ملڪ آج آنند
سنڌيڪار: مقبول سومرو
وڃــــايـــل ٻـــــار
بهار جي موسم جو ميلو لڳل هو، ماڻهو سوڙهين گهٽين ۽ تنگ ڳلين جي
ٿڌيءَ ڇانو مان اهڙيءَ خوشيءَ سان وڌندا ميلي
ڏانهن وڃي رهيا هئا، جيئن تيز رنگ وارن سهن جو
ولر، پنهنجي تنگ ۽ اونداهيءَ واڙ مان نڪري، شهر
کان ٻاهر، سون وانگر چمڪندڙ سج جي روشنيءَ وارن
سمنڊ ۾ گهڙي پوي، ڪي پيرين پنڌ هئا ته ڪي گهوڙن تي
سوار ۽ ڪي وري بيل گاڏين ۾ چڙهي پئي ويا، هڪڙو
ننڍڙو نينگر، پنهنجي ماءُ، پيءُ جي وچ ۾ ڊوڙندو
وڃي رهيو هو. هو اهڙو ته خوش هو، جهڙي گلاب جي
ٽڙيل مکڙي، مشڪندڙ صبح، وڏي چاهه سان سڏي رهيو هو
ته اچو، هي ٻنيون ڏسو، جيڪي ساوڪ سان ڀرپور ۽ غذا
سان لبريز آهن.
”پٽ هيڏانهجن اچ!“ ڇوڪر کي سندس پيءُ چيو، رستي وارن دڪانن تي
پيل دانديڪن ڇوڪري کي اهڙو ته موهي وڌو هو، جو هو
پوئتي رهجي ويو هو، سڏ ٻڌي، هو ڊڪندو پنهنجي ماءُ،
پيءُ ڏانهن ويو، هن جا پير ته ”ماءُ ۽ پيءُ جو چيو
مڃجي“ واري اصول تي ڪم ڪري رهيا هئا، پر سندس
اکيون اڃان تائين پوئتي، رانديڪن ۾ کتيون پيون
هيون، ماءُ ۽ پيءُ وٽ پهچي، هو پنهنجيءَ دلي خواهش
کي دٻائي نه سگهيو، حالانڪ هن کي سندن اکين ۾
انڪار جي پراڻي جهلڪ چٽيءَ طرح ڏسڻ ۾ پئي آهي.
”مون کي هو رانديڪا وٺي ڏيو!“ هن ليلائيندي چيو.
پڻس پنهنجي قهري انداز ۾ اکيون ڳاڙهيون ڪري ڏانهنس گهوريو، ماڻس
جا سٺي ڏڻ ڪري ڪجهه نرم هئي، تنهن پنهنجي هٿ جي
آڱر هن ڏانهن جهلڻ واسطي وڌائيندي چيو ته ”ٻچا،
اڳيان ڏس!“
ٻار جي سڌ پوري ڪا نه ٿي، ان ڪري هن جي دٻيل نفرت اڃا سڏڪن سان
ڀرجي نڪتي هئي ڪا نه، ته سندس مشتاق نگاهون،
سامهون ايندڙ شين کي ڏسي، خوشيءَ سان ڀرجي ويون،
هو جنهن ٽنگي ڦڏي رستي تي وڃي رهيا هئا، تنهن کي
ڇڏي، پوک جي وچان هڪ پيچري تي هلڻ لڳا.
اها سرنهن جي ڦلاريل پول هئي، ان جو پيليون ڦندڙيون ائين پئي
ڏسڻ ۾ آيون، ڄڻ ڪنهن ڌرتيءَ تي پگهريل سان پٿاري
ڇڏيو هو، سرنهن جي پوک، سڌيءُ ۽ لسيءَ زمين ۾ پکڙي
هئي، روشنيءَ جو درياهه هو، جيڪو ٻهراڙيءَ جي ڇوٽ
۽ تازيءَ هوا جي جهوٽن سببان ڇوليون هڻي رهيو هو،
ڪٿي ڪٿي ائين پئي ڏسڻ آيو، ڄڻ ته اهو درياهه وڏين
۽ عاليشان نهرن ۾ پکڙجي ويو هو، پر تڏهن به پيلاڻ
جو درياهه، نوراني سمنڊ جي ڏورانهنءَ رڃ ڏانهن
مسلسل ڊوڙندو پئي رهيو، اهو جتي هلي ختم ٿيويو،
اتي هڪ طرف، ننڍڊين ڇتين، سان، ڪچيءَ مٽيءَ جي
گهرن جو هڪ ويڙهو هو، رنگ برنگي پوشاڪ وارين عورتن
۽ مردن جي وڏي انبوهه مان ايندڙ سيٽين، ڪيڪن، گوڙ
۽ شور جا آواز، ديوتائن جي ٽهڪن وانگر، وڻن جي
جهڳٽن مان ٿيندا، آسمان ڏانهن وڃي رهيا هئا.
ٻار انهيءَ وسيع رونق تي خوشيءَ ۽ عجب وچان پنهنجي ماءُ ۽ پيءُ
ڏانهن نهاريو، سمجهائين ته هو به اهڙا ئي خوش
هوندا، جهڙو پاڻ هو. اهو خيال ڪندي پيچرو ڇڏي، هو
اوجهڙ مان ٻنيءَ ۾ ڪاهي پيو ۽ وٺي ڪڏ ڪارا ڪڻ لڳو،
جهڙو ڇيرو، سندس ننڍڙا پير، پري پري تائين پکڙيل
ٻنهيءَ جي سرهاڻ کڻي ايندڙ هوا جي موجي جهوٽن سان
گڏ واڄٽ ڪندا ويا.
