سيڪشن: شاعري

ڪتاب: خليفي صاحب جو رسالو

باب:

صفحو:10 

سر بروو سنڌي

فصل پهريون

 

]١ [    ساجن اڀو سنبَهي، ڪري هٿ ڪمان

        اٿس اکڙين ۾، بَڙودائي بان[1]

        پِرين پهلوان، رونسيو رڱي هٿڙا[2]

]٢ [   ڪمر پائي ڪات، ساجن اڀو سنبَهي

        ويا سي واڍوڙيا، ڪانه پڇائي ذات

        ڏنائين سا ڏات، چيائين ماڙهن ميهڻو[3]

]٣ [   مون کي ونجهل وڍيو، ڪونهي تن طبيب

        چتر ساڻ چڱي ٿِيان، جي لايين هٿ حبيب

        تنهنجو نانءُ نجيب، وٺيو ويٺِي وندران.

]٤ [   آءُ ته پرچون پاڻ ۾، رسڻ ناهه روا

        پِرين پير گهماءِ، اڱڻ اڪنڊين جي[4]

]٥ [   آءُ ته پرچون پاڻ ۾، ڇڏ روسامون رنج

        آءُ، گهرجين سنج، اڱڻ اڪنڊين جي.

]٦ [   آءُ ته پرچون پاڻ ۾، ڇڏ روسامين ريتِ

        ڇني مور نه ڇڏيان، سندو پاند پِريتِ[5]

        جئن لکمڻ ساڙي سـِيتِ، تئن مونکي ساڙم سپرين!

]٧ [   آءُ ته پرچون پاڻ ۾، هنيڙو هنيڙي گڏ

        اوکيءَ سوکيءَ سپرين، توکي ڪريان سڏ

        الله ڪارڻ اڏ، آڻي پکا اوڏڙا.

]٨ [   آءُ ته پرچون پاڻ ۾، رسي رات م ڇڏ

        اسين تابع تنهنجا، هنيڙا هنيڙي هڏ

        تپـِي تاب توڏ، تون ڪامل ڪندين ڪن سان!

]٩ [   آءُ ته پرچون پاڻ ۾، رسي راتِ م رنڊ

        لالڻ! لٿي چنڊ، اور ته ٺرن اکڙيون.

]١٠ [  آءُ ته پرچون پاڻ ۾، رسي رنڊ م راتِ

        اسين تابع تنهنجا، تون زوراور ذاتِ

        ساجن گهڙي ساتِ، اور ته ٺرن اکڙيون

]١١ [  اڄ پرتاسون، اِجهي سڄڻ آئيا

        مٿي پيرن مون، آڻي رکيون اکڙيون.

]١٢ [  اڄ پرتا عيد ٿِي، لٿِي مون تان لک[6]

        ڇٽا ڦٽ فراق جا، سامهان ٿِيڙا سک

        ڏجهڻ پاسي ڏک، اچي اوطاقي ٿيا.

]١٣ [  اڄ پرتا عيد ٿِي، لٿي اڃ اڪاس

        َمن مرادون پنيون، اکين پني آس

        وڍيوسون وسواس، ڦوڙائي فـِراق جو.

٤]١ [  اڄ پرتا عيد ٿي، پڇيائون پيهي

        ڳالهه ڪيائون ڳجهه جي، وٽان مون ويهي

        ڏٺاسون ڏيهي، من مرادون پنيون.

]١٥ [  ڏجهڻ ويا، ڏک لٿو، وري ٿئو وصال

        جانب جو جمال، ڏٺي ڏوک لهي ويا

]١٥ ڏجهڻ ويا، ڏک لٿو، سري مون صحت

        پريان پاسي سک ٿيا، ڇڏي کــر کپتِ

        سپيريان جي سٿِ، ڏٺي ڏک لهي ويا.

]١٥ [  ڏجهڻ ويا، ڏک لٿو، سري صـِحت سرير

        وڍي مرض وجود جا، ڪيا طبيبن تغير

        کـــر پسندي کير، مونکي پِرين پياريو.

وائي – ١[7]

الله واري آڻ، سانگ ويا جي سپرين

١.      منهنجو من پِرين سان، ٻڌو جيءُ ٻانڌاڻ

٢.     ڳجهيون اٿم ڳالهڙيون، آيل ماءِ  ان ساڻ

٣.     ويٺـِي فالون پائيان، اڪنڊڙي ان ڪاڻ

٤.     ڪندا قاسم مون پِرين، وهلڙي شال وراڻ

وائي -٢[8]**

        جي گهر اچين مون، لالڻ لک ڀلايون ڀائيان

١.      منئون مور نه وسري، سيد تنهنجڙي سونه

٢.     لئون پِريان جي نالهي، لڳڙي جا منجهه لون

٣.     پاجاڻيء جِي پِريتڙي، توڙ نڀايين تون

٤.      ڪڏهن ايندين سپرين، ڀِري منهنجي ڀون[9]

٥.      قاسم قريبن جي، ماري منڌ ورونه

فصل ٻيو[10]

]١ [    ڀچر ُ جون باهون، ٿيون جياريم جيڏيون!

        ڪڍي ٿو ڪرڙن ۾، ويچارو واهون

        آساتِي آئون، ڪتا ڪرڙج ڪيم ڪي.

