5. شيخ عبداللطيف راهوٽي: عقلي خواهه نقلي علمن مو
متبحر عالم ٿي گذريو آهي، مذڪور مولانا ضياءُ
الدين جو ڳوٺائي ۽ همعصر هو.
6. مير ڪمال الدين مهدوي: سيد ميران مهدي (سيد محمد مهدي) جو
پوٽو هو، جڏهين سيد ڪمال ڄائو، تڏهين سيد ميران هن
کي ڏسي پڇيو ته ”هن جو نالو ڇا آهي؟“ کيس ٻڌايائين
ته ”لالن“ فرمائين ته هي لالن پالڪيءَ ۾ وهندو
ڇاڪاڻ ته هي هڪ بزرگ ٿو ڏسڻ ۾اچي، آخرهو وڃي فاضل
خان جو ناٺي ٿيو.
7. سيد محمد: سيد ميران جو نياڻو ۽ ڪاني ڪرامت جو صاحب هو.
8. درويش صالح: ڪڪراله پرڳڻي ۾ مشهور عالم ۽ ڪرامتن جو صاحب ٿي
گذريو آهي، سنه 1000هه کان اڳ فوت ٿيو، يعني 1591ع
کان اڳ.
9. مخدوم ملا بايزيد بن مخدوم ملا آري لاکو سونڊوي: هن صاحب جو
والد هڪ ڪامل، وقت جو شيخ ۽ سيد علي شيرازي اول جو
مريد هو، ڪينجهر ڍنڍ جا ملاح ۽ مڇي ماريندڙ قوم
گندرا اصل سندس مريد هئا، مگر جڏهين هي مخدوم سيد
صاحب جو مريد ٿيو ته هن گندار قوم کي نذر طور سيد
صاحب جي سلسلي ۾ داخل ڪيائين، ان ڪري اها قوم
پنهنجو تعلق سيد علي شيرازيءَ جي اولاد سان قائم
رکندي ٿي اچي، هي بزرگ اصل هنڊ قوم مان آهن ۽
سونڊن ۾ دفن ٿيل آهن.
ملا بازيد هي به بزرگي ۽ فقيريءَ جي سڀني صفتن سان موصوف ٿي،
راهي ٿيو ۽ پيءَ جي ڀرسان مدفون آهي، ملا ابوبڪر
ملا بايزيد جو فرزند پڻ پيءُ ڏاڏي وانگيان نيڪ
صفتن سان موصوف هو، انهيءَ کان روايت آهي ته ”وجد
جي حالت ۾ مون کي پيءُ فرمائيندو هو ته وڃي ڪو
ڪامل مرشد ڳولي هٿ ڪر ۽ ڪڏهين ڪڏهين سيد عبدالڪريم
جو نالو به کڻندو هو، نيٺ هڪ ڏينهن ٻيڙيءَ ۾ ويٺو
هوس ته ڪڪر پيدا ٿيو، انهي مان هڪ مرد مون تي پرتو
وڌو ۽ جيڪي مليم سا اتان مليم“ هن صاحب جو ذڪر
شاهه عبدالڪريم رحه جي بيان العارفين ۾ به آيل
آهي، مخدوم بايزيد جي ضمن ۾ گلزار ابرار جي صاحب
هن کي لاکو سڏيو آهي ۽ لکيو اٿيس ته ميرزا
عبدالرحيم خانخانان مسيح زمان جي خدمت ۾ بيان ڪيو
ته ٺٽي جي فتح وقت جڏهن مان مخدوم جي خانقاهه تي
پهتس، تڏهن سندس گرامي صحب مان مون کي تمام گهڻو
باطني فروغ حاصل ٿيو، مصرع ”آيهء نور باد شمع شبش“
10- 11. سيد يعقوب ۽ سيد اسحاق مشهدي: هي ٻئي ڀائر ڄام نندي جي
ڏينهن ۾ سن 901هه/1495ع ۾ مشهد مقدس کان لڏي اچي
ساموئيءَ ۾ سڪونت ڪيائون، سيد يعقوب جي حالت باطني
ڪمالات سان سينگاريل هئي، ساموئيءُ جون ست ستيون
سومرن جي ستم کان تنگ اچي، سندس دامن ۾ پناهه گزين
ٿيون، هي بزرگ سن 922هه/1516ع ۾ لاڏاڻو ڪري ساموئي
۾آرامي ٿيو، هن جو اولاد ڪڪرالي جي داري ديه ۽ آڪر
۾ رهواسي هو. سيد يعقوب جو ٻيو ڀاءُ سيد اسحاق پڻ
باطني ڪمالات سان سينگاريل هو، پويان ڪو اولاد ڪو
نه ڇڏيائين، ڀاءَ سان گڏ مدفون آهي، سيد يعقون کان
پوءِ سنيد فرزند رشيد سيد دادئود جا نشين ٿيو ۽
آخر شهيد ٿيو، ان کان پوءِ سيد ابوالڪمارم به بلند
اخلاقن ۾ مشهور هو، جهانگير بادشاهه به سندس عضمت
جو قائل هو.
