فصل چوٿون
]١
[ پِره ڦٽندي ڦار، وڌيم ويڙهيچن لاءِ
لاتقنطوا من رحمة الله، ڏنو سڏ ستار
اِن آيت جي آڌار، ويٺي پڇان پيڙا.
] ٢
[ پڇي پڇي پيڙا، ويئـِي وهامـِي راتِ
الله! سيئي آڻئين، تن جنـِي جـِي تاتِ
پهنواريون پِرڀاتِ، اچــِي چڙهيون چــِت
تي.
]٣
[ چڙهي چـِتِ چڙي، جا ٻري ٻڪر ڳلڙين
عمر آجڙين ري، گهاريان تان نه گهڙي
ڌوئي سينڌ ڌڙي، ڪينءَ مــر ماروءَ ري
لاهـِيان!
]٤
[ هتي هيس جن سان، هـِتي سو ڏٺوم
اچـِي عمرڪوٽ ۾، مارو منهن پـِئوم
جو ڌڻارن ڌوتوم، سو مينڍو ميروم ٿئي.
]٥
[ ماروءَ مـِٺي وات، سهڻي ۾ سڏ ڪـِئو
جِيس جيڪس آئـِيا، ڀانيم ڀــِنيءَ رات
پسان جان پرڀات، ته جسو زنجيرن ۾.
]٦
[ ڏنگ وڙنگا ويڻ، اڳ نه سٺا اجڙيين
توڙئون تجارن کي، سانگي ڪن نه سيڻ
ننهن سر ٺــرن نيڻ، جي پسان منهن پهنوار جو.
]٧
[ عمر! آڇِ م سا، جامت ماروءَ نه وڻي
مڇڻ منهنجي ما، منهن مٿانهون نه کڻي.
]٨
[ عمر! آڇِ م اڄ، جا متِ ماروءَ نه وڻي
مڇڻ مران لڄ، صبحِ سنجـِهه سرتئين.
]٩
[ عمر! اباڻا، مون مٿي تي مڃـِيا
اينڌو عالم ڀانئيان، سانگي سڃاڻا
وڃي ڪريان ويڙ ۾، واريءَ وڇاڻا
کائـِي کوماڻا، موهر ڌڻي موٽـِيا.
]١٠
[ ٿي سياري سـِٽ، ٿــر ممولا آئيا
عمر منهنجا مٽ، مينهن وسائي موٽِئا.
]١١
[ ماروءَ منهن ۾ مڪ، مون هٿ ۾ ٽاريون
چونڊيو وجهيم وات ۾، سندا ڦلن ڦڪ
لائونپاسي لڪ، لڌم لوهـِيڙن ۾.
]١٢
[ سوپاريون ساڻيهه جون، مڪيون ماروءَ مير
عمر! پسي ان کي، هنيڙي آئـِي هير
ڪاڪاڻا ڪوڍير، ماکيان مـِٺا ڀائـِيان.
]١٣
[ سوپاريون ساڻيهه جون، اِجهي اڄ آيون
عمــر! پسي ان کي، اکيون ڍئو ڍايون
ٿوهــر ٿــر ڄايون، ويـِٺي ساريان سومرا.
]١٤
[ ستي لڌم سهـِڻو، کٿيءَ ۾ خاصو
لاتقنطوا من رحمة الله، ٿيو دل کي دلاسو
سمـِهي ڏج سنگهار کي، پاسي سين پاسو
سا سڻندي ڳالهڙي، وڍئو وسواسو
چري چؤماسو، موهــر ڌڻي موٽـِئا.