]٢ [   ڪتا ڪرڙجِ ڪيم ڪي، مون ۾ ناهي ماه

        الله لڳ عجيب جو، راڱا رنڊ م راه

        ڀچر! ڪر م باه، متان لوڪ لک پئي.

]٣ [   ڪتا ڪرڙجِ ڪيم ڪي، رتِي ناهي رت

        نيش جهلڻ جي ناه ڪا، هڏي منجهه همت

        ڪتا ڇڏ ڪپت، ته موٽِي ميڙائو ٿئي.

]٤ [   ڪتا ڪرڙج ڪيم ڪي، مون ۾ ناهي مک

        آءٌ وڃان ٿي پِر ڏي، لوڪان ڪري لڪ[11]

        پان ورني پِڪ، من مون تي وجهن مون پِرين.

]٥ [   ڪتا ڪرڙج ڪيم ڪي، آساتي آهيان

        پسي پڇ لڏائيين، ڀلايون ڀانيان

        ڳڻ تنهنجا ڳائيان، ڀچر ڪري پئين ڀاڏ ۾.[12]

]٦ [   ڀچر ڪري پئو ڀاڏ ۾، ٿورو اسان لاءِ

        کڙڪو کڙيء پير جو، اڀو م اوناءِ[13]

        ڏجهڻ پئي م ڏاءِ، ته رمان راتِ رهاڻ ۾.

]٧ [   رمان رات رهاڻ ۾، ملان محبوبَن

        ڪتا ڪيون ٿي ڪيتريون، پرنون تو پرين

        مٿي ڪميڻن، ٿو ڀال ڀلايون ڪريين.[14]

]٨ [   ڪتو ڪاهي آئيو، راڱو مون تي رات

        وڌائين ٿي وات، پڻ ڌڻي ڌوتي جهليو.

]٩ [   ڪتو ڪاهي آئيو، راڱو روازي

        مهندئون مجازي، منهن تي هنيس موچڙو.

]١٠ [  ڪتو ڪاهي آئيو، راڱو ڪري روڙ

        اچيو آدمزاد تي، سامهين ڪڍي سوڙ

        ڪارايل جا ڪوڙ، متان مڃيو ماڙهئا!

]١١ [  ويٺو آهي واٽ تي، ٻهڙو جهليو ٻنڀ

        لنگهڻ ڏي نه لنبُ، پسان ڪيئن پِرين کي.[15]

]١٢ [  ويٺي آهي واٽ تي، ڪتِي ڪتي وٽِ

        پوتيون پانڌيڙن جون، ڦاڙيو ڪري پٽِ

        جا گلر ۾ گهٽِ، سا پؤنچـِي ٿي پوريون ڪري.

]١٣ [  پؤنچـِيءَ ڦاڙيا ڪپڙا، ساجن سبيا  سي

        پِرين پؤنچِيءَ کي، پادر هڻي پليو.

]١٤ [  ڀچر بَهي آئيو، کجڻ ٻڌو کاه[16]

        ڪتي ڪتي ڪن تي، ڪنهن ڏجهڻ وڌو ڏاه[17]

        تيلاه منجهان تاءُ، ٿو وڳي ويچارن تي.[18]

]١٥ [  ڀچر بَهي آئيو، ڪري هوء هڪل

        راڱي ملا راتِ جو، لڪڻ ڪونهي لل[19]

        پِرين! تنهن کي پل، ٿو وڳي ويچارن تي.[20]

]١٦ [  ڀچر بَهي آئيو، ڇڏي ڳوٺ ڳري

        ستا سيڻ جڳائيا، ويچاري وري

        پٽي دوست دري، هيجئون هلي آئيا.

]١٧ [  هيجئن هلي آئيا، لوڙهي ڏيئي لتِ

        معلوم ٿِي محبوبَ ي، ڪتي جِي ڪپتِ

        ڀچر ڀليءَ ڀتِ، ٻڌائون ٻاجهه پئي.

]١٨ [  سو لهه لڌائون، جنهن سين خوف خزان ٿيو[21]

        وجهي ڪڙنو ڪنڌ ۾، ٻهڙو ٻڌائون[22]

        ڏسڻ ڏنائون، لٿو ڀؤ ڀچر جو.

]١٩ [  لٿو ڀؤ ڀچر جو، وري ٿئو وصال

        ڏاڙهيندڙ ڏ٠ر ٿئا، ڪتو وئڙو ڪال

        ستي لوڪ سنڀال، لڌائون لطف سين.

]٢٠ [  ڀچر خچر خارجِي، ڪندو ڪوه بَهـِي

        ويهي رهيو وچ ۾، واڻي در وحِي[23]

        سهو ربّ صحي، ٿئو مهند محمد شاه جو.[24]

]٢١ [  ڀچر بَهي بَس ڪي، ٿئو سينڌو سڃاڻي

        ايندي ويندي واٽ ۾، ڏسي ڏهاڻي

        سڏي سهماڻي، سڪون لاٿيون سڄڻين.

]٢٢ [  ڪتن ڪونهي ڏوه، ڌڻين ڌاري ڇڏيا[25]

        ڪين ڇِڏيندا ڪڏهين، ري ڪوٺايو ڪو

        سڏي نيندا سو، جو پسند اِيندن پاڻ کي.

