شاعري
هري ”دلگير“
ستارن جو ساز، روز ٻڌان روح ۾
آڌيءَ جو آواز، سانت ٻڌائي سانت ۾،
چوڏهين جي چانداڻ آ، ڄڻ ته الاهي آب،
ساري رات شراب، شاعر پيتو شوق سان.
ساجن مون سان سيج تي، تارن واري رات،
اکڙين ۾ ڪاٽي ڇڏيم، پياري پاري رات.
گل گل ۾ سرهاڻ، منهنجي سرهي ساهه جي،
چمڪي ٿي چانڊاڻل، چوڌر منهنجي چاهه جي،
هر صورت ۾ سونهن، سرتيون، منهنجي ساهه جي،
ويٺي ڪريان ورونهن، پل پل پنهنجو پاڻ سان.
هن ڌرتيءَ سان دل اٿم، هت موهيندڙ منڊ،
آڀ ۾ هڪڙو چنڊ آ، پر هت سو سو چنڊ،
آڀ ۾ هڪڙو چنڊ آ، هر هت سو سو چنڊ،
پرهه ڦٽيءَ جي پهر ۾، ڪو ڪ ڪيئه ڪو يل،
سارا سور ستل، جاڳي اٿيا جيءَ ۾،
ساگر اندر بوند، ساگر سارو بوند ۾،
هجي ها ڪو هوند، ڳجهه سلي جو ڳالهه جو.
راڳي! ڇيڙ نه راڳ، ٻڌندءِ پنهنجي پيٽ سان.
ڪاري ڪاري ٻاٽ، چئن گهڙين جي واسطي،
نيٺ ته ڇنڊي ڇاٽ، پورب مان پرڪاش جي،
اڀ ۾ اڀو چنڊ، لهرن ۾ لڏندو رهي،
مانڊيءَ جو هيءُ منڊ، سوجهي ڏس سنسار ۾
تڪي الاجي ڇا پيو، نيلي نڀ، ۾ دور،
اڏرڻ کان مجبور، پڃري ۾ پر وس پکي،
پڃري ۾ پر وس پکي، ٿي پيس جيءُ اداس،
اندر رات اماس، ٻاهر چوڏس چانڊني،
پڃڙي ۾ پر وس پکي، ٿي پيس جيءُ اداس،
اونداهو آڪاس، الرون ڪري اتامڙيون،
پڃري ۾ پر وس پکي، آيس پريان هڳاءُ،
رهيس نه سرت سماءُ، کنڀڙين کي کوهڻ لڳو،
چوڳي لئه ڇاڪاڻ، چت کي تو چنچل ڪيو؟
جيترو جيسين هاڻ، گوندر ۾ ٿئي گهارڻو!
اکڙين سان پيان، راڻي! تنهنجي روپ کي،
اڻکٽ گيت ڏيان، جڳ جڳ آءٌ جهان کي.
چوڏهين جي چانڊاڻ، راڻي! تنهنجي روپ ۾،
جي تون مون سان ساڻ، اوندهه اجلي ٿي پوي.
عبدالڪريم پلي
ماڻهوئڙا مهراڻ جا، مڙئي آهن مور،
ڏهه ڏهه ڀيرا گهور، وڃان تن جي نانءَ تان،
الله آس پڄائين ڏکڙا ڏور ٿين،
موٽي شل مهراڻ ۾، سک جا ساز وڄن،
گڏجي عيدون ڪن، سانگيئڙا ساڻيهه ۾،
اجا هر آزار کان، هر ڪنهن حال هجن،
جڳ جڳ شال جين، ماڻهوئڙا مهراڻ جا.
استاد بخاري
اونداهي آنديون، اونداهيءَ جون سوکڙيون،
چمڙن جا چر ڙاٽ ۽ چٻرن جون چيخون،
ڪوئل جون ڪوڪون، ٻڌبيون ساجهر صبح جو.
چانڊوڪين سان چاهه، ٿيندو آ ٿورو گهڻو،
ڪنهن کي وڻندو ڪين آ، اونداهي اونداهه،
آڻيندو الله آخر چٽا ڏينهڙا،
آخر ايندي عيد، بي عيدن جي ڀاڳ ۾،
واجهائي ڪنهن وقت کان، دردمندن جي ديد
مايوسين جي ملڪ ۾، آباد آ اميد،
خوشين جا خورشيد، ڏسبا ساري ڏيهه ۾.