12. قاضي سيد شڪر الله شيرازي ۽ سندس اولاد: قاضي سيد شڪر الله
سن 906هه/1500ع ۾ هرات کان قنڌار ۽ اتان شاهه بيگ
جي حڪم سان سن 927هه/1520ع ۾ ٺٽي ۾ آيو، مرزا شاهه
حسن جي ڏينهن ۾ ٺٽي جي قضا جي عهدن تي فائز ٿيو،
پاڻ انصارن مان شادي ڪيائين. شاهه صاحب سان ٺٽي جا
ٽي ٻيا به وڏا ڪمال جا صاحب بزرگ ٺٽي آيا ۽ انهي
دوستن جي وچ ۾ هڪ روحاني اتحاد هو، هي آهن. سيد
منبه، سيد ڪمال ۽ سيد عبدالله گجراتي، سيد شڪر
الله وفات وقت پنهنجي ناليري پٽ مير ظهير الدين
والسلام عرف مير جادو کي وصيت ڪئي ته ”پنهنجي
اولاد کي مشڪل پيش اچڻ وقت هنن يارن مان ڪنهن به
هڪڙي ڏي رجوع ڪرڻ جي هدايت ڪري” ان ڪري سيد شڪر
الله ثاني بن سيد جادم جي ٻنهي فرزندن سيد محمد
حسن ۽ سيد ظهير الدين ثاني جو اولاد سيد منبه سان
متعلق آهي، سيد نظام الدين بن سيد نور محمد بن سيد
شڪر الله ثاني جي اولاد سيد ڪمال سان لاڳاپيل آهي
۽ سيد عبدالرحمان بن سيد جادم جو اولاد سيد
عبدالله جو دامن جهليندڙ آهي،سيد شڪرالله جي تربت
سيد عبدالله جي درگاهه جي الهندي ۾ خدا وارن جي
زيارتگاهه آهي. سيد شڪر الله جو اولاد شڪر الاهي
سادات تمام گهڻو ٿيو ۽ ان مان ڪيترائي بزرگ پيدا
ٿيا، اسان جو مير علي شير قانع به سندن خاندان مان
آهي.
13-14. سيد ڪمال ۽ سيد جمال: ٻئي بزرگوار اصل حسيني، شيراز جا
رهندڙ مذڪوه سيد شڪر الله جي دوستيءَ ۽ رفاقت ۾
ٺٽي آيا، سيد ڪمال جو ذڪر مٿي ٿي آيو آهي، ساري
عمر مجرد رهيو، وفات بعد رهڻ واري حويلي محله مسگر
۾ مدفون ٿيو، سيد جمال جو مقبروسيد شڪر الله جي
ڀرسان آهي، سيد جمال کي شاهه غيب به چوندا هئا ۽
هر بزرگ مجذوب به هو، انهن جو ذڪر تحفته الطاهرين
محله سهتيه جي بزرگن ۾ ڪيو آهي.
16. سيد بدر الدين مارندراني: سيد بدر پنهنجي وطن کي ڇڏڻ کان
پوءِ زيارت ڪندو سن 967هه/1669 ۾ عربي سمنڊ جي
رستي ديول بندر تي لهي ٺٽي لاءِ روانو ٿيو، جڏهن
سرڪاري پرڳڻي جي هالا ڳوٺ ۾ پهتو تڏهن انهي ڳوٺ جي
ناليرن بزرگ سيد سلطان شاهه برفع پوش عرف لوڌي سيد
صاحب جي اچڻ جي خبر ٻڌي کيس اتي رهڻ لاءِ چيو،
برقع پوش بزرگ جي صحبت کان ان صاحب جي دل کي ڪشس
ڪئي ۽ سيد صاحب هميشه لاءِ اتي رهي پيو، ٿوري وقت
کان پوءِ سلطان شاهه گذاري ويو، سندس نياڻيءَ جي
شادي سيد بدرالدين سان ڪرايائون، ان معصومه مان
سيد صاحب کي ٽي پٽ ڄاوا، سيد لوڌي، سيد جنيد ۽ مير
ڪمال الدين محمد، سيد لوڌي ۽ سيد جنيد ٻئي انهي
ڳوٺ ۾ گذاري ويا، سندن ۽ سندن اولاد جون قبرون
انهيءَ ويران ڳوٺ ۾ آهن.
باقي سيد ڪمال الدين محمد مڪلي جي بزرگن جي زيارت تي ويندو هو،
اتي سيد ظهير الدين و الاسلام عرف مير جادم سان
سندس ملاقات ٿي، دوستي وڃي چوٽ چڙهي ۽ سيد ڪمال
اچي ٺٽي ۾ مذڪوره سيد جي پاڙي ۾ رهيو، اهڙيءَ طرح
انهن ساداتن جي سڪونت ٺٽي ۾ ٿي.
16. ميرڪ شيخ محمود ۽ ان جا متعلق: صاحب تاريخ معصومي مرزا شاهه
حسن جي همعصر علماء ۽ فضلاءَ جو ذڪر ڪندي لکيو
آهي ته هن عاليشان طبقي جو اڳواڻ عاليجناب مير
محمود العروف به شيخ ميرڪ بن ابوسعيد پوراني هو،
سندس نسب جو احوال سرڪار بکر جي بزرگ ميرڪ بايزيد
جي ضمن ۾ اچي ويو آهي، هي صاحب فضل، سخاوت، زهد ۽
تقويٰ ۾ گهڻن سيدن کان ممتاز ۽ نرالو هو، ڪئين
پرديسي خواهه ديسي سندس احسان جي دسترخوان تان
مستفيض ٿيندا هئا، ڪئين سال ٺٽي جي شيخ السلاميءَ
جي عهدي تي فائز رهيو، ڪيترن طالب علمن کي ڪامل
فيض عطا ڪندو رهيو، خط نستعليق ۾ ڏاڍو ماهر هو،
سندس وفات محرم سن 962هه/1554ع ۾ ٿي ”رفت ميرڪ آه
آه“ 962هه مڪان سندس تاريخ وفات نڪري ٿي، پنهنجي
اولاد جي محلي ۾ هڪ عاليشان مسجد ۽ مقام جي مشهور
رانڪ سندس تعمير ٿيل آهن، ٽي پٽ هر هڪ 1. شيخ مير
محمد، 2. ميرڪ عبدالباقي ۽ 3. ميرڪ عبدالرحمان ڇڏي
ويو، پاڻ به عاليشان شاعر هو، سندس شعر ملاخطه
ٿئي.
گر روزگار سفله نواز ست غم مخور،
خسخانه را براي حسينان گذاشتيم.
