سيڪشن: شآعري

ڪتاب: خليفي صاحب جو رسالو

باب:

صفحو:1

خليفي صاحب جو رسالو

ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ

مهاڳ

خليفي نبي بخش صاحب جي سرائڪي زبان ۾ جوڙيل ’سسئي‘ آڳاٽو بمبئيءَ مان ڇپي ۽ نهايت ئي مقبول پئي ۽ مشهور ٿي. مگر خليفي صاحب جو سنڌي رسالو ۽ ٻيو ڪلام قلمي صورت ۾ باقي رهيو، جنهن جي ڄاڻ سندس اولاد ۽ جماعت جي فقيرن تائين محدود رهي، ۽ علمي حلقا عموما هن قيمتي ڪلام جي وجود کان بي خبر رهيا. شاهه عبدللطيف رحه سنڌي شاعريءَ جي آسمان ۾ سج ٿي اڀريو، جنهنجي پرتوي جي آب ۽ تاب کان اڪثر پويان شاعر ذرن مثل چمڪيا، مگر خليفي صاحب جو شمار انهن نامور شاعرن ۾ آهي، جي چنڊ ٿي اڀريا: بلڪ خليفو صاحب پنهنجي بلند حوصلي ۽ فڪر جي يگانگت سببان چوڏهينءَ جو چنڊ ٿي چمڪيو. سندس ’سنڌي رسالو‘، ’سسئيءَ جو داستان‘ توڙي ٻيو ڪلام سندس انهيءَ بلند مرتبي تي شاهد آهن. خليفي صاحب جي سنڌي رسالي جو دستياب ٿيڻ ۽ ڇپجڻ سنڌي شاعريءَ جي سرمايي ۾ هڪ بيش بها اضافو آهي.

بندي جي عمر ڏهه ٻارنهن سال کن هئي، جو ناني مرحوم لعل بخش خان، خليفي صاحب جي ’سسئيءَ‘ سان روشناس ڪرايو. مرحوم ’سسئيءَ‘ جو هڪ ڄاڻو ۽ ياد حافظ هو ۽ سندس صحبت ۾ هن داستان جا نه فقط ڪيئي شعر ياد ٿي ويا، پر ان جي معنوي نڪتن جي پڻ قدري پروڙ پئي. خليفي صاحب جا ڪي سنڌي بيت پڻ مرحوم ڪچهرين ۾ مثال طور چوندو هو، جن مان هڪ بيت (سر آسا، فصل – ١، بيت – ١) جي هيءَ مصرع ياد ٿي وئي ته: ”گولپ جو گمان، قاسم ڪٽر اک ۾.“ ان وقت کان وٺي خليفي صاحب جي سنڌي ڪلام بابت وڌيڪ معلومات حاصل ڪرڻ جي تمنا دامنگير ٿي،  جا بالآخر ١٩٤٤ع ۾ پوري ٿي، جڏهن سنڌ جي تاريخ جي مواد جي تلاش ۾ خليفي صاحب جي ڳوٺ (تعلقي ٽنڊي باگي) وڃڻ ٿيو، جتي خليفي حاجي شير محمد صاحب سان ملاقات ٿي، ۽ هن صاحب مهرباني ڪري خليفي صاحب جو رسالو ڏيکاريو ۽ ٻه ڏينهن ساڻس گڏ ويهي رسالي جو مطالعو ڪيو ويو. بندي جي بي انتها شوق کان متاثر ٿي خليفي حاجي شير محمد قلمي رسالو پڻ منهنجي حوالي ڪيو، پر جيئن ته هيءُ رسالو اصل نسخي جو نقل هو۽ منجهس ڪيتريون ئي پڙهڻيون صاف نه هيون، انهيءَ ڪري وڌيڪ تحقيق کي ايستائين ملتوي ڪيو ويو، جيستائين ٻيا قلمي نسخا هٿ اچن.