]٢٣ [  پسند اِيندن پاڻ کي، تنهن کي جهلي ڪير

        راڱو ريجِهي، تِنهن جا پاڻان چٽي پير

        وچان لٿو وير، صلح وارئو سڄڻين.

]٢٤ [  صلح وارئو سڄڻين، لٿِي ڪاڻ ڪتن

        پسي قربُ قريب جو، گلر گير نه ڪن

        توڏ ڇڏي تن، صلح ٿئو سگن سين.[26]

]٢٥ [  لٿِي ڪاڻ ڪتن جي، ته پڻ ڪاڻ ڪڍيجِ

        پِريان سندي پار جا، ’سائين‘ ڪئو سڏيجِ

        ته هڏهن ڪندا هيج، ساڃاه ڀريا سگڙا.

]٢٦ [  لٿـِي ڪاڻ ڪتن جي، ته پڻ ڪڍج ڪاڻ

        جي پِرين پاريا پاڻ، ڪـِهڙي توڏ تـِن سان!

]٢٧ [  قريباڻا ڪتڙا، پاڻان پيرين پون

        سگ سڃاڻن تن کي، جي حضوري هون

        پائي چڪ نه چون، امر ڌاران ان جي.

فصل ٽيون

]١ [   ساجن سج اڀار، نين نقابئون ڪڍيا

       حورن ٻڌا هٿڙا، پريون ٿيون پينار

       موهن سونهن – ملار، سورج سلامي ڪيا[27]

       سورج ڪيو سلام، اڀرندي عجـِيبَ کي

       پِيتائـِين پر ٿيو، منجهان جلوي جام

       اٿس مٿي عام، تيلهه سدا سوجِهرو.

]٢ [  قمر شمس شعاع، حاصل ڪيو حبِيبَ کؤن

       موهن روپ مهاءُ، ماکـِيءَ ميٺ پِرائيو.

]٣ [  پونم پاڻ پِري، ٻي سڀ اونده ان ري

       ميٽِي ويڄ وري، اچڻ سان آزار جي[28]

]٤ [  پونم پاڇويون، سجان چـِٽا سپرين

       ڪوتِل ڪوثر آبَ ۾، منجهان پِڪ پِيون

       جڳ ۾ جوت جِهون، پسان ڪونه پرين جي.

]٥ [  جني سڏ سڻي، سي مــر ڪنس سڏڙا

       ڌڻي جن ڌڻي، عرض اونائي ان جا.

]٦ [  سي مــر ڪنس سڏڙا، ڌڻيءَ ڌئا جي

       سؤ سؤ ڀيرا سي، مــر ساريو ڪنس سڏڙا.[29]

]٧ [  سڻي جي نه سڻي، ته پڻ ساعت سڏ نه لاهيان

       جي ڌڻي مون نه ڌڻي، پر مون تان ڌڻي ڌڻيو[30]

]٨ [  سڏن مٿي سڏڙا، ڪڪن پٺيان ڪوڪ

       مڇڻ ورچي ڇڏيين، ولولو ۽ ووڪ[31]

       ڪندا سڏ سلوڪ، البت عجيبن سان.

]٩ [  ڪانگل ڪر م ڪٿ، وڃ اڏامي اوڏهين

       ڏج سنيهو سڄڻين، رکـِي پيرين هٿ

       قاسم! ڪنهين ڀت، من ميڙائو ٿـِئي.

]١٠ [ ڪڏهن آئين ڪانگ، پريان سندي پار کؤن

       ويهي ڪر وصال جِي، ٻولي سر ٻِڙانگ

       جي سڄڻ وئڙا سانگ، سي اڄ اڏائي آڻ تون.

]١١ [ اڄ پسجين اِتِ، ڪالهه ڪٿي هوئين ڪانگڙا!

       وڻن چڙهيو واٽڙيون، آءُ نهاريان نتِ

       جي چڙهيا مٿي چِتِ، سي اڄ اڏائي آڻ تون.

وائي-١[32]*

ڪوپِريان جو پانڌي، آئڙو مون گهر اچي

١.      پسي پانڌي پر جو، هوند بيراڳڻ بَچي

٢.      ساريو پنهنجا سپرين، پاڻمرادڙي پچي

٣.      سڻي سندو سڄڻين، نينهن نياپڙو نچي

٤.      وايون ورڻ سنديون، ڪانگ سڻايم سچي

٥.      قاسم اٿم آسرو، پِريم اچي مان.

وائي-٢[33]**

ڪانگل پِريان جي پار جي، وو ساري ڏي سڌ مون

١.       جني لايا ڏينهڙا، سي تان سارياسون

٢.       پِريان سندي پار کؤن، ڪڏهن آئين تون

٣.       ڪڏهن ايندا سپرين، ڀيڻي منهجڙي ڀون

٤.       ايندا مان اجهائيان، دکي جا من ڌون

٥.       قاسم ڪان پِريان جا، لڳا سي منجهه لون.