شيخ مير محمد: هڪ اعليٰ درجي جو خوبين سان موصوف ۽ انسان فضيلتن
سان مخصوص ميرڪ هو، سال 970هه/1562ع ۾ گذاري ويو،
اولاد ڪو نه ڇڏيائين، تهفته الڪرام تصنيف ٿيل
(1181هه/1567) ۾ لکيو آهي ته جامع فتاواي پوراني“
سندس يادگار آهي، مهگر ساڳئي صاحب هن کان اڳ
مقالات الشعراء (تصنيف ٿيل سال 1174هه/1760ع) ۾
لکي آيو آهي ته جامع فتاويٰ پوري جو هند و سنڌ ۾
معروف آهي، سندس (مير عبدالوهاب پورانيءَ) جي
يادگار آهي، ازان سواءِ مير معصوم جو انهن صاحبن
جي قريبي دور جو مورخ هو، ان به ميرڪ عبدالوهاب
ڏانهن منسوب ڪيو آهي ۽ نه ميرڪ محمد ڏانهن، هي به
تحفته الڪرام جي اسقام مان هڪ آهي.
ميرڪ شيخ عبدالباقي: والد کان پوءِ شيخ الاسلامي جي عهدي تي
فائر ٿيو، سڀني علمن خصوصا هيئت ۽ حڪمت ۾ ڪمال
دسترس هيس، مولانا عبدالخالق گيلاني پڻ ڪي علمي
باريڪ نڪتا وٽانئس حل ڪيا، اقليدس (جاميٽري) ۾
ايترو ته ڪمال هوس جو ڪيتريون پنهنجو شڪيلون ايجاد
ڪيائين، جيڪي سڀني کي پسند آيون، ان کان پوءِ سندس
فرزند شيخ محمود ثاني شيخ الاسلاميءَ جي عهدي تي
رهيو ۽ سن 1020هه/1611ع ۾ فوت ٿيو، سندس اولاد ۾
شيخ السلامي هلندي آئي هن صاحب جو شعر ملاحظه ٿئي.
دانه تسبيح ڪف، حق شناس رابعـــئه زهد و راه خدا ســـت
ميرڪ عبدالرحمان: وڏن جي فضيلت ۽ صالحن جي شاندار خوبين سان
سينگاريل هو، ساري عمر تقويٰ ۽ پرهيزگاري۾ گذاري،
ممتاز حيثيت سان وفات ڪيائين، کيس ٻه پٽ هئا، هڪ
ميرڪ عبدالواسع ۽ ٻيو ميرڪ عبدالرحيم. ميرڪ
عبدالواسع ڏاڍو فاضل ۽ وڏو بزرگ هو، هو شاعريءَ ۾
به اعليٰ درجي جو شاعر هو، مقالات الشعراءَ ۾ سندس
غزل شيخ نصرالدين چراغ دهلوي (وفات 757هه/1356ع ۽
شاعر اميدي جي تتبع تي حسب ذيل ڄاڻايل آهي.
اي عشق تو بختم را آورده، بخواب اندر
وي زلف تو دلهارا افگنده بتاب اندر
تاطره فگندستي بر چهراهء چون روزت
خورشيد نهان داري گوئي بحساب اندر
اي شور تو درسرها وي سوز تو در دلها
افگنده قيامتها چون مئي به شباب اندر
يب قدر تر از مورم، در زير سم اسپت
خواهي تو بتمڪين رو، خواهي بشتاب اندر
گرڪشتن ”واسع“ را پر سند سبب زان بت
صد گو نه خجالتها دارد بجواب اندر
ميرڪ عبدالواسع جو پٽ ميرڪ محمد حسين هڪ مجذوب سالڪ ۽ ڪشف ۽ حال
جو صاحب هو.
17. مير غروري ڪاشاني: مرزا باقيءَ جو همعصر ۽ معتبر سيد هو، ان
زماني ۾ آب داڻي جي ڪشش ڪري پنهنجو اصلوڪو وطن ڇڏي
اچي ٺٽي ۾ رهيو، جهانگير بادشاهه جي زماني ۾
ضربخاني جو داروغو مقرر ٿيو، شعر نهايت اعليٰ درجي
جو چوندو هو، شعر جو ديوان (جو مير فاتع سچو ڏٺو
هو) ۽ ڪي ٿوريون لطيف مثنويون، يادگار طور ڇڏي
ويو. سندس شعر جو نمونو ملاحظه ٿئي:
”ازبخت چسان شڪوه نوان ڪرد ”غروري“
بي طالعيء اهل هنر رسم قديم است“
مثنوي ساقي نامه، مان نموني طور ٻه شعر پيش ڪجن ٿا.
مــــرا داغــــهــــا در دل پـــرگــــــره
هم آغوش چون حلقهاي زره
چو عڪسم ڪه در آب دارد نشست
بهر جنبشي مي خورم صد شڪست
کيس ٻه پٽ هئا، مير محمد منعم، مير جنگلي، مير محمد منعم ساڳيو
عهدو شاهجهان جي دور ۾ ماڻيو، شاعريءَ جي دنيا ۾
هي صاحب حسيني، تخلص سان مشهور آهي ۽ رنگين ديوان“
ڇڏي ويو آهي، سندس شعر خدمت ۾ پيش ڪجن ٿا.
زمن دل راببندي، زلف دادن
زتو افشاندن موي پنسد است
اي حسيني مشرق و مغرب دوگامي بيش نيست
تو سن باد صبا در زير ران داريم ما
18.19 سيد عبدالرزاق ۽ سيد يوسف بکري رضوي: هي بکر جي رضوي
ساداتن جا نور نظر اچي ٺٽي ۾ رهيا، هي ٻئي سيد
جادم جا فرزند هئا، سيد عبدالرزاق ظاهري طرح سان
ڪو به اولاد ڪو نه ڇڏيو، هو صاحب پنهنجي وقت جو
ولي ۽ بزرگ هو، سندس مزار شيخ حماد جماليءَ جي
مقبري جي پٺيان، قاضي عبدالله جي چوڪنڊيءَ جي
الهندي ۾ عام خاص ماڻهن جي زيارتگاهه آهي.