ڀنڀورين جو ولر، پنهنجي ڄاري جهڙن واڱڻائي پرن سان ڀون_ڀون
ڪندو، ڪنهن وقت ماکيءَ جي مک جو ته ڪنهن وقت پوپٽ
جو رستو روڪي رهيو هو، ماکيءَ جون مکيون ۽ پوپٽ،
گلن جي پيالن مان رس پيئڻ لاءِ هيڏانهن هوڏانهن
اڏامي رهيا هئا، ٻار هوا ۾ انهن کي اڏامندي ڏسي،
گد گه ٿي رهيو هو، ڪنهن وقت ڪا ڀنڀوري پنهنجا پر
ويڙهي ڪٿي ويٺي ٿي ته ڇوڪر ان کي جهلڻ جي ڪوشس ٿي
ڪئي، پر هن جي هٿن جي چپٽي اڇان ان جي پرن تائين
پهچي، تنهن کان اڳ اها هوائي ٿي، هوا ۾ اڏاميو ٿي
وئي، هڪ دلير ماکيءَ جي مک، کيس هرکائڻ ۽ لالچائڻ
لاءِ، سندس ڪنن جي چوڌاري ڀون ڀون ڪرڻ شروع ڪئي،
اها هن جي چپن تي ويهڻ واري هئي ته وري ماڻس جو سڏ
ٿيو ”ڇوڪرا، هيڏانهن اچ. گيس تان ٿي هل!“
هو خوشيءَ مان پنهنجي ماءُ_پيءُ ڏانهن ويو ۽ ڪجهه وقت ساڻن گڏو
گڏ هلڻ لڳو. گس تي اڏامندڙ جيت، جيڪي وڻن ۽ جهڳٽن
مان ولر جي صورت ۾ ٻاهر جي بهاري وڻڻ لاءِ نڪري
رهيا هئا، تن کي ڏسي ڇوڪرو وري مست ٿي ويو، انهن
کي ڏسندي ئي ڏسندي، هو وري پوئتي رهجي ويو ”ڇوڪرا،
هيڏانهن اچ!“ سندس ماءُ وڻن جي ڇانو مان هن کي
سڏيو، هو کوهه جي ڪپ تي اچي ويٺا هئا، شايد ٿڪجي
پيا هئا. ڇوڪرو انهن ڏانهن ڊوڙندو ويو.
اتي هڪ وڏو بڙ جو وڻ، پنهنجون طاقتون ٻانهون زيتون، نم ۽ سرنهن
جي وڻن مٿان پکيڙيو بيٺو هو. سونهري گلن واري
املداس ۽ حلواڻي رنگ واري گلمور جي مٿان ان جا ڏار
ائين ڇانو ڪري بيٺا هئا، جيئن پوڙهي ناني پنهنجن
ڏهٽن مٿان لوئيءَ جو پلاند وجهندي آهي. لڄارو ٻور،
پنهنجي سنڀاليندڙ جي سنڀال جي باوجود، گهڙيءَ
گهڙيءَ سج کي سجدا ڪري رهيو هو. گلن جي خوشبوءِ،
نرم ۽ وٺندڙ هير سان گڏ جي هڪ ٿي وئي ته جيئن هوا
جو زوردار جهوٽو ان کي اڏائي مٿي کڻي وڃي.
ٻار جيئن وڻن جي جهڳٽي ۾ گهڙيو، تيئن هن جي مٿان گلن جي ورکا ٿي
وئي، هن پنهنجي ماءُ-پيءُ کي وساري، مٿان مينهن
وانگر وسندڙ گلن جون پنکڙيون هٿن سان ميڙڻ شروع
ڪيون، ايتري ۾ هڪڙي ڪبوتر جي هو-هو ٻڌي، سندس
سمورو ڌيان اوڏانهن ڇڪجي ويو ”اما، ڪبوتر!“ ائين
چوندو، هو پنهنجي ماءُ-پيءُ ڏانهن ڊوڙيو. گلن جون
ميڙيل پنکڙيون سندن هٿن مان ڪري پيو. هن جا
ماءُ-پيءُ خوش ٿيندا، اهو سڀ ڪجهه ڏسندا ويا
”ڇوڪرا، هيڏانهن اچ!“ هنن ڇوڪري کي سڏ ڪيو، جيڪو
هاڻي بڙ جي وڻ ڏانهن ڊوڙي وڃي رهيو هو، ڇوڪر کان
ساڻ ڪري، هو وري ڏنگي ڦڏي پيچڙي ٿي هلڻ لڳا، اهو
پيچرا گڏجي، ميلي جي سمنڊ ۾ وڃي ٿي گم ٿيا، ڇوڪر
جنهن دنيا ۾ وڃي رهيو هو، تنهن هن کي بلڪل موهي
ڇڏيو هو.
ميلي جي لنگهه واريءَ ڪنڊ وٽ هڪ مٺائيءَ وارو گلاب، ڄمون،
برفيءَ ۽ جليبيءَ جا هوڪا ڏئي رهيو هو، مٺاڻ جا
شوقين سندس رنگا رنگي مٺاين جي دڪان تي ڳاهٽ ٿيا
بيٺا هئا، مٺائي سون ۽ چانديءَ جي ورقن سان
سينگاريل هئي، اهي شيون ڏسي ڇوڪري جو وات ڦاٽي
ويو، برفيءَ تي ته هن جي روح ريلا پئي ڏنا. اها هن
کي ڏاڍي وڻندي هئي ”مون کي برفي وٺي ڏيو“ هن آهستي
آهستي چيو، پر جيئن ته کيس اڳتي ئي خبر هئي ته ان
ڳالهه تي سندس ماءُ-پيءُ ڌيان ڪو نه ڏيندا ۽ چوندا
ته هو ڏاڍو هٻڇي آهي، انهيءَ ڪري جواب جي انتظار
ڪرڻ کان اڳ ئي هو اڳتي وڌي ويو.