 

سر راڻو

 

فصل پهريون

 

]١ [   وڄ ورنيون ڪامڻيون، نڱيون نادولا

        سر چِيرا، ڳل پيپِنيون، چِڪن سين چولا

        پاجاما پيرن ۾، وجهن واڍولا

        امل آتولا، پوتائون پازيب ۾.

]٢ [   اڄ نادولا نڱيون، آيون ڪاڪ ڪهـِي

        توڙئون طلسماتِ جِي، پرين ڳالهه پهي

        العشق نارالله، کنيائون ساڻ صحِي

        ٺهي سا ٺهي، آڻ ٺهي ڪانه ٺهي.

]٣ [   اڄ نادولا نڱيون، پريون ڪري پرواز

        ات اڏامي آئيون، جينءَ سو بَحري باز

        زنده طعامون تاز، هاڻ، گهرجن گهوٽئا

]٤ [   نادولاڻو نينهن، سو سينهائين اڳرو

        ڪلنگيون جن ڪپار ۾، تني چاڙهي چيئن

         ڪاڪؤن بچن ڪيئن، جينءَ ڪات ڪنارين هٿ ۾.

]٥ [   نادولاڻي نينهن جي، سڄي ڳالهه ڳري

        ڪا مئا، ڪي ماريا، ڪني سوڀ سري

        آيو ڪونه وري، قاسم ڪهڪ – دوال کؤن.

]٦ [   مومل ماڙيون اڏيون، ڪؤنر ڦلاريا ڪاڪ

        باغ، باغوچا، بنگلا، تني سونا طاق

        حسن پيئي هاڪ، لس لڊاڻي ڪنڌيين[34]

]٧ [   مومل، سومل، سهجان، مرادي مختـِيار

        گل ڦل کليا ڪيتڪـِي، چمن ۾ چوڏار

        اڙدابيگـِيون آئيون، چڙهي تند توار[35]

        ڪجي ڪانه ڪوار، قاسم تنهن ڪماچ جي.

]٨ [   راڻيون رنگ رتول ۾، ويٺِيون ڪن ورن

        ڪوڙين عاشق ڪيترا، مٿي پِڪ پــرن

        پروانا پڙلاؤ تان، واريا تان نه ورن

        ڪي ٿا ماڳ مــرن، ڪي قاسم گوندر گاڏوان

]٩ [   گجر سندي گام ۾، ڪٽارو ۽ ڪات

        ڪانه پڇائي ذات، منهن پِيا سي ماريا.

]١٠ [  گجر سندي گام ۾، ڪٽارو ۽ ڪوس

        سندو جِيئڻ سوس، لوڌي لاهي آئيا.

]١١ [  گجر سندي گام ۾، نت گهڙجي نينهن

        آتڻ مٿان عشقٰ جي، موگهون لايون مينهن[36]

        قاسم راتو ڏينهن، سڀڪو ڀيڙو سڄڻين.

]١٢ [  گجر سندي گام ۾، آديسي آيو

        پسڻ پري ذاتِ جو، ٿِيو ساميءَ کي سعيو

        گهڙنديئي گهايو، اِيندي آتڻ وچ ۾.

]١٣ [  بابُو سيکاري ٿئو، ميري منهن ملنگ

        اچي آتڻ وچ ۾، رات ڏٺائين رنگ

        جوڳيء سندي جان ۾، کتا خوب خدنگ

        ڪمر تاڻي تنگ، قاسم هليو ڪاپڙي.

]١٤ [  لوڌين هٿ لغام، گهوڙن پٺِ پلاڻـِيون

        من ۾ ڳــُجِهي مام، ڪا جا اٿن ڪاڪ جي.

]١٥ [  رکـِي شوق شـِڪار جو، هليا ساڻ همير

        دل بهادر دادلا، سڀي ساوج گير

        ڦٽيل دل فقير، صبّح گڏين سامهون[37]

]١٦ [  صبُح گڏين سامهون، سامي سون – ورن

        نڪو پاڻـِي پيٽ ۾، نڪو اندر ان

        مهيسـِيءَ جي من، ڪا ڳجهي آهي ڳالهڙي.

]١٧ [  صبح گڏين سامهون، راول چڱيءَ روءِ

        بابُوءَ سندي بُت ۾، کٿوري خوشبوءِ

        راڻي روبروءِ، ڳالهيون پڇيون ڳجهه جون.

]١٨ [  ڪٿان آئين ڪاپڙي، ڪٿ وهاڻيين راتِ

        سل سڀاڻـِي سور جِي، بابُو مون سان باتِ

        توکي طلسماتِ، مڇڻ وڌو مامري!

]١٩ [  آءُ گـِرناري گودڙيو، توڙان تن تنها

        قاسم ڪاپڙين جِي، نانيءَ منجهه نگاه

        منجهه ٻرنديءَ باه، اچي پِئڙس اوچِتو[38]

]٢٠ [ آءٌ گرناري گودڙيو، هليس کؤن هالار

        عشق جو آثار، ڪالهه پرايم ڪاڪ کؤن

]٢١ [  آءٌ گرناري گودڙيو، پورب منهنجو پنڌ

        وڍيو آتڻ واريين، ڪالهه منهينجو ڪنڌ

        قاسم پِيم ڪمند، ڪاڪل زلف ڪاڪ جو.