سيد محمد يوسف: سيد مبارڪ شاهه کان فيض پرايو، جو سيد محمد جو
نپوريءَ جي هڪ وڏي مريد شيخ دانيال جي مهربانيءَ
جي نظر جو تربيت يافته هو، ان جاءِ تي عبادت ڪندو
هو، جتي سيد مهدي اچي رهيو هو ۽ جتي سراين جي
شادماني جي جاءِ آهي ۽ سلطان سامئيو آرامي آهي،
سندس بزرگيءَ جا نقل سيد عبدالڪريم بلڙيءَ واري ۽
ٻين بزرگن کان ٿيل آهن، عباسي قاضين مان شادي ڪري
حال ۽ قال جو صاحب اولاد ڇڏيائين، مقالات الشعراء
يا تحفته الڪرام ۾ سندس شعر بابت ذڪر آيل نه آهي،
مگر مخدوم ابراهيم خليل ”تڪمله مقالات الشعراءَ“ ۾
سندس چار موتي بيان ڪيا آهن، جي خط ۽ برڪت خاطر
ڏجن ٿا.
هـــرڪه تـــوجـــه بــــدر حـــــق ڪند
تـــوســـن، افـــلاڪ شــــود دام او
گرچه جهان جمله شود دشمنش
ڪج نه ڪند موي ازاندام او
سندس فرزند سيد ابراهيم ۽ سندس ڀائيٽو سيد اسحاق به ڪمال جا
صاحب ٿي گذريا آهن، انهن جي اولاد مان ڪيئي موتي
سرجيا، جن علم و ادب، فقيريءَ ۽ ولايت جي ميدانن
کي منور ڪيو، سندن مريدن مان ميان آسو بودلو مشهور
آهي.
20. سيد محمود بخاري: سيد محمود بخاري بن سيد حاجي حميد نظام
الدين، ارغونن جي ڏينهن ۾ گجرات کان اچي ٺٽي جي
سيد محلي ۾ رهيو، هو مسجد فرخ ۽ عيد گاهه جو پيش
امام ۽ خطيب هو ۽ نهايت بزرگيءَ ۽ سهڻي حالت ۾
گذاريائين، سندس اولاد مان سيد طيب، سيد رحمت
الله، سيد جهنگل، سيد قاسم ۽ سيد لطف الله مشهور
ٿي گذريا آهن، مير علي شير قانع جو ڏاڏو سيد محمد
ڪاظم سيد لطف الله جو ناٺي هو.
21.22. سيد محمد حسن استرآبادي ۽ طاهري محمد نسياني: سيد محمد
حسن، مرزا باقيءَ جو همعصر ۽ ساڻس متعلق هو، مير
طاهر محمد نيساني ”تاريخ طاهري جو مصنف سندس فرزند
آهي، هن جي وڏن جي مزار جي رائنڪ، عبدالله شاهه جي
درگاهه جي پويان اتر طرف يادگار آهي، طاهر محمد
نسيانيءَ تاريخ طاهري کان علاوه قصهء عمر مارئي
مسميٰ به ناز و نياز به تيار ڪيو هو، هي جڏهين 25
سالن جو ٿيو، تڏهين پنهنجي تحصيل علم کي پايهء
تڪميل تي پهچائڻ لاءِ 1015هه/1606ع ۾ ٺٽي آيو، ان
مان معلوم ٿئي ٿو ته پاڻ 990هه/1582ع ۾ ڄائو هو،
هن مولانا اسحاق مشهور صوفي جي هٿ هيٺ پنهنجي علم
۽ سلوڪ جا مرحلا طئي ڪيا، هن تاريخ طاهري
1030هه/1621ع ۾ پوري ڪئي، جڏهين سندس عمر 40 ورهيه
هئي، هي تاريخ شاهه محمد بيگ عادل خان ولد شاهه
بيگ عادل خان ارغون قنڌار جي گورنر ڏانهن منسوخ
هئي، تحفته اڪلرام هن سردار کي مرزا بيگ عادل خان
ترخان لکيو آهي، وڌيڪ ڄاڻايو اٿس ته ڀائرن جي
دشمنيءَ ڪري مرزا باقي جي ڏينهن ۾ وڃي اڪبري دربار
۾ داخل ٿيو، جهانگير جي ڏينهن ۾ قنڌار جو حاڪم
بنيو، هڪ نڪته سنج ۽ صاحب طبع هو، طاهر محمد
نسيانيءَ جي شعر جو نمونو ڏجي ٿو.
ز دل نقش غمش زائل نگردد
سويدا خط انساني نه باشد
23: خواجه مير ڪمال الدين ۽ سندس اولاد: خواجه عبدالله احرار جي
اولاد مان خواجه مير ڪمال الدين علوي ٿي گذريوآهي،
جنهن جي زيارت جو شرف حاصل ڪري، همايون بادشاهه
ايوان کان موٽڻ وقت دعا جي درخواست ڪئي هئي، ساڳي
طرح اڪبر بادشاهه به مير ڪمال الدين کي زيارت ۽
دعا لاءِ درخواست ڪئي، هن صاحب ضعف ۽ پير ساليءَ
جو بهانو ڏئي پنهنجي پٽ ”شهاب الدين“ کي موڪليو،
هو ڪيترو وقت بادشاهي درٻار ۾ رهي وري پنهنجي والد
ڏي موٽيو، هي صاحب ”مير محمد حسين گيلانيءَ“ جو
شاهه بيگ سان گڏ اچي ٺٽي ۾ رهيو هو، ان جي نياڻيءَ
سان مگيل هو، شاديءَ جي ارادي سان اچي ٺٽي ۾ رهيو،
ڪلان ڪوٽ ۾ رهڻ لڳو ۽ اتي ئي گذاري ويو، سندس
اولاد مان به ڪافي اهل الله ٿي گذريا آهن.
24: مير محمد حسين ۽ ان جو اولاد: حضرت پيران پير جي اولاد مان،
مير محمد حسين گيلاني هروي، هرات مان نڪري شاهه
بيگ سان گڏجي ٺٽي ۾ آيو، مذڪوره مير شهاب الدين
سندس نياڻو هو، سندس فرزند ”مير عبدالله نازڪ“ ۽
سندس اولاد، الله وارن مان ٿي گذريوآهي.