هڪ ماڻهو ڳاڙها، ساوا ۽ واڱڻائي ڦوڪڻا لٺ ۾ ٽنگي، اڏائي رهيو
هو، ڇوڪر ڦوڪڻن جي ريسمي رنگن تي چريو ۽ مست ٿي
پيو، هن جي دل ۾ انهن سڀني کي ڦوڪڻا وٺڻ جو زوردار
خواهش پيدا ٿي، ليڪن هن کي چڱيءُ طرح خبر خبر هئي
ته سندس ماءُ-پيءُ اهڙي قسم جي رانديڪن وٺي ڏيڻ
لاءِ ڪڏهن به راضي نه ٿيندا ۽ چوندا ته تون هنن
رانديڪن سان کيڏڻ کان وڏو ٿي ويو آهين، تنهن ڪري
هو اتان اڳتي وڌيو.
اڳيان هڪ جوڳي، مرلي وڄائي، نانگ کي نچائي رهيو هو، نانگ ويڙهيو
سيڙهيو ٽوڪريءَ ۾ پيو هو ۽ مرليءَ جي سريلي آواز
تي ڪنڌ کڻي، ڦڻ ڪڍي لهرائي رهيو هو. ڇوڪري جوڳيءَ
ڏانهن نهاريو، سندس دل ٿي ته اتي بيهي اهو تماشو
ڏسي، پر جڏهن ياد پيس ته سندس ماءُ-پيءُ کيس جوڳين
جي مرلين ٻڌڻ کان منع ڪئي هئي، تڏهن هو اتان اڳيان
چو ڏول نهايت تکو ڦري رهيو هو، مرد، عورتون ۽ ٻار
ان جي تيز چڪرن سبب ڏاڍيان کلي ۽ هڪلون ڪري رهيا
هئا، ڇوڪرو ڏاڍي چاهه سان انهن کي ڦرندو ڏسي رهيو
هو. هن جي منهن تيگلابي مرڪ اچي وئي، سندس اکيون
به چوڏول سان گڏ ساڳيءُ رفتار سان ڦرنديون رهيون،
حيرت وچان هن جي وات ئي ڦاٽي ويو، ڏسندي ئي ڏسندي
هو ائين محسو ڪرڻ لڳو ڄڻ پاڻ به پري رهيو هو، چڪرو
تمام تيز ڦري رهيو هو، پر پوءِ آهستي آهستي ڍرو
ٿيڻ لڳو، انهي ساعت ڇوڪري پنهنجي آڱر کڻي وات ۾
وڌي، چوڏول بيهي رهيو. هن دفعي هن ۾ همت اچي وئي،
سندس ماءُ-پيءُ جي دائمي انڪار جي خيال اچڻ کان
اڳ، هن بيڊ پائيءَ سان چيو : ”امان، پينگهي ۾
چڙهان!“.
کيس ڪو به جواب ڪو نه مليو. هن پنهنجي ماءُ-پيءُ ڏانهن نهاريون،
اهي سامهون ڪين هئا! هن وري ڪنڌ ورائي، پاسيڏانهن
نهاريو؛ هو اتي به ڪين هئا. هن وري پٺيان نهاريو،
پر هو اتي به ڏسڻ ۾ ڪين آيا.
هن جي خشڪ نڙيءَ مان هڪ وڏي رڙ نڪتي، اوچتو ئي اوچتو، ڇرڪ ڀري،
وٺي ڊوڙيو ۽ ڊپ مان ”اما“ ۽ ”بابا“ پڪارڻ لڳو، هن
جو ڳاڙهو منهن خوف ۽ گهٻراهٽ جي ڪري زرد ٿي ويو،
هراس وچان، پهرين هڪ هڪ پاسي ڊوڙيو ۽ پوءِ ٻئي
پاسي، اهڙيءَ طرح، چوڌراري ڊوڙون پاتائين، ٿڪ ڳهي
ڳهي هن جي نڙي ساڻي ٿي وئي، ڊوڙڻ سبب سندس ڦڪي رنگ
جو پٽڪو به لهي وڃي ڳچيءَ ۾ پيو، پگهر ۾ شل ٿي ويو
هو، جنهن سان ڪپڙا به ڀڄي ويا هئيس، پسيل ڪپڙن تي
وري ڌوڙ پئي ته سڄو بت چيڳٺ ٿي ويس، سندس هلڪو بدن
اهڙو ڳرو ٿي پيو، جهڙو شيهو؛ کڄيس ئي نه. ڪجهه وقت
هيڏانهن هوڏانهن ڊوڙڻ کان پوءِ، آخر هو نااميد ٿي
بيهي رهيو، سندس رڙيون هاڻي دٻجي سڏڪن ۾ بدلجي
ويون، ڪجهه پرڀرو، سائي گاهه تي، هو پنهنجن ڌنڌلين
اکين سان ڪن مردن ۽ عورتن کي ڳالهائيندي ڏسي رهيو
هو، سندن تيز رنگ وارين پوشاڪن ۾ هو پنهنجي
ماءُ-پيءُ کي سڃاڻن جي ڪوشس ڪري رهيو هو، مگر هو
اتي به ڪين هئا. هو وري به تيزيءَ سان ڊوڙيو، هن
دفعي هو درگاهه ڏانهن ڊوڙيو، جتي ماڻهو ڳاهٽ ٿي
رهيا هئا، اتي ايتري ته خلق اچي مڙهي هئي جو تر
ڇٽڻ جيتري به جاءِ ڪا نه هئي، هو ماڻهن جي جنگهن
وچان نڪرندو ”امان“ ۽ ”بابا“ چوندو، تيزيءَ سان
سڏڪا ڀريندو ويو، درگاهه جي در وٽ ماڻهن جي پيهو
پيهه لڳي پئي هئي، ٿلها ستارا ماڻهو خلق کي زور
سان ڌڪا ۽ ٿيلها ڏئيرهيا هئا.