مئي، سن ١٩٤٩ع ۾ آمريڪا کان واپس ورڻ بعد ٻين نسخن جي ڳولا شروع ڪئي ۽ اتفاق سان چئن مهينن بعد ٽنڊي قيصر ڪلام جي اشاعت لاءِ قدري آساني ٿي. سن ١٩٥٠ع ۾ خليفي حاجي شير محمد صاحب ۽ حاجي شير محمد خان نظاماڻيءَ کان مليل قلمي نسخن کي ڀيٽي، سر ڪلياڻ، سر سارنگ ۽ سر ڪيڏارو مرتب ڪيا ويا، جي قسطن ۾ ماهانه مخزن ”عام راءِ“ (ماه اپريل، جون، جولاءَ ۽ نومبر ١٩٥٠) ۾شايع ٿيا. ان بعد رسالي جا چار ٻيا قلمي نسخا دستياب ٿيا: هڪ ڏيپلي مان فقير پير بخش ڪلر مرحوم جي گهران، هڪ ٽنڊي باگي تعلقي جي احمداڻي لغارين مان ۽ ٻه خليفي نبي بخش صاحب جي اولاد مان خليفي احمد صاحب لغاريءَ وٽان. پويان ٻئي نسخا رسالي جا اصلي خانداني نسخا هئا. انهن ڇهن قلمي نسخن ملڻ بعد، قدري اطمينان ٿيو ته خليفي صاحب جي رسالي کي صحيح نموني ۾ مرتب ڪري سگهجي ٿو. انهيءَ ڪري جڏهن سنڌي ادبي بورڊ طرفان خليفي صاحب جي رسالي کي مرتب ڪرڻ جي آڇ ٿي ته انکي خوشيءَ سان قبول ڪيو ويو.

رسالي جا قلمي نسخا:

رسالي جي هن ڇپيل متن جو مدار مٿين ڇهن قلمي نسخن تي آهي، جن جو تفصيل هيٺينءَ ريت آهي:

١- نسخوخ: هيءُ خليفي صاحب جي اولاد وٽ رکيل خانداني نسخو آهي، جو هن وقت خليفي احمد صاحب (بن خليفي احسان علي بن خليفي غلام نبي بن خليفي مراد علي بن خليفي نبي بخش صاحب) وٽ محفوظ آهي. ٿي سگهي ٿو ته هيءُ نسخو اڃا به ڪنهن ٻئي جهوني خانداني نسخي تان اتاريل هجي. سواءِ نسخي ظ (نمبر ٣) جي ٻيا سڀ نسخا اصولي طور هن نسخي تان نقل ڪيل آهن. هن نسخي ۾ فقط خليفي صاحب جو سنڌي رسالو ۽ ٻيو متفرقه ڪلام قلمبند ٿيل آهي. هيءُ نسخو ”سر رامڪليءَ‘ سان شروع ٿي، ’بادشاهه پير جي مداح‘ تي ختم ٿئي ٿو. منجهس جملي ١٥٨ ورق آهن. هر هڪ صفحي جي لکيل تختي 5.5×9  انچ آهي ۽ سراسري هر صفحي تي ١٣ سٽون آهن.

٢- نسخو، ڌ:  هيءُ نسخو غالبا هوبهو نسخي  خ جو نقل آهي ۽ ڄڻ ڪ ساڳئي ڪاتب جو کليل آهي. البته هن نسخي ۾ خليفي صاحب جي ڪلام بعد خليفي غلام نبي صاحب جو ڪلام پڻ قلمبند ٿيل آهي، خليفي نبي بخش صاحب جي رسالي ۽ ڪلام جي خاتمي تي ڪاتب طرفان هيٺين عبارت قلمبند ٿيل آهي:

   کاتب الحروف فقير حقير پر تقصير خاڪ پاي جاي نعلين فقير محمد ابن فقير حاجي ولي محمد ساکن دوراجي در شهر جونه گڙ، بروز ٥- شنبه بتاريخ چهارم ماه جمادي الاول سنه ١٣٠٩ هجري

