رسالي جي متن جي آخر ۾، خليفي صاحب جو باقي شعر
’متفرقه ڪلام‘ جي عنوان هيٺ مرتب ڪيو ويو آهي.
انهيءَ ڪلام جي متن جو مدار خصوصا نسخي خ تي آهي،
جنهن کي ڌ، ڪ ۽ ش سان ڀيٽيو ويو آهي. البت سڀني
نسخن ۾ اردو ڪلام سنڌي صورتخطيءَ ۾ لکيل آهي ۽
لکندڙ جي اردوءَ سان نا آشنائي سببان ان ۾ ڪافي
غلطيون رهجي ويون آهن، جن کي حتي المقدور درست ڪيو
ويو آهي. تنهن هوندي
به لکندڙن جي اصلي غلطفهميءَ سببان ان ۾ ’وزن‘ جون
غلطيون رهجي ويون آهن. البت ڪن صحيح لکيل غزلن جا
’وزن‘ بلڪل پورا آهن، جنهن مان اندازو لڳائي سگهجي
ٿو ته خليفي
صاحب اهو ڪلام صحيح ۽ سهڻو چيو، پر پوءِ جي راوين
۽ لکندڙن جي اڻ ڄاڻائيءَ سببان ان ۾ سقم رهج ويا.
بهرحال هن ’متفرقه ڪلام‘ جي شموليت سان، سواءِ
سرائڪي مثنوي سسئي
پنهونءَ‘ جي، خليفي صاحب جو ٻيو جملي ڪلام، جو هن
وقت تائين معلوم ٿي سگهيو آهي، سو هن رسالي سان گڏ
شايع ٿي رهيو آهي.
’متفرقه ڪلام‘ جي آخر ۾، رسالي جي هر هڪ سر جي
مقصد ۽ مضمون جي پس منظر تي مختصر طور روشني وڌي
وئي آهي ۽ پڻ بتن ۾ استعمال ٿيل ڪن انوکن لفظن ۾
محاورن جي معنيٰ ڏني ويئي آهي، انهيءَ لاءِ ته
پڙهندڙ کي مجموعي طور سر جي مقصد ۽ مضمون توڙي
بيتن جي لفظي معنيٰ سمجهڻ ۾ آساني ٿئي.
هن غير مطبوعه ۽ قيمتي ڪلام کي سهيڙڻ توڙي سمجهڻ ۾
گهڻنئي مهربانن ۽ دوستن بندي جي مدد ڪئي آهي.
خليفي صاحب جي اولاد مان خليفي حاجي شير محمد صاحب
۽ جناب خليفي احمد صاحب مهرباني ڪري رسالي جا قلمي
نسخا بندي جي حوالي ڪيا ۽ پڻ خليفي صاحب جي خاندان
توڙي سوانح بابت حتي الامڪان تفصيلي حالات مهيا
ڪيا. خليفي حاجي شير محمد صاحب بيتن جي صحيح
پڙهڻين ۽ لفظن ۽ محاورن جي معنائن سمجهڻ ۾ وڏي مدد
ڪئي. جناب حاجي شير محمد خان نظاماڻيءَ (ساڪن ٽندي
قيصر)، مهرباني ڪري خليفي صاحب جي رسالي جو قلمي
نسخو بندي جي حوالي ڪيو. فقير خدا بخش ڪلر (ساڪن
ڏيپلو) جي مهربانيءَ سان فقير پير بخش مرحوم وارو
قلمي نسخو دستياب ٿيو، ۽ فقير مرحوم حاجي اسماعيل
احمداڻيءَ جي ڪوشش سان
مرحوم جمال فقير احمداڻيءَ وارو قلمي نسخو مليو. بندو انهن سڀني
بزرگن جو شڪر گذار آهي. سندن مدد ۽ معاونت کان سواءِ
هي ڪم هرگز راس نه ٿئي ها.
جن مخلص ساٿين هن رسالي کي مرتب ڪرڻ لاءِ ميدان
هموار ڪيو، تن مان استاد محمد يعقوب ميمڻ، ممتاز
مرزا، استاد محمد اسماعيل شيخ ۽ ميان محمد طالب
لوهار جا نالا قابل ذڪر
آهن.
استاد حمد يعقوب نسخي خ تان پهريون نقل اتاريو ۽
هن صاحب توڙي ميان محمد طالب ان نقل کي ٻين نسخن
جي پڙهڻين سان ڀيٽڻ ۾ مدد ڪئي. ممتاز مرزا صاحب
ڪافي محنت سان آخري صاف ڪاپي لکڻ ۽ پريس ۾ ڇپائيءَ
جي نگراني ڪرڻ ۾ مدد ڪئي. استاد محمد اسماعيل شيخ
آخري پروفن پڙهڻ ۾ مدد ڪئي. سنڌ يونيورسٽي جي پريس
مئنيجر محترم اعجاز محمد صديقيءَ ۽ سڄاڻ ڪمپازيٽر
محترم محمد حسن بلوچ ۽ سندس ساٿين سهڻي ڪمپوزنگ ۽
ڇپائيءَ جو بار کنيو. آءٌ انهن سڀني مخلص ساٿين ۽
ڪارڪنن جو شڪرگذار آهيان.