]٢٢ [ گدالو گرنار ۾، آسڻ اونچي روه

        اِيندي ڏٺم اکيين، جيڪين لکيو لوح

        آتڻ منجهه اندوه، ڪالهه پِرايم ڪاڪ کؤن.

]٢٣ [ گدالو گـِرنار ۾، ٻرڙي منجهه ٻهڪ[39]

        ڪاڪل ڪنوارين جي، ڏنو ڪالهه ڪهڪ

        ڌڪن مٿي ڌڪ، لڳم لطيفن جا.

]٢٤ [ نادولاڻي نـِينهن جا، پڇ ته ڏيان پار

        جي آيا سي اگــِهيا، اتِ ويندي جِي وار

        گجر سڀ گنوائيا، لوڏي لک هزار

        ڌڙ کؤن مٿا ڌار، قاسم لڇن ڪيترا.[40]

وائي

ڪاڪ ڌڻي ڪرها، چندن تو چاريندا

١.     پِرين سندي پيچِري، پير پروڙي پاء

٢.     نائي ناگر ولڙيون، جِينءَ کائين تينءَ کاءِ

٣.     اگر پِيڙو آهرين، توڙئون توهـِي لاءِ

٤.     آهي آتڻ وچ ۾، جمل تنهنجڙي جاءِ

٥.     ويندي ڪٿ پِرين ڏي، قاسم ڪجِ م ڪاءِ

فصل ٻيو

]١ [    پري ذاتِ پدمڻـِيون، ڪنين ڪندن لال

        چِٽيون چؤڏس چنڊئون، منهن ۾ نيڻ مشعال

        ڪاڪل ڪوڪبان سان، هيرو منجهه حمال

        اِنهيءَ جوت جمال، قاسم موهيا ڪيترا.

]٢ [   پري ذات پدمڻيون، اکين ۾ اِلماس

        منهن مهتابان اڳرو، تن چـِمڪي تاس

        ڪوڙين مير مواس، قاسم نينهن نمائييا.

]٣ [   پرين سندي پيچـِري، پير پروڙي پاءِ

        جي توکي سانگو سر جو، تان تون اوڏو مورم آءِ

        جنـِي جاءِ - نماء، سي مر وڃن سامهان.

]٤ [   راڻا ڀانءِ م راند، هـِي سڱ سورن گاڏئون

        سسي نيزي پاند، ڌڙ ڌرتيءَ گڏيا[41]

]٥ [   مومل موهيو مينڌرو، آيو آتڻ پاس

        ويٺو ڪاڪ وڻن ۾، ڪري لال لباس

قاسم ڪج تپاس، اِي مانڊي منڊ پکيڙيو[42]

]٦ [   ڪاڪ وڻن جا ڪوڏيا، آيا ڪاڪ ڪهي

        مومل جي مذڪور جِي، پِيڙن سڌ صحـِي

        جا پرين ڳالهه پهي، سا قاسم لکي لوڌيين.[43]

]٧ [   آتڻ ڪوڏيا آئيا، سوڍا شڪاري

        ويهندي ڪاِ وڻن ۾، بَڇيائون بحري

        ماريندو ماري، قاسم قمري ڪاڪ جـِي.

]٨ [   آتڻ ڪوڏيا آئيا، هـِتي لک هزار

        مهن پيا سي ماريا، هتِ ويندي جي وار

        قاسم! اِن ڪٽار، گهڻا لوڌي گهائيا.[44]

]٩ [   آتڻ ڪوڏيو آئيو، ڍوليو ڍٽ اوجار

        آيون اِستقبال تي، مومل جون مختيار

        آندا ارادابيگين، تحفا طعام تيار

        لٿو غم غبار، قاسم آئي ان جي.

]١٠ [  سومل سوڍي پاڻ ۾، ڳجهه ڳــرهي ڳالهه

        معلوم ڪيائين مينڌري، طلسماتي تال[45]

        پاڻ م کڻج پاڻ سين، ماسو هڙ نه مال

        قاسم ٿيءُ ڪنگال، ته سوڍا ماڻين سيجڙي.[46]

]١١ [  جا سومل سڻائـِي، سا سڀ مڃـِي مينڌري

        قاسم پييس ڪن تي، وصل جِي وائـِي

        ٻوڙي ٻـِيائي، سوڍو چڙهيو سيجڙي

]١٢ [  سوڍي سڏ ٿئو، اردابيگيون آئـِيون

        ڪوٺي رات ڪنواريين، منجهان ناز نئو

        اتي وير وئو، جـِتي پير نه پکڻان.

]١٣ [  جِتي پير نه پکڻان، نڪو جِن ملڪ

        نڪا بوءِ بَشــر جي، نڪو دئــِيءَ درڪ[47]

        رايت ربـِي بِربـِي، ٿئو حق سان واصل حق

        قاسم ڪونهي شڪ، مومل ماڻـِي مينڌري.

]١٤ [  مومل ڇڳو موتِيين، هيرومنجهه حمال

        منهن مهتائبون اڳرو، لب يمنـِي لال

        ڪاڪل ڪعبي – پوش جان، ابرو چنڊ هلال

        اِنهيءَ جوتِ جمال، مومل ماڻـِي مينڌري.

