري[17]

]٢ [   لاکاين لغام، وڌا واڏين وات ۾

        آٿن اوٺـِي ذات جي، من ۾ ڳجهي مام

        آت نه لڌو عام، لاکي لوڙائن جو.

]٣ [   سڳڻ ٿـِين سواءِ، جوء ۾ جمڻو ٻوليو[18]

        آيا جني لاءِ، سي وڳ په گڏين سامهان.

]٤ [   لاکي لال ڪماڻ، هردم آهي هٿ ۾

        سلهيو تيرن ساڻ، واگهه پلي ٿو واهرو[19]

]٥ [   ڪوڙين سؤ ڪيڪان، پڻ پاچاواڙي پڌرا[20]

        هڻيو گرز غنيم کي، ماريو ڪن مساڻ

        سسيون نيزي ساڻ، ٻڌيو وڃن ٻاپڙا.[21]

]٦ [   گهوڙا لک گهڻا، پڻ پاچاواڙي پڌرا

        جني منهن مڻيا، سي مون لاکائي لکـِيا.

]٧ [   پکو پکي پاس، رڻ ريٻارين ڇانئيو

        ويچارن وسواس، لٿو لوڙائن جو.

]٨ [   رڻ ريٻارين ڇانئيو، پکو پکي وٽِ

        اٺِيون چرن ان جون، پهريون مٿي پٽِ

        لٿو سور سرٽ، لاکي لوڙو ڇڏيو.[22]

وائي

        پکو پکي وٽ لو! رڻ ريٻارين ڇانئيو

١.      اٺيون چرن ان جون، پهريون مٿي پٽِ

٢.     لٿو لوڙائن جو، سندو سور سرٽِ

٣.     وانڍيون ويچارن جون، ڀري ويٺيون وٽِ

٤.     ويهي تن وانڍين ۾، ڪو ڏينهن قاسم ڪٽِ

v

فصل ٻيو

]١ [   واڻيون وهي هٽ تي، هاڻو هڻي پاس

       لعلون لٽي لا ڏڪا، رزق ڪيائون راس

       وڍيائون وسواس، الستؤن اڻهوند جو.

]٢ [   ڪارو منهن ڪراڙ، ساڳاين منهن سنرا

       گهوڙا پسيو گهورڙيو، ٿو پـِٽي نڪ نـِراڙ

       جِينءَ سو جهنگ ٻِراڙ، تينءَ کيمن ڀري خبرا.

]٣ [   کيمن خوش نه اڄ، مهتي منهن نه سنرو

       سندو سود سهج، وئو ويچاري وسري.

]٤ [   کيمن کلڻ ڇڏئو، ويٺو روئي رت

       ڪمن سندي ڪن ۾، ڪالهه وڌائون ڪت

       ڀڳت ڀلڀيءَ ڀت، لوڙائن لتاڙيو.

فصل ٽيون

]١ [  ماريءَ منهن م پوءِ، ڪان م لڳي ڪونجِڙي

      چڱي ڀلي هوءِ، سدا ڀيڙي سڄڻين.

]٢ [  ڪوڙين ڀري ڪان، اِجهي ماري آئيا

      جي تون نگهبان، ته پک نه ونگو پکڻان.

]٣ [  ڇال م ڇـِڄي ڪا، منجهان وڳر ڪونجڙي

      مڇڻ ملا ماءِ، جيئري جدا م ٿئي.

]٤ [  ماري مڙيا لک، ڍور اڏيائون ڍٻڙا[23]

      جي راضي رب الک، ته پک نه ونگو پکڻان.

]٥ [  ماري منهن ڪارو، ڪارا مٿس ڪپڙا

      جو پاريندڙ پکڻان، سو رکڻهارو

      وڃي ويچارو، هٿين خالي هلئو.

]٦ [  رات لمندي لاتِ، ڪوڪ سڻائي ڪونجڙي

      پِرين جا پرڀاتِ، اچِي سور اڌميا.