ويچاري ٻار انهن جي پيرن مان اڳتي وڏڻ جي ڪوشش ڪئي، پر هو سندن
حيواني لتن سان هيڏانهن هوڏانهن کينهوڙي وانگر
ٿڏبو رهيو، جيڪڏهن هو ڏاڍيان رڙ نه ڪري ها ته جيڪر
پيرن هيٺان چيڀاٽجي وڃي ها. انهيءَ انبوهه مان هڪ
شخص ڇوڪر جون رڙيون ٻڌندو ۽ ڏاڍيءَ تڪليف سان کيس
ٻانهن تي کنيو.
”ڇوڪر، تون هتي ڪيئن آئين؟ ڪنهن جو پٽ آهين؟“ گوڙ مان نڪري، ان
شخص ڇوڪر کان پڇيو.
ڇوڪرو ائين کان وڌيڪ هينئون ڦاڙي رڙيون ڪرڻ لڳو ۽ روئيندي
روئيندي چوڻ لڳو، ”منهنجي امان ڪيٿ آهي؟ بابا ڪٿي
آهي؟“
ڇوڪر کي پرچائڻ جي خيال کان، هو هن کي چوڏول ڏانهن وٺي ويو ”هنن
گهوڙن تي چڙهندين؟“ هن نرميءَ سان ڇوڪر کان پڇيو،
ڇوڪر جي نڙي هزار سڏڪن سان ڀرجي وئي، هن صرف ايتري
رڙ ڪئي ”منهنجي امان ڪٿي آهي ؟ بابا ڪٿي آهي؟“
اهو شخص وري انهيءَ هنڌ ڏانهن وڌيو، جتي جوڳا آڃان تائين مرليءَ
سان نانگ جو تماشو ڏيکاري رهيو هو ”هي راڳت ته ٻڌ،
ڪهڙو مٺو آهي!“ پر ٻار پنهنجي ٻنهي ڪنن ۾ کڻي
آڱريون وڌيون ۽ وڌيڪ زور سان رڙيون ڪري چوڻ لڳو
”منهنجي امان ڪٿي آهي ؟ بابا ڪٿي آهي؟“
هو شخص ڇوڪري کي وري ڦوڪڻن واري وٺ وٺي آيو، سمجهائين ته رنگا
رنگي ڦوڪڻا ٻار جو خيال هٽائي ڇڏيندا ۽ هو چپ ٿي
ويندو ”ڏس، هي ڳاڙهو ڦوڪڻو کپئي؟“ هن ڇوڪري کي
ريجهائڻ جي خيال سان چيو، پر ڇوڪر ڦوڪڻن کان منهن
ڦيرائي چوڻ لڳو. ”منهنجي امان ڪٿي آهي ؟ بابا ڪٿي
آهي؟“
اهو شخص اڃان تائين اهو خيال ڪري رهيو هو ته ڪيئن به ڪري ڇوڪر
کي پرچايان ڏٺائين، دروزاري وٽ گلن وارو بيٺو هو،
هو ان کي اوڏانهن وٺي ويو ”ڏس، هنن گلن ۾ ڪهڙي نه
سرهاڻ آهي! انهن جو هارڳچيءَ ۾ وجهندي؟“ پر ٻار
پنهنجو نڪ گلن کان پري هٽائي ڇڏيو ۽ سڏڪا ڀري چوڻ
لڳو : ”منهنجي امان ڪٿي آهي ؟ بابا ڪٿي آهي؟“
هن سجهيو ته ڇوڪرو مٺاين تي پرچي ويندو، انهيءَ ڪري هن کي مٺائي
جي دڪان تي وٺي آيو ”تو کي ڪهڙي مٺائي وڻندي آهي؟“
ڇوڪري پنهنجو منهن مٺائيءَ جي دڪان کان ڦيرائي،
سڏاڪ پريندي چيو ”منهنجي امان ڪٿي آهي ؟ بابا ڪٿي
آهي؟“.
سليم احمد
سنڌيڪار: مصطفيٰ قريشي
مـــــوســــم ۽ مــــحـــــبــت
(شروعاتي موسيقي)
شهناز: بابا ! او هو، اوهين ته ڪمري کان ٻاهر ئي نٿا ڪنرو، ٻاهر
هلو بابا ڏسو، موسم ڪيتري ته سٺي آهي!
ناصر: موسم؟ (ڦڪي کل کڪندي) منهنجي لاءِ اندر ۾ ۽ ٻاهر هڪ ئي
موسم آهي، ڌيءُ سرءُ جي موسم!
شهناز: بابا، ڪيترا نه اداس آهيون، اوهين. آءُ اوهان جي ڌيءَ
آهيان، بابا، پر اوهان جو ڏک نٿي ڏسي سگهان، هن
ڪمري ۾ ته منهنجو ساهه ٿو گهٽجي، ڪيتري نه اوندهه
آهي ! ۽ توهين هتي جي اداس تنهائين ۾ خبر ناهي ڇا
سوچيندا رهندا آهيون، اچو بابت ٻاهر هلو، ٻاهر
زندگي آهي، بهار آهي، روشني آهي…هلو بابا!
ناصر نه شهناز منهنجي دنيا هن ڪمري ۾ ئي آباد آهي، يادگيرين جي
اها حسين دنيا، جنهن کي مون پنهنجو سڀ ڪجهه وڃائي
حاصل ڪيو آهي، هتي جي اوندهه مون کي روشنيءَ کان
وڌيڪ عزيز آهي، هن ڪمري ۾ تنهنجي ماءَ رهندي هئي.