]١٥ [  مومل ماڻـِي مينڌري هنڌ هنڌ پيئي هاڪ

        فڪان قابَ قوسين اوادنيٰ، لٿو فرق فـِراق

        کٿوري خوشبوءِ سان، قاسم واسـِي ڪاڪ

        مومل ۽ مشتاق، هردوئـِي هيڪ ٿـِيا.

]١٦ [  راتيان ڏينهن رهاڻ، متـِي رنگ رتول ۾

        چٻي پان سوپاريون، سوڍو مومل ساڻ

        هنيڙي سنديون هاڻ، من مرادون پنيون.

]١٧ [  ڍوليو ڌڻي ڍٽ جو، سندو ڄامن ڄام

        اچئو اردابيگيون، سئين سئين ڪن سلام

        وير اڳين جا واريا، وارث وير وريام

        مٿان ڪاڪ ملام، قاسم! ڪاٽِي مينڌري.

]١٨ [  ڍوليو ڌڻي ڍٽ جو، ساڏورن سردار

        موکي ماڏن مڃــِيو، موڏورن مهندار[48]

        قاسم ڪاڪ ڪنڌين ۾، چڙهيا ڪالهه ڪنار

        سوڍي سليدار، وير اڳين جا واريا

وائي

راڻل رات مون گهر آيو، مون پرچايو

١.      اچو آتڻ واريون! ڳاج سهاڳي ڳايو

٢.      ڳائون ڏيئي ڳجِهيون، لالڻ مون گهر لايو

٣.      من مرادون پنـِيون، سائـِڙو ٿـِيم سجايو

٤.      قاسم ڪميڻيءَ تي، لائق! ٿورڙو لايو.

فصل ٽيون

]١ [   رت ورنون راتِ، سوڍا! رونو راڻيين[49]

        اکيون تنهنجي آسري، تن تنهينجِي تاتِ

        قاسم! ڳجهي ڪاتِ، مومل ڪٺـِي مينڌري.

]٢ [   ممل ڪٺـِي مينڌري، ڪات اولٽي اڄ

ڏنگيون سڌيون سپرين! ڪانڌ منهنجو ڪڄ

        پائي ڇاڻ م ڇڄ، ميٽِ مدايون مينڌرا[50]

]٣ [   مدي جي ميري، آءُ اوهان جي آهيان

        قاسم! ڪٽــر وچ ۾، وڌو ڪنهن ويري

        گوندر آءُ گهيري، سگهو موٽِج سپرين!

]٤ [   سگهو موٽج سپرين، وارث وير م لاء

        ڪرهو موڙي ڪاڪ تي، الله ڪارڻ آء

        جوڙي ڏيان جاء، اکيون اوتارا ڪري.

]٥ [   اوطاقون اکين ۾، وهڪ منجهه وجود

        لٿو سهو سجود، مومل ٿِيڙي مينڌرو.

]٦ [   مومل ٿِيڙي مينڌرو، ڇِنو غير گمان

        اڱڻ آئي جن جي، مومل لڌو مان

        صفت کي سلطان، منجهان نينهن نوازيو

]٧ [   سوڍي شڪ پِئو، ڪوڪٽ پسي ڪو ٻِئو

ڪرهو موڙي ڪاڪ تان، واري واڳ وئو

        قاسم نينهن نـِهو، هتان ڇـِني هليو.[51]

]٨ [   ڇال م ڇِڄي نـِينهن، پِرتِ پراڻـِي م ٿـِئي

        کوءِ رسڻ ٻن ريتِيون، کوءِ ڏولائي ڏينهن

        سندو محبت مينهن، وسي تان وس ٿئي.

]٩ [   وسي ته وس ٿِئي، اڻ وٺي وس نانهه

        سدا سونهي سڄڻين، ڳــَل سيراندي ٻانهه

        سندي دوئـِيءَ دانهه، قاسم ڪنين م سڻان.

]١٠ [  آءٌ ٿـِي ساريان سپرين، تون پِڻ ڪين ساريج

        فاذ ڪرونـِي اذڪرڪم، پِرين تون پاريج

        تو وري سڃـِي سيج، مومل موران نه وڻي.

وائي[52]*

اٿي ڍولڙيو ڍار، تو گهر راڻل آئيو[53]

١.      مومل رنگ رتول ۾، تان تون ڏيڙو ٻار

٢.      ڪرهو موڙي ڪاڪ تي، سوڍي لڌڙي سار

٣.      عيبَ ڍڪيندڙ آئيو، ڀوريءَ پاس ڀتار

٤.      ڪؤنر ڦلاريا ڪاڪ جا، کڙيا کٽڻهار

٥.      منهن ۾ سونهي مينڌري، قاسم ڪجل ڌار

سر کاهوڙي

]١ [   ڏوٿين گهڻا ڏينهن، ڏٿ ڏوريندي لنگهيا

       نت نت تازو نينهن، اٿن اِنهيءَ ڳالهه سنا.

]٢ [   ڏوٿِي ڏک ڏڌوڙيا، ڌوم دهوڙيا ڌپّ

       سنڊ، ٻهارا، سپ، پاسي ڪن نه پاڻ کان.

]٣ [   ڏٿ نه ڏٺائون، ڏوريندڙا ڏور ٿيا

       تِتان ’تون‘ ’آئون‘، ويئي وچائـِين نـِڪري.