خادم العلم
نبي بخش بلوچ
سنڌ يونيورسٽي، حيدرآباد
٦- شوال ١٣٨٥هه
(٢٨ جنوري ١٩٦٦ع)
مقدمو
خليفي صاحب جي سوانح حيات ۽ سندس ڪلام
(الف) سوانح حيات
خاندان:
خليفو نبي بخش صاحب، بلوچن جي ’لغاري‘ قبيلي جي
’سير ڪاڻي‘ شاخ مان ’بالاچي‘ پاڙي جو نامور فرد
هو. سيرڪاڻي لغاري ڪلهوڙن جي حڪومت جي آخري ۽
ٽالپورن جي اوائلي دور واري عرصي ۾ ديري غازي خان
جي ’لغاري تمن‘ مان سنڌ ۾
آيا، ۽ خليفي صاحب جا وڏا اچي تعلقي بدين ۾ سڪونت پذير ٿيا.
خليفي نبي بخش صاحب کان اڳ جو شجرو هن ريت آهي:
نبي بخش بن بالاچ خان بن مرزا علي خان بن پاهڙدين.
مرزا علي خان ڪلهوڙن جي دور ۾ هڪ اثر رسوخ وارو
سردار هو. سندس سڪونت تعلقي بدين ۾ ڍوري پراڻ جي
ڪپ تي ڳوٺ مـِٽي ۾ هئي،
۽ مٺي، نوتيار ۽ ستيارو ديهون سندس جاگير ۾ هيون.
مرزا علي خان جي فرزند بالاچ خان جي وقت ۾ حڪومت
جي واڳ ڪلهوڙن کان ڦري ٽالپور اميرن جي هٿ ۾ آئي،
اهو سنه ١١٩٦هه جو واقعو آهي. فتح بعد ٽالپور
اميرن ملڪ کي انتظامي لحاظ سان ٽن حصن ۾ تقسيم
ڪيو، جنهن موجب ميرپور واور علائقو ڏکڻ طرف ويندي
علي واه ۽ شير واه جي پراڻ وارين ڪيٽين ۽ مٺي
وغيره ديهن سميت مير ٺاري خان جي حوالي ٿيو. مير
صاحب، مرزا علي خان واريون جاگيرون بالاچ خان کي
بحال ڪري ڏنيون ۽ بالاچ خان مير صاحب جي مکيه
سردارن ۾ شمار ٿيو.
ولايت ۽ زندگيءَ جو پهريون دور
نبي بخش جي ولادت اباڻي ڳوٺ ’مٺيءَ‘ ۾ سنه ١١٩٠هه
(١٧٧٦ع) ڌاري ٿي. جڏهن ٽالپورن ڪلهوڙن
کان سنڌ فتح ڪئي، تڏهن سندس عمر ٧ سال کن هئي.
سندس ننڍپڻ بابت ڪوبه تصديق جهڙو احوال ڪونه ٿو
ملي، پر سندس پرورش اباڻي ڳوٺ’مٺيءَ‘ واري ماحول ۾
ٿي ۽ وقت جي رواج موجب
سندس والد کيس فارسي جي تعليم
ڏياري. نصابي تعليم مطابق جيتوڻيڪ هو هڪ ’منتهي‘
واري درجي کي ڪونه پهتو، مگر جيئن ته فطري طور
سندس ذهن تيز ۽ ذوق سليم هو، انهيءَ ڪري درسي
تعليم بعد هن پنهنجي مطالعي کي وسيع ڪيو ۽ فارسي
زبان ۽ ادب مان چڱو حظ حاصل ڪيئاين. سرائيڪي زبان
۾ جوڙيل داستان ’سسئي – پنهون‘ ۾ خليفي صاحب ڪي
شعر فارسيءَ ۾ چيا آهن، جي سندس مطالعي ۽ ذوق تي
شاهد آهن، مثلا:
بدر مان نه ترسند از خداوند طفل را در قفس کردند پابند
ڪن فصلن جي شروعات ۾ گاهي بگاهي ساقي نه طور فارسي آميز اشعار
چيا اٿس، جيئن ته:
بـيـا ساقي شراب پر خــمـاري بــده
مارا خوريم ما مي دوبـاري
شرابي خور شتابي مرد غازي اسـپ آيـد
دويــم بـا زين تــــازي
اسپ ابلق سه بـرکـن سـواري شود حاصل
ترا جنگ فتح داري
مولانا جاميءَ ’يوسف زليخا‘ سان خليفي صاحب جو
گهڻو انس هو، ۽ غالبا ان کان ئي متاثر ٿي ’سسئي
پنهون‘ جوڙيئاين،. هڪ شعر ۾ جاميءَ کي نالي سان
ياد ڪيو اٿس ته:
لــڙن جــي نــال مــشـتـاقـيـن مــدامــي،
پلين تنهن ڪون ميان مخدوم جامي!