آزادي، انسان، ويٺا وارن پاڻ ۾،
ڪنهن کي چئجي جسم ۽، ڪنهن کي چئجي جان،
عاشق ۽ معشوق جان، هڪٻئي تان قربان،
زنجير ۽ زندان، تاڪو بيٺا تاڪ ۾.
فطرت آ خاموش، سياري جي مهراڻ جان،
سانوڻ ايندو اوچتو، جاڳائيندو جوش،
ڏاڍو ڏسجي ڏوش، منهن ۾ ٿو ماحول جي.
کنگهو ۽ کرڪو، جيئرا آهيو يا مئو؟
ماري ٿو هي ماٺ جو، اندر ۾ الڪو،
ڏاڍيان ٻولڻ ڏوهه جي، هوريان ئي ڀڻڪو،
سگها ناهيو جي، اگها، ڪنجهو ۽ ڪڻڪو،
ساٿيئڙا، سڏڪو، ٽهڪو، ڳايو جي نٿا.
مرحوم مولوي عبدالحڪيم ”سائل“
ڪانگل چئج قريب کي، ڪنون اندر ڪن،
آءُ اوهان لئه آيس، ٻيا ڏئي ڪل ٻن،
رلن شال رقيب سي، و ڌي جدائي جن،
هاڻ تن سان لائي تن، اچي ڏسو حال حڪيم جو!
ڪانگل چئج قريب کي، واحد لڳ وري،
آءٌ اوهان جي آهيان، بندي بي ثمري
پٽ پرين احسان جي، تون ڪا دوست دري،
توهان هوند سري؟ جي ڏسو حال حڪيم جو!
ڪانگل چئج قريب کي، ڳجهو ڳالهائي،
درد تنهنجو دلربا، مون کي اندر ۾ آهي،
اکيون انهيءَ طرف کان هڪ لحظو نه لاهي،
ورنهه واجهائي، ڏسو حال حڪيم جو،
ڪانگل چئج قريب کي، هيءُ خبر خلاصي،
آهيان اوهان لئه آءٌ پريسن، پلپل پياسي،
اچڻ لئه تنهنجي پرين، مون باس آهي، باسي
هي عيب ڀريو عاصي، تنهن جو ڏسو حال حڪيم چئي.
ڪانگل وڃ قريب ڏي، اولهه اڏاڻو،
جلدي وڃ جهد مان، ڪر ٿانهر نا ٿاڻو،
پاڻي پيڻ پرينءَ ري، ناهي درس کيئڻ داڻو،
چؤ بندي ٿي بندگيون چيون، جو ناقص نماڻو،
ته محب ڇڏي ماڻو، ٿي حال محرم حڪيم سان.
ڪانگل چئج قريب کي، اهڙي ڳالهه ڳڻي،
ته ”راتيان ڏينهان روح ٿو، تو ڏي پيو تڻي“
”محبت اوهان جي من ۾ اٿم محب مڻي“
صحبت سان سوگهو ڪيو، قابو ساڻ ڪڻي،
”جي ورنهه تو وڻي ته ڏسج حال حڪيم جو“
ڪانگل چئج قريب کي، ساري سڌ سماءَ
سڪ اوهان جي سپرين، وڌو گهاءُ اندر ۾ گهاءُ
مشڪ کٿورين اڳرو آهي، ساجن تنهنجو ساءُ
هيڪر هيڏي آءُ، اچي ڏسج حال حڪيم جو.
ڪانگل منهنجي محب کي، پرين وڃي پنجانءِ
حال حقيقت منهنجو تون، چيتاري چئجانءِ
اتي لات اها لنو جانءِ ته ڏسو حال حڪيم جو.
ڪانگل چئج قريب کي، عاشق سندي آه،
وٺيو ويٺو آهيان، مان رهبر تنهنجي راهه،
ملو تان ٿئي مشاهدو، آهه سهڻل هيءَ صلاح،
جيڪا وڻيو واه، ڏسو حال حڪيم جو.
ڪانگل چئج قريب کي، نياپو هيءُ نروار،
دانا، دل لٽي وئين، جڏهن دوست ڪيم ديدار،
ڪڇان پڇان ڪين ڪي، آهيان، بيحد بيقرار،
آهي تو اختيار، جي ڏسين حال حڪيم جو.