ان کان پوءِ خليفي غلام نبي صاحب (بن خليفي مراد علي بن خليفي نبي بخش صاحب) جو ڪلام شروع ٿئي ٿو، جنه جي خاتمي تي ڪاتب طرفان هيٺين عبارت قلمبند ٿيل آهي:

تمام شد تاليف اين رساله از دست فقير حقير فيض محمد پنجابي شاگرد مولوي ڪريم الله مرحوم دهلوي در شهر منبئي سنه ١٣٠١هه – براي سيد حسين ميان نقل کرده فرستاده شد تاکه پيش هر اهل اسلام و علم و مسلمان ظاهر کند و اين را در سنه ١٣٠٢ماه جمادي الاول بتاريخ بيستم بوي گوندل فرستاده شد و از کتاب او اين فقير حقير محمد ابن حاجي ولي محمد ساکن دهوراجي نقل کرده در شهر مصطفيٰ آباد يعني جونه گد در سنه ١٣٠٩ ماه جمادي الاول بروز يکشنبه بوقت اشراق در مقام عبدالغني ولد حاجي جيو در آرامگزه.

    هــــرکـه خـواهــنــد دعــا طـمــع دارم            زانــکــه من بــنــده گــنـه گـــارم

    من نوشـتم شـرف کـردم روزگــــار         مـن نـبـاشـم ايـن بـماند يادگــار

    الاهي هران کس که اين خط نوشت             عفو کن گناهش عطا کن بهشت

هر چه هست عشق است يگر هرچه هست لا          والسلام عليک عليٰ من ابتع الهديٰ

هيءُ نسخو خليفي احمد صاحب کي سنه ١٩٤٤ع ۾ ’ڌوراجي‘ شهر (ڪاٺياواڙ) مان سيد عبدالقادر جي ڏوهٽي سيد حسين ميان وٽان مليو. اسان کي هيءُ نسخو خليفي احمد صاحب وٽان تڏهن مليو، جڏهن رسالي جي ڇپائيءَ جو ڪم ڪافي اڳتي وڌي چڪو هو، مگر جيئن ته هن نسخي جو اصل ’نسخو خ‘ اسان وٽ موجود هو، انهيءَ ڪري ترتيب يا تصحيح تي ڪو اثر ڪونه پيو. هن نسخي مان ڪي جزوي اختلافي پڙهڻيون آخري سرن جي حاشين ۾ درج ڪيون ويون آهن.

 

 

 

 

 

 

 

 

٣- نسخو، ظ: هيءُ نسخو ٽنڊي قيصر مان محترم حاجي ميان شير محمد خان (بن نور محمد خان بن سائينداد بن عبدلله خان) نظاماڻيءَ کان ٢٨ سيپٽمبر ١٩٤٩ع تي دستياب ٿيو. بقول حاجي شير محمد خان، هيءُ نسخو سندن ڏاڏي عبدلله خان جو هٿ لکيل آهي. عبدلله خان جو پٽ سائينداد خان سنه ١٢٥٩هه ۾ ڄائو ۽ عبدلله خان ان سال کان پوءِ وفات ڪئي. حاجي شير محمد خان جي راءِ موجب هيءُ نسخو سن ١٢٥٩هه ۾ ڄائو ۽ عبدلله خان ان سال کان پوءِ وفات ڪئي. حاجي شير محمد خان جي راءِ موجب هيءُ نسخو سن ١٢٥٩هه کان اڳ جو لکيل آهي. سائينداد خان، خليفي محمود نظاماڻي صاحب عرف ’ڪڙيي واري خليفي‘ جو مريد هو ۽ خليفو محمود صاحب ۽ خليفو نبي بخش صاحب ٻئي حضرت روضي ڌڻي رحه جا خليفا هئا، انهيءَ ڪري ميان سائينداد جي عقيدت ۽ اشتياق سببان هيءُ نسخو خاندان ۾ محفوظ رهيو. مرحوم عبدالله خان جا هٿ لکيل ڪتاب ١٢٥٣هه کان وٺي ١٢٦٢هه واري عرصي تائين ملن ٿا ۽ ٿي سگهي ٿو ته خليفي صاحب جو رسالو پڻ هن انهيءَ عرصي ۾ نقل ڪيو هجي.

