فصل ٻيو
]١[ مور وسندي مينهن، چڙهيا ڏونگر چوٽئين
اڀـِي سارنگ سامهان، ڪن نالون منجهان نـِينهن
وريو وصل ڏينهن، مـِينهن ميڙيا
سپرين.
]٢[ موليٰ مينهن وسائيا، آڳاٽا الله
سنگهاريون صلاح، کـِليو ڪن کـِير
جي.
]٣[
ڪڪــر ڪاري ڪار، اڀظ چمڪي وڄڙي
آندو آبُ اگوندرو، مينهن جي
مختيار
آگي آسودا ڪيا، ڌٻروال ڌرار
ڪن کـِلندي کـِير جون، کٿيريون
کيڪار
قاسم ساڻ قرار، پـِرين پنهنجا
پاريا.
]٤[ وڄ سولي وار، اڄ چمڪي اڀّ ۾
وٺا مينهن وصال جا، لٿو ڏيه ڏڪار
قاسم ساڻ قرار، پِرين پنهنجا
پاريا.
]٥[ وڄ سولي ڏينهن، اڄ چمڪي اڀّ ۾
اسان پِرين پاڻ ۾، نئون ٻڌڙو
نينهن
سندو محبت مينهن، آيو اوهيرا ڪري.
]٦[ آيو اوهيرا ڪري، چؤطرفان چؤڏس
سئائن سهج مان، پارا ڀرئا پِس
ڏسيو ويٺو ڏس، قاسم ڪم الله جا.
]٧[ وٺا ڪي وسندا، مٿي موهــر مينهن
اسان پِرين پاڻ ۾، نئون ٻڌڙو نيهن
جــر ۾ مڇي جيئن، تيئن مون من واڳيو سڄڻين
]٨[ ابَر منجهه اهاءُ ٿـِيو، ڪامـِڻ کڻندي کنج
پسـِي پر پـِرين جي، ٿيا رقيبا
رنج
شال وسندو سنج، مٿي عاشق اوهيرا ڪري.
]٩[ وٺو اوهيرا ڪري، مٿي عاشق اڄ
ڏور ڏوگاها ڀڄ، مينهن منهن
ڏيکاريو
]١٠[ اتر کوي، ڏکڻ کوي، کوي اوڀر اڄ
ڏور ڏوگاها ڀڄ، جو مينهن مدائتو
آئيو.
]١١[ پسي آگم اڄ، ور وريتين ساريا
وٺي مينهن ورن سان، سهسين ڪن سهڄ
روح رچنديون رڄ، قاسم ڪجن پِر سان.
]١٢[ ڍٽ پٽ کهنبا ڍڪيا، ڪن سـِڪايل سرود
منهن معشوقن مکيا منجهان عنبر عود
دلهن ڌنڪبان کي، مشڪ ڪيو موجود
کٿوري خوشبوء سين، واسيا تن وجود
مليو جن معبود، قاسم ڪرم تن جا
]١٣[ آگم اکڙين ۾، موهن روپ ملار
منهن مهتابان اڳرو، ڪڪر ڪارا وار
دلهن ڌنڪبان کي، سينگاريو سؤ وار
قاسم! پايل پير جـِي، گجي منجهه
غبار
جڏ سيج چڙهئو سردار، تڏ عالم
آسودو ٿيو
وائي – ١
مانگ ڀـِڄايس مـِينهن، راتِ رمندي ڍول سين
١. مـِينهن ڀـِڄايس مانگـــَڙي، نيڻ ٽـِمايس
نينهن
٢. سر چنـِي، ڳل ڪنچــِرو، پسـِيس پاندن سيئن
٣. ڪانڌ نـِپوڙيس ڪپــِڙا، حاضر ويهي هـِيئن
٤. قاسم! ڪانڌ سهاڳڻيون، رمن راتو ڏينهن.
وائي – ٢
موٽ وسندڙي مينهن، لالڻ! لاءِ م ڏينهڙا
١. جدا سانوڻ ڏينهڙا، هاڻ نه گهرجن هيئن
٢. جيئن پکي ٽـِمن پاندڙا، اکڙيون وسن ايئڻ
٣. ’پي‘ ’پي‘ پپيهو ڪري، مون تن تولاءِ تيئن
٤. قاسم! مند ملار جي، توري گهاريان ڪيئن
فصل ٽيون
]١[ آءٌ سو سارنگ ساريان، جو بُکين لاهي بُک
آبُ پياري اڃڙيين، ڏکين سڃي سک
مٿان دلين دک، وسن سڀي ميٽِيا.