فردوسي ۽ نقد انعام لاءِ سندس شاهنامو تصنيف ڪرڻ
واري پس منظر کان پڻ خليفو صاحب واقف هو، جنهن
ڏانهن هيٺئين شعر ۾ اشارو ڪيو اٿسي ته:
نسي رکدي ڪٿان صد نفس دا سوس
نه مئن ٻولي نقد مانند فردوس
ڪتابي علم کان نوجوان نبي بخش جو طبعي شعور ۽ ذاتي
فڪر بهرحال ڪثر هو. جنهڙو هو پان سهڻو جوان، تهڙو
ئي هو سندس عقل جوان. ان سان گڏ سندس حوصلو بلند ۽
بخت بيدار هو. انهيءَ ڪري جيئن هي نوجوان ساماڻو
ته راڄن ۾ سندس نيڪي ۽ ناموس، رهائي ۽ رسائي حد
درجي کي وڃي پهتي. مير ٺاري خان کيس پنهنجو خاص
درٻاري ڪري چونڊيو. سندس علمي لياقت، ذهني قابليت،
بلند همت ۽ رعبدار شخصيت سببان کيس هڪ سؤ سواريءَ
جو پروانو مليو، جنهن کيس جملي سردارن ۾ ممتاز
بنائي ڇڏيو.
نبي بخش خان جي ڦوهه جواني هئي، جو سندس زندگيءَ ۾
انقلاب آيو. اندازا سن ١٢١٥هه ڌاري جڏهن سندس عمر
٢٥ سال کن هئي، تڏهن مجازي عشق جي شهباز کيس اڏائي
کنيو، ۽ هو محبت جي ماحول ۾ ايترو ته محو ٿي ويو،
جو مير ٺاري خان جي ڪچهريءَ ۾ سلام کي بلڪل وساري
ڇڏيائين. مير ٺاري خان کي شڪ جاڳيو ته شايد هن
سردار خود سري اختيار ڪئي آهي، سو ڏانهس حاضر ٿيڻ
لاءِ تاڪيدناما موڪليائين. نبي بخش خان نوڪري ۽
نمڪ حلاليءَ جو حق محسوس ڪندي، آخرڪار وڃي مير
صاحب جي درٻار ۾ حاضر ٿيو، مير صاحب چيس ته: نبي
بخش تو جهڙي داناءَ سردار کان ايتري ڪوتاهي؟ جواب
ڏنائين ته: ’مير صاحب! عقل گدڙ وانگر پنهنجي ڏر تي
محڪم ويٺو هو، پر جڏهن عشق جي شينهن اچي گجگوڙ
ڪئي، تڏهن ويچارو گدڙ ڀڄي ويو.“ مير صاحب وڌيڪ ڪين
ڪڇيو ۽ کيس واپس ورڻ جي اجازت ڏنائين.
ان بعد سن ١٢١٧هه ۾ اتفاق سان مير ٺاري خان جو
لغارين سان تصادم ٿيو، جنهن سببان حيدرآباد طرفان
انهيءَ صدمي جي تلافي ڪئي وئي، پر مير ٺاري خان ۽
لغارين جي وچ ۾ وٿي پئجي وئي. نبي بخش خان، مير
ٺار خان جي حد جو سربرآورده لغاري سردار هو، سندس
آڏو هڪ طرف قبيلي جي ناموس جو سوال هو ته ٻئي طرف
مير ٺاري خان جي نوڪري ۽ نمڪ حلاليءَ جو خيال هو.
انهيءَ ڪري بهتر ائين سمجهيائين ته بدگمانين جي
ماحول کان نڪري ٻاهر ٿيڻ گهرجي. مير باگو خان،
جنهن محبت کي حڪومت تي ترجيح ڏني هئي ۽ ملڪ جو
حصو ڇڏي ”سندراڻي“ سان شادي ڪئي هئي.
تنهن کي نبي بخش خان جي عشق ۽ محبت جو داستان
معلوم
هو ۽ ساڻس کيس همدردي هئي. سندس دعوت تي، نبي بخش
خان پنهنجي اباڻي ڳوٺ مٺيءَ مان لڏي اچي مير باگي
خان جي جاگير ۾ ’بڊام‘ جا نوان پڊ وسايا.