جيڪڏهن ائين تسليم ڪجي ته پوءِ قدامت جي لحاظ سان هيءُ نسخو پڻ ’خ‘ وانگر اهم آهي، ڇاڪاڻ ته عبدالله خان بهرحال خليفي نبي بخش صاحب جو همعصر هو ۽ بلڪل ممڪن آهي ته ساڻس محبت ۽ عقيدت سببان کيس خليفي صاحب جي رسالي کي گڏ ڪري قلمبند ڪرڻ جو شوق پيدا ٿيو هجي. هن نسخي جي اندروني ترتيب مان البته اهڙو گمان نڪري ٿو، ڇاڪاڻ ته هن سخي جي ترتيب ٻين سڀني نسخن کان نرالي آهي: نسخو ’خ‘ ۽ ٻيا مڙيئي نسخا ’سر رامڪلي‘ سان شروع ٿي ’سر کنڀات‘ يا ’سر توڏيءَ‘ تي ختم ٿين ٿا، مگر نسخو ’ظ‘ ’سر ڪلياڻ‘ کان شروع ٿي ’سر آسا‘ تي ختم ٿئي ٿو، ازان سواءِ متن جي پڙهڻين ۾ پڻ اختلافات آهن. ان مان ظهار آهي ته هيءُ نسخو خليفي صاحب جي اولاد وٽ محفوظ خانداني نسخن (’خ‘ وغيره) مان ڪنهن جو به نقل نه آهي: هن جو نه فقط لکندڙ مگر گڏ ڪندڙ ۽ ترتيب ڏيندڙ ئي ڪو ٻيو ٻاهريون شخص آهي. جيڪڏهن حاجي شيرمحمد خان جي راءِ صحيح آهي ته هن نسخي جو ڪاتب عبدلله خان آهي ته پوءِ غالبا هن نسخي ۾ شامل ڪلام جو گڏ ڪندڙ ۽ ترتيب ڏيندڙ پڻ عبدلله خان ئي آهي، ڇاڪاڻ ته هو خود خليفي صاحب جو همعصر آهي: البته عبدلله خان خليفي صاحب جو ڪلام خود خليفي صاحب کان نه، پر ٻين فقيرن کان ٻڌو ۽ سهيڙي گڏ ڪيو ۽ انهيءَ ڪري هن نسخي جي پڙهڻين ۾ پڻ قدري غلطيون آهن، حالانڪ ڪي پڙهڻيون صحت جي لحاظ کان وڌيڪ معتبر آهي.

   هيءُ نسخو سهڻي خط ۾ لکيل آهي، مگر ناقص حالت ۾ محفوظ رهيو آهي ۽ ان جا ڪافي ورق، بلڪ ڪن سرن جا حصا، غائب ٿي چڪا آهن. ڪتابت جي تختي 4x7 انچ آهي ۽ هر صفحي تي سراسري طور ١٣ سٽون آهن.