]١٥
[ آيم اجڙوال، ٿاريلا ٿــر ڌڻـِي
لاٿائون
لطف سان، مٿان قيد ڪنگال
مون تي وريا واهرو، لٿو بند بَبال
سڻي سڏ سوال، موهــر ڌڻي موٽئا
وائي
ڪندڙي آءٌ ان ساڻ، ڳالهڙيون جي مون من ۾
١. منهنجو ماروء ڄام سان، ٻڌو جـِيءَ ٻنڌاڻ
٢. ماڙيءَ سندي مون ڌڻـِي، من تان لاهـِ
منجهاڻ
٣. آجو ڪن آسـِير کي، اچــِي مان اباڻ
٤. آءٌ اوريندي ان سان، ويهي منجهه وٿاڻ
٥. قاسم ڪم ڪريم تي، وڌا عبْد اڄاڻ
سر ڌناسري
]١
[ پِير منهنجو بادشاه، ٻيا ڪل قدم زير
هاديءَ هدايت جو، وڌو سڏ سوير
احمد ڏنو عرش ۾، پـِير ڪلهي تي پير
اِبْن عـِلي شير، قاسم منهنجو ڪارڻي.
] ٢
[ پـِير منهنجو بادشاه، ڪل تي قدم سندوس
دادلو درگاه ۾، داور سندو دوس
پِير سندي پابوس، قاسم ڪر ته ابَهين.
پِير سندي پابوس، قاسم ڪر ته ابَهين.
]٣
[ پِير منهنجو بادشاه، ڪل پـِيرن جي پاڳ
ڪامل هٿِ ڪونين جـِي، واليءَ ڏنـِي واڳ
جن مڃئو محي الدين کي، سرئو تن سڀاڳ
لڪـِيءَ - ڌڻـِي لاڳ، قاسم لاٿو ڪل تان.
]٤
[ پِير منهنجو بادشاه، خواجا خاص وزير
عابِد، ولي، اولياء، عالم جا اڪسير
قاسم ڪل ڪبـِير، ڪامـِل منهنجا ڪاٽـِئا.
]٥
[ قدم ڪامـِل پِير جو، مٿي مڃئو جن
وڃِي وحدت گڏيا، وڏا طالع تن
عاشق عيدون ڪن، قاسم وصل واڳــِيا.
]٦
[ ڀليرو بغداد ۾، روهڙيءَ پاس رهڪ
پاڻهي ٿـِئو پاڻ ۾، حقٰ سان واصل حق
شارڪ آڻ م شڪ، هردوئـِي هيڪ ٿـِيا.
]٧
[ قدم ڪامل پير جو، سڀِ تي آه سوار
آهي اڀ زمين ۾، سندي پير پچار
جي آيا سي اگهيا، هتِ ويندي جي وار
هدايت
هزار، حاصل ڪري هلـِيا.
]٨
[ گـِلا گـِيلانـِيءَ جي، ڪندا ڪاذبَ ڪور
هوندا حاويءَ وچ ۾، مٿِن آڳ اتور
سي چاريندا سور، قاسم! شيخ صنعان جان.
]٩
[ لڪيءَ - ڌڻي لاڏڪو، مهدي محِي الدين
عربُ، عجم اِرشاد سين، موهيائين ماچـِين
قاسم سونهن سندين، سورج سلامـِي ڪـِيو.
]١٠
[ سورج ڪئو سلام، قمــر قدم چمـِيا
لالڻ اِن لـِباس ۾، آيو احمد ڄام
ڪري ماد ملام، داور دين جيارئو.
وائي*
لالڻ لو! مون گهر آيو، ڍولڻ لو! مون گهر آيو
١. آءٌ جنهن جي آهيان، ساڻي ٿـِيڙم سو
٢. سو تان اڱڻ آئيو، جڳ ڇٽائيندو جو
٣. سڄڻ گڏئا سڄڻين، هاڻ رقيبا رو
٤. احمد جي اوصاف ۾، قاسم غم نه ڪو.
سر پورب
فصل پهريون
]١
[ لوچي جان لهن، تان سک نه سامـِيڙن کي
جت ڀڳائون ڏينهن کي، ات نه رات رهن
آيل! آديسين، مڙهـِي اڏڻ ميهڻو.
] ٢
[ جا ٿي اڏيائون، سا پٽـِيندي پنڌ ٿِئا
اٿِي آڌيءَ رات جو، ڪن ديوانا دانهون
آديسـِي آهون، ڪندي ويا ڪابُول ڏي.