]٢[ آءٌ سو سارنگ ساريان، جنهن ايندي لاٿي
اڃّ
پلـــر جي پالوٽ سان، سائـِي ٿِيڙي سڃّ
رات منجهارا رڃّ، پلــر پِيتو روجهڙيين.
]٣[ جهڙ ڦڙ جهور جهڪور، سج سرلي ڍڪيو
قاسم! اتر پارڏي، ڪڪــر ڪاريءَ ڪور
اڀــِي سارنگ سامهان، ڪن ٽهوڪا مور
وٺو آب اتور، ڍٽ پٽ کهنبا ڍڪئا.
]٤[ وهي آيو واه، پــِرين پاڻي موڪليو
راضي ٿيو الله، عالم آسودو ٿيو.
]٥[ وس، م ويرم لاءِ، آءُ اوهـِيرا اسري
رهي نه رتـِيءَ جيتري، ويچارن ٻي واهه
تسياريون تو لاءِ، اڀيون پڇن پهيڙا
]٦[ وري ڪيڙي ور، مندائتين مينهڙين
سک وسائي سنڌڙي، ٿهلي چڙهيو ٿر
سيد سڪايل جي، قاسم! لڌي ڪر
گهاٽو گهرو گهر، وٺو آب آگــُوندرو.
]٧[ اتر کؤن ٿي آئيو، ميگهه موچاريءَ وير
ٻڌائين ٻاجهه پئـِي، ڀلائـِيءَ جا ڀير
هادي هـِدايت جو، وڌو سڏ سوير
سڪا ڏهر ساوا ٿيا، جڏ پـِرين پاتا پير
مهدي مــِير مٿير، قاسم! ٰٰٰٰٰقحط وڍيو.
وائي
جهجها ڏيجِ جهار، پانڌي پرينءَ رسول کي
جهجها ڏيجِ جهار، هيجان عالم جي آڌار کي
١. آجو ڪريو احمدا! عاصـِي کؤن آزار
٢. سگ پنهنجو سيدا! تون تان وارث! ڪيم وسار
٣. قاسم جـِي ڪونين ۾، سيد! لهج سار.
سر ڪيڏارو
فصل پهريون
]١[ شجاع! نيڪ صلاح، وٺ ته ويري نه پسين
ڄاڻي هيڪ الله، قلم جنهن جي هٿ ۾
]٢[ شجاع! سنڌ م ويه، اوڏا اڏي نـِجهرا
هيءُ تني جو ڏيه، حامي حيدر جن جو.
]٣[ شجاع! ويه م سـِنڌ، اوڏا اڏي نـِجهرا
هتي راوت رند، وتن قلعي ڪوڏئا.
]٤[ اچي اڄ امير، کرڙيءَ خيمان کوڙيا
ڀيچـِي ڀيڙا نه ٿيا، مهند نه آيا مـِير
ڏنو سر سڌير، مرتضيٰ ميدان ۾.
]٥[ کرڙي کائي رت، ڀت نه وجهي وات ۾،
پِڙ ۾ پهلوانن جـِي، ويٺـِي پرکي پت
جني نيڻ نـِست، نينهن نه لائي تن سين.
]٦[ کرڙي کائي ماه، پـِيئي رت پياليون
ويٺي سڏي شاه، جو ڏيندو سـِر ڏياچ جان.
]٧[ کرڙيءَ کپن پير، ته مون وڏو وس ڪـِئو
ڪوڙين ڀڳا ڪيترا، ٻڌي دنگ دلير
وڏو سڄي وير، ڪنهن پر ڪهـِي ڪاٽـِيان.
]٨[ ڪونڌ
قـِلعي جا ڪوڏيا، نونڌ نچندا پس
ڇڏي تن ترس، پلٽيو شاه پٺاڻ تي.
]٩[
ڪونڌ
قلعي جا ڪوڏيا، ڪانئين مور نه ڪن
ايندي لاٿو
آسرو،
ٿوڙئون مٿان تن
جوڳ مچائي جن، پوک پچندي تن جي.