٤- نسخو،ڪ: هيءُ نسخو فقير محمد هاشم شيخ ويٺل ”مٺي‘ (خليفي صاحب وارن جي) بمبئيءَ ۾ لکيو ۽ غالبا ابريي فقير ڪلر (ويٺل ڏيپلي) پنهنجي لاءِ لکارايو.[1] ابريي فقير کان پوءِ هيءُ نسخو سندس پٽ فقير پير بخش ڪلر جي ملڪيت ٿي رهيو، جيئن آخر ۾ هڪ ورق تي ڄاڻايل آهي ته: ”مالڪ فقير پير بخش ولد مرحوم مغفور فقير صاحب فقير ابريو ..... تاريخ ١- ماه رجب ١٣٤٠هه، جلد ٻڌندڙ علي بخش (پٽ) ڀليڏنو ڪلر ڏيپلو..... تاريخ ٢٨ فيبروري ١٩٢٢ع برابر ١- ڦڳڻ سنبت ١٩٧٩.“ ڪيتريون ئي پڙهڻيون جي ٻين نسخن ۾ مبهم آهن، سي هن نسخي ۾ صحيح لکيل آهن ۽ پڻ ڪن نون بيتن جو اضافو ٿيل آهي. مجموعي لحاظ سان هن نسخي جون پڙهڻيون صحيح آهن، جن جي ذريعي ڪن خاص جاين تي متن کي درست ڪري لکڻ ۾ وڏي مدد ملي. افسوس جو فقير پير بخش جي وفات (اندازا 1948ع) بعد هيءُ نسخو سلامت نه رهيو ۽ اڏوهيءَ جو شڪار ٿيو. سن ١٩٥٥ع ۾ بندي جو ڏيپلي وڃڻ ٿيو ته فقير خدا بخش ڪلر کان هن نسخي جو ڏس مليو ۽ جڏهن سندس وساطت سان اندران گهر وارن هيءُ نسخو بندي جي حوالي ڪيو، تڏهن اڏوهي ڇنڊي وئي، پر ايستائين سڄي ڪتاب مان اڏوهي آرپار سوراخ ڪري ڇڏيا هئا.

هن نسخي ۾ جملي ١٢٨ ورق آهن. ڪتابت جي تخي 5x91/2 انچ آهي ۽ هر صفحي تي سراسري طور ١٤ سٽون آهن.

٥- نسخو، د: هيءُ نسخو مرحوم حاجي اسماعيل فقير احمداڻيءَ جي ڪوشش سان دستياب ٿيو. حاجي اسماعيل فقير، جو هڪ جهانديده ۽ ڄاڻو سالڪ هو، تنهن چيو ته: هيءُ نسخو مرحوم جمال فقير ولد حيدر فقير احمداڻيءَ، ويٺل ڳوٺ امام بخش احمداڻيءَ، تعلقي ٽنڊو باگي، جو آهي. جمال فقير درگاهه جو سچو مريد ۽ خليفي صاحب جو صحبتي هو ۽ ساڻس همسفر رهيو. هيءُ نسخو خليفي صاحب جي حياتيءَ ۾ لکيو ويو. پهريائين خليفي صاحب جو ڪلام جدا جدا جزن ۾ لکيل هو ۽ پوءِ جڏهن سڀ جزون نقل ڪري گڏي ڪتاب ڪيائون ته پهريون هيءُ نسخو تيار ٿيو، جنهن کان پوءِ ٻيا اتاريا ويا. جمال فقير هيءُ نسخو پاڻ وٽ رکيو. کيس خليفي صاحب جو اڪثر رسالو ياد هو. جمال فقير 1920-1915ع ڌاري 90-85 ورهين جي عمر ۾ وفات ڪئي. ١. هه.

هن روايت موجب هيءُ نسخو ٻين سڀني کان آڳاٽو سمجهڻ گهرجي: مگر افسوس جو زماني جي دستبرد سببان هن نسخي جو اڌ کن ضايع ٿي ويو ۽ باقي ٽيهٺ ورقن مان ڪي ثابت ۽ ڪي ناقص ٽڪرن جي صورت ۾ سلامت بچيا، جو هي نسخو اسان تائين پهتو. هي نسخو سهڻي خط ۾ لکيل آهي. ڪتابت جي تختي 51/2x81/2آهي ۽ هر صفحي تي سراسري طور ١٥ سٽون آهن.

