سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1964ع (4)

 

صفحو :14

 

مگر سندس مرقد بوبڪن ۾ ئي مشهور آهي.

21. درويش چرڪس: هي صاحب ونگي جو رهواسي هو، جو ڳوٺ چاچڪان جي سرڪار کان پري علحدو خطو آهي، سندس والد جو نالو ”ڏنو“ ۽ سندس ذات ”سرڪي“ هئي، تحفته الڪرام، کيس انهن لفظن ۾ يا ٿو ڪري ته ”هي هڪ عاشق دي، ۽ راهه حقيقت جو سالڪ هو، ميدان تحقيق ۾ ان جو توفيق جو گهوڙو سڀني کان اڳيان هو، اڪثت درويش ان جي نظر مان فيض وٺندا هئا، حديقته الاولياء ۾ هن بزرگ سان شيخ ڀرڪئي ۽ مخدوم بلال جي ملاقاتن جو ذڪر آهي ۽ هي ظاهر آهي ته اهڙي پايي جا بزرگ به هن درويش کان ڪنبندا رهندا هئا، هي صاحب مذڪور ٻن بزرگن جو همعصر آهي ۽ مخدوم نوح رحه جي ٻالجتيءَ ۾ هن درويش جو دور دوره هو.

22. مخدوم صدو لانگاهه: بٺوري پرڳڻي جي هڪ ڳوٺ نصريه جو لواسي، شاهه شهيد عنايت الله صوفي جو پنجين پيڙهي ۾ ڏاڏو، پنهنجي وقت جو بزرگ ۽ وڏو پير هو ۽ ايتريقدر ته صاحب توڪل ۽ تارڪ هو، جو رات جو گهڙن جو پاني هاري چوندو هو ته ”نئون ڏينهن نئون رزق“ هن جي وفات جو سال ڪنهن به تذڪري ۾ آيل نه آهي، پر جيئن ته شاهه عنايت شهيد، جو سندس چوٿين پيڙهيءَ ۾ پوٽو آهي، ان جي ولادت 1065هه/1656ع ۾ ٿي ۽ مخدوم نوح رحه جي وفات 998هه-1590ع تي، ان حساب سان شاهه شهيد جي ولادت ۽ مخدوم صاحب جي وفات جي وچ ۾ 68 سالن جو فرق آهي، ان ڪري مخدوم صدو لانگاهه ضرور مخدوم رحه جي مقتدر بزرگن مان هوندو، تحفته الڪرام ۾ هي به ڄاڻايو ويو آهي ته سيد عبدالڪريم بلڙي رحه واري جو ساڻس (مماتيءَ بعد) معتقدانه رستو هوندو هو.

23. مخدوم صدر الدين ويرداس: هي هڪ مجذوب، موحد وجد ۽ مستي جي راهه جو سالڪ بزرگ هو، اصل برهمڻ هو، هميشه جهنگلن ۽ پهاڙن ۾ رهندو هو ۽ انسانن کان ڀڄندو هو، آخري وقت ۾ اچي گنجي ٽڪر جي دامن ۾ رهيو، حديقته الاولياء  جو صاحب لکي ٿو ته هن صاحب هن درويش سان ملاقات ڪئي ۽ اسحاق آهنگر جو سنڌي بيت هن کان ٻڌو. هي سنڌي شعر جي شروعات آهي، سندس وفات 903هه/1497ع ۾ ٿي آهي ۽ گنجي ٽڪر جي دامن ۾ آرامي آهي.

25. حاجي ويسر: هي پنهنجي وقت جو نامور، صالح ۽ پرهيزگار بزرگ هو ۽ شيخ ڀرڪئي ڪاتيار جو همعصر هو.

26. مخدوم ملا آري سونڊوي: هي بزرگ وقت جي ڪامل ۽ شيخ المشائخ سيد علي شيرازي ڪلان (ولادت 795هه/1392ع ۽ وفات 877هه/1472ع) جو  ناميارو مريد آهي، ڪينجهر جي سڄي ”گندرا“ قوم هن جي مريد هئي، ان جي اولاد مان مخدوم ملا بايزيد ۽ ملا ابوبڪر مشهور آهن، ملا ابوبڪر مخدوم نوح رحح جو همعصر آهي.

27. سيد محمد حسيني المعروف سيد مراد انجوي ٺٽوي: هي صاحب سيد احمد بن سيد محمد عرف ميران محمد جو فرزند هو، ڄمندي ئي ڄام هو، هن جي تولد جون نشانيون گهڻن ئي بزرگن ڏٺيون، جن مان شيخ عيسيٰ لنگوٽيو، بيرکر ۽ گنج قلندر مشهور اهن، هي صاحب ڄان فتح بن ڄام سڪندر سمي جي عهد 831هه/1427ع ۾ پيدا ٿيو، هن جون ڪرامتون بيشمار آهن، جي حاجي محمد حسين صفائي جي تاليف ڪيل رساله ”تذڪره المراد“ ۾ آيلآهن، سندن وفات 893هه/1487ع ۾ ٿي، کين ٽي فرزند بنام سيد منصور، سيد نعت الله ۽ سيد حماد عنات ٿيا، جن جو