25. پير شيخ عالي ۽ سندس اولاد: شيخ بهاؤ الدين زڪريا ملتاني
رحه جي پوٽن ۾ وڏي ۾ وڏو پير آهي، ترخاني زماني ۾
سير ڪندو ٺٽي ۾ ”سيد علي شيرازي ثاني“ جي باغ ۾
اچي ٿو، سندس ڪرامتن جي ڪري سيد صاحب کيس باغ نذر
طور ڏنو، ڪجهه عرصي کان پوءِ شادي ڪري چار پٽ
ڇڏيائين، ابو محمد، محمد صالح عرف فاضل محمد، ولي
محمد ۽ شيخ محمد واصل سڀ پهتل ۽ الله وارا ٿي
گذريا آهن.
26: شيخ ڪالو قريشي ۽ سندس اولاد: شيخ بهاؤ الدين ذڪريا
ملتانيءَ رحه جي اولاد مان ترخانن جي حڪومت ۾ ٺٽي
۾ آيو، خسرو خان چرڪس هن کي پنهنجو نياڻو بنايو،
هن جي اولاد مان شاهه عبدالله، شيخ رحمت الله، شيخ
عبدالباقي، شيخ عماد الدين ۽ انهن جا پويان نشانبر
ٿي گذريا آهن، خسرو خان چرڪس جو احوال اڳتي ايندو.
27: قاضي نعمت الله ثاني بن قاضي سائينڏنو بن قاضي نعمت الله:
هن صاحب جو ڏاڏو قاضي نعمت الله وڏو ڄام صلاح
الدين بن ڄام تماچي جي ڏينهن ۾ عالمن جو پيشوا ۽
پرهيزگارن جو اڳواڻ هو، هنن جو نسب حضرت عباس رضي
الله تعاليٰ عنه سان ملي ٿو، هي صاحب وقت جو علامو
۽ زماني جو زبردست عالم هو، هو پنهنجي وقت ۾ عالمن
جو مرجع ۽ معرفت جو سرچشمو هو مرزا باقي ۽ مرزا
عيسيٰ سندس همعصر هئا، هن جو پٽ رحمت الله به ڪمال
جو صاحب هو، ان کان پوءِ سندس پونير به علم جي شمع
کي ٻاريندا آيا، قاضي رحمت الله جو هڪ شعر ملاحظه
ٿئي.
جائي ڪي عرض دهد دل فگار تو
روي زمين چو عرصهء محشر بهم خورد
28. قاضي محمود علامه: قاضي تعمته الله ثانيءَ جو سوٽ ۽ مرزا
باقيءَ ۽ مرزا عيسيٰ جو همعصر، وقت جو علامو هو،
فضيلت ۽ ڪمال ۾ بينظير ۽ علمن جي جامع هجڻ ۾
پنهنجو مٽ پاڻ هو، هو گهڻين تصنيفن جو صاحب هو،
جهڙوڪ تذڪره الاولياء ۽ درسي ڪتابن جا حاشيا. شعر
به چوندو هو، نمونو ملاحظه ڪريو:
پيش لطف ايزدي تحصيل حاصل سعي ما ست
(يڪ) امي را چون ڪند از علم خود صاحب ڪتاب
هن صاحب جا ٻه ناليرا فرزند هئا، هڪ قاضي عبداللطيف جو طبع جو ۽
نزاڪت ۾ يگانو هو ۽ حد درجي جو فاضل شخص هو، اولاد
ڪو نه ڇڏيائين، ٻيو قاضي قطب الدين جو علم ۽ عقل
جو دائرن جو واقعي قطب هو، ان جي اولاد مان به
ڪيترائي فاضل پيدا ٿيا.
29. قاضي وجه الدين: وقت جو يگانو ترخاني حاڪمن جو همعصر ۽
عباسي گهراڻ جو فرد هو، اولاد ڪو نه ڇڏيائين.
30: قاضي شيخ محمد اچوي: پنهنجي وقت جي مشهور عالمن مان هو،
پهريائين، حرات مان اچ شريف ۾ آيو، اچ ۽ ملتان جي
فسادن کان پوءِ بکر کي وطن بنايائين، سيد مهدي
جونپوريءَ جي فائدي ۾ تحريرون لکيائين، ان ڪري
سندس اولاد کي سيد صاحب جي دعا هئي، قاضي سيد شڪر
الله شيرازيءَ جو استعفا کان پوءِ سندس ئي رٿ موجب
شاهه حسين قاضي صاحب کي ٺٽي جي قضا سپرد ڪئي،
تاريخ معصومي قاضي صاحب جي باري ۾ لکيو آهي ته
بيشڪ ديني علمن ۾ ڏاڏو ماهر هو، عربيءَ ۾ ڪامل
استاد هو، ڪيسن فيصل ڪرڻ ۾ احتياط ڪندو هو، مرزا
عيسيٰ ترخانن جي اوائلي دور ۾ فوت ٿي ويو، قضا جو
عهدو سندس اولاد لاءِ سندس وفات کان پوءِ به مخصوص
رهيو، سندس ٻه لائق فرزند هر هڪ شيخ قاضي احمد ۽
شيخ قاضي فريد پيءُ جي مسند قضا تي ويٺا، قاضي شيخ
احمد جو ذڪر خير تاريخ معصوميءَ ۾ به آيل آهي.
31. مخدوم رڪن الدين عرف مخدوم متو: مخدوم بلاول رحه جي خليفن
جي سلسلي ۾ هو، پاڻ حضرت ابوبڪر صديق رضي الله
تعاليٰ عنه جي اولاد مان هو، هميشه عبادتن ۽ وظيفن
ادا ڪرڻ ۾ مشغول رهندو هو، زهد ۽ تقويٰ جا سالڪ،
هدايت ۽ ارشاد جا طالب سندس معتقد هوندا هئا ۽
سندس ارشادات ۽ عارفانه قولن تي اعتماد ڪلي رکندا
هئا، حديث جي علم ۾ پنهنجي وقت جو يگانو هو، شرح
اربعين“ شرح ڪيداني ۽ ٻيا ڪي رسالا سندس تصانيف
مان مشهور اهن، هن جي وفات همايون بادساهه جي
دربدريءَ واري زماني سن 949هه/1542ع ۾ ٺٽي ۽
مڪليءَ جي مڻين ۾ داخل ٿيو.