ڪانگل چئج قريب کي لنوي مٺڙي لات،
ساجن اوهان جي سڪ ۾، وئي وهامي رات،
راتيان ڏينهان روح ۾، وئي وهامي رات،
راتيان ڏينهان روح ۾، طلب توهان جي تات،
يا قاضي الحاجات! ميلين هوت، حڪيم سان،
ڪانگل چئج قريب کي، هيءُ منهنجو تون حال،
سڪ ۾ تنهنجي سپرين، سعات ڀانيان سال،
جدائي جو جانيا! لڳ قادر وجهه نه ڪال
فائق تون في الحال، ٿي هيڪاندو حڪيم سان،
ڪانگل چئج قريب کي، جي تون وڃين جڏ،
هيڪر منهنجي حال جي، ڪل لهي وڃ ڪڏ،
ماڻو مون مسڪين سان، تو کي هيئن نه گهرجي هڏ،
ساجن ! پهرين سڏ، اچي ڏسج حال حڪيم جو.
ڪانگل وڃ قريب ڏي، رات پرينءَ وٽ رهه،
پيوند جو مون سان پرين، پرتئون ڪيو پهه،
سهڻا ! انهيءَ صورت جو، تو کي صاجن آهي سنهه،
لالن اچي لهه، حال حوال حڪيم جو.
ڪانگل اچي ڪڏندي، ڏني ترت خبر تازي،
اگهيو در الله جي، عرض تنهنجو ۽ آزي،
دلبر گهڻو دل سان، ٿيو، روح اندر راضي،
لکي مڪائين لطف سان، قلب ڪري قاضي،
درد وسارج دل جو، ماضي ڪر ماضي،
ٿيو رب ڪارڻ راضي، ڏسندو حال حڪيم جو.
ڪانگل اچي ڪڏندي، ڏني خاص خبر،
ته تو کان اڳي تنهنجي، آ پرين وٽ پچر،
فاذ ڪروني آز ڪر ڪم، ڏنو دلاسو دلبر،
اڄ يا پاس پهر، ڏسندو حال حڪيم جو.
ڪانگل آيو ڪڏندو، چيائين خوش کلي،
ويندءِ درد دل مان، محبن ساڻ ملي،
دلبر ريءَ دير جي، ايندو اڱڻ ٽلي،
منجهان حب هلي، ٿيندو هيڪاندو حڪيم سان.
ڪانگل تنهنجي قدمن تان، ڪوڙين ٿيان قرباني،
ٽيهين ڏينهن ٽلي، اچي محب مليو جاني،
جنهن برابر ناهه ڪو، سونهن صفت ثاني،
آءُ انهيءَ جي ازل کان، ٻانهن جي ٻانهي،
ٿيو حڪم حقاني، مليو هوت ”حڪيم“ سان.
دوهــــا
استاد بخاري
ڪيئن ٿو گذري سيارو پنهنجو، ڪيئن ٿو گذري هاڙهه،
ٿڌڙا ساهه ڀريندي سهڻا، رئندي ٽاڙهو ٽاڙهه،
ڪيئن ٿي گذري سرءَ اسان جي، ڪهڙيءَ ريت بهار،
پنهنجي گهر ڏي ڏسندي ڏسندي، ڪنهن جون راهون يار،
ڪيئن ٿو گذري صبح اسان جو، ڪيئن ٿي گذري شام،
انسان جو آغاز کلائي، رئاڙي ٿو انجام،
ڪيئن گذري پرڀاٽ اسان جي، ڪيئن گذري منهن مير،
دوزخ ۽ جنت جي وچ ۾، ڪريون پيا ڪي سير،
چنتائن آ ٺاهي چت ڏي ڪيلين واري لانڍ،
زورن، زبرن، ظلمن، دنيا، دل ۾ ٻاريا ڍانڍ،
موت ازل کان وجهيو اچي ٿو، ماڻهن ۾ ڪٽڪو،
هاءِ حياتيءَ مان وٺڻو آ، کهنبي جو چٽڪو،
دائم ناهه حياتي، آهي چئن گهڙين جو چٽڪو،
چئن گهڙين جي چٽڪي ۾ ڇو موت سندو کٽڪو؟
موت جي پيالي کان اڳ، جيئڙا ! جام جيئڻ جو چک،
ڇار ته ٿيندي او ٽانڊا، پر ڪا ته گهڙي تون بک،
دنيا ۾ انصاف اول کان، ٿيو ناهي ڇاڪاڻ،
يا ته ترازو کوٽي آ يا يا کوٽا آهن ماڻ،
ڇو نه ڪري انصاف هينئر ٿي دنيا دنيا ساڻ،
شايد ٿي اولاهين پڙ ۾ وئي آهي، ڪا ڪاڻ،
ڪيئن برابر ترندو آخر ڪانڊو لائي ساڻ،
ڪانڊي مان ڪجهه ڪڍ او دنيا، لائي پاسي آڻ.
هڪڙا اوچا، هڪڙا نيچا، ڪي هيڻا ڪي زور،
عبرت آهي دنيا ! تنهنجي تازاري ۽ تور،
مشڪل ملندو دنيا ! تو ۾، انصافي انصاف،
تورڻ وارن جي ئي شايد نيت ناهي صاف،
انصافي انصاف ملڻ لئه ٺيڪ آهي، ڇڪتاڻ،
ليڪن يارو تارازيءَ مان لاهيو اڳ ۾ آڻ.
راز ناٿن
شاهي
چهرو غمگين سرخ اکيون ۽ پلڪون منهنجون آليون،
ڏاڍن سورن ساڻ مون آهن، تنهنجون نشانيون پاليون،
چندر ما جي نرمل نرمل ڪرڻن جو هيءُ نور،
دل جي پاسي منجان ستل هڪ جاڳائي ٿو سور،
تنهنجن هلڪن هلڪن ٽهڪن جا هي سريلا ساز،
مون کي تو ڏي لاڙي وجهندا ڏئي ڏئي آواز.
منهنجا جذبا تنهنجيءَ ياد ۾ تڙپي اٿيا آهن،
قيد ۽ بند ڇڏيندا توڙي، آپي ۾ اڄ ناهن،
دور گگن تي هو ڏس آهي، تارن جي چانڊاڻ،
اچ ته ملون اڄ پاڻ ۾ ساجن ڪڍون نه ڪنهن جي ڪاڻ،
ذرو ذرو روشن آهي، تي ئي آ چانڊاڻ،
منهنجا گيت ائين ئي آهن، جئن چمڪن تاز پاڻ.
هلڪو هلڪو دور ڪٿان ڪا ڪوڪي پئي ڪونج،
جذبا جاڳيا، تن من تڙڦيو، ٻڌي آلا هي گونج،
ويل و هاڻي ڍول، وڃي ٿي، آ ته ڪريون ڪجهه ميل،
عمر جو ڏيئو ڄاڻ اجهاڻو، ڄاڻ کي ٿو تيل.
وفا ناٿن
شاهي
اهڙو واءُ لڳو ۽ آيا اهڙا ڪي طوفان،
ڪکڙن وانگر ويا اڏامي خوشين جا سامان،
منهنجا ساٿي، منهنجا محرم، منهنجي من جا ميت !
اچ ته ٻڌايان تو کي پنهجا پيارا پيارا گيت.
گوريون گوريون ٻاهون تنهنجون، ڀورو چهرو، واهه !
تنهنجي آئي پئجي ويندو چانڊوڪيءَ ۾ ساهه،
تنهنجي آس، اکين ۾ ڳوڙها، اچ او منهنجا يار !
تو بن مون کي ڏنگي وجهندا تنهاين جا مار.
ڪوڙا تنهنجا واعدا نڪتا، ڪوڙو تنهنجو پيار،
ڌوڪن جي پنجوڙ ۾ پاسي ڪير اچي هر بار !
ڇا نئي آهه خموشي هر سو، سمهي پيو سنسار،
منهنجي ڪنن ۾ چيخن ٿيا پيا تنهنجا قول قرار،
عشق جون واٽون آهن، اوکيون، ناهي ڄاڻ سڃاڻ،
ساٿ ڏئي هل هوريان هوريان، آهيان مان اڻڄاڻ،
منهنجون اميدون مون کان رٺيون، ڏمريا مون تي ڀاڳ،
ڪيئن مان چوريان چنگ کي جاني، ڪيئن مان ڳايان راڳ؟
تنهنجو منهن ڇا ڦريو مون کان، ڦري وئي تقدير،
ڏسندي ڏسندي لٽجي وئي، خوشين جي جاگير.
ڪـــافــيــون
محمد خان ”غني“
*
عشق عجب اسرار، الا |
|
ڪنهن نه سڃاتو نڪي ڄاتو |
برهه وڏو ٿيو بار الا، |
|
ڪنهن نه سڃاتو،ڪنهن نڪي ڄاتو. |
ڪانڌ جو جنهن تي قربجي آيو،
تنهن جي وجود کي پهرين وڃايو،
آلٽو هي آچار، الا |
|
ڪنهن نه سڃاتو،ڪنهن نڪي ڄاتو. |
لوڪ جا لاڳاپا لهرائي،
ڪار اڻ سونهي راهه پسائي
لئي ٿو اهڙي پار ، الا |
|
ڪنهن نه سڃاتو،ڪنهن نڪي ڄاتو. |
لئي ٿو اهڙي پار ، الا ڪنهن نه سڃاتو، ڪنهن نڪي ڄاتو
جسم تي ڪن جا بالا بڻڇيون،
ڪن جا سرن کي ڪاڙهن ڪڻڇيون
سوري ٿي سينگار، الا |
|
ڪنهن نه سڃاتو،ڪنهن نڪي ڄاتو. |
قاف ڪشالا ڪير ڪٽائي،
گهوٽ غني لک ڪير ٿو گهائي
سر ڇو ڏين سؤ وار، |
|
ڪنهن نه سڃاتو،ڪنهن نڪي ڄاتو. |
استاد بخاري
*
ســـڪ تــــنـــهـــنـــجي سرهاڻ |
- |
سي سرها، جن سيني لاتي، |
نينهن اوهان جو نرمل نيارو |
- |
پيار اوهان جو ڏاڍو پيارو |
کــــيــــر ۾ کــنــڊ مـــــٺـــــاڻ |
- |
سرڪ ملي، وسري نه حياتي |
ياد اوهان جي دل ۾ ڇاهي |
- |
اونـــــدهه ۾ چـــانـــڊوڪــــي آهي |
چـــــــــــــــوڌاري چــــــــــانــــــــــڊاڻ |
- |
چئني پاسي پاتيم جهاتي |
قرب اوهان جو ڪڪرن وانگيان، |
- |
بربستان تي برسيو يسڪان |
مـــيـــنـــهـــن جــــــا مـــــانــــــــڊاڻ |
- |
بوندن ڪڻ ڪڻ جهر مر لاتي |
درد اوهان جو دل جي دولت |
- |
تڙڦڻ ڦٿڪڻ، فرحت راحت، |
روئـــــــــــــڻ روح رهــــــــــــاڻ |
- |
ســور بـــخـــاري سمجهيم ساٿي |
شعبان بخت
*
ڏي دوست دلي دلداري |
|
ٿيوان صدقي لک لک واري |
تئن ٻاجهه ني هڪ پل سردي، |
|
نه هان جيندي تي ناهان مردي، |
تيڪون ياد هان ٻيٺي ڪردي، |
|
ڏاڍا برهه دا بارهي ڀاري |
تيڏي رهه وچ نيڻ وڇاوان |
|
ٻيٺي ڪونج وانگي ڪروان |
آپ رو وان تي جڳ ڪون
رواوان، |
|
ڀاوان خود ڪون اوڳڻ هاري |
هي ميلا چئون پهرين دا |
|
هر حال چ هي نڀ ويندا، |
نهين وقت قياد ڪريندا |
|
روندي عمر نه گذري ساري |
تيڏي در دي باندڙي ٿيوان |
|
تيڏا قدم قدم چم جيوان |
تيڏي ڌو ڌو پير ڙي پيوان |
|
ڪر قرب سڄڻ هڪ واري |
رک بخت ڀرم بيوس دا |
|
ڪجهه دان ڏي چاهه دي چس دا |
سارا لوڪ پياري هي هسدا |
|
ڌي سام چاڪر سرداري |
رحيم بخش قمر
*
ڪـــولهي پـــرانـــهــون ڪــيــــچ |
|
جوءِ جتن جي پسجي پيئي! |
هاڻي ڀلا ڪيئن پٺتي هٽبو
پـــائــي پــنــهــل ســان پــيــــچ |
|
جوءِ جتن جي پسجي پيئي! |
عشق ٿئي ۽ سک جو گهورو
تـــي بــــات نـــــه کائي ڀيچ |
|
جوءِ جتن جي پسجي پئي! |
منهنجو سڄڻ سان سر جو سودو
آهـــيــــان، قــــمــــر ســــوريـــــچ |
|
جوءِ جتن جي پسجي پئي! |
علي بخش رضا
هوت ٻاروچي جي ڪاڻ |
|
آهــــــيـــــــان آءُ حـــــيــــــران، |
نينهن نبيرو نه ڪري ڪري.
لکـــئي لـوح قلم جي |
|
قــــهـــري وهـــايـــم ڪــــان، |
پرين ملي، دل ٺري ٺري،
پڳ نه ڇڏيندس پر جو، |
|
جيسين اٿم جند جان، |
پرت پرين سان، پري پري،
من مولا مون کي ڪري، |
|
مـــحــــبـــن وٽ مــهـــمــــان |
هوت پنهون شل وري وري
رضــــا ســــر صــدقو ڪيا، |
|
جـــــن آئــــــي لــــٿـــا ارمــــان |
سڄڻ بنا نٿي سري سري |