]١٠[ پِره جهلندا پس، علم – طوق امير جا
تڙ
ڌرتيين
گڏيا، لوٿون لڇن لس
حورون پائي هس، اچــِي ويٺيون اوڏڙيون.
]١١[ ڪري پوه پٺاڻ، اچي پئو اوچــِتو
دؤڙيا لک درياه ڏي، تارو رکي تاڻ
جنهن مرتضيٰ سين ماڻ، سو راه ڀريندو رڪ جـِي.
]١٢[
مٿي آرڻ آڄ، ڪونڌ ڪڏندي آئيا
پِڙ ۾ پهلوانن کي، لڏڻ ڏي نه لڄ
ڀيٽو وڃن ڀڄ، سائو ٿـِين سامهان.
]١٣[ پِڙ ۾ پوڙيءَ رنگ، مانجهين رتا مولهيا
تريا رت ترنگ، رڻ ۾ راماڻا ڪري.
]١٤[ ڪٽاري ۽ ڪات، من مرادون پِنيون
رت ڀريائون وات، مانجهين هڏ مڇائيا
]١٥[ هلو ملهو مانجـِهيا! ويريين وٺون وير
جيئڻ ٿورا ڏينهڙا، پوءِ ڳڻبا پير
ٿندو سڏ سوير، صبحِ شهيدن کي.
]١٦[ سڃاتائون سڏ، جِيءُ جِيءُ ڪري اٿِيا
غازي ٿيندا گڏ، امل علي شاهه سين
فصل ٻيو
]١[ سو مر مرڪي مير، مل جنهين جو مرتضيٰ
دٻائي دشمن کي، ڪنڌ ۾ کوڙي ڪير
هادي همه گـِير، هڻي ڪند هٿن سان.
]٢[ مرتضيٰ جي من ۾، وڙهڻ جي وائـِي
شجاع سالم سنگتي، ساڻس سپاهي
قضا الاهي، آئـِي سر امير جي.
]٣[ سوڀون سر گهرن، سر ري سوڀ نه سپــِجي
سوڀ برابر سـِسـِيون، توريان تان
نه تــرن
جي هـِنبيڙي منجهه هرن، سي مل مهانگا سپرين.
]٤[ سـِسي لٿي سوڀ، جي هوند پايان پاند ۾
هي جڳ سوڌو لوڀ، هو پڻ گهوريو
گهوريان.
]٥[ سؤ سـِسين ڏيئـِي، وک وٺجي هيڪڙي
جنهن نيزي سـِر نيئـِي، مرڪايو
ميدان ۾.
]٦[ رڻ ۾ متـِي راند، اڄ اگهوري آئيا
ڪونڌن ڪلها گڏيا، پاسي ٿي پسماند!
چِمڪيون چئني پاند، مٿي سـِر
سرواهـِيون
]٧[ هيءُ گل گولي شاه، پرکا ڪارڻ پوکـِئو
ڪندو سنجهه صباح، مقابلو ميدان ۾.
]٨[ مرڪايائون مـِير، پتِ پاريائون پانهجي
اهڙو مرد منير، گهر سڀاڳي سپـِجي
]٩[ وڙهه وڙهندن ساڻ، هـِيڻي هڻ م هٿڙا
ڪڏائي ڪيڪاڻ، غازي! مار غنيم کي.
]١٠[ مڇن مٿي هٿڙا، رت ڀڪلـِيا وار
ڇٽا دس ديون ڪري، گڙيا گـــُرز
غبار
اچــِي اڙد امـِير تي، الٽيا
انڌوڪار
چونڊيو چئني پار، ٿو ڀاڱا ڀيچِين
کان وٺي
]١١[ هٿين چڪين، ڪاتـِيين، وڙهج ويريءَ ساڻ
پهرين مارج پاڻ، ته سوڀ مـِلي ئي
سٿـِري
]١٢[ ڪٽارو م ڪڍ، ويريءَ جي وجود مان
وڍئو ويٺو وڍ، انڊو وجهـِي اڱرا.
]١٣[ جان جان جهيڙو نه ڪري، تان تان ناهه سک
وڍئو ويريءَ آڱرا،
ڀڃئو لاهي بُک
راوت هٿان رڪ، رڻ ۾ راماڻا ڪري
]١٤[ هڻ ڪٽارو ڪات، ويري ويرم نه سهي
مڇڻ ڪا مصلحات، ڪانئر وجهيئـِي ڪن تي.