٦- نسخو، ش:  هيءُ خليفي حاجي شير محمد صاحب جو ذاتي نسخو آهي، جو ’فقير محمد هاشم هيڊ ماستر اسڪول دينار خان ٽالپور‘ ۽ ’علي محمد ولد خليفي عثمان منڌري ويٺل لڳ ٻهڊ مي تعلقي بدين‘، تاريخ ٨ جولاءِ ١٩٣٢ع تي لکي پورو ڪيو. هيءُ نسخو موجوده سنڌي صورتخطيءَ ۾ لکيل آهي جنهن ڪري پڙهڻ ۾ ڪافي آساني ٿئي ٿي، البته ڪاتبن کي اصلي نسخن جون ڪي پڙهڻيون سمجهه ۾ نه آيون آهن. هيءُ نسخو جملي ١٦٢ صفحن (٨١ ورقن) تي مشتمل آهي. ڪتابت جي تختي 6X121/2آهي ۽ هر صفحي تي سراسري ٢٢ سٽون آهن.

سواءِ نسخي ’ڌ‘ جي، جنهن کي آخري سرن ۾ استعمال ڪيو ويو، ٻيا پنجئي نسخا ڀيٽي شروع کان آخر تائين، حتي المقدور صحيح متن قائم ڪيو ويو آهي ۽ جدا جدا نسخن جون اختلافي پڙهڻيون حاشين ۾ نروار ڪيون ويون آهن.

ڪلام جي ترتيب

رسالي جي موجوده متن کي مرتب ڪرڻ ۾ اسان جملي سرن توڙي هر هڪ سر هيٺ بيتن ۽ واين جي ترتيب نئين سر قائم ڪئي آهي. هيٺين جدول مان معلوم ٿيندو ته خ، ڌ، ڪ، د ۽ ش نسخن ۾ سرن جي ترتيب گهڻو ڪري ساڳي آهي، [2]مگر ظ جي ترتيب نرالي ۽ ’شاه جي رسالي‘ (بمبئي ڇاپي) جي سرن جي ترتيب سان ملندڙ جلندڙ آهي.

 


 

  خ ڌ ڪ د ش          ظ                      شاهه جو رسالو

١.   رامڪلي                  ڪليان                 ڪليان

٢.  بروو هندي – بهر وقت           کنڀات                 يمن

٣.  جهنگلو – بهر وقت              سر راڳ       سر راڳ

٤.  گهاتو – وقت بعد از نيم شب  سامونڊي                سامونڊي

٥.   مارو ڍولو – وقت بعد از نيم شب سهڻي                 سهڻي

٦.  ڏهر – بوقت سحر                سارنگ – بهر وقت           کنڀات

٧.  رپ – بوقت سحر                ڪيڏارو – وقت صبح سارنگ

٨.  کاهوڙي – بوقت سحر           سسئي – بهر وقت           کنڀات

٩.  ماروئي – بوقت صبح صادق    سورٺ – بعد عشا            سورٺ

١٠. ڪيڏارو – بوقت صبح           بيراڳ هندي – بهر وقت             بروو سنڌي

١١. ڌناسري – وقت بعد از برآمدن آفتاب جوڳ – وقت بعد از عشا          مومل راڻو

١٢. بلاول وقت بعد از يڪپاس روز برآمدن          جهنگلو – بهر وقت                کاهوڙي