]٣
[ ڪاهيندا ڪابول ڏي، هـِت نه هوندا هاڻ
لانگوٽين
لاهوت جـِي، تن ۾ تاڻو تاڻ
مڙهيءَ ۾ مهماڻ، ڪو دم هئڙا ڪاپڙي.
]٤
[ ڳوڙهن ڀريو ڳاٽ، پڇان مڙهه مهيسيين
قاسم ڪانوٽين لاءِ، ويٺي گهڙيان گهاٽ
جوڳي وئڙا جاٽ، ٿو اندر آٽي ان لاءِ
]٥
[ ڇتا ڌوڙ ڀڪلـِيا، ميري منهن ملنگ
دنيا ۽ عقبيٰ جو، نانگن ڇـِنو ننگ
وڍي ننگ نـِسنگ،
قاسم هليا ڪاپڙي.
]٦
[ نڪا ماء مهيسيين، قاسم! اد نه ابُ
لم يلد ولم يولد، روح ۾ رهين ربّ
سامين لاءِ سبَبُ، مسببان معبود ٿئو.
]٧
[ مسببَان معبود ٿيو، ويو عبْد، وچا
لا خيــر فـِي العبِيد، اتو احمد شاه
الاانسان سـِري و انا سـِره، قادر ڪلاما
’لا‘ سين ٻـِيائي لاه، آڏي جا الک کي.
وائي-١
جان جان هئڙم پاڙي، جوڳي مون نه سڃاتا
١. ڪالهه وڄائي سڱيون، ويا سوزن سان دل ساڙي
٢. گڏيا گورکناٿ کي، تيرٿ، ويا مڙهه تاڙي
٣. جاڳر جوڳين جا نه پسان، جن ڏيل وڌڙم ڏاڙي
٤. قاسم ڪاپڙين جون، ڪر ڳالهڙيون ڳل ڳاڙي.
وائي-٢
ڪوه ڄاڻان تان ڪيهي وو ڪيهـِي، جِيجان جوڳين
جي من ۾
١. آڌيءَ آديسين کؤن، وره وهايم ويهـِي
٢. مون جهليندي نا رهيا، پورب وئڙا پيهـِي
٣. ستا سور جڳائيا، سڱڙين سڀيئـِي
٤. گڏيا گورکناٿ کي، ناد وڄائي نيهـِي
٥. قاسم ڪانوٽـِين جـِي، ڌوڙ ڀڪلڙي ديهي
فصل ٻيو
]١
[ آن ڪي ويندا گـڏيا، جوڳي چڱيءَ جوڙ
جني مگهٽ موڙ، مون لهه لڳوتن سان.
] ٢
[ آن ڪي ويندا گڏيا، جوڳـِيڙا جامير
جني ڀڳوا ڀير، مون لهه لڳو تن سان.
]٣
[ آن ڪي ويندا گڏيا، جوڳي جيسر مير
جن اگهاڙا پير، مون لهه لڳو تن
سان.
]٤
[ آن ڪي ويندا گڏيا، ميري منهن ملنگ
جن ڇڏيا ننگ نـِسنگ، مون لهه لڳو تن سان.
]٥
[ آن ڪي ويندا گڏيا، نانگا ننگي ڏيل
جن وٽ قال نه قيل، مون لهه لڳو تن سان.
]٦
[ آن ڪي ويندا گڏيا، ڪانوٽيا ڪن چــِير
آسڻ جن عنبِير، مون لهه لڳو تن سان.
]٧
[ آن ڪي ويندا گڏيا، سامي سليدار
جني مهن ملار، مون لهه لڳو تن سان.
وائي
هلو جي نه هلو
جيڏيون! مونکي تان م پليو
١. اديون! منهنجي جان ۾، جوڳين ٻاريو جلو
٢. جِيڙو جوڳـِين واڳـِيو هت ڪرنگهر ٺلو
٣. جوڳي جن جهاريا، ڀاڳ تنـِي جو ڀلو
٤. ڪندي وئڙا ڪاپڙي، قاسم! الو الو
سر آسا
فصل پهريون
]١
[ اڄ ڪيائون عيد، اکيون پِرين گڏيون
ويچارين وصل جـِي، رسي رمز رسيد
مونکي مل خريد، قاسم ڪيڙو سڄڻين.
] ٢
[ عيد نه عيدن جـِهڙي، عجب جـِهڙي آه
رهي نه رتـِيءَ جيتري، وصل ري ٻي واه
آهي منجهه ارواح، اڻ
تڻ اِنهيءَ ڳالهه جـِي.
]٣
[ اکيون اکين گڏيون، هنيان ساڻ هـِنين
هڏ چم راحت رسيو، پنهنجو ڪيو پِرين
ڏسيو لوڪ ڏين، واڌايون وصال جون.
]٤
[ ’الف‘ آڻ اکين ۾، دوئي ’دال‘ م پس
آدم
]سر
الله جو[، ڏسيو ويٺو ڏس
قاسم لٿو ڪس، اندر عشق اجاريو.
]٥
[ اکيون عين اجاريون، لٿو غين گمان
لامڪانـِي لاڏڪو، مـِليو منجهه مڪان
خلق آدم عليٰ صورته، سوئـِي قول سبْحان
سڀوئي سلطان، قاسم! پسم ڪـِين ٻئو.
]٦
[ اکيون عين اجاريون، ويو ڌنڌ وچا
انا احمد بـِلا ميم، ڪيئن رسول جدا
پڙهه پروڙجِ ڳالهڙي، عربي عين سوا
جِهتِ جاء نه ڪا، قاسم! پس م ڪين ٻـِئو.
]٧
[ قاسـِم! پس م ڪين ٻئو، ري ڌڻيان ڌار
فاينما تولوا فثم وجه الله، چوڏس نور
نـِبار
ڪانهي جاء ڪوار، مـِڙوئي مـِٺو ٿئو.
]٨
[ مڙوئـِي مـِٺو ٿـِئو، ڪڙي جاءِ نه ڪاءِ
سڀوئـِي ماکيءَ ساءِ،
چکين جي چيتِ ڪري.
]٩
[ کيندڙ کاڌي خوش ٿـِئي، ڏلهي
نه بخ
ڪيئن ڀربي ڪک، ڪن سڻندي ڳالهڙي!
وائي
آيا مين گهر هادي، سيان! ڏيوو مبارڪ شادي
١. مل مل مومن
ڪرن سلامان، شاه ٻيٺا چڙهه گادي
٢. جو چل آوي، گل ڦل پاوي، باغ جـِها بغدادي
٣. ڪوڙين قاسم در هادي دي، لهندي ڏات بَرادي.
فصل ٻيو
]١
[ جون ســرندي جان مان، ساري ڪڍ سبحان
مڇڻ ڪري مڪان، ويهي وارن وچ ۾.
] ٢
[ جون سرندي جان ۾، هاريا هڏ م ڇڏ
منهن وجهندي
ماه ۾، پوءِ چٻيندي هڏ
جي منڊي ويٺِي مڏ، ته ڪـِنا ڪندي ڪپڙا.
]٣
[ جون ســرندي جان ۾، جڏهين پسين جِتِّ
تڏهين ويهي
اتت،
پسي ڪڍ پليت کي.
]٤
[ سرندي جان ۾، ننڍي ڀانءِ م نيڪ!
ٻيون پڻ اينديون اتهـِين، جـِتي هوندي هيڪ
ڪندي ليک انيڪ، ڪوڙين لک ڪپار ۾.
]٥
[ جون سرندي جان ۾، آهي جِينءَ الک
جي ويٺـِي وارن وچ ۾، ته ليکون ڪندي لک
مٿان ڏنئي مک، ته ڪهڙو اثر ان کي.
]٦
[ جون ســرندي جان ۾، پسين جنهن ڪنهن پر
نظر تيز نگاهڙي، گـِهڙ تنهين جي گهر
جا جون –
ڪڍاري جڳ ۾، ديک تنهين جو در
قدم
بوسـِي
ڪر، نائي سـِر نياز سان.
]٧
[ نائي سر نياز سين، ويهه ويچارو ٿـِيءُ
ته جونئان تنهنجو جـِيءُ، آجو ڪن آزاد
کان.
فصل ٽيون
]١
[ هڪ پِيالو ٻه ڄڻا، پِيڻ ٿِئو پليت
ايئن نه ڪجي ان کي، جيئن ٿڪو منجهه مسيت
ڇڏ ريزالـِي ريت، نينهن نـِهاقين
نه ٿئي.
] ٢
[ هڪ پـِيالو ٻه ڄڻا، عشق نه پرچي اِتّ
مامن ڪيئن مياڻ ۾ ٻه ترارو تت
اِيءَ پر آهي اتِ، جـِت ناتو ناهه ڪو.
]٣
[ هڪ پِيالو ٻه ڄڻا، ته ڪر ناتو نانهه
ٻن پئي سا ٻانهه، جا سڀـِڪو سيراندي ڪري.
]٤
[ سڀڪو سيراندي ڪري، ٻانهه پئي سا ٻن
ڪينءَءِ سيراندي ڪن، عاشق اوائـِيءَ کي.
]٥
[ هڪ پِيالو ٻه ڄڻا، ته ڪر جنگ جدال
ٿئي تان نه حلال، جي پيو شڪ شراب ۾
فصل چوٿون
]١
[ آسا ڇڏ ’الله‘ جِي، در در پِن م دان
پاڻ وڃائي پانهنجو، ثابِت ڪر سبْحان
’ميم‘ ٻڌي سر مولهـِيو، ’الف‘ ٿي اڳواڻ
گولپ جو گمان، قاسم! ڪٽر اک ۾.
] ٢
[ تهه ان مان نـِڱيو، تهه ۾ ان اصل
پوکيو سو پيدا ٿِيو، ذرو ناهه نقل
ڦــر مان سـِرجيو ڦل، ڦل ري ڦــر نه
سپــِجي.
]٣
[ ڪانو اِنبْن ڪڻ جو، ڪانو والد ڪڻ
ايءَ ڳالهه هـِنيين سان هڻ، ته قاسم پسين ’ڪل‘ کي.
]٤
[ مد مانـِي ۾ آئيو، ماني مد سهاءِ
نحن اقربُ اِليه من حبْل الوريد، ڳايو
ويٺو ڳاءِ
سندو شمس شعاع، چوڏس چـِمڪي چنڊ ۾
]٥
[ مد موم سين گڏيو، مد نه مومئون ڌار
خلق آدم عليٰ صورته، آهي ات اِشار
قاسم! ڪند م وار، پس پاڙيچا سپڀرين.
]٦
[ پس پاڙيچا سپرين، پرگهر پير م پاءِ
اکين کي سمجهاءِ، ته پرين پسن پاڻ
۾.
]٧
[ پٺِي ڏي م پِر کي، نڪين سامهون ٿِيءُ
الاِنسان سري و انا سره، هٿان ڇڏ م هيءُ
پِيو ويٺو پيءُ، منجهان ’پاڻ‘ پِياليون.
]٨
[ سج ناسيندي نيڻ، سامهان سڃيا سڄڻين
سورج قمر سرجيو، مد سين گڏيو ميڻ
سو کيندڙ سو کيڻ سو پکي سو پِڃِرو.
]٩
[ سو پکي، سو پڃرو، سوئي سڀِ مور
سوئي آبُ حبابُ ٿئو، سوئي نسورو نور
ڪونهي اتِ قصور، قاسم پس م ڪين ٻِئو.
]١٠
[ سو پِکي، سو پِڃِرو، سوئي ٻولي ٻول
قاسم ڪجِ م پِر جِي، پاڻان پاسي ڳول
منجهه وجود وڙول، ڏج ته ڏسين سپِرين.
]١١
[ مٿو ناءِ من ۾، ڪين پرڀونء پير م پاءِ
انا احمد بِلا ميم، اِيءَ احد هنيين سين
لاءِ
سو تان لاٿو ’لاءِ‘، جو قاسم آڏو ’ڪل‘ کي.
]١٢
[ ’لاحد‘ ’حد‘ ۾ آئيو، ويٺو منجهه وجود
نحن اقربُ اِليه من حبْل الوريد، ’مطلق‘ ٿئو ’موجود‘
پاڻهي پڙهي پاڻ تي، دم دم لک درود
قاسم ڪن سجود، ملڪن آدم مڃيو.
وائي*
جا وڻي سا واه،
هاءِ
منهنجي سڄڻين
١. قلم قادر هٿ ۾، ٻئو سڀ ٺلهڙو ٺاهه
٢. ڪهي ڪامل ڪارڻي، ايندم احمد شاه
٣. جيڪين مڪو سڄڻين، قاسم! پاند ۾ پاءِ
سر ڪارايل
فصل پهريون
]١
[ ڪارايل مون ساڻ،
ڪر ڪالهوڻيون ڳالهڙيون
راتو ڏينهن رهان، سما! تنهنجي ساريان.
] ٢
[ ڪارايل مون وٽّ، ڪر ڪالهوڻيون ڳالهڙيون
فکامان پسيو کٽّ، جنهن سر ڏنئي پيرڙا.
فصل ٻيو
]١
[ آهي اڄّ اداس، اٿيو ڇنڊي پکڙا
وئڙا وڳــر سنداس، هنج هنياري جن سان
] ٢
[ جن سان جِيءَ ٻانڌاڻ، سي اڄ نه آئيا آنهري
ويٺي ڳوڙها ڳاڙيان، قاسم انـِي ڪاڻ
هي سر ڇڏي هاڻ،
ساڪن ٿيا سمونڊ جا.
]٣
[ سر ُ سڃو م ٿئي، هنجهه هميشه هوءِ
پکي توهان پوءِ، وري پيا وماس ۾.
]٤
[ هنجهه
ملي ٿو منجِهه، تري نه تانگهار ۾
جنهن سر پوندو سنجهه، سو سر ڪندو سر هو.
]٥
[ پنج ست ذاتيون پکڻا، چوڏهن چار چون
قاسم منجهان تن، هيرو آندو هنجِهڙي
]٦
[ پنج ست ذاتيون
پکڻا، چوڏهن ۽ چار
هيرو هنجهئون ڌار، جڙي نه ٻي ذات کي.
]٧
[ پدم ذاتيون پکڻا، سوا لک سجهن
قاسم منجهان تن، هيرو آندو هنجهڙي
]٨
[ چار پير، چوڏهن خانوادا، زاهد ۽ علما
ڪشف القبور، ڪشف القلوبِ، قطب، اوتادا
قاسم غوث ملا، ماڻـِڪ مڙن موڙيين
وائي-١
پکي پون ٻِيا، ســر اهي ئي اڳيان
١. هيءُ سر ڇڏي هنجهڙا، وڏي سر ويا
٢. اونهي وئڙا اوهري، للا لعلن لاءِ
٣. شهبازن جي تڪيي، لاتيون ڪن لها
٤. آنهيرا ان ڀيڻيين، ڪانيرن ڪيا
٥. قاسم ڏٺي ڏينهڙا، توڙا تن ٿِيا
وائي
وري وطن ۾ هنجهڙا ويچارا، سونهارا، آيل
آنهري آئيا
١. موتي کائي موٽيا، مرغا منهن موچارا
٢. ســر ۾ سونهن هنجهڙا، ويا ڪانيرا ڪارا
٣. جني لايا ڏينهڙا، ڏنڙا تن ڏيکارا
٤. آيل آسڻ آئيا، قاسم جيء جيارا
|