هنن نون پڊن تي نبي بخش خان زندگيءَ جا ڪي سال
خوشيءَ ۽ محبت واري ماحول ۾ گذاريا. جنهن خاتون جي
عشق ۾ هن اميري ترڪ ڪئي، سا هينئر سندس رفيق حيات
هئي. مائيءَ جو نالو ’صابل‘ هو، جا صورت توڙي سيرت
۾ پنهنجو مٽ پاڻ هئي. نبي بخش خان سان سندس نينهن
هو. هڪ ٻئي کان گهڙيءَ جي جدائي به
ڄڻ سندندن واسطي سال برابر
هئي. نبي بخش خان جو ماسات ’قاسم‘ شروع کان ئي هن
محبت جي داستان جو راوي ۽ رازدان هو. هو نبي بخش
خان کان ننڍو هو، پر ٻئي هڪ ٻئي جا ساٿي هئا ۽
سندن ياريءَ جو ناوت سندن عزازت
کان ٻه رتيون ڪثر هو. گهر ۾ سڄڻن سان ماڻائتيون
محبتون ته ٻاهر قاسم سان گڏ ڪوڏائتيون ڪچهريون:
نبي بخش خان لاءِ هن عرصي واري دم قدم ۾ سکن جا
ساٿ سمايل هئا.
پر زماني جا رنگ نرالا آهن. اتفاق اهڙو ٿيو، جو
سکن جي بدران سورن اچي نبي بخش جو ساٿ ڏنو، هڪ
ڏينهن نبي بخش خان صبح جو گهران نڪتو ۽ جڏهن موٽي
آوي ته ڏسي ته سندس من جو مڻيو ڀڳو پيو آهي: جنهن
کان سواءِ سندس ساعت نٿي سري، سا هينئر کانئس
هميشه لاءِ موڪلائي وئي!
بس خوشين جا در پورجي ويا ۽ دردن جا دروازا کلي
پيا. نبي بخش کي وڇوڙو ورونهن ٿي آيو ۽ ڪي ٻه چار
سال هو ائين بيوس ۽ بي حال رهيو. قاسم، جو سندس
حال ڀائي هو، تنهن ساڻس همدردي ڪئي ۽ حيلا ڪيا، پر
نبي بخش تي غم غالب رهيو.
ان وقت سنڌ جي برگزيدي ۽ باشرع عالم، ۽ سنڌ ۾
قادري طريقي جي علمبردار ۽ اهل دل ولي، جناب حضرت
پير صاحب محمد راشد رحه عرف ”روضي ڌڻيءَ“ جي فيض
جي پالوٽ هئي. هزارين ماڻهو سندس مريديءَ جي حلقي
۾ داخل ٿي رهيا هئا، سوين سندس تلقين سان شرع
اسلام جي رنگ ۾ رڱجي ويا هئا ۽ ڪيترائي عالم ۽
درويش سندس خلافت جو خرقو ڍڪي صاحبِ فيض بنجي چڪا
هئا. قاسم جو والد، جو اصل ميانوال طريقي جو هو،
تنهن کي پڻ هن فيض جي ورڇ ملي ۽ هو جناب پير صاحب
محمد راشد رحه جو مريد ٿيو. ان بعد پنهنجي پٽ قاسم
کي حضرت پير صاحب جن وٽ وٺي ويو. قاسم پير صاحب جن
جي تلقين کان ايترو ته متاثر ٿيو، جو دل ۾
سوچيائين ته نبي بخش جي بي حال زندگيءَ کي حضرت
پير صاحب جن جي نظر فيض اثر ئي نئين سر اجاري حال
وارو بنائي سگهي ٿي.
قاسم جيئن ئي موٽيو ته نبي بخش وٽ آيو ۽ اچي ساڻس
حال اوريائين. نبي بخش کي دردن ايترو ته ڌوڻيون
هو. جو سندس طبيعت دنيا جي بي ثباتيءَ کان وڌيڪ حق
۽ حقيقت ڏانهن مائل ٿي چڪي هئي. انهيءَ ڪري قسم جي
نيڪ صلاح قبول ڪري ساڻس گڏجي جناب حضرت پير صاحب
جن ڏانهن روانو ٿيو.