]٧ [  اٿِي اڏاڻي، پک ڇنڊيندي ڪونجڙي

      آيس اهڃاڻي، ڪا رات پنهنجي روه جي[24]

]٨ [  ڪونج اڏاڻي ڪڇ، ٻچا پرني ربّ کي

 

      آڏو ڏيئي رڇ، ماريءَ منڊيو مامرو[25]

]٩ [  ڪونج اڏاڻي ڪال، ٻچا پرني ربّ کي

      وڳر ساڻ وصال، موٽـِي ڪو مس ٿئي.

فصل چوٿون

]١ [  هڻي هٿ حـِڪمت جو، وٺي هاٿيءَ کان حسابُ

      جنبُو ڇا جوابُ، ڪندو ڪيهر سامهون.[26]

فصل پنجون

]١ [   مون جي ڏٺا ڪال، سي اڄ نه اني ڀيڻئين

       ڪوه ڄاڻان ڪيڏانه ويا، ڪنه منهن ڪاهي مال

       سچ سلائج ڳال، پکا پرڏيهين جي.

]٢ [   پکا پرڏيهين جو، ڏي ڏکيء کي ڏس

       جي وانڍيون ويون وس، ٿو اندر آٽي ان لئي.

]٣ [   اڄ سانباهي سٽ، ڏٺم سنگهارن ۾

       ما منهينجا مـِٽ، ڪاڇي وڃن لڏئو.

]٤ [   سانڌايون سونهن، تڙين ٻـِنهي ڪنڌيين

       ڪنڍين ۽ ڪونهن، هيج هميشان نه لهي.

]٥ [   مينهون جهل مهار، ڪهري چارم ڪنڍيون

       چِيهي جي چاه پئـِي، مينهون هڏ م مار

       هتان لک هزار، هور پِرائي هليا.

]٦ [   جِيئن سي سنگهار، جنبُ گذاريم جن سان[27]

       مٿن سانوڻ مينهن جا، گجن گوند ملار

       قاسم! ڪنڍيون ان جون، ڏسن ڪونه ڏڪار

       گورس غم گذار، اوتيو پـِيئن پهيڙا.

سر ڪاپائتي[28]*

]١ [   اورنيندي ارٽ، ڏوري ڇــِڪي سڄڻين

        هٿيو ڇٽو هٿ مؤن، وڌو سور ســرٽ

پهو ڪريو پٽ، آتڻ وئو وسري.

]٢ [   آتڻ وئو وسري، پِره ڪتندي ڪير

        هتِ سرتيون گهرن سير، اسان تند نه اڄهي.[29]

]٣ [   آتڻ مٿان اڄ، اسان لاٿو آسرو

        وٽي وڌم ڇڄ، سي واڙا واءُ کڻي ويو.[30]

]٤ [   آتڻ مٿان اڄ، اسان لاٿو آسرو

        پوڻيون پائي پاند ۾، ڀيڻ اسان کان ڀڄ

        جي تو اچي لڄ، ته آيل ويهه م اوڏڙي.

]٥ [   مون سين ڪتيو جن، سي ويا اولاڻي اوهري[31]

        هاڻي ساڻ ٻـِين، آتڻ مور نه اڄهي.

]٦ [   مون کي ڪتڻ ڪال، جن سيکاريو جيڏيين

        چرکو اني چال، ڪا ڦيريندي نه پسان.

]٧ [   ٽڪ نه ڪڍي تند، ارٽ ڀڻڪو نه ڪري

        هنجهون هاري هنڌ، پسان پاڙيچِين جا.

]٨ [   نه سي ٽڪ نه مال، نه سي آتڻ واريون

        اڃان چرکا ڪال، ٿي ٻانهيارين ٻرائيا.

]٩ [   چرکو ٽڪ ٻِئي، اولاڻجـِي اڌ ٿـِئا

        پها پٽ پئـِي، لڙيا لاکـِيڻين جا.