]٤ [   ڏيه چِتائي ڏور، هتان ڏوٿِي هليا

       ڪونڌر منجهان ڪور، پر ڪيائون پانهنجا

]٥ [   کيتِي کاهوڙين، سنڊ کــرڪڻ سپڙا

       رڃ ۾ ڀڃيو راتڙي، ڪور پڇائون ڪن

       ڏونگر ڏوٿـِيڙن، ڏوري لڌو ڏٿ کي.

]٦ [   ڏوٿين ڏٺو ڏٿ، من ُرادون پنـِيون

       ڪالهه ٻهاري ٻٿ، ڪڻ ڪڍيائون ان مان.

]٧ [   پرڀونء وجِهي پاڻ، ڏوٿين ڏٿ سميٽـِيو[54]

       جِتي پير نه پکڻان، نڪو عبد اهڃاڻ

       سندي الک اماڻ، آندائون ان ڏيه مان.

]٨ [   جـِتي جاءِ نه ماءِ، سو ڏيه سوٺو ڏوٿئين

       سڻڻ پسڻ ناه ڪو، نڪا هوءِ نه هاءِ

       وڃڻ ڪاڻ وياءِ ڏٿ ڪريندا ڪن لاءِ.

]٩ [   سونهان ڏين صلاح، هن اورانهين ڏيه جِي

       آهي جِتِ الله، تِتي پنڌ نه پيچرو.

]١٠ [ لووساٽـِيا نه لک، اڃ نه اوڏي ان کي

       ڀڪوليا نه بُک، قوت ڪيائون ’ڪل‘ مان.

]١١ [  قوت ڪيائون ’ڪل‘ مان، ’جز‘ ۾ ڪم نه ڪو

       ‘’انا احمد بـِلا ميم‘، ڏيه سوٺائون سو

       ڪونڌر ڪندا ڪوه، تؤڻ لڌائون تن مان.

]١٢ [ جِتي سپ نه سپِجي، بَبَر ڀوءِ ڀڄن

       کلي کاهوڙين، وڻ چونڊيا تنهن ويڙ مان.

]١٣ [ جـِتي سپ نه سپجي، راڱا رت رئن

       ڏاه نه سڄي ڏيپلين، ڪارا نانگ ڪنبن

       کلي کاهوڙين، وڻ چونڊيا تنهن ويڙ مان.

]١٤ [ جِتي سپ نه سپجي، راڱا رئن رت

       اسونهن واٽ نه اڄهي، سونهن منجهي مت

       تِتان ڀليءَ ڀتِ، ڏوٿِين ڇڳا ڇاڻيا.

]١٥ [  وحشن وائـِي ناه ڪا، ڪيهر جـِتِ ڪنبن

       تِتي کاهوڙين، ڇپر ڇڳا ڇاڻيا.[55]

]١٦ [ ڪيهر ڪن هڻن جِت وحشن وائي ناه ڪا

         الا اِن اولياءَ الله لاخوف عليهم ولاهم يحزنون خوف نه کاهوڙين.

       تيلان وڃِي تن، ڇپر ڇڳا ڇاڻيا.

وائي

ڏونگرڙا ڏس ڏي، جبلڙا ڏس ڏي

                تو ڪي ڏوٿي ڏٺڙا

١.      تني سندا پيچرا، معلوم ڪر مونکي

٢.      ڀڃئو رڃن راڙيون،جهنگل جهڻڪن جي

٣.      پسـِي ڏوٿين ڏٿڙا، تنگون ڪيڙم تي[56]

٤.      ڪونڌر قاسم جن سان، رات سنڀاريم سي


[1] خ د. ”ٻرو وڌائي پان“، ڪ. ”ٻاڙو ڏائي پان“ ظ ”بڙودائي پان“

[2]  خ د ڪ ”رسيو رنگي“ ظ ”روسيو رنگي“ ”ظ“ روسيو رنگي.

[3]  خ  ”ڏنائين سو ڏات- الخ“

[4]  د ”پرتئون پير گھماءِ- الخ

[5] خ ظ د ٺ ”ڇنان مور نھ ڇڏيان، سندو پاند پرين“ ڪ ش ” ڇني مور نه ڇڏيان.- الخ

[6]  د ڪ ش. ”لٿي من تان لک“.

[7] * ھي وائي اصل ۾ ”سرکاھوڙي“ ھيٺ ڏنل ھئي، جتان ٽپائي ھت آندي وئي آھي.

[8] **  ھي وائي اصل ۾ ”سر کاھوڙي“ ھيٺ ڏنل ھئي، جتان ٽپائي ھت آندي وئي وئي آھي. ڪ ش ۾ ھيءَ وائي ڪانھي. ظ ۾ ٿلھ ھن طرح آھي تھ: اچين جي گھر مون، لالڻ لک ڀلائيو.

[9]  ھي مصرع فقط ظ ۾ آھي.