١٣. راڻو – بوقت برآمدن آفتاب      برووسنڌي                              رامڪلي

١٤. آسا – وقت بعد از برآمدن آفتاب         راڻو – بوقت برآمدن آفتاب   رپ

١٥. سارنگ – بهر وقت              کاهوڙي – وقت سحر        ليلان چنيسر

١٦. بروو سنڌي – بهر وقت          رامڪلي – بعد از نيم شب  بلاول

١٧.[3] سسئي – بهر وقت              رپ – وقت سحر              ڏهر

١٨.[4] ڪونرو ليلان و چنيسر             بلاول – وقت يڪپاس روز    ڪاپاتي

١٩. پورب – وقت درميان پيشين و عصر ڏهر – بوقت سحر             پرڀاتي

٢٠. ڪارايل – بعد از عصر           ماروئي – وقت صبح صادق  گهاتو

٢١. ڪاموڏ – بوقت بعد از غروب آفتاب        ڌناسري                        آسا

٢٢. سامونڊي – وقت بعد عشا      پورب– درميان پيشين و عصر ماروئي

٢٣. سر راڳ – وقت بعد از عشا             ڪارايل         پورب

٢٤. ڪليان – بوقت عشا             ڪاموڏ – بعد از غروب آفتاب   ڪاموڏ

٢٥. جوڳ – وقت بعد از عشا                ڏهر             ڪارايل

٢٦. سورٺ – وقت بعد از عشا               گهاتو – بعد نيم شب

٢٧.[5]   توڏي – بعد از يڪپاس شب گذشته آسا

٢٨. کنڀات – بوقت نيم شب

متن ۾ اسان ظ واري ترتيب قائم ڪئي آهي ۽ ٻين نسخن وارا زائد سر ان ۾ شاهه جي رسالي جي سرن واري عام ترتيب جي لحاظ سان داخل ڪيا آهن. مثلا ’سر ليلان چنيسر‘ کي ’سر رپ‘ بعد رکيو آهي، ۽ ’سر ڪاپائتيءَ‘ کي ”سر ڏهر‘ بعد رکيو آهي. ’سر گهاتو‘ ۽ ’سر آسا‘، جي ظ ۾ بلڪل آخر ۾ ڏنل آهي، تن مان ’سر گهاتو‘ کي ’سر ڪاپائتي‘ بعد ۽ ’سر آسا‘ کي ’سر پورب‘ کان پوءِ رکيو ويو آهي. اها ترتيب محض آسانيءَ خاطر قلمي نسخي ظ مطابق اختيار ڪئي وئي آهي، ورنه معنوي نڪته نظر سان خواه موسيقيءَ جي لحاظ سان سرن جي ترتيب جي نوعيت ٻيءَ طرح ٿئي ها. خ ڌ ڪ د ش نسخن جي شروعات ’سر رامڪليءَ‘ سان ٿئي ٿي، جنهن جي مد نظر خليفي صاحب جي خاندان ۾ هيءَ روايت عام آهي ته، ”شاه صاحب جو رسالو سنجهي کان شروع ٿئي ٿو ۽ خليفي صاحب جو رسالو پرهه سان شروع ٿئي ٿو“[6]مگر غور ڪرڻ سان ڏسبو ته نڪي خليفي صاحب جي رسالي جي موجود نسخن ۾ سرن واري سڄي ترتيب، ته نڪي شاه صاحب جي رسالي (بمبئي ڇاپي) جي سرن جي سربستي ترتيب موسيقيءَ جي روايتي وقتن مطابق آهي.