وائي[32]*

تون پڻ ياد تني کي ڀوري! تو جني جي ڙي تاتِ

١.      فاذڪرني اذڪــرڪم، اِي پروڙجِ باتِ

٢.      ڳجهان ڳجهه پِريان سين، اورج آڌي راتِ

٣.      قاسم ڪيم وساريين، سندڙي لالڻ لاتِ[33]


[1]  ش. ”ٿيا پاڙيچي پرينءَ“

[2]  اصل ”ترڪ تڪيا تن تارڪي- الخ

[3]  خ ظ. ”سيوگر سڪاج، قاسم نينھن نوازيو“ ڪ سيوگر سڪاج، قاسم نينھن نوازيا“ ش ”سيواگر سڪاج، قاسم نينھن نوازئا“

[4]  ظ ڪ  جي پڙھڻي مطابق ”صاحب سينگاريون“

[5]  ظ. ساڃا، ساڃا

[6]  خ ڪ. ببال.

[7] خ. لله ماسين سڳڙين ۾ الخ ظ. الا سامين سڳڙين ۾- الخ

[8]  ڪ گھيڙ

[9] ظ ورھھ منجھ الخ

[10]  ظ منجھيئي منجھ- الخ

[11]   ظ ش. کيرون ڏينم جيڏيون.

[12] * ھي وائي اصل ۾ ”سر کاھوڙي“ ھيٺ ڏنل ھئي، جتان ٽپائي ھت آندي وئي آھي. ٽي مصرع ظ. ڪ د ۾ ڏنل ڪانھي.

[13] * ھن سر جو ھيءَ ھڪ بيت فقط خ ۾ آھي، جتي سر جو عنوان ھن طرح ڏنل آھي: ”سر ڪونرو ۽ ليلان ۽ چنيسر

[14] ** ھيءَ وائي اصل ۾ ”سر ڌناري“ ھيٺ ڏنل ھئي جتان ٽپائي ھت آندي وئي آھي.  ظ ۾ ٿلھ ھن طرح آھي؛ ”توبه توبه يار، تو در جاني، خان تو درجاني، توبه“ ڪ ۾ ٿلھ ھن طرح لکيل آھي: توبه توبه زاري، اي خان تو در ازاري“، ١. خ. ”لن تراني آه ماري ٢. ظ ”کيڏڻ وارا. ٣. ڪ. ”ڀورڙي ڏازي“، ش ”ڀورڙي ڌاري.

[15]  ڪ. توکيا ڏولي چاڙھيا.

[16] * ظ ۾ ھن سر وارا اڪٿر ورق ضايع ٿيل آھن.

[17]  اصل ”گھوڙا توڏ گڙنگ

[18]  خ ڪ ش ”جوم“ (ڪڌا)

[19]  اصل ”سليو، خ ڪ. واگ، ش واگھ.

[20]  ش پاڇا واڙي.

[21]  خ. ٻڌيو اچن.

[22]  خ ظ لاکي لوڙو ڇڏيو، ڪ. لاکي لوڙائن ڇڏيو، ش، لاکي لوڙڻ ڇڏيو.

[23]  ظ دؤر اڌيايون ڊڀڙا، ڪ. اڌيائون ڍٻيون.

[24]  خ ظ ڪ روح جي

[25]  خ. اوڏا ڏيئي.

[26]  اصل ۾ ھيءَ بيت “ ”سر بلاول“ ھيٺ ڏنل ھو، جتان ٽپائي ھت آندو ويو آھي.

[27]  ڪ ش. جنم گذاريم.

[28] * ھي بيت سڀئي قلمي نسخن ”سر ڏھر“ ھيٺ (شروع ۾) قلمبند ٿيل ھئا، جتان جدا ڪري ھي ”سرڪپائتي، قائم ڪيو ويو آھي.

[29]  ظ ”ڪرن سٻر“ ش ”ڪتين سير“

[30]  ھي بيت ڪ ۾ ڪونھي

[31]  خ ”من سين ڪتيو جن- الخ“

[32]  * ھي وائي اصل ۾ سر ڪلياڻ“ ھيٺ ڏنل ھئي، جتان ھت آندي وئي آھي.

[33]  ڪ قاسم ڪيئنءَ وساريان. الخ

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org