32. مخدوم ميران بن مولانا يعقوب: معقولي خواهه منقولي علمن جو
جامع هو، مرزا شاهه حسن کي به ڪجهه وقت تعليم
ڏنائين، سندس فيض مان گهڻن طالبن فيض پرايو، هو سن
948هه/1541ع ۾ گذاري ويو ”علامه وارث الانبياعه“
سندس وفات
948 هه
جي تاريخ آهي، هن جي مزار مڪليءَ تي آهي. فرمائي ٿو ته
ميانهء من و جانان همين من است ونه غير
خدا شناس نه ماند ببند ڪعبه و دير
33: مولانا عبدالرحمان: نقلي علمن ۾ بينظير هو، حياتيءَ جا
ڏينهن ديني علم جي تحصيل ۽ اشاعت ۾ صرف ڪندو هو،
مرزا عيسيٰ ۽ مرزا باقيءَ جو همعصر هو، هن جو ذڪر
تاريخ معصومي ۾ به آيل آهي.
34: مولانا ڪريم الدين: فضيلت ۽ ڪماليت جو جامع، براين۽ مشڪلاتن
جو پاڙ پٽيندڙ، زهد ۽ تقويٰ ۾ پنهنجن دوستن ۾
ناليرو ۽ مولانا عبدالرحمان جو همعصر هو، تفحته
الڪرام واري، ان صاحب جو احوال تاريخ معصوميءَ تان
ورتو آهي.
35: مخدوم فضل الله: وقت جو وڏو عالم قدسي فضيلت جو جامع، لساني
علمن جو ماهر ۽ پرهيزگاريءَ ۽ تقويٰ جي زيور سان
سينگاريل هو، هميشه علم جي پاڙهڻ ۾ مشغول رهندو
هو، مرزا عيسيٰ ۽ مرزا باقيءَ جو همعصر هو، سندس
اولاد مان مخدوم ابوالخير پنهنجي وقت جو ڪامل هو
”فتاواي عالمگيريءَ“ جي مسئلن چونڊڻ ۾ شريڪ رهيو.
36: مخدوم فيروز: پنهنجي وقت جو عامل ۽ ڪامل عالم هو، بزرگي ۽
علمي ڪمال سندس اولاد ۾ موروثي هلندا اچن ٿا، ان
جو پوٽو قاضي ابراهيم ظاهري خواهه معنوي ڪماليت جو
جامع پيدا ٿيو، هو شاهجهان جي درٻار ۾، جهان آباد
جو مفتي ۽ لشڪر جو قاضي بنيو، ڪجهه وقت ٺٽي جو
امين بنجي آيو.
37: مولانا يوسف: هن صاحب جو بيان فقط تاريخ معصوميءَ ۾ آيل
آهي، مير معصوم لکي ٿو ”نهايت ديندار ۽ پرهيزگار
آهي ۽ شرعي علمن ۾ سندس مٽ ڪو ڪو نه آهي“
38: قاضي محمد قاسم: هڪ مشهور ماڻهو ۽ پنهنجي وقت ۾ ناليرو ۽
ڏاڍو فضيلت وارو ٿي گذريو آهي، سندس پٽ قاضي قاضن
وڏي درجي وارو، متقي ۽ عارفن ۾ داخل هو، ان صاحب
جا پٽ ۽ پوٽا دين ۽ دنيا جي وڏن عهدن تي رهيا.
39: ملا احمد: مرحوم مير نور محمد جي تحفته الڪلام جي نسخي موجب
هي صاحب قاضي محمد قاسم صاحب جو ڀاءُ هو، شاهه فتح
شيرازيءَ جو شاگرد، ابوالفضل ۽ فيضيءَ جو هم سبق ۽
اڪبر بادشاهه جي ڏينهن ۾ ناليرو عالم هو، ڪجهه وقت
اتي جو قاضي پڻ رهيو، مڪليءَ واري مشهور رائنڪ
سندس يادگار آهي.
40: مخدوم فيض الله: پنهنجي وقت جو بزرگ ۽ سيد علي شيرازيءَ
ثانيءَ جو ظاهري علم جو استاد هو، سيد صاحب جي
فرزند سيد جلال پڻ سندس شاگردي قبول ڪئي، سيد
عليءَ جي اولاد وارا سادات هن مخدوم جي اولاد جو
ادب تمام گهڻُ ڪندا هئا ۽ تبرڪ خاطر تعليم جي ڦرهي
پهريائين سندس اولاد کان لکائيندا هئا، هو آڪر ۾
رهندو هو.
41: مخدوم اسحاق: اصل گجرات جو باشندو هو، اگهم ڪوٽ ۾ اچي مخدوم
اسماعيل سومرو جو مريد ٿي ٺٽي ۾ آيو، علمي خواهه
عملي ڪماليتن ۾ڏيهان ڏور مشهور هو، وفات وقت ٻه
فرزند 1. ميان احمد ۽ 2. ميان عباس نالي ڇڏيائين،
ميان احمد عجيب و غريب ڪمال ۽ حال جو صاحب هو،
رسول اڪرم صلي الله عليه وسلم کان احمد ڪتابيءَ
جو لقب عنايت ٿيس، سندس شاگردن مان مخدوم عنايت
الله مشهور آهي، ميان احمد جو پٽ ميان محمد هڪ
صاحب فضيلت مدرس هو، ان کان پوءِ سندس فرزند ميان
احمد ثاني مشهور هو جو مخدوم ضياءُ الدين جو شاگرد
بنيو، مخدوم محمد اسحاق جو پٽ محمد عباس دنيادارن
۾ چڱو مشهور ٿيو.