]١٥[ ڪانئـِر سندي ڪن تي ٻولـِي هڏ م ٻنڌ
مــر ته موچارو ٿئين، هـِيءَ نه
موٽڻ مند
ڪڇن منجهان ڪند، پٽي ڪڍ پٺاڻ کي.
]١٦[ ڀڄ م ڀيچين کاء، پاءِ پانجاري ان سان
مڇڻ تنهنجي ماءَ، منهن مٿاهون نه کڻي.
]١٧[ ڀڄي بَچ م ڪانڌ! مــر ته ماناتـِي ٿـِيان
تو سيڱا تو سڃا، رڻ ۾ رمن راند
تو ســر سوڙ پاند، آءٌ ڪيئن اوڍي
سمهان!
]١٨[ جي تون ڀڄي آئيين، ته اوڏو مون م اچ
تو ڳل ڏيان ٻانهڙي، ڪــر کي لايان
ڪچ
مون سهائي سچ، ڪوڙيون ڪانڌن ڪوڏيون
]١٩[ جي تون ڀڄي آئيين، ته آءٌ تنهنجي ڀيڻ
نٿ تنهنجي نڪ ۾، وجهان ڏيئي ويڻ
توڏي کڻان نيڻ، ته ڪــر پسان پٽ
ڏي.
]٢٠[ جي تون ڀڄي آئيين، تان تون ڪانڌ م ڪڇ
ويهه ڪوڙائي ڪوڏ سين، مادر جهوليءَ مڇ
جا ڏاڙهي پکـِيءَ پڇ، سا کونڌ ته
کاڏي اجِري.
]٢١[ کاڏي کٿِي صاف ٿِي، چِٽ چِٽائي مانگ
تو سر چڙي نانگ، ته مون منهن
مٿاهون ٿئي.
فصل ٽيون
]١[ موٽيا مادر زاد، پٽ پـِين جا رانئـِيا
وئا وساري نـِڪري، يار نه ڪيائون ياد
سندو سوڀ سواد، سر فروشن سپــِجي.
]٢[ هٿان حيدرشاه، سبق شجاعي سـِکيا
مٿي آئي مامري، ٻــِي نه ڪندا ڪا
جيڪا ربّ رضا، سا ڪؤنــر قبولي هلـِيا.
]٣[ سورهه سندي ســِر تي، سـِسيءَ سندو بار
جي تري تن ترار، ته حق ادا ٿِئو ان تان.
]٤[ چٻي تـِير تــرنگ، پــِڙ ۾ پاهورا ڪري
جهلون رتِ جهٻيــِليون، ڪيائون سنج
ســـرنگ
دعويٰ – دار درنگ، ڪٺا شاه ڪٽار سين.
]٥[
مري ذات مڙيءَ جي، تـِنهن ڪوءِ ڊڄي ڪـِينه
ظاهر
بُت
بَشر جو، سيني اندر شـِينه
تنـِي چاڙهي چــِينه، ڪلنگيون جن ڪپار ۾.
]٦[ ڪلنگيون جن ڪپار ۾، پائي تن پرک
هڻي هٿ هاٿيءَ کي، ٻي سڀ مهندان مک
ويا اڏامـِي ڪک، پــِڙ تان پاهڻ نه چري.
]٧[ مــرڻ ٿِئو مرڪ. جيئڻ جٺـِيرو ڪري
جي ڪندا تن ترڪ، سوڀ سرندي تن کي.
]٨[ پاکر اوڍ م تن تي، آڏي جهل م اوٽ
ڪوڙين اذاڪوٽ، ته پڻ ڪان قضا جو نه گـــُسي.
]٩[ تن توڪل پاکـِرئو، پاکر هڏ م پا
سينو سـِپر سامهون، آڏو ڏيندو آ
سندي رب رضا، مڃ ته مٿاهون ٿئين.
]١٠[ رڻ، راوت ۽ رڪ، ٽيئي پرتا پاڻ ۾
پيتائون پر ٿيا، منجهان سيف سرڪ
تيموري ترڪ، هاڃو ڪري هلـِيا.