(شهناز هلڪي آه ٿي ڀري) تڏهن هي ڪمرو ايترو اداس،
ايترو تنها ۽ ايترو تاريڪ نه هو، هتي ئي پهريون
دفعو منهنجي محبت اکيون کوليون هيون ۽ مون کي خبر
پئي هئي ته زندگي ڪيتري قدر حسين آهي، هتي ئي اسان
قسم کنيو هو ته ڪڏهن به هڪٻئي کان جلدا نه
ٿينداسين، ڪڏهن به نه !
شهناز: بابا
ناصر:
ڪيترو نه عجيب دور هو اهو! ڪهڙا نه مرڪندڙ
رات_ڏينهن هئا!
شهناز: ڏينهن ۽ رات ته هاڻي به سٺا آهن، بابا،
ناصر: هن ئي ڪمري ۾ آخري ننڊ ڪرڻ کان اڳ هن مون کي چيو هو ”شب
بخير، ناصر سڀاڻي صبح تائين“ ۽ پوءِ هو سمجهي پئي،
هميشه وانگر پر هميشه هميشه لاءِ جيئن بهار جي
موسم جا گل مٽيءَ جي تهه ۾ سمهي پوندا آهگن، هڪ
نئين صبح تي جاڳي اٿڻ لاءِ پر…پر اهو نئون صبح
ڪڏهن ايندو؟ ڪو نٿو ڄاڻي، ڪير به نٿو ٻڌائي! صرف
هڪ اداس آواز هڪ ابدي نغني وانگر منجهن ڪنن ۾
گونجي رهيو آهي ”شب خير!...شب بخير!“
شهناز: بابا ٿوري دير لاءِ ٻاهر هلو، ڊاڪٽر منصور جن آيا هوندا،
شايد انور به اچي، انهن سان ويهي ڳالهيون ٻولهيون
ڪجو.
ناصر: (افسردگيءَ سان کلي ٿو) شايد توکي هتي ويٺي منجهه ٿئي ٿي
(مرڪندي) ڪيئن؟
شهناز جيڪڏهن تنهنجي دل مون وٽ ويهڻ کان گهٻرائي ٿي ته پوءِ آءٌ
تو کي نٿو روڪيان تون ڀلي وڃ.
شهناز: بابا
ناصر: گذريل وقت کي ڪو به روڪي نٿو سگهي، ڪو به نه، تون ننڍڙي
هئينءَ، جڏهن تنهنجي ماءُ مون کان جدا ٿي هئي، تو
کي ڏسندو هوس ته منهنجي دل کي آرام ملندو هو، مون
کي محسوس ٿيندو هو ته ڄڻ تون اها ئي آهين، جنهن کي
آءٌ وڃائي ويٺو آهيان، تو کي ته ڇا ياد هوندو، پر
تون جڏهن ننڍڙي هئينءَ، تڏهن آءٌ تو کي پنهنجي
ڪمري ۾ ڪٿي به ويهڻ نه ڏيندو هوس، سواءِ پنهنجيءُ
هنج جي.
شهناز مون کي ياد آهي، بابا مون کي ياد آهي
ناصر (افسردگيءَ سان کلي ٿو) پر تو کي ٻاهرينءَ دنيا سان پيار
آهي، جتي زندگي آهي، بهار آهي، روشني آهي، ۽…۽
انور آهي!
شهناز: بابا!
ناصر (کلي ٿو) انور جو نالو توکي خراب لڳو
شهناز: نه، بابا.
ناصر: سٺو لڳو؟ چئه؟
شهناز: اوهين ڪهڙيون ڳالهيون ٿا ڪريون، بابا!
ناصر: آءٌ ڄاڻان ٿو، شهناز، تو کي هن سان محبت آهي نه؟
شهناز: محبت گناهه ته نه آهي، بابا!
ناصر: پر محبت ۾ پيءُ کي وساري ڇڏڻ گناهه آهي، ڪنهن انسان کان
سندس آخري سهارو ڦر گناهه آهي.
شهناز: بابا، بابا خدا جي واسطي اهڙيون ڳالهيون نه ڪريو!
ناصر: آءٌ تو کي ڪڏهن به پاڻ کان جدا نٿو ڪري سگهان، شهناز:
تون منهنجي زندگي آهين، تنهنجي جدائي تنهنجي بابا
کي ماري ڇڏيندي، نه نه ائين نه ٿيندو، ائين نٿو ٿي
سگهي… تو کي مون سان واعدو ڪرڻو پوندو ته تو
پنهنجي بابا کان ڪڏهن به جدا نه ٿيندينءَ، ڪڏهن به
نه.
(موسيقي)
* * *
شهناز: اچو ڊاڪٽر! ڏاڍي دير ڪئي اٿو، بابا ڪيتريءَ مدت کان
توهان جو انتظار ڪري رهيو آهي، اڃا هينئر پئي
چيائين، ”خبر نه آهي ته ڇا ڳالهه آهي، جو اڄ
منهنجو پاڇو اڃان تائين نه آيو آهي“
ڊاڪٽر (کلندي) طبيعت ڪيئن اٿن؟
شهناز: ڊاڪٽر، مون کي ته ڏاڍو فڪر آهي، سندن صحت ڏينهون ڏينهن
ڪرندي پئي وڃي، جيئن پوءِ تيئن وڌيڪ پوڙها ٿيندا
وڃن.
ڊاڪٽر: بهار کان پوءِ خزان ۽ جوانيءَ کان پوءِ ٻڍاپو ايندو آهي،
شهناز اهو فطرت جو قانون آهي.