42: ملا شيخ اسحاق اربعائي: پاڻ اصل ۾ اچ جا هئا، وڏي هدايت ۾
ڪامل ڪرامت جو صاحب ٿي گذريوآهي، سيد علي شيرازي
جو همعصر هو، سندس صحبت جي بدولت ڪيئي صاحب، بزرگ
بنجي سڳورا ٿيا، سندس مزار مرجع عام و خاص آهي،
اربع جي رات هر هفتي عمومن ۽ ماهه پهرين ارب تي
خصوصن سندس مقبري تي ميلو لڳندو هو، ان ڪري پير
اسحاق اربعائي جي نالي سان مشهور آهي، سندس وفات
975هه/1567ع ۾ ٿي، سندس فرزندن مان شيخ محمد صالح
صاحب هدايت ٿي گذريوآهي، ان کان پوءِ شيخ نعمت
الله ۽ خليفو اسد الله مشهور ٿيا.
43: ملا محمود راهوتي: مذڪور بزرگ شيخ اسحاق جو رفيق، معتقد ۽
فيض يافته هو، صاحب حال هو، گهڻن ئي روحاني مريضن
کي فيضياب ڪيائين، جناب حضرت غوث الثقلين حضرت شيخ
عبدالقادر جيلاني رحمته الله عليه جو خلاف باطني
طور تي مليل هئس.
44: شاهه ابوالقاسم هراتي: هرات جي رهندڙ شيخ عبدالله انصار جي
اولاد مان ٺٽي ۾ آيو، سندس تڙپوٽي ”شاهه عزت الله“
عالمگير جي زماني ۾ چڱو درجو حاصل ڪيو، ان حساب
سان مذڪوره شاهه صاحب مخدوم نوح رحه جي همعصر هو،
سندس خاندان مان ”شاهه محمد يعقوب“ ”شاهه محمد
يوسف“ ۽ ”شاهه نعمت“ به مشهور اصحابي دل ٿي گذريا
آهن. مذڪور شاهه عزت الله جو ڀاءُ ”شاهه اسد الله
عرف شاهه اسماعيل صوفي“ روحاني خواهه جسماني طبيب
مشهور ٿيو، سندس دوا درمل جا نمونا بيمثال آهن، هن
سڳوري کي اولاد ڪو نه ٿيو.
45: داروغه گهر: ترخاني درو جو هڪ مشهور معروف ماڻهو ۽ سندن
ملازمن جي فهرست ۾ ناليرو آهي، ”محمد علي ديوان“
جو ترخاني گورنر هو، سو سندس نياڻو هو، هن جو
گهراڻو وڏو ۽ ڏاڍيءَ چڱي انسانيت ڀريءَ حالت ۾ هو،
سندس فرزند ”عبدالاسع“ پڻ پنهنجي وقت جو ناليرو
انسان ٿي گذريو آهي، کانئس پوءِ ”محمد رضا“ رهيو،
جو سيد عبدالڪريم بلڙيءَ واري جو مريد هو، رسالو
”بيان العارفين و تنبيه الغافلين“ شاهه صاحب جي
حالت ۾ ملفوظات متعلق سن 1083هه/1672ع ۾ تصنيف
ڪيائين، محمد رضا جو شعر ملاحظه ٿئي.
بغم تو هر ڪه جان داد چه غمش ز روز محشر
ڪه ز زهر مي نتر سد خورد آنڪه پيش افيون
46: حافظ رشيد خوشنويس: ڄام نظام الدين ۽ ڄام فيروز جي ڏينهن ۾
خوشنويسيءَ جي گروهه جو سردار هو ۽ وڏي ۾ وڏن
ماڻهن جي فهرست ۾ داخل هو.
47: سيد حسن خوشنويس: ترخالي دور ۾ خوشنويسيءَ جي فن جو ماهر
هو، سندس پٽ ”سيد محمد طاهر“ پڻ مشهور ستن قلن جو
نگارنده ۽ ماهر هو، عوام ۾ ڪافي مشهور هو.
48: سيد رحمت الله: سيد ابوالقاسم بيگلاد جو فرزند، خط نستعليق
۾ پنهنجي وقت اندر مشهور ۽ معروف هو.
شعراء ڪرام
هاڻي شعراء ڪرام جي دور جو دورو ٿئي ٿو، جو ”مقالات الشعراء) جي
گلستان جي سير کان پوءِ عمل ۾ آيو آهي.
49: محمد مقيم بن محمد قاسم منشي: ترخاني دور جو مشهور شاعر،
محمد عليءَ جو ڏوهٽو هو، مرزا جاني بيگ جو وزير ۽
مشير هو ۽ ساڻس گڏ اڪبر بادشاهه جي درٻار ۾ پهتو،
مومل ۽ مينڌري جي عشق جو قصو ”ترنم عشق“ نالي سندس
يادگار آهي. ”مقالات الشعراء“ ۾ سندس هيٺيون شعر
نموني طور ڏنل آهي.
درون ز غير بپرد از و روي يار ببين،
ڪه مه عيان نشود تا هوا نگر دد باز،
50: مقيم: هي به مرزا جاني بيگ جي زماني جو هو ۽ سنڌيءُ خواهه
فارسيءَ ۾ شعر چوندو هو، مارئي بابت سنڌي ڏوهيڙا
ٺاهيائين، جي اڪبر بادشاهه کي ٻڌائڻ لاءِ مرزا
جاني بيگ سان گڏجي ويو هن کان اڳ مرزا عبدالرحيم
”خانخانان“ فتح سنڌ وقت به مارئيءَ جا بيت هن کان
ٻڌا هئا، هن جو شعر آهي ته:
سخن مدان ڪه سنجائيدن دو لب زايد،
سخت هما نست ڪه اندر ڪتابها بايد
51،52. ملا سلامي ۽ ملا عبدالحڪيم: ٻئي ڀائر پنهنجي وقت جا
مشهور ۽ معروف خوشطبع شاعر هئا، ملا سلامي جون
عجيب ۽ گل جهڙيو ڳالهيون عام ماڻهن جي زبان زد
آهن، هو ٻئي ”خواجه عطاءُ الله“، “قاضي محمد حسن“
۽ ”ميرڪ عبدالوهاب“ جا همعصر آهن، مقالات الشعراء
مان سندس هيٺيان نموني طور ڏجن ٿا:
ملا سلامي:
ڪس بر دهان، تنگ تو هر گز نبرده راه،
مـــڪــشــا بـخـنــده پـــردهء نـــهـــفــتـــه را.