]١١[ هاڃو ڪري هليا، ٿيو شاه شهيد
روزو ڇٽو رڻ ۾، اڳيئون آين عـِيد
مرشد ۽ مريد، هر دوئـِي هيڪ ٿيا.
]١٢[ ڳائو ڳــِجهه نه کاءِ، ماهي ماس
نه
هيرئين
تني کي واجهاءِ، ڪلنگيون جن ڪپار ۾.
]١٣[
ڳــِجهون ڳاڙهي وات، مون لمندي ڏٺِيون
جيڪس
مانجهي ماريا، رڻ ۾ پـِيين راتِ
پڪارون پرڀاتِ، ٻڌم ٻانهيارين جون
وائي
اچي علـِي شير، ماريندو هاڻي معايي ڄائي کي
١. حسن مـِير حسين جا، وير وٺندڙو وير
٢. ماريندو مردود کي، دم نه ڪندڙو
دير
٣. آءٌ پڻ وڙهيس ان سين، جي هوند هئڙا هير
٤. هلو ملهو مانجهيا! پوءِ ڳڻبا پير
٥. عليءَ سندس پٺڙا، قاسم ماري ڪير!
سر سسئي
فصل پهريون
]١[
ڪيچي يار ڪيوم، پــرڀونءَ ساڪـِن سپـــِرين
اڳ نه واقف ان جـِي، نه سو ڏيه ڏٺوم
سو تان هت سرئوم، جو هت لـِکيو لوح ۾
]٢[
نڪا قاسم ڪن، هئي، نڪا جوڙ جبَار
نڪو جـِن ملڪ هو، نڪا طير توار
نڪو اڀ زمين هو، نڪو باد بُخار
نڪو لوح قلم هو، نڪا ٻي پچار
انامن نور الله و ڪل شيءِ من نوري، صحي سٽ سنڀار
مون سڱ ساٿ ڌڻيءَ سان، هو تڏهانڪون تڪرار
ٻاروچو ٻِيهار، ڀيڙو ٿـِيم ڀنڀور ۾.
]٣[ نڪا ڪن فيڪون هئي، نڪا هاءِ نه هوءِ
نڪو رنگ نه روپ هو، نڪا بَشر بُوءِ
ٽي ٽولا ٽوليون ڪري، ربّ اڀاريا روح
پنهون پهرين صف ۾، مادر ڏٺو مونه
ساٿ ڌڻي جي سونه قاسم قلب نوازيو
]٤[ ڪيچان ڪيچي آئيا، رتا مولهه مٿن
پيچ پٽڪن واٽـِوان، جڙيا جوپ جتن
ٻاروچا معذوريون، ڪهندي ڪهل نه ڪن
بُغدي بَلوچن، ڌاڙي ڪارڻ ڌاريا.
]٥[ گونرا گؤنر گلن جان، اوٺي انبَ ورن
سروان سوڌا سپرين، سالون ساوا پن
سهسين سنبل موهـِيا، ڪاڪل ڪيچيئڙن،
پسـِي سونهن سوار جي، منهنجو موهيو من
قاسم اوءِ اچن، آءُ ٿي ڏوريان جن کي.
]٦[ گونرا گــَؤنر گلن جان، جهلن جهاٻا جهور
ٻانهوٽا ٻانهن ۾، منجِهن موتين مور
چانگا کڻي چور، هلياهوت پنهونءَ کي.
]٧[
جهلون
جهاٻا ٻانهٽا ڳانا ڳــَل سونهن
پڳ جـِهيڻا، ڪنڌ ونگڙا، ڪاڇِن ڪنڍا ڪن
چٻيو پانن پن، ٿا اوٺي چڙهن ان تي.
]٨[ مـِينا رنگ مغليون، موتين جوڙ مهار
مهري ٽؤنر مقيس جا، کـِڙيا کٽڻهار
سونهريون هٿ ساٿيين، جنبِيا جهوردار
منهن مهتابئون اڳرو، صورت جوت سوار
قاسم نوري ڪپڙا، دولهه سـِر دستار
آرياڻي اِن پار، آن ڪو ڏٺو اوٺيا
]٩[ نـِعم الجمل اوٺـِيين، مٿن راڪـِبَ خوب
قاسم! سونهن ڪيچيين، جبا ڳل عجوب
ميا ۽ محبوب، ويا لتاڙي لڪـِيون
]١٠[ نـِعم نڪ ناڪيلـِيون، راڪـِب رنگ گلاب
سريم ساٿ ڌڻيءَ جي، ڏٺي سونهن ثواب
آسونهين عذاب، قاسم لاٿا ڪيچيين.