[10] * سڀني نسخن ۾ ھن فصل جا جملي بيت ”سر سسئي“ ھيٺ ڏنل آھن. د ۾ ھنن بيتن بيتن جي شروعات ۾ ھيٺيون عنوان ڏنل آھي: ”تمت ٿيو سر آبڙي جو، شروع ٿيو سر معذور جو“ يعني ته د موجب ھي بيت ”سر معزو جا آھن جيئن تھ ھنن بيتن ۾ جو مکيھ مضمون محبت ۽ مجاز آھي انھيءَ ڪري اھي ھن سر ھيٺ آندا ويآ اھن.

[11]  خ ظ. ”آءٌ وڃان ٿي پرڏيھ“، ڪ. ”ٿي وڃان پرڏيه“، د، ”آ؟ون ٿي وڃان پرڏيھه“.

[12]  ھيءَ بيت ظ ۾ ڪونھي.

[13]  خ. ڪنڪو ڪري پير جو“، ظ ”ڪن ڪو ڪري پير جو، ”ش ”ڪڻڪو ڪري پير جو،  ”کڙڪو ڪري پير جو، ڪ، کڙڪ کڙي پير جو.

[14]  ھي بيت خ م ۾ ڪونھي.

[15]  ھي بيت خ ظ ۾ ڪونھي

[16]  اصل ”کجرندو کاءُ

[17]  اصل ”ڏچر وڌو ڏانھ“

[18]  ھي بيت  فقط ظ ۾ آھي.

[19]  اصل ”لکر کولي لل“

[20]  ھي بيت فقط ظ ۾ آھي.

[21]  خ ظ د ”سولو لڌائون“

[22]  ظ ”وجھي ڪونو ڪنڌ ۾“

[23]  خ د ڪ ”واڙي دڙ وحي“ ، ظ ”وايند روحي“ ش ”واڙي در وحي،

[24]  ظ. سنھو رب صحي.

[25]  خ د ش ڌڻي، ظ ڪ. ڌڻين

[26]  خ د ش. ڌڻي، ظ ڪ. ڌڻين (٢) ھي بيت د ڪ ش ۾ ڪونھي.

[27]  ظ. موھن سونه مدار- الخ د ”سورج سلامي ڪيو.“

[28]  خ ”ميٽي ويڄ وري، اچڻ ساڻ آزار جي.“

[29]  اصل مر ساريو ڪن سڏڙا

[30]  ھي بيت ڪ ۾ ڪونھي

[31]  ظ ”و لو لو ۽ ووڪ“ (و لولون ۽ ووڪ؟)

[32] * ھي وائي اصل ۾ ”سرڪلياڻ“ ھيٺ ڏنل ھئي، جتان ھت آندي وئي آھي.

[33] ** ھيءَ وائي اصل ۾ ”سرسامونڊي“ ھيٺ ڏنل ھئي، جتان ٽپائي ھت آندي وئي آھي.

[34]  ظ حسن پني ھاڪ – الخ.

[35]  خ ”چري تند تٿوار“، ڪ ش. چڙھي تن تنوار، انھن پڙھڻين مطابق ”چر-ي تن توار“ يا ”ڇيڙي تند تنوار، انھن پرھڻين مطابق ”چري تند توار“ يا چيڙي تن تتوار“ به پڙھي سگھجي ٿو.

[36]  ظ ”موڪون لايون مينھن“

[37]  خ ظ د ش صبحا

[38]  د ش. مچ ٻرندي باھه- الخ

[39]  د ”ٻرڙي منجھ ٻھڪ“

[40] خ ”لوڇن ڪيترا“ ظ ”لوچن ڪيترا“

[41]  خ ڪ  ڌرتين گڏيا.

[42]  خ ”اي مادري منڊ پکيڙيو“ ظ ”اي مادر منڊ پکيڙيو“

[43]  ش ”لوڍيين“.

[44]  ش. ”لوڍي گھائيا“

[45]  ھيءَ سٽ ڪ ۾ ڪانھي

[46]  د سيڄڙئين“ ش سيجڙيين

[47]  ش ”نڪو ديھھ ڌڙڪ.

[48]  خ ڪ د ”موکي ماڊن منڃڻو موڏورن مھدار، ظ ”موکي مادن منجڻو موڏورن مھدار، ش ”مون ماڊن مڃڻو موڏورن مھندا.

[49]  خ ”سوڍو راڻ؟:ڻ، ظ د ”سوڍو رنو راڻئين“ ش ”رنو رات، سوڍو رنو راڻيينءَ،

[50] خ ”پائي ڇان م ڇڄ“، ظ ”پائي ڇان ۾ ڇڃ، ڪ د ”پائي ڇان مڇڃ“ ش پائي ڇاڻ مڇڄ.

[51]  خ ڪ د ش ”نينھن نئون“ ظ ”نينھن نھو“

[52] * ھيءَ وائي اصل ۾ ”سر گھاتو“ ھيٺ ڏنل ھئي، جتان ھت آندي وئي آھي.

[53]  ش ”آئي ڍولڙيون ڍار“

[54]  خ ”ونڇي ڦاڻ“ ظ. و ڄي.

[55]  ھي بيت فقط خ ۾ حاشيي تي ڏنل آھي ۽ ڄاڻايل آھي تھ ”ھمين بيت ھم حضرت خليفه صاحب است.“

[56]  ظ ”پسي ڏوٿين ڌٿڙا، تنڪون ڪيڙم تي.“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org