سرن جي سلسليوار ترتيب کان سواءِ هر سر هيٺ بيتن ۽ واين جي ترتيب پڻ نئين سر قائم ڪئي وئي آهي. مضمون جي لحاظ سان، هر سر هيٺ بيت جي نئين سر ترتيب ڏئي فصلن ۾ ورڇيو ويو آهي. اصل قلمي نسخن ۾ ’فصل‘ ڏنل ڪين آهن. بيتن جي ترتيب پڻ خ ڌ ڪ د ش نسخن ۾ مجموعي طور ساڳي ته نسخي ظ ۾ نرلاي آهي. سڀني نسخن ۾ ’سر ڪاپائتي‘ جا مضمون وار بيت ’سر ڏهر‘ هيٺ لکيل آهن، جن کي جدا ڪري ’سر ڪاپائتي‘ قائم ڪيو ويو آهي. مضمون جي لحاظ سان ’سر راڳ‘ جا ٻه بيت ٽپائي ’سر سامونڊيءَ‘ جي فصل ١ هيٺ ۽ يارهن بيت ٽپائي فصل – ٢ هيٺ رکيا ويا آهن.[7] ’ڪتي‘ جي مضمون وارا بيت مڙني نسخن ۾ ’سر سسئيءَ‘ هيٺ ڏنل هئا،[8] جي مجازي مضمون جي لحاظ سان، ٽپائي ’سر بروي سنڌي‘ فصل -٢ هيٺ مرتب ڪيا ويا آهن.[9] ’ڪانگل جي مضمون جا ٽي بيت جي ’سر پورت‘ هيٺ ڏنل هئا، سي جدا ڪري ’سر بروي سنڌي‘ جي فصل -٣‘ ۾ رکي اويا آهن.[10] اهڙيءَ طرح قلمي نسخن ۾ ’وايون‘ پڻ مختلف سرن هيٺ مضمون جي لحاظ سان رکيل نه آهن ۽ اسان اهي ٽپائي متن ۾ مضمون جي لحاظ سان مختلف سرن هيٺ جدا جدا فصلن پويان رکيون آهن. البت ٿي سگهي ٿو ته قلمي نسخن ۾ وايون موسيقيءَ (راڳڻين) جي لحاظ سنا جدا جدا سرن هيٺ ڏنل هجن، انهيءَ ڪري اسان جتي به ڪنهن سر هيٺ ٻئي سر مان وائي ٽپائي آندي آهي ته اصل سر جو حوالو ڏنو آهي، انهيءَ  لاءِ ته ڳائڻ جي لحاظ سان ’وائيءَ‘ جو اصل سر به معلوم ٿي سگهي.

مختلف قلمي نسخن ۾ ڪٿي ’سر‘، ڪٿي ’روپ‘ ته ڪٿي ’راڳ‘ عنوان طور لکيل اهي، پر اسان متن ۾ يڪسان طور ’سر‘ جو لفظ قائم رکيو آهي. اهڙيءَ طرح خ ڌ ڪ د ش نسخن ۾ عنوان ’ڪافي‘ آهي ته ظ ۾ ’وائي‘ آهي، اسان متن ۾ ظ مطابق يڪسان طور ’وائي‘ جو عنوان قائم ڪيو آهي.


[1]  ابريي = اڀريي

[2] سواءِ ھن  جو خ ۾ ”سر ڪونرو ليلان و چنيسر“ جي عنوان سان ھڪ بيت زائد آھي، جو ٻين نسخن ۾ ڪونھي. ش ۾ سر کنڀاٽ پھريائين ۽ پوءِ سر توڏي قلبند ٿيل آھي.

[3]  ١٧ ھن سر جي پڇاڙي وارا بيت د ۾ ”سر معذور“ جي عنوان سان ۽ ش ۾ جدا ”سر آبڙي“ جي عنوان سان ڏٺل آھن. اھي بيت موجوده متن ۾ ”سر پورپ“ جي فصل -٢ ھيٺ ڏنا ويا آھن.

[4]  ١٨- ھن سر جو ھڪ بيت خ ۾ آھي. ان کي ڇڏيندي، ١٩ کان ٢٦  تائين باقي سرن جي ترتيب سڀني نسخن ۾ ساڳي آھي.

[5]  ٢٧- ٢٨ ش ۾ اول ”کنڀات“ ۽ پوءِ ”توڏي“ آھي.

[6] زباني خليفو حاجي شير محمد

[7]  ڏسو ”سر سامونڊي“ فضل- ١ (ص ٢٠) فضل-٢ (ص ٢١-٢٣

[8] د ۾ ”سر معذور“ جي جدا عنوان ھيٺ ۽ ش ۾ جدا ”سر آبڙي“ جي عنوان ھيٺ

[9] ڏسو ”سر بروو سنڌي“ فصل- ٢ (ص ١١٨)

[10]  ايضا، فصل -٣ بيت ١٠، ١١ ۽ ١٢ (ص ١٣٤- ١٣٥)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org