]١١[ نـِعم نالو سڄڻين، نعم سندن نيڻ
نـِعم نينهن پنهونء جو،
نعم سريم سيڻ.
ويتر نـِعم ويڻ، قاف نـِعم ڪيچيين.
]١٢[ نـِعم نالو سڄڻين، نـِعم نيڻ سندان
پيدا ٿيو پنهونء جي، منجهان جوت جهان
وما ارسلناڪ اِلاّ رحمة لـِلعـــٰلمين، ضعيفن ضمان
جِهڙس گهاڙو نه گهڙيو، ڪو ڌران منجهه دڪان
داڙو ڏيندو دان، سڏي سنگهر پٽـِيين.
وائي-١
ٻاروچا ته ڀنڀور، پاڻ سڃاڻي آئـِيا
١. مٿان پِرين جـِندڙو، تان تون گهورئو گهور
٢. ٻانهي ٻاروچن جي، سڳر ويٺڙي سور
٣. مٿي چنيءَ چـِٽڙا، پنهون ٿيڙم پور
٤. وڻ منجهان ئي واسـِيا، عطر ڏين آتور
٥. ايندي لاٿا اوٺئين، قاسم هـِنيڙي هور
وائي – ٢
پنهل پاڻ سڃاڻـِي، هوت ڀنڀور ۾ آيو
١. پنهل سندي پير جـِي، خاڪ کٿوريءَ هاڻـِي
٢. ڪامل ڌڻي ڪيچ جو، آيم سو آرياڻـِي.
٣. ڪنديس ڪوهيارل سان، راتو ڏينهن رهاڻـِي.
٤. آءٌ جنهن جي آهيان، سوئـِي ٿيڙم ساڻـِي
٥. ٻولي ٻاروچن جـِي، قاسم ساهه سيباڻـِي
وائي – ٣
سائڙو ٿـِيم سجايو، مولي سو محب ملايو
هوت ڀنڀور ۾ آيو.
١. اچو اچو جيڏيون! ڳاج سهاڳـِي ڳايو
٢. هٿين پيرين ميندڙي عطر لڱن لايو
٣. پنهونءَ ڄاڃيڙن کي، خاصيءَ ڀتِ کارايو
٤. لائون ڏيئـِي لاڏ سين، پکي ۾ پرڻايو
٥. سسئي قاسم ڪانڌ کي، رانئي رات ريجهايو.
وائي – ٤
منهنجا آيا منجهه ڀنڀور، لٿا هور، من
مرادون پنـِيون
١. اِيندي ڪـِيڙي اوٺئين، عطر اوت اتور
٢. وڻ کٿوريءَ واسـِيا، تارڙي ڦلن ڦور
٣. محبت سندي من ۾، چري چور پچور
٤. ڳالهيون هوت پنهل سان، اوريو ويٺـِي اور
٥. گاذر چــِٽي گلڙا، پنهون ٿئڙس پور
٦. مٿان پــِرين جندڙو، قاسم گهوريو گهور
v
فصل ٻيو
]١[ ڪيچان ڪيچـِي آئييا، ويري وٺڻ وير
ڏٺم ٻاروچن جو، ڀؤ ڀوارون ڀير
منڌ ڏکوئي ڏير، پنهون نيندم پاڻ سان.
]٢[ ڪيچان ڪيچي آئيا، ويري ٻـِئي ورن
ميا پنهنجي مام جـِي، ڪنهن سان ڳالهه نه ڪن
جيڪا اٿن من، پوري ڪندا پانهـِنجِي
]٣[ اڄ وٺندا وير، جي هوند ڀانيان جيڏيون
پنهون نيندا پاڻ سان، دوري دس دلير
پاڻان پاسي پير، هوند نه ڇڏيم هيڪڙو.
]٤[ هوند نه ڇڏيم هيڪڙو، پير پراهون پل
پييم ڪانه پنهونءَ جِي، ڪــره لڏيندي ڪل
آرياڻي اجهل، ويا لتاري لڪـِيون.