زندگيءَ جو ٻيو دور
خانداني روايت موجب، نبي بخش جيئن ئي قاسم سان
گڏجي روانو ٿيو ته حضرت پير صاحب جن جي فيض مان
بهرور ٿي مريد بنجڻ جو پنڌ ۾ ئي سندس ارادو پختو
ٿيندو ويو. هي اندازا ١٢٣٠هه هو، ۽ نبي بخش جي عمر
ان وقت چاليهه سال کن هئي. روحاني فيض لاءِ عمر جو
هي سال هڪ نيڪ فلا هو ۽ جيئن ئي حضرت پير صاحب جن
جي نظر تي چڙهيو ته هن عارف سڃاڻي ورتو ته هن مرد
۾ مڻيا آهي ۽ کيس سهاري جي ضرورت آهي. پاڻ کيس
ڳرهاٽي ڏيئ ويهاريائون ۽ ذڪر جي تلقين ڏئي
فرمايائون ته: ’تياري ڪريو ته فقير کي خلافت جي پڳ
ٻڌايون.‘ نبي بخش عرض ڪيو ته: ’قبلا! آءٌ ڌڻيءَ جو
نانءُ پڇڻ ۽ مريد ٿيڻ آيو آهيان ۽ خلافت جي بار
کڻڻ جهڙو ناهيان.
سنڌ ۾ اوهان جي نامور خليفن ڪا جاءِ فيض کان خالي
ڪانه ڇڏي آهي.‘ پير صاحب جن جواب ڏنو ته: ’نبي
بخش! تنهنجي رسائي اتي ٿيندي، جتي ٻيا اڃا نه پهتا
آهن.‘ ائين چئي بروقت کيس خلافت جي پڳ ٻڌائي، سندس
حق ۾ دعا گهريائون. انهيءَ قرب ۽ دعا نبي بخش کي
گرويدو بنائي ڇڏيو. حضرت پير صاحب جن سان سندس دلي
ارادت ۽ عقيدت مضبوط ٿي ۽ هن خلافت جي فيض
کي دور دراز خِطن تائين پهچائڻ جوپڪو پهه ڪيو.
رياضت ۽ عبادت:
حضرت پير صاحب جن جي فيض ۽ تلقين سان خليفي صاحب
جا غم ميٽجي ويا ۽ روحاني خوشيءَ جا دروازا کلي
پيا. پنهنجي ماسات قاسم سان سندس دلي محبت جا
پيوند ويتر پختا ٿي ويا، جو هن نيڪ صلاح ڏئي کيس
مرشد ڪامل تائين پهچايو. هن الاهي محبت سان سرشار
ٿي موٽڻ بعد دنيا جا وهنوار ترڪ ڪري اچي رياضت
شروع ڪيائين ۽ ڏها ۽ چاليها ڪڍيائين. خليفي صاحب
جي مرشد سان سچي محبت ۽ دلي عقيدت، کانئن جدا فراق
واري حالت، زيارت جي ڪشش ۽ بار بار حاضري ۽ خدمت،
۽ مرشد جي راض ۽ روحاني فيض جي نعمت جون مقالون
حضرت روضي ڌڻيءَ جي جماعت ۾ سگهوئي مشهور ٿي ويون.
ڪيترائي درگاه جا مريد ۽ سچا فقير گهر ٻار ڇڏي
تارڪ بنجي اچي خليفي صاحب جي خدمت ۽ صحبت ۾ گذارڻ لڳا، جن کي خليفي صاحب نفس جي پاڪائيءَ خاطر عبادت ۽ رياضت جي
تلقين ڏني، ۽ پاڻ سان گڏ سڳائي وقت ڏهن ۽ چاليهن ۾
ويهاريو. سندس هڪ چلو، جو چاليهن ڏينهن جي رياضت
جو هو، سو جماعت جي فقيرن ۾ ڪافي مشهور
آهي.
اهو چلو خليفي صاحب، پراڻ جي اڀرندي ڪنڌيءَ تي
’ونگي‘ لڳ هڪ بڙ جي هيٺان ڪڍيو ۽ انهيءَ ڪري ’بڙ
وارو
چلو‘ سڏجي ٿو. انهيءَ موقعي تي سنس طالبن مان جيڪي
تارڪ فقير هن رياضت ۾ شامل ٿيا ۽ چلن ۾ ويٺا، سي
هيءُ هئا: ١- گولو فقير لوهار، ٢- هاسم فقير ڀٽو
ٻنيءَ (ڪڇ) جو، ٣- جان محمد فقير (پڇم جو؟)، ٤-
ٺارو فقير ڦڙڪارو، ٥- گولو فقير ڪاٺائي، موهنه (لڳ
ندو شهر) جو. هن چاليهن ڏينهن جي
چلي
۾، خليفو صاحب ۽ ٻيا سڀيئي فقير هڪ کارڪ تي روزو
رکندا هئا ۽ هڪ کارڪ تي ڇوڙيندا هئا ۽ ڪوزن مان
پاڻي ڍڪ پيئندا هئا. ٻيو کاڌو پيتو بند هو ۽ سندن
سڄو توجهه عبادت ۽ ذڪر فڪر ڏانهن هو.
مريديءَ ۽ خلافت جي فيض کان پوءِ ٽي سال کن رياضت
جو سلسلو جاري رهيو، جنهن خليفي صاحب جو اندر
اجاري اڇو ڪيو. حضرت پير صاحب جن جي محبت ۽ تلقين
سان خليفو صاحب ٿوري ئي عرصي ۾ رچي لال ٿيو. هن
وقت قدرت طرفان خليفي صاحب لاءِ هڪ روحاني صدمو
منظور هو. رمضان سن ١٢٣٣هه ۾ سندس مرشد ۽ رهبر
جناب حضرت پير صاحب محمد راشد رحه وفات ڪئي. هڪ
سچي طالب لاءِ هيءُ هڪ وڏو صدمو هو، پر خليفي صاحب
جو حوصلو بلند هو ۽ همت ۽ توڪل سندس سرشت ۾ سمايل
هيون. روحاني فيض سببان ڌڻيءَ تي توڪل ۽ سندس رضا
جي تمنا مٿس غالب رهي. انهيءَ ڪري هن فراق کي رضا
الاهي ڄاڻي، حضرت روضي ڌڻيءَ جي ذڪر ۽ تلقين کي
عام ڪرڻ جو عزم ڪيائين. خلافت جي امانت، جا مرشد
ڪامل کيس سونپي هئي، ان جي جوابداري محسوس ڪري،
درگاهه جي خدمت ۽ خلق خدا سان محبت کي زندگيءَ جو
شيوو بنايائين.
جناب حضرت روضي ڌڻيءَ بعد سندن فرزند حضرت صبغت
لله شاهه رحه سجاده نشين
ٿيو، جنهن هڪ طرف سنڌ ۽ ان سان
لاڳو علائقن جي عوام ۾ اسلامي تبليغ ۽ تلقين جي
سلسلي کي وسيع ڪيو ته ٻئي طرف هن برصغير ۾ اسلام
جي اقتدار ۽ مسلمانن جي آزاديءَ ۽ وقار وارين
تحريڪن سان پاڻ کي وابسته ڪيو. سيد احمد شهيد رحه
بريلوي سنڌ ۾ آيو ته پير صاحب صبغت لله شاهه ئي
سندس دلي مرحبا ڪئي ۽ سندس جهاد واري تحريڪ جي
پوري پٺڀرائي ڪئي: ٻين با عمل عالمن ۽ صالحن کي پڻ
سيد صاحب جي حمايت لاءِ آماده ڪيائون. پنهنجن
مريدن مجاهدن جا دستا سيد صاحب
سان
گڏي موڪليائون ، ۽ پويان مسلسل رسد ۽ امداد جو
انتظام ڪيائون. پير صاحب جن جي جماعت ۾ آزاديءَ جي
علمبردار ”حون“ جو بنياد ان ڏينهن کان پيو. خليفو
نبي بخش صاحب همت، جراءت ۽ صداقت ۾ پنهنجو مٽ پاڻ
هو ۽ جهاد لاءِ جهڙس ڪارگر ڪمانڊر ٻيو ڪونه ٿئي
ها، پر حضرت روضي ڌڻيءَ جن کيس خاص طرح روحاني فيض
جي تبليغ خاطر
خلافت جي پڳ ٻڌائي هئي، انهيءَ ڪري غالبا حضرت
صبغت لله شاهه طرفان پڻ کيس حضرت روضي ڌڻيءَ جي
ارشاد جي تعميل ۽ تڪميل لاءِ تاڪيد ٿيو. حضرت صبغت
لله شاهه جي تيرهن سالن واري دور (١٣٤٦-١٢٣٣هه) ۾
خليفو صاحب رات ڏينهن انهيءَ ڌن ۾ رهيو ۽ سنڌ کان
وٺي ڪاٺياواڙ ۽ گجرات طرف عابدن، صالحن ۽
عقيدتمندن جو هڪ وڏو گروهه پيدا ڪيائين.
سندس هن تبليغ ۽ تلقين جي شروعات سنڌ ۾ موجوده
ٽنڊي باگي، بدين ۽ ڏيپلي تعلقن وارين اراضين
اسان
ٿي، جتي پنج ڇهه هزار ماڻهو خليفي صاحب جي صحبت ۾
حضرت پير صاحب پاڳاري
جي جماعت جي دائري ۾ داخل ٿيا، جن مان ڪي خاص گروه
هي هئا: علياڻي ۽ احمداڻي لغاري تعلقي ٽنڊي باگي
جا، ٽالپور ۽ خاصخيلي ولاسيي جا، ٿيٻا ڪڍڻ جا،
ڪپري بلوچ ونگي جا، چانڊيا ۽ نهڙيا ڪاڪ جا، ساند
مور هڏيءَ جا، ڪيريا ۽ ڳاها لير (لڳ خيرپور گنبي)
جا، ڪاٺائي نندي شهر جا، کوسا ’ويءَ بهادر‘ جا
وغيره. سنڌ کان ٻاهر خليفي صاحب ڪڇ، ڪاٺياواڙ ۽
گجرات طرف پنهنجي تبليغ جي دائري کي وسيع ڪيو ۽
اتي پڻ ڪي هزار ماڻهو جماعت
جي زمري ۾ داخل ٿيا. ڪچ ۾ ‘ٻنيءَ‘ واري پرڳڻي ۾
گام متوا ۽ ٻين ڳوٺن وارا مريد ٿيا. ڪاٺياواڙ ۽
گجرات طرف هڪ وڏو تعداد جماعت ۾ شامل ٿيو، جن مان
هيٺيان ماڻهو خليفي صاحب جا خاص صحبتي ۽ تبليغ ۽
تلقين
۾ سندس خاص خليفا ٿيا: ١- کٽي ابا جمال، کٽي آدم ۽
کٽي جان محمد شهر ڪوٽ رامود (رياست ڪوٽڙو
سانگهاڻي، گوندل کان ڏهه ميل کن اوڀر) جا، کٽي ابا
جمال، خليفي صاحب جي آمد ۽ منزل لاءِ ’خليفي صاحب
جو اوتارو‘ قائم ڪيو. ٢- سيد عبدالقادر، شهر
ڌوراجي جو. سيد صاحب پاڻ وقت جو عالم، وڏي اثر
رسوخ ۽ پيري مريديءَ وارو هو،. خليفي صاحب جي صحبت
جو مٿس وڏو اثر پيو ۽ آخر عمر ۾ خود جناب پير صاحب
حزب لله شاه کان روبرو ذڪر ورتائين. سيد عبدالقار
جي مسجد سندس مرشد جي نالي پويان ”سئاينءَ واري
مسجد“ (يعني پير سائينءَ واري مسجد) سڏجڻ لڳي ۽
اڃا تائين انهيءَ نالي سان مشهو آهي. سيد
عبدالقادر جو روضو، ڌوراجي جي ’ٻاهڙپوره“ پاڙي ۾
زيارت گاه عام و خاص آهي. ٣- مولوي محمد صاحب
ڌوراجي جو ۽ کانئس پوءِ سندس پٽ مولوي ابو. ٤-
حاجي موسيٰ موتي والا شهر ڌوراجي جو. ٥- راڻي راڄ
– بختو، جهونا
ڳڙهه جي نواب بهادر خان جي گهر واري، خليفي صاحب
جي معتقد ٿي ۽ وڏو خير جا ڪم ڪيائين. ٦- جمعدار
اسحاق ۽ جمعدار جامين (يامين)، ڏونگر گام
(ڀائونگر) جا. ٧- بيگ محمد شهر پاليتانا جو. ٨-
جمعدار لله رکا ۽ سندس پٽ عبدلله، جمعدار ڪامل ۽
جمعدار موجو ’تانيا‘ (رياست ڀائونگر) جا. ٩-
جمعدار لعل محمد ’ڀاڻ وڙ‘ (رياست ۽ ڀائونگ) جو.
١٠- يوسف زري والا، شهر ليمبڙي (رياست ليمبڙي) جو.
١١- عثمان بن تار محمد شهر موربي (رياست موربي)
جو. ١٢- نور محمد مومنا، شهر واڪناير (رياست واڪانير) جو. ١٣- جلا ڀڳت شهر ويرپور (رياست ويرپور) جو، جيڪو خليفي
صاحب جي صحبت ۾ مسلمان ٿيو. ١٤- امو ميان ۽ جمو
ميان ذات جا دل ’کيرالو‘ (رياست بڙودي) جا. ١٥- هڪ
ميمڻ سيٺ ’امل سار‘ (لڳ بمبئيءَ) جو، جنهن جي
اولاد مان پوءِ موسيٰ ميمڻ ٿيو. انهن کان سواءِ
راجڪوٽ، پوربندر، منگرول ۽ رياست
ڀائونگر جا ڪيئي ڳوٺ (خصوصا ڏونگر گام، تاتنيا،
آسراڻا ننڍا ۽ آسراڻا وڏا، ڇاپريون، ٻيڙا، ليکاڙا،
موا، وڪٽر بندر) توڙي پاليتانا ۽ رياست بڙودي جا
ڪيترائي ڳوٺ سربستا مريد ٿي جماعت ۾ شامل ٿيا.
خليفي صاحب پنهنجي مڙني معتقدن کي قادري سلسلي جو
ذڪر ڏنو ۽ درگاه حضرت پير صاحب پاڳاري ڏانهن متوجه
ڪيو. باوجود وڏي اثر رسوخ جي پاڻ پير ڪونه بنيو ۽
پاڻ کي هميشه درگاه جو خادم ۽ روضي ڌڻيءَ جو خليفو
سڏايائين. ان جماعت جي استدعا تي جناب شمس
العلماءُ پير صاحب شاه مردان شاه (ڪوٽ ڌڻي)
ڪاٺياواڙ ۽ گجرات طرف سفر ڪيا ۽ ويندي پاڪستان جي
قيام تائين پير صاحب پاڳاري جي جماعت جو اهو سلسلو
۽ نظام اتي جاري رهيو.
ڪاٺياواڙ ۽ گجرات طرف خليفي صاحب جو تبليغي سلسلو
جناب حضرت روضي ڌڻي رحه جي وفات (١٢٣٣هه) بعد شروع
ٿيو ۽ اندازا ٢٥ سال جاري رهيو. جناب پير صاحب
صبغت لله شاهه جي عملي ۽ مجاهدانه زندگيءَ واري
نظريي خليفي صاحب
جي هن ڪوشش کي ڪامياب بناوي ۽ جناب پير صاحب جن جي
سجاده نشينيءَ واري تيرهن سالن جي عرصي
(١٢٣٣-١٢٥٦هه) ۾ ڪاٺياواڙ ۽ گجرات طرف انهيءَ
تبليغ ۽ تلقين جا بنياد پختا ٿيا.
زندگيءَ جو ٽيون دؤر
رمضان ١٢٤٦هه ۾ مجاهد اول پير صاحب صبغت لله شاهه
وفات ڪئي ۽ کانئن پوءِ سندن فرزند جناب پير صاحب
علي گوهر شاهه صاحب سجاده نشين ٿيو، جو پنهنجي علم
۽ فضل سان گڏ محبت ۽ درد ڀري دل رکندڙ ۽ فقيري حال
ڏانهن مائل هو. ’اصغر‘ جي تخلص سان پنهنجي حال جو
اظهار ڪافين ۾ ڪيائين، جي سنڌي ڪافيءَ جي صنف ۾
معياري حيثيت رکن ٿيون.
سندن سجاده نشينيءَ وقت خليفي صاحب جي عمر پنجاه
سالن کان مٿي هئي ۽ فقيريءَ جي مٿس موج هئي. خليفو
صاحب پنهنجي صورت ۽ سيرت، همت ۽ جرائت،
توڪل ۽ صداقت سببان جماعت ۾ برک هو ۽ انهيءَ ڪري
حضرت پير صاحب جن جو به مٿس خاص راض رهيو. حضرت
اصغر صاحب جن جي صحبت جي فيض، سندن محبت ڀريءَ دل
۽ شاعرانه ذوق کان خليفو صاحب گهڻو
متاثر ٿيو ۽ حضرت پير صاحب جن جي سجاده نشينيءَ
واري دور (١٣٤٦-١٣٦٣هه) ۾ ئي خليفي صاحب پنهنجي
ڪلام جو وڏو حصو چيو ۽ شاعريءَ جي سلسلي کي اوج تي پهچايو.
١٢٤٩هه ۾ افغانن جي لشڪر شڪارپور ۽ سکر کان سنڌ تي
چڙهائي ڪئي ۽ آخر کرڙيءَ ۾ سنڌ جي دفاعي لشڪر تي اجرائت
حملو ڪيو، جنهن ۾ سنڌ جا ڪيئي ڪونڌر ڪسي ويا. همت
۽ جرائت، وطن جي حب ۽مردانگي خليفي صاحب جي سرشت ۾ سمايل هيون. هن
حادثي سندس طبيعت تي اڏو اثر ڪيو، جو وطن جي انهن
سر ويچ سورهين کي جسن ڏيڻ لاءِ ’سر ڪيڏارو،
جوڙيائين. ان بعد سن ١٢٥٤هه ۾ ’سسئي پنهونءَ جو
داستان‘ سرائڪي زبان ۾ جوڙي راس ڪيائين. هن عرصي
ڪاٺياواڙ ۽ گجرات طرف سندس سفر جاري رهيا ۽ خود
سسئيءَ جو داستان شهر ڪوٽ رامود (رياست ڪوٽڙو
سانگهاڻي، ڪاٺياواڙ) ۾ ٢٥- ذوالقاعده سنه ١٢٥٤هه ۾
پورو ڪيائين.
سنه ١٢٥٩هه ۾ سنڌ تي انگريزن غاصباڻو قبضو ڪيو.
وطن جي آزاديءَ جي خاتمي هن وطن دوست جي عملي
زندگيءَ تي پڻ وڏو اثر وڌو. سنڌ جي اندروني حالتن
سببان في الحال سندس ڪاٺياواڙ ۽ گجرات طرف وارين
مسافرين تي اثر پيو ۽ خليفي صاحب جو اڪثر وقت سنڌ
۾ پنهنجي اهل و عيال ۽ فقيرن درويشن جي صحبت ۽
حضرت پير صاحب جن جي زيارت ۽ خدمت ۾ گذرڻ لڳو.
|