-----------------
ساق سيمين او بلور يمن،
گر غلط گفته ام بگردن من،
ملا عبدالحڪيم چيو آهي:
تيرت گذشت از تني همچون هلال من،
اينهم گشت فڪر، دگر ڪن بحال من.
53: مير سيد محمد آمي: مولد مڪه شريف ۽ سندن وطن مدينه شريف هو،
مرزا جاني بيگ ترخان جي آخر ۾ سنڌ ۾ آيو ۽ لاهور ۽
ملتان جي وچ ۾ داعي اجل کي سن 1024هه/1615ع ۾ لبيڪ
چيائين، سندس شعر جو قسم ملاحظه ٿئي:
باوصف ڪمال علم و دانش، امي لقبم چو ذات احمد،
حقا و برب ڪعبه صد شڪر-درمڪه بزاده چون محمد صه.
54: اد راڪي بيگ لاري: ارغونن جي قبيلي مان هو، مثنوي چنيسر
نامه 1010هه/1601ع ۾ پوري ڪيائين۽ مير ابوالقاسم
سلطان بن زمان بن سيد قاسم بيگلار ڏانهن منسوب
ڪيائين، ليلان جو ڪونرو کي طعنو ٻڌو:
اگر در ساحري صدر ساله باشد،
بسحرت سامري گوساله باشد
ڪونرو جو جواب:
نگار او منم نقست ڪنهن شد،
در اول از توبود آخر زمن شد،
ڪه در صورتگري دست مصور،
ڪشد بهتر ز اول نقش آخر.
55. شيخ عبدالله آهي: هرات جي بهشتين جي خاندان مان هو ۽ مرزا
شاهه بيگ سان گڏ سنڌ ۾ آيو. سؤ تصنيفنکان مٿي،
سندس پگهر جو پورهيو آهي. سندس عمر جي آخري ڏينهن
۾ بيخوديءَ جي عالم ۾ سرگردان رهيو ۽ پنهنجي
ڪتبخاني کي باهه ڏنائين. جڏهين همايون بادشاهه ۽
ارغونن جي وچ ۾ جوڻ جي ڳوٺ وٽ جنگ لڳي، تڏهين هن
مجنون کي به هڪ تير لڳو. سن 950هه / 1543ع ۾ راهه
جاوداني وٺي روانو ٿيو. سندس سال وفات قانع صاحب
”شهيد عشق گمنامي“ 950 هه/ 1543ع مان ڪڍي آهي.
سندس شعر ملاحظه ڪريو:
پس از من ڪس نپرسد حال آهي
شهيد عشق گمنامي دوام است.
--------------------------------
حيرت عشق تو بربوده زسر هوش مرا،
مانده ام همچو ڪدوي تهي از باده بخاڪ
56: علي قلي بيگ اميدي: مرزا عسيٰ ترخان (962هه/1554ع) جي زماني
۾ سپه سالار بنيو ۽ ساڳئي سال ۾ سلطان محمود
بکريءَ سان جنگ ڪري فوت ٿيو، سندس شعر ملاحظه ٿئي:
دست درڪار عدو ناخن همت بخشد،
شير باشي اگر از جنگ نريزي سر خصم.
57: مير علي رضا مشهدي آگاهه: مرزا شاهه حسن جي ڏينهن ۾ واپار
سانگي سنڌ ۾ آيو، مرزا جي قدر و قيمت کيس هت رهائي
ڇڏيو، جڏهين مرزا فوت ٿيو، واپس وطن ڏانهن وريو،
مرزا جي توصيف ۾ چيو اٿس:
خلق حسن از نقش جبينت روشن،
زيبد بولائي عليت نام حسن
58: محمد انوار قنڌاري: مخدوم عبدالعزيز محدث ابهري ڪاهاني جي
خدمت ۾ رهيو، ان بعد بابر بادشاهه جي درٻاري ڏي
ويو، وري همايون بادشاهه جي خدمت ۾ سنڌ ۾ وري آيو،
9 ربيع الاول 950هه مطابق 12 جون 1543ع ۾ جڏهن
بادشاهه قنڌار طرف ويو، تڏهن هن صاحب حرمين شريفين
لاءِ رخصت ورتي، پاڻ چيو اٿيس:
اي آنــــڪه بـــچــاه ابــتـــلا در مـــــاندي،
در دشت جنون بپاي سربر راندي،
زنهارڪ بود هر آنچه ديدي خواندي.
59. محمد اول گجراتي: جڏهين بيرم خان سنڌ ۾ جوڻ جي ڳوٺ 7 محرم
950هه (12 اپريل 1543) ۾ پهتو، تڏهين هي صاحب به
هن سان گڏ هو، اچڻ سان بيمار ٿي پيو، مرزا شاهه
حسن هن جي تيمارداري ڪري ٻن سالن بعد هن کي وطن
اماڻيو، فرمائي ٿو.
هر ڪجا دست دهد وصل بتان شادم من،
در وطن گر نبود يار غم آباد من است.
60: قاضي احمد غفاري قزويني: قاضي احمد غفاري قزويني بن امام
نجم الدين غفار وڏو صاحب فصل ۽ صاحب ڪمال ٿي گذريو
آهي، سندس والد مذهب شافعي جي ”حاوي“ ڪتاب جو مصنف
هو، ان کان سواءِ نسخه ”نگارستان“ جو مرتب آهي، حج
تان واپس ديول بندر ۾ سن 975هه/1567ع ۾ فوت ٿيو.
”يدبيضا“ مان سندس سال تاريخ نڪري ٿو. چوي ٿو ته:
پس از عمري نشيند گردمي درچشم آن بد خو،
نبينم در رخش ترسم ڪه ناگه زود برخيزد. |