]٥[ جيٿي ياد نه ڪن، نه ڪا آءٌ وساريان
هلان هاڙي سامهـِين، ٻيون ڏيئي ٻن
سدا جنڊ جتن،
پـِيهان پورهيت چائـِيان.
]٦[ جيٿي ياد نه ڪـِيائون، ته ڪيهو ڏک ڏيرن تي
ستيس پير ڊگها ڪري، اساري آئون
وهاڻـِيءَ واهون، ڏيان ڏونگر وٽِ ۾.
]٧[ مون تان سٻاجها سئا، ٿيا اٻاجها اڄ
نـِين نـِبَاهـِن پاڻ سان، اِيءَ ٻاروچـِي
لڄ
منڌ ڀنڀوران ڀڄ، تان آرياڻي اتان لهـِين.
]٨[ جي جت نه چون جـِي، ته آءٌ ڪا ٿيان ارهـِي
مٺـِي ٻور ٻروچ جي، ويتر ڀيرا ويه
ٻولـِي وڻي نه ٻـِي، جي مونکي چون
مولـِدان.
]٩[ ڇمان جان گــِندان، هلڪ روان ڙي جيڏيون
گوانڪان گــُڏا پــِرلاءِ، قاسم ٿي قيام
ور ناهي وريام، ٻاروچا ڀنڀور ۾.
]١٠[ ووءِ ووءِ وڃ م سپرين، هئي هئي هوت م هل
نـِند ايذا بِيا مئـِي گــِرا، پاسي ٿيءُ م
پل
جتا! ڏيو م جل، ڦري هن فقير کي.
]١١[ ووءِ ووءِ وڃ م سپرين، هئي هئي هل م هوت
واويلا سين وڍيو، هنيڙو
ٿـِئو ٻه پوت
جيءَ ۾ ٻري جوت، ڦوڙائي فراق جي.
]١٢[ ووءِ ووءِ وڃڻ وايون، بـِل ٿؤ هوت بَلوچ
ڪڍي هڻ م ڪرهي، قمچــِي منجهان ڪوچ
سندي لڪن لوچ، مڇڻ مونهان نه ٿئـِي.
]١٣[ ووءِ ووءِ وڃ م سپرين، هئي هئي هل م هاڻ
رهه اڄوڪي راتڙي، پنهون پاڻ سڃاڻ
ٻالوپڻ ٻنڌاڻ، هـِنيڙو ٻڌو هوت سين.
]١٤[ بـِل ٿؤ ڦاذا باتڙي، دوشـِي دوس ويا
سيڻ تنهنجا سسئي، پرڀونءَ رات پـِيا
قاسم ٿـِيندينء ڪـِيا، بانگوا ڀيڙي سڄڻين!
]١٥[ بـِل تؤ ڦاذا ان کي، دوشي ويڙا دوش
م ڪنون بانگوا باتڙي، رم مروشـِي روش
سندو جتن جوش، منڌ ماريندو ڪڏهين.
]١٦[ نـِند ته ٺرن نيڻ، وڃڻ وار م سپرين
بُرو ڦاذا باتڙي، واتان ڪر م ويڻ
سورن ڪارڻ سيڻ، قاسم ڪـِيڙا سسئي.
وائي – ١
رهو رهو رات، هوتا! هلڻ جـِي م ڪريو
١. مون وٽ ويهي م ڪريو، موٽڻ جي مصلحات
٢. پاند ڳچيءَ، هٿ پڳڙين، وجهان جتڙي وات
٣. مين وڃ م سپرين، پلاڻيو پرڀات
٤. مون جهليندي نه رهيا، ماء! زوراور ذات
٥. اڄ چــِتائـِي اوٺئين، قاسم ڪيچ قلات
وائي-٢
ڀيڙي منجهه ڀنڀور، رهو ٻاروچا راتڙي
١. مڇڻ مونهان نه ٿئي، سندي ڏونگر ڏور
٢. مون کي ڇڏي سپرين، آڇ م سور اتور
٣. تو پڄاڻان سپــِرين، هاڻ ماريندم هور
٤. ڳـــُجهان ڳـــُجهيون ڳالهڙيون، آءٌ
اوريندڙي اور
٥. تنهنجي قاسم سيدا!
]اٿم[
سڪ اتور
|