شهناز: آءٌ احتجاج ڪريان ٿي، ڊاڪٽر! آءُ فطرت جي انهيءَ قانون
جي خلاف احتجاج ٿي ڪريان! ڏسو ڊاڪٽر اهو ڪيڏو نه
وڏو ظلم آهي جو انسان کان، سواءِ يادگيرين جي سڀ
ڪجهه ڦريو وڃي ٿو، ايذاءَ رسائڻ واريون يادگيريون
ورح کي تڙپائڻ واريون يادگيريون ! مون کي يادگيرين
کان نفرت آهي، ڊاڪٽر ! فطرت جيڪڏهن ايتري ڪنجوس
آهي جو هر انسان کان سندس خوشي ڦري، پنهنجا خزانا
ڀرڻ ٿي گهي ته پوءِ يادگيرين جو روح کي ڀڃندڙ بار
به ان کي ڦري وٺڻ گهرجي.
ڊاڪٽر ها شهناز تو ٺيڪ ٿي چوين، جواني ائين ئي سوچيندي آهي، يا
شايد هيءُ هڪ عورت جو تصور آهي، جنهن جي فطرت
هميشه هڪ نئينءَ تخليق جي منتظر رهندي آهي، ماضي
هن جو ٿي سگهي ٿو. پر هوءَ ماضيءَ جي ٿي نٿي سگهي
ڇو ته هن جو واسطو مستقبل ۽ نئين انسان سان آهي،
اهو بائيولاجيءَ جو اصول آهي.
ڊاڪٽر: ها شهباز آدم هميشه پنهنجيءَ وڃايل جنت جي ياد ۾ گم
رهندو آهي، پر حوا جنت کي وساري، پنهنجي لاءِ هڪ
نئون گهر ٺاهيندي آهي_ پوءِ ڀلي ته اهو گهر مٽيءَ
جو ئي ڇو نه هجي، جتي هوءَ پنهنجن ٻارن کي پالي
سگهي، اهو هن کي جنت کان وڌيڪ پيارو هوندو آهي.
شهناز (سوچيندي) هون… ممڪن آهي، منهنجي خيال آهي، انهيءَ قصي ۾
ٿوري گهڻي معنيٰ ضرور آهي، آءٌ پڪ سان ته ڪجهه
چئي نٿي سگها، پر مون کي ايترو مڃڻ گهرجي.
ڊاڪٽر: چئه چئه ماٺ ڇو ڪئي؟
شهناز: ڊاڪٽر ڇا اهو نٿو ٿي سگهي جو بابا جي حالت ڪجهه سڌري پئي
_رڳو ايترو جو هو پنهنجي ٽهل تڪور پاڻ ڪري سگهي_
رڳو ايتري، جو هنن کي منهنجي ضرورت نه ٿئي، عجب
آهي، ڊاڪٽر بابا مون کي بلڪل اهڙي ٿو ڏسڻ گهري،
جهڙي 15 سال اڳ آءٌ هيس، جڏهن اما وفات ڪئي هئي،
صرف ٽن سالن جي ٻارڙي! اڃا به مون کي ننڍڙي گڏي
ڪري سڏيندو آهي.
ڊاڪٽر (کلندي) اهو ماءُ_پيءُ جو تمام پراڻو ڪامپليڪس آهي،
شهناز!
شهناز: ها ڊاڪٽر اهو صحيح آهي ته ماءُ_پيءُ هميشه اولاد کي اهڙو
ئي ڏسڻ چاهيند آهن، پر کين ايترو حقيقت پسند هئڻ
گهرجي جو هو پنهنجيءَ انهيءَ خواهش کي روڪي سگهن،
ڇو ته اولاد هميشه هنن جو رانديڪو بڻجي نٿو رهي
سگهي.
ڊاڪٽر (مرڪندي) شهناز!
شهناز: انصاف ڪريو، ڊاڪٽر آءُ هاڻي ننڍڙي گڏي ته نه آهيان آءٌ
شهناز آهيان! يا توهين به مون کي بابا وانگر ننڍڙي
گڏي ٿا سمجهو؟
(ڊاڪٽر افسردگيءَ سان کلي ٿو) ڪيئن، ڊاڪٽر؟
ڊاڪٽر: تو اڄ هڪ غلط تار کي ڇيڙيو آهي، شهناز! آءٌ تو کي ڇا ٿو
سمجهان، اهو آءٌ پاڻ به نٿو ڄاڻان، مون کي صرف
ايترو ياد آهي ته جڏهن هڪ رولاڪ مسافر وانگر،
اجنبي راهنن تان ڀٽڪندو آءُ هن گهر ۾ آيو هوس ته
مون کي هڪ ننڍڙي ٻار چيو هو_ (ٻار وانگر
ڳالهائيندي) ”هاڻي آءُ توهان کي وڃڻ نه ڏيندس!
هاڻي آءُ توهن کي نه ڇڏينديس!“ ۽ مون کي ائين
محسوس ٿيو هو، شهناز، ڄڻ آءٌ پنهنجي منزل تي پهچي
ويو هوس.
شهناز: (پر اشتياق لهجي ۾) اها آءٌ هيس ڊاڪٽر؟
ڊاڪٽر: ها شهناز!
شهناز: توهان کي مون سان ڏاڍي محبت آهي ڊاڪٽر!
ڊاڪٽر (سوچيندي) آءٌ ڪجهه چئي نٿو سگهان، شهناز، منهنجي زندگي
هڪ ڳجهارت آهي. (پنهنجي منهن کلندي) دوست مون کي
ازلي ڪنوارو ڪري ڪوٺيندا هئا، منهنجي زندگيءَ ۾
ڪيتريون ئي عورتون آيون ۽ انهن سان گڏ اهي موسمون
به آيو، جن کي محبت جي موسم چوندا آهن، پر اهي
عورتون اڏامندڙ ڪڪرن وانگر هميشه مٿان ئي گذري
ويون، ڪا عورت مون کي روڪي نه سگهي، هر دفعي مون
کي ائين محسوس ٿيو، ڄڻ منهنجي منزل ڪنهن ٻئي هنڌ
آهي_ جسم ۽ خواهش جي دنيا کان پري، عور ت۽ ان جي
حسن کان تمام گهڻو پري ۽ هر دفعي آءُ ڀڄندو هيس.
شهناز: ڊاڪٽر توهين عورت کي محبت جي قابل نٿا سمجهو؟
ڊاڪٽر: نه ته مون کي غلط نه سمجهه، آءٌ عورت جو احترام ٿو
ڪريان، هن ۾ ڪيتريون ئي خوبيون اهڙيون آهن، جن تي
خود فطرت کي ناز ڪرڻ گهرجي، پر انهي هوندي به هر
عورت مون کي هڪ اڻپورو نقش ٿي معلوم ٿئي، ڄڻ سندس
شخصيت سندس سونهن سوڀيا، خود هن لاءِ نه آهي، بلڪي
ان لاءِ، جنهن لاءِ هوءَ پيدا ڪئي وئي آهي.
شهناز (کلندي) هميشه وانگر توهان جون ڳالهيون ڪجهه بور ٿينديون
پيون وڃڻ، ڊاڪٽر!
ڊاڪٽر: ڇو ته هيءَ صرف وضاحت آهي ۽ وضاحت به هڪ اهڙيءَ ڳالهه جي
جنهن کي هر عورت فطرتن نا پسند ڪري ٿي، هزار سالن
جي آواره گرديءَ کان پوءِ مون انهيءَ حقيقت کي
سمجهيو ته مڪمل ترين عورت آئيسس آهي، مصرين جي اها
ديوي، جنهن جي گود ۾ ٻار آهي.
شهناز (کلي) ۽ ِشايد انهيءَ ڪري ئي بابت توهان کي پنهنجو پاڇو
ٿا چون!
ڊاڪٽر: تون پنهنجي پيءُ کي سمجهي نه سگهين آهين، شهناز!
شهناز: اهو وري ڪيئن؟ (طنزي انداز ۾ ڇا منهنجي بابا جو پاڇو،
مون کي ٻڌائي سگهندو؟
ڊاڪٽر (پراسرار لهجي ۾) تنهنجي بابت جو پاڇو ڄاڻي ٿو ته هو پيءُ
ٿي ڪري به پي نه آهي.
شهناز: ڊاڪٽر توهين غلط ٿا چئو، هو صرف پيءُ آهي.
ڊاڪٽر: نه_ صرف مرد، جيڪو پنهنجي خدا جي ڳولا ۾ آهي، هو ڪنهن کي
نٿو سڃاڻي پنهنجي ڌيءُ کي به نه! هو شهناز ۾ شهناز
کي نٿو ڏسي، هو ان جي چهري ۾ صرف پنهنجي زال جو
عڪس ٿو ڏسي، زندگي جو هر شي هن لاءِ صرف هڪ ياد
آهي، صرف هڪ نشاني هرشي شهناز.
(موسيقي)
* * *
ناصر: زندگي هڪ ڳجهارت کان گهٽ نه آهي، ڊاڪٽر منصور! مون پنهنجو
ڪو به راز توکان ڳجهو نه رکيوآهي، مون کي هميشه
کان ازل کان يا شايد اسين ٻئي هڪ آهيون، هڪ ئي
وجود جون ٻه شڪليون، رڳو اسان جا نالا جدا جدا
آهن، پر هاڻي جڏهن زندگيءَ جي شام جا پاڇا لڙي
رهيا آهن، مون کي ائين ٿو محسوس ٿئي ڄڻ ته اسين
ٻئي هڪٻئي جي ايترو ويجهو ٿي ڪري به اجنبي آهيون.
ڊاڪٽر: تون بلڪل اڪيلو آهين!
ناصر: ها ڊاڪٽر آءُ بلڪل اڪيلو آهيان، آءُ پنهنجو سڀ ڪجهه
وڃائي ويٺو آهيان، سڀڪجهه! اهي يادون به جيڪي
زندگي جو سرمايو هيون، انهن مست موسمن جون يادون،
جن ۾ ٽهڪ ئي ٽهڪ هوندا هئا، ڊاڪٽر، شيد هاڻي مون
کيمري وڃڻ گهرجي!
ڊاڪٽر: (افسردگيءَ سان) هاڻي مري وڃڻ گهرجي!
ناصر: تون ٺيڪ ٿو چئين... پر آءُ گهڻو اڳ مري چڪو آهيان، 15
سال اڳ! مون پنهنجو پاڻ کي دوکي ۾ رکيو، مون هڪ
ڪوڙي جنت وسائي، جنهن ۾ آءُ هوس ۽ هوءَ هئي، جا
مري وئي ۽ وري شهناز جي روپ ۾ زنده ٿي آئي، ڊاڪٽر
تو کي خبر آهي، شهناز مون کي ڇا چيو؟
ڊاڪٽر: اهو ئي جيڪا هر ڪا ڇوڪري ڪنهن نهن ڪنهن وقت پنهنجي پيءٌ
کي چوندي آهي، ڪڏهن خاموشيءَ سان، ڪڏهن جهڪيل
نگاهن سان، جڏهن زبان سان، ڪڏهن صرف اهڙيءَ مرڪ
سان، جيڪا آئيني ڏسڻ سان چپن تي اچي ويندي آهي.
ناصر: ها، ڊاڪٽر پر مون ۾ ان جي سهپ ڪانهي، هاڻي شهناز منهنجي
آهي، هوءَ مون کان سواءِ ٻئي ڪنهن جي به ٿي نٿي
سگهي. آءُ هن کان سواءِ زنده رهي نه سگهندس!
ڊاڪٽر: نه ناصر ائين نه چئه ائين نه سوچ.
ناصر: پر ڇو؟ مون هن کي نياپو آهي، هن لاءِ پنهنجي سڄي زندگي
قرنان ڪئي اٿم. هوءَ منهنجي اڪيلي، اداس ۽ مايوس
زندگيءَ جو آخري سهارو آهي، آءُ هن جي جدائيءَ جو
غم سهي ڪو نه سگهندس.
ڊاڪٽر: اهو غم هر پيءُ کي سهڻو پوندو آهي، ناصر!
ناصر: نه نه (جذبات ۾ اچي) آءٌ ڪنهن جو پيءُ نه آهيان! ڪا به
ڌيءُ ڪانهي! (جوش ۾ اچي) آءُ نه صرف هن جو آهيان،
جيڪا شهناز جي روپ ۾ زنده آهي، هن کي ڪو به مون
کان ڦري نٿو سگهي، ڪو به نه!... انور به نه! تو کي
خبرآهي، ڊاڪٽر، شهناز کي انور سان محبت آهي! هو
شادي ڪرڻ ٿا گهرن ۽ شاديءَ جي معنيٰ تون ڄاڻين ٿو،
ڊاڪٽر!
ڊاڪٽر: هڪ نئون گهر!
ناصر: انور هن کي مون کان ڦري ورتو آهي، ڊاڪٽر! هاڻي منهنجي
محبت جي هن کي ڪهڙي ضرورت؟ هن لاءِ آءُ رڳو
ماضيءَ جي نشاني وڃي رهيو آهيان، جنهن کي ختم ٿي
وڃڻ گهرجي.
ڊاڪٽر: هر پيءُ جي ازلي ۽ ابدي ڏک واري گهڙي اها ئي هوندي آهي،
منهنجا دوست! زندگي مستقبل جي امانت آهي، هر نئون
گهر، جنهن جيپيڙهه رکي وڃي ٿي، مستقبل جي حدن کي
اڳڀرو وڌائي ڇڏيندو آهيان، تو کي اها ڏک واري گهڙي
قبول ڪرڻ گهرجي.
ناصر: نه نه!... نه!... اوه، خداوندا، آءٌ اعتراف نٿو ڪرڻ
چاهيان، حقيقت جو چهرو ايترو ته تاريڪ آهي، جو
آءُ هن کي پنهنجين نظرن کان به لڪائڻ ٿو چاهيان،
پر لڪائي نٿو سگهيان، آءُ اعتراف ڪرڻ کان مجبور
آهيان، ڊاڪٽر! هوءَ انور جي محبت ۾ اچي مون کان
نفرت ڪرڻ لڳعي آهي... نفرت!
ڊاڪٽر: آئيندي جي امانت، آئيندي جي حوالي ڪري ڇڏ، هوءَ تو سان
محبت ڪندي.
ناصر نه آئيندو هڪ دوکوآهي، آءٌ ڪنهن به اهڙي مسقبل کي نٿو
مڃان، جنهن جو مون سان ڪو تعلق نه هجي، شهناز
منهنجي محبت جو يادگار آهي، هن کي رڳو مون سان
محبت ڪرڻ گهرجي.
ڊاڪٽر: اها محبت نه آهي، خود غرضي آهي، ناصر!
ناصر: هر محبت خود غرض ٿئي ٿي، ڊاڪٽر!
ڊاڪٽر: تون انهيءَ حقيقت کي نٿو سمجهين سگهين، انهيءَ ڪري ته
پيءُ ٿي ڪري به پيءُ نه آهين.
ناصر: اوه، هي تو هو ڇا ٿو چوين، ڊاڪٽر تون؟ جنهن کي ماڻهو ازلي
ڪنوارو ٿا سڏين!
ڊاڪٽر: (افسردگيءَ سان کلندي) تون اهو وساري ويٺين، ناصر ته
آءٌ تنهنجو پاڇو آهيان، يا شايد اسين ٻئي هڪ
آهيون، رڳو ڪاتب تقدير جي قلم جي هڪ جنبش اسان کي
هڪٻئي کان جدا ڪري ڇڏيو آهي.
ناصر: ڊاڪٽر منهنجي ذهن ۾ هڪ خيال آيو آهي، مون کي رڳو تنهنجي
مدد جي ضرورت آهي، ڊاڪٽر! (پر اسرار گوشيءَ ۾) ڇا
تو کي شهناز سان محبت آهي؟ ها، تون انڪار نٿو ڪري
سگهين! مون کي خبر آهي ته تو شادي ڇو نه ڪئي،
ننڍپڻ کان ئي هوءَ تنهنجي روح تي حاوي آهي، مون
ڏانهن ڏس! تو انڪار نه ڪندين!
ڊاڪٽر: نه آءٌ اقرار ڪريان ٿو.
ناصر: ته بس، ٺيڪ آهي، شهناز کي تو سان شادي ڪرڻي پوندي!
ڊاڪٽر: شادي؟ هي تو ڇا ٿو چوين، ناصر!
ناصر: آءُ سچ ٿو چوان، تو سان شادي ڪري هوءَ هن گهر ۾ ئي رهندي،
انور هن کي مون کان جلدا ڪري نه سگهندو.
ڊاڪٽر: ها، هوءَ مون کي سڄي دنيا کان به وڌيڪ عزيز آهي، هن کي
خوش ڏسڻ لاءِ آءُ پنهنجي جان نه ڏئي سگهان ٿو،
شايد منهنجي زندگي به رڳو هن جي محبت جي ڪري ئي
قائم آهي. پر...پر آءُ نٿو ڄاڻان ته اها محبت
ڪهڙي قسم جي آهي! هي منهنجي روح جو هڪ اهڙو تجربو
آهي، جنهن کي هميسه گونگو رهڻ گهرجي، آءُ صرف
ايترو ڄاڻان ٿو ته هيءَ محبت جسماني خواهشن کان
بلند آهي، آءٌ فطرتن رڳو هڪ پيءُ آهيان.
(موسيقي)
* * *
|