خليفي صاحب هن ميدان ۾ مڙني کان اڳتي وک وڌائي.
جيتوڻيڪ سنڌ ۾ سرائڪي شاعريءَ جي ابتدا کانئس اڳ
ٿي ۽ سندس وڏن معاصرن سرائڪيءَ ۾ سهڻو ۽ پختو شعر
چيو، مگر سنڌ ۾ سرائڪي شاعري خليفي صاحب جي ڪلام ۾
پنهنجي پوري اوج کي پهتي. سندس رسالي ۾ ’سر جوڳ‘ ۽
’سر جهنگلو‘ ٻئي سرائڪي زبان
۾ پختي شاعريءَ جا عمدا مثال آهن. ’هير ۽ سندس
ماءُ جي سوالن جوابن وارا بيت‘ (ص ٢٢٠-٢٢٥) خليفي
صاحب جي سرائڪي زبان ۾ قادر الڪلاميءَ جي ساک ڀرين
ٿا. انهن بيتن سنڌ ۾ سرائڪي شاعريءَ جي هڪ نئين ۽
دلپذير اسلوب بيان جو بنياد وڌو، جنهن کان پوءِ
حسين فقير ديدڙ، حمل فقير لغاري، شاه محمد ديدڙ ۽
ٻيا متاثر ٿيا. خليفي صاحب جي مثنوي ’سسئي –
پنهون‘، لطف عليءَ جي ’سيف الملوڪ‘ بعد سرائڪيءَ ۾
اعليٰ شاعريءَ جو هڪ شاهڪار آهي، جنهن کي پوءِ سنڌ
۾ خواه سنڌ کان ٻاهر ٻئي ڪنهن به شاعر سرائڪيءَ ۾
منظوم
داستان کي انهيءَ معيار تي نه پهچايو.
ٻين
مقامي ٻولين مان، روحل ۽ مراد، هندي ۽ هندي – آميز
مارواڙي محاوري ۾ شبد ۽ ڀڄن وغيره چيا ۽ سچل قدم
اڳتي وڌائي ’اردو‘ ۾ غزل چيا. خليفي صاحب نج ڍاٽڪي
محاوري ۾ ’سر ڍولو – مارو‘ ڳايو، جو ان محاوري تي
سندس ملڪي ۽ عبور تي شاهد آهي. ازان سواءِ خليفي
صاحب هندي توڙي صاف اردو ٻنهي زبانن جي مختلف صنفن
۾ شاعري ڪئي. رسالي
۾ ’سر بيراڳ هندي‘ هندي دوهن جو معياري مثال آهي.
سندس ريخته (سکهي ري مين کسي سنگ بهيجونگي
سنديسوا، ص ٢٥٦)، راڳن جا ٻول (ص ٢٥٨)، ٽپه
(ص٢٦٠)، راسوڙه (ص٢٦١) سهرا ۽ ڀڄن (ص٢٦٢-٢٦٣) ۽
هوري (٢٦٤)، هنديءَ جي دلپذير رنگ ۾ رچيل آهن، ته
مثنوي، مناجات ۽ غزليات (ص٢٤٢-٢٥٥) اردوءَ ۾ چيل
آهن. نه صرف ايترو پر خليفي صاحب سنڌي وائيءَ کي
پڻ پهريون ڀيرو اردوءَ جو لباس ڍڪايو (صه٢٥٥).
’مثنوي در سلوک نکته توحيد‘ (٢٤٢-٢٤٣) خصوصا صاف ۽
روان رادوءَ جو هڪ سهڻو نمونو آهي. جيتوڻيڪ خليفي
صاحب خالص سنڌي روايت جي پيروي ڪئي ۽ فارسي
شاعريءَ ڏانهن خاص توجه ڪونه ڪيو، ته به فارسي
مصراعون سندس ڪلام ۾ جنس طور موجود آهن.
بهرحال ڀٽائي ’صاحب کان پوءِ واري دور جي شاعرن
مقامي ٻولين ۾ شاعريءَ جي جيڪا نئين روايت قائم
ڪئي، تنهن ۾ خليفي صاحب وک وڌائي رکي: هن سلسلي ۾
سندس معاصرن جا مڙيئي مختلف تجربا، هڪ خليفي صاحب
جي ڪلام ۾ وڌيڪ ڪاميابيءَ سان چمڪندا نظر اچن ٿا.
موسيقي ۽ شاعري:
سنڌي شعر جي ڪهني صنف ’وائي‘ يا ’ڪافي‘ سرتاپا
لئي ۽ الحان آهي ۽ ترنم ان جي جان آهي. در حقيقت
صحيح معنيٰ ۾، ’شاعري‘ ۽ موسيقي هڪ ٻئي جو لازم
ملزوم جز آهن: موسيقي آواز ۾ شاعري آهي ته شاعري
الفاظ ۾ موسيقي آهي. شاعري ۽ موسيقيءَ جو اهو جوڙ
شاهه
جي ڪلام جو لازمي
جز آهي، اهو اِن ڪري جو شاه صاحب فطري شاعر هو ۽
شاعري ۽ موسيقي سندس حساس طبع جا لازم ملزوم جز
هئا. شاهه عبداللطيف شعر ٺاهيو ڪونه، بلڪ شعر
ڳايو. کيس اها پوري ڄاڻ هئي ته شعر ڳائڻ لاءِ ئي
آهي ۽ انهيءَ ڪري ئي خاص پنج تارو طنبورو تجويز
ڪيائين ۽ پنهنجي ’راڳ‘ جي مخصوص روايت جو بنياد
وڌائين. شاه صاحب ڪلاسيڪي موسيقيءَ ۾ عوامي
موسيقيءَ جو روح ڦوڪي، نه صرف راڳ جي رسمي روايت ۾
هڪ انقلاب آندو، بلڪ راڳ جي هڪ نئين ۽ صحتمند
نظريي جو بنياد وڌو.
شاه صاحب کان پوءِ واري دور جا شاعر راڳ جي رسم
کان باخبر هئا، ۽ فقير محمد صديق پنهنجي توڙي سندس
حلقي جي فقراءَ جي ڪلام کي ’راڳنامي‘ جي نالي سان
مرتب ڪيو. مگر خليفي صاحب جي ڄاڻ محض ’راڳ جي رسم‘
تائين محدود نه هئي: شاعرانه شعور، لئي ۽ ترنم
سندس طبع رسا جا فطري جز هئا: ”اي تن ڪيتم ساز
طنبورا، ڀيرم راڳ رلايان ريکان‘ (ص ٢٢٨). سنڌ ۾
توڙي ڪاٺياواڙ ۽ گجرات طرف خليفي صاحب وٽ هميشه
ڪچهرين جا منڊل متل هوندا هئا. بڙودي جي گائڪواڙ
طرفان خليفي صاحب جي مهمانيءَ وقت راڳ جي محفلن جو
خاص انتظام ٿيندو هو. خليفي صاحب جي طبعي ذوق
سببان پير صاحب ڳاپاري جي جماعت ۾ ’جماعت جي راڳ
جو بنياد پيو. خليفي صاحب جي انهيءَ طبعي رجحان ۽
راڳ جي ڄاڻ جا اهڃاڻ سندس ڪلام ۾ پڻ نمايان طور
نظر اچن ٿا:
سر سڀيئي سڦرا، پر خاصو سر کنڀار
(کنڀات)
الف آيو اڄ، گن گويو گرنار ۾
(سورٺ)
قاسم جنتر هاٿ مين لي کر، گائون گن کي گيت
(بيراڳ ندي، ڀڄن)
ايڪلتارو تال سان، ويهي هت وڄاءِ
(رامڪلي)
تال طنبورا تان، لڳا ڪينجهر ڪنڌيين
(ڪاموڏ)
کون باجي، کون بجي بجيا، کون ناچي تها تها تهيا،
کون گاوي تان گويا، کون قاسم! کون ساز!
(وائي ص٢٥٥)
تال مول سيکهه لي قاسم، بجتا کون بجاتا کون
(بهجن صه٢٦٣)
’تال‘ بنا سکڻ جي ئي فطري طور ’قاسم‘ (خليفي صاحب)
جي طبع
۾ سمايل هو. ’سسئي پنهونءَ جي داستان‘ جو هيٺيون شعر جنهن ۾
مرليءَ جي تال جو ٻول شاعرانه شعور جو جز بنيو
آهي، سو انهيءَ حقيقت تي شاهد آهي:
وڄي مرلي ڌنڪ ڌن تال پرتال
وڙهيا جوڳي سيه واسينگ دي نال
سر سورٺ جي هيٺين مصرع ساک ڀري ٿي ته خليفي صاحب
کي ڪلاسيڪي موسيقيءَ جي ڪافي ڄاڻ هئي. ٻيجل متعلق
چيل آهي ته:
آلاپيائين اوچتو، ڀيرم راڳ ڀڀاس
’ڀڀاس‘ بيش ڀيرم (ڀيرؤن) ٺاٺ جي راڳڻي آهي:
’ڀيرؤن‘ جا ٻه سر ’مڌم‘ ۽ ’نکاد‘ ڪٽبا ته ڀڀاس
راڳڻي ٺهندي. انهن اندروني شهادتن جي علاوه، ملاري
ڪانري، ججونتي ۽ داره جا ٻول (استائي ۽ انتره
سميت) جي خليفي
صاحب خاص طور منظور ڪيا آهن. (ص٢٥٨-٢٥٩) سي
موسيقيءَ جي فن بابت سندس حسن ذوق ۽ ڄاڻ تي پڌرا
شاهد آهن. راڳ جو ايتري قدر عملي ذوق ۽ علمي ڄاڻ
ڀٽائي صاحب بعد وري خليفي صاحب جي شعر ۾ نمايان
آهي ۽ هن دور جي ٻين شاعرن
وٽ نسبتا ڄڻ ڪه ناپيد آهي.
وطنيت:
گذريل تاريخي دور ۾ وطن جي حب اهل سنڌي جي اخلاق ۽
ڪردار جي هڪ نمايان خصوصيت هئي، ۽ اهي سورهيه جي
سنڌ خاطر سر ڏيئي سرها ٿيا، تن کي سنڌ جي سڄاڻ
سگهڙن توڙي شاعرن
دل کولي ڳايو. ’دودي چنيسر‘
جو رزميه داستان انهيءَ سلسلي جو آڳاٽو آثار آهي.
ميين شاه عنات ۽ خصوصا ڀٽائي صاحب، بعد ۾ ’مارئيءَ
جي داستان‘ ذريعي حب
الوطنيءَ جي روايت کي نئين سر اجاريو، کانئن پوءِ واري گروه جي
شاعرن پڻ مارئيءَ جي وطن لاءِ حب ۽ محبت واري
مضمون کي وري ورجايو، مگر انهيءَ مضمون جي علاوه
سڌو سنئون ۽ خالص وطنيت جي جذبي هيٺ جن شعر چيو،
تن مڙني ۾ خليفي صاحب جو مقام بلند آهي، ڇاڪاڻ ته
هن ’سر ڪيڏارو‘ محض سنڌ جي سورهيه سپوتن کي جسن
ڏيڻ خاطر ئي جوڙيو.
سنڌي شاعريءَ ۾ ’سر ڪيڏاري‘ جو روايتي مضمون ڪربلا
جو قضيو ۽ امامن سڳورن جي شهادت آهي ۽ احسان فقير
لانگاه غالبا پهريون شاعر هو، جنهن پنهنجي
’ڪيڏاري‘ ۾ شهادت جي مضمون کي چمڪايو. بهرحال ديني
جذبو ۽ روحاني عقيدت ’ڪيڏاري‘ ڳائڻ لاءِ مکيه
محرڪات بنيا.
فقير محمد صديق ۽ خليفو نبي بخش صاحب غالبا پهريان
شاعر هئا، جن ڪيڏاري جي مضمون ۾ جدت پيدا ڪئي.
’شهادت‘ واري مرڪزي نقطي کي برقرار رکندي، هنن
ٻنهي بزرگن خاص طرح سنڌ جي شهيدن کي ڳايو: فقير
محمد صديق ’جهوڪ‘ جي عارف صوفي شاه عنايت رحه جي
شهادت کي ڳايو، ته خليفي صاحب وري سنڌ جي لشڪر جي
انهن سورهيه ۽ سرويچ سپاهين کي ڳايو، جي ’کرڙيءَ‘
جي جنگ ۾ شهيد ٿيا. البته فقير محمد صديق جي
ڪيڏاري لاءِ محرڪ جذبو پنهنجي مرشد گهراڻي سان
روحاني ارادت ۽ عقيدت هو، جو شهادت جي واقعي کان
ڪم از ڪم پنجاه سال کن پوءِ
مرشد سان محبت ۽ عقيدت خاطر ئي ’ڪيڏارو‘ چيائين.
ان جي برعڪس خليفي صاحب محض سنڌ سان محبت ۽ وطنيت
جي جذبي هيٺ ڪيڏارو چيو. ’کرڙيءَ‘ جي جنگ ١٢٤٩هه ۾
لڳي ۽ ان وقت خليفي صاهب جي عمر ٥٩ سال کن هئي.
سنڌ جي اميرن
حاڪمن جي سرداريءَ واري عهدي کان هو ٽيهه سال اڳ
سبڪدوش ٿي چڪو هو ۽ هن وقت دنيا جي معاملن کان دور
۽ فقيري رنگ ۾ رتل هو. ارادت ۽ عقيدت ۾ هو هينئر
همه تن پير صاحب پاڳاري جي درگاه ڏانهن متوجه هو.
باوجود انهيءَ يڪسوئيءَ ۽ يڪجهتيءَ جي، سنڌي جي
محبت ۽ وطنيت جي جذبي کيس کرڙيءَ واري واقعي ڏانهن
متوجهه ڪيو ۽ اهي دلير مرد جيڪي افغانن جي حملي
آور فوج سان آخري دم تائين مقبالو ڪندي شهيد ٿيا،
تن جي ناموس ۽ سنڌ جي سرفرازيءَ خاطر سر ڪيڏارو
جوڙيائين. هن سر جي شروعات ئي حملي آور شاه شجاع
کي تنبيهه ۽ سنڌ جي باشندن جي سرفرازيءَ ۽
سربلنديءَ جي تصديق سان ٿئي ٿي:
شجاع! سند م ويهه، اوڏا اڏي نجهرا،
هيءَ تني جو ڏيهه، حامي حيدر جن جو.
---
شجاع ويهه م سنڌ، اوڏا اڏي نجهرا،
هتي روات رند، وتن قلعي ڪوڏيا.
سنڌ ۽ سنڌ جي عوام سان خليفي صاحب جي خاص محبت
هئي. هو پاڻ هڪ ننڍڙي ڳوٺ جو رهاڪو هو ۽ روحاني
ترقيءَ ۽ اخلاقي بلنديءَ جي تبليغ خاطر عوام سان
ڪافي وڏي پيماني تي سندس گهاٽو تعلق رهيو، جنهنڪري
کيس عوام جي افلاس ۽ غربت جو احساس ٿيو انهي احساس
۽ همدرديءَ جو اظهار هيٺين بيتن ۾ جيتري قدر واضح
۽ زوردار لفظن ۾ ٿيل آهي، اوترو سندس همعصر گروه
جي ٻين شاعرن جي ڪلام ۾ نمايان ناهي:
آءٌ سو سارنگ ساريان، جو بکين لاهي بک،
آب پياري اڃڙيين، ڏکين سڃي سک،
مٿان دلين دک، وسن سڀئي ميٽيا.
(سارنگ)
---
صبر شڪر ميٺ، مون مورائين نه وڻي،
بکئي جهڄهي جندڙو، ڍايل کنهي پيٽ،
جان هونديس ڀون هيٺ، جان قاسم ڀيڙي ڪيچئين.
(سسئي)
ٽالپوري عهد جي پوئين دور ۾ وياج خور واڻيي سنڌ جي
هر وسينءَ ۽ واهڻ توڙي ڳوٺ ۽ شهر ۾ پنهنجي
سرمائيداريءَ جو ڄار پکيڙي مزور، ڪاسبي، هاريءَ
توڙي ننڍي کاتيدار ۽ زميندار جي اقتصادي خوشحاليءَ
کي ختم ڪري ڇڏيو هو. خليفي صاحب کي انهيءَ ابتر
حالت جو احساس ايتري قدر شدت سان هو، جو سرمايه
دار دڪاندارن کي ڌاڙيلن کان بدتر ٿي سمجهيائين ۽
ڌاڙيلن جي سنئين سڌي ڦر کي انهن سودخورن جي ڳجهي
ڦر کان بهتر ٿي ڀانيائين: ”ڪارو منهن ڪرار، ساڳاين
منهن سنرا.“ سر ڏهر جو فصل-٢ (ص١٥٧) انهيءَ معنيٰ
۾ خاص خليفي صاحب جي انفرادي تخليق آهي. بهرحال
سنڌ ۽ سنڌ جي عوام سان محبت ۽ وطنيت جي جذبي سان
لبريز وطن دوست شاعر جي حيثيت ۾ خليفي صاحب جو
درجو سندس مڙني معاصرن ۾ مٿڀرو نظر اچي ٿو.
حال ۽ قال جي انفراديت: ڀٽائي صاحب کان پوءِ واري
دور جا شاعر ڀٽائي صاحب کان گهڻي قدر متاثر ٿيا.
ڀٽائي صاحب سج ٿي اڀريو ۽ روز روشن ڪري ڇڏيائين.
انهيءَ چٽي ڏينهن ۾ ئي پوين شاعرن اک کولي ۽
انهيءَ اهاءِ جي پرتون۽ ڇانون واري جنسار ۽ جلوه
گريءَ مٿن شعوري توڙي لاشعوري اثر وڌو. البت
منجهائن هر هڪ جي
زندگيءَ ۽ خيالات تي سندس مخصوص ماحول جو رنگ چڙهيو ۽ منجهائن هر
هڪ
جي ڪلام ۾ ڪي امتيازي خصوصيتون نمودار ٿيون.
پنهنجن ٻين معاصرن وانگر خليفو صاحب پڻ لطيف جي
سرچشمي مان سرشار ٿيو، مگر پنهنجي حال ۽ قال جي
انفراديت سان هو پنهنجي معاصرن
۾ ممتاز ٿيو.
ڀٽائي صاحب جي خيال جي بلندي ڀٽائي صاحب تائين
محدود ٿي ۽ ڀٽائي صاحب جي فصاحت ۽ بلاغت پڻ ڀٽائي
صاحب سان ئي مخصوص ٿي. پوئين دور جي شاعرن مان هر
هڪ انهيءَ ڀنڊار مان پنهنجي
ٿانءَ
آهر ڀاڱو کنيو ۽ خليفي صاحب کي البته ڀرپور ڀاڱو
مليو. ڀٽائي صاحب کان اڳ ميين شاه عنات پنهنجي
ڪلام ۾ نوان مضمون نروار ڪيا ۽ نهايت سهڻي سليقي
سان انهن کي نباهيو. اهو ڀٽائي صاحب جو اعجاز هو،
جو انهن مضمونن کي اجاري اڇو ڪيائين ۽ انهن ۾ نت نوان نڪات پيدا ڪيائين.
انهن ساڳين مضمونن کي جڏهن کانئس پوئين دور جي
شاعرن ورجايو
ته معنوي لحاظ سان گهڻي قدر ڄڻ محض انڊا ڀريائون.
سندن ڀيٽ ۾ خليفي صاحب پنهنجي ڪلام ۾ وڌيڪ ندرت ۽
نزاڪت پيدا ڪئي، ڀٽائي صاحب وارن سرن مثلا، ڪلياڻ،
سارنگ، مومل راڻي، مارئي، رپ، گهاتو وغيره کي ٻين
شاعرن ۽ خليفي صاحب جي چيل ساڳين سرن جي بيتن ڀيٽڻ
سان اها حقيقت پوريءَ طرح واضح ٿئي ٿي. ٻوليءَ جي
استعمال ۽ اسلوب بيان جي دلپذيريءَ جو به ساڳيو
حال آهي. ڀٽائي صاحب جي
بيتن
۾ لفظ بدلائڻ محال آهي. کانئس پوءِ واري دور جي
شاعرن جي ڪلام ۾ بيان جي نزاڪت انهيءَ پايي تي
پهتل نه آهي، سندن ڪي ٿورا بيت نهايت سهڻا سٽيل
آهن، پر گهڻن ۾ اصلاح جي گنجائش نمايان طور نظر
اچي ٿي. نسبتا، خليفي صاحب جي جملي ڪلام ۾ فصاحت ۽
بلاغت جي لهر يڪسان موجود آهي ۽ پڙهندڙن جو خيال
اصلاح طرف ڪو ورلي ويندو. فڪر جي انفراديت، خيال
جي عبقريت ۽ موسيقيءَ ۽ ترنم جي صلاحيت سببان
خليفي صاحب جو ڪلام معنيٰ توڙي اسلوب بيان جي لحاظ
سان وڌيڪ چمڪندو نطر اچي ٿو.
بهرحال، قدري تفصيلي ۽ تنقيدي جائزي جي بناءَ تي
انهيءَ نتيجي تي پهچجي ٿو ته: شاهه
عبداللطيف سنڌي شاعريءَ جي آسمان ۾ سج ٿي اڀريو،
جنهن جي پرتوي جي آب ۽ تاب کان اڪثر پويان شاعر
ذرن مثل چمڪيا، مگر خليفي صاحب جو شمار انهن
نامورن شاعرن ۾ آهي، جي چنڊ ٿي اڀريا: بلڪ خليفي
صاحب پنهنجي بلند حوصلي، فڪر جي يگانگت ۽ اسلوب
بيان جي دلپذيريءَ سان ڄڻ چوڏهينءَ جو چنڊ ٿي
چانڊاڻ ڪئي.
خادم العلم
نبي بخش بلوچ
سنڌ يونيورسٽي، حيدرآباد
٢٦ ذي الحج ١٣٨٥هه
(١٨- اپريل ١٩٦٥)
مــــتــن
خليفي نبي بخش جو رسالو
سر ڪلياڻ
فصل پهريون
]١[ هڪ هٿ ۾ وٽڙي، ٻئي هٿ ۾ ڪات
وجهن ڪرٽ ڪپار ۾، هت ناهي ريت رکات
سودو هاٿو هاٿ، قاسم! ڪج ڪلال سان.
]٢[ پِرين جي پڇن، ڪاتِي پڇي تن کي
عاشق ڪري ڪترا، ٻئا وجهي اي ٻن
وڍيائـِي وهسن، جي ڪوٺي ڪٺا سڄڻين.
]٣[ جي ڪوٺي ڪٺا سڄڻين، راول روبَروءِ
جيرا بُڪيون تن جا، لهسيا پهرينءَ لوءِ
]٤[
قاصائڪو ڪم ُ ڪنهن کؤن سکئين سپرين
هڏ چچيريو چم ُ، ڪاٽيو ڪريين ڪترا
]٥[ ڌڪن مٿي ڌڪڙا، چانور چکن جِينءَ
مهريون معشوقن جون، تون پڻ سهجِ تينءَ
نگهن وجهي نينه، ڇڙيو ڇڳيرن کي.
]٦[ جان اڳئي م آءُ، اچين تان م وريج
سيڱون جي سيڻن جون، سيني منجهه سهيج
ڪنهين ڀت، قاسم چئي، پئي مچ مريج،
سندي سيڻن سيج، مري جيءُ ته ماڻئين
وائي
درد طبيبُ دارون ڏيندو، حال حبيبُ دارون ڏيندو،
دارون ڏيندو، مون گهر ايندو.
١. پاڻ ڀلائي سپرين، ننگ نڀائي نيندو
٢. احمد عاصيڙن جو، لاشڪ شافـِع ٿيندو
٣. ڪهه ۾ قاسم ڪارڻي، ڇّنان تان نه ڇڏيندو
v
فصل ٻيو
]١[ مٿا ماٽيءَ وٽ، ڪالهه ڪلالن ڪاٽِئا
ڪلالاڻي ڪات
کي، ڪهندي چڙهي نه ڪٽ
قاسم
اِن ڪڪوهه جو، گهٽ گهٽي ٿو گهٽ
مٿي سري سٽ، آهي عاشقن جِي.
]٢[ وڍ وڍيندي لاه، موکي! مهنجو مٿڙو
مٿو مٽ مٿاه، مون گهران ئي گهورئو.
]٣[
مٿو مٽ نه مٽ جو، مٽ مهانگو آه
قاسم ڪج ڪلال! تون ڪهندي ڪٿ م ڪا
سـِر سنڀايم سپرين! توڙئون تو هي لاءِ
صدقو ڪريان ساه، پـِيئندي پِهرين پِڪ تان.
]٤[
سڌڙئا سڌون ڪن، سدا مند شرابَ جِون
قاسم
ڪڙي ڪڪوه جو، ترو نه ڇتو تن
جِيءَ ڪڙا ڪئا جن، پـِيتِيون تن پياليون
]٥[ سوٺي سڃيائون، مٿا مٽ ڌڻيءَ کي
قاسم! سنت شيرڻيون، ”آءُ“ ”تون“ آڇيائون
وڍي وڌائون، هئڻ سندا هڏڙا.
وائي
سو ٻاروچو آيو، جنه لاءِ جڳ سڪايو
١. جِيڙو منهنجو جيڏيون، گهور جهينجڙي گهايو
٢. آسر لڳي جن جي، ويٺڙي مون واجهايو
٣. بابو بيبي فامطه، مونکي جنهن مرڪايو
٤. پنهون پاجياڻيءَ تي، لائق ٿورڙو لايو
٥. قاسم ڪنيزڪ سان، نوشه نينهن نڀايو.
v
فصل ٽيون
]١[ ڪاري وڌو ڪالهه، وه مٽ ۾ وترو
ڪوڙين قاسم ڪيترا، ڪئڙا زهر زوال
ڪوٺي اِن ڪلال، ميخاني ۾ مارئا.
]٢[ ڪارا، پِيرا، ڪمرا، تن واسينگن ويا
موکي سندي مٽ تي، اچي پرڙ پِئا
قاسم اِن ڪڪوه ۾، گڏجي وه ويا
جن ڪڙا سر ڪئا، پـِيتِيون تن پِياليون.
]٤[ سر ڏنائون سٽ ۾، جام پيتائون جال
قاسم ڪاهه ڪلال، پياري پر ڪئا.
]٥[ سوري مٿي سيجڙي، آڏيءَ مٿي انگ
ديڳين ڪڙهن دوڳڙا، منجهه ڪڻاه ڪرنگ
قسم ڪيسر رنگ، وه پيتائون وٽيين.
v
فصل چوٿون
]١[ ڪوٺي جن ڪلال، وڏا طالع تن جا
وٽِي پر وصال، ترت پياري تن کي.
]٢[
ڪوٺي ڪهي جن کي، سڏي سڃي سور
پيالا پنج – تور، پوڄ پياري تن
کي.
]٣[
ڪٺا جي ڪلياڻ، وڏا طالع تن جا
پير مغان جي موهيا، متارا ميخان
پيتائون پر ٿئا، منجهان دنگ دڪان
بيخود ڪئا خمخان، قاسم ڪوثر گڏئا.
]٤[
ڪٺا جي ڪلياڻ، وڏا طالع تن جا
موتوا قبْل ان تموتوا، مري لڌائون مان.
صوفي سي سلطان، جي لاحد حد ۾ آئيا.
]٥[ لاحد حد ۾ آئيا، حد سوٺائون هنڌ
اِهدنا الصراط المستـِقيم، اِي ُ
پِياڪن پنڌ
نيڻ
نشي سين واڳئا، سيني منجهه صمد
متارا ۽ منڌ، هر دوئي هيڪ ٿئا.
]٦[ صوفي صلح سڀ سان، جِهت جاءِ نه ڪا
الصوفي لا مذهبَ له، اتواحمد شاه
فاينما تولــُوا فثم َ وجه الله،
چوڏس نور نگاه
مڇڻ پسين ماء، قاسم ڪٽر ماڻيين.
وائي
*
مون تان منهنجا پِير! لائـِق لاهه م هٿڙا
١. شگهو موٽـِج سيد! آوکيءَ وير آمير،
٢. اوکـِي عاصـِيڙن کي، شاه لنگهائج سير،
٣. توڙان آهيان تنهنجو،
داِئم
دامنگير،
٤. ڪوڙين ڪـِيڙم ڪيترا، قاسم لک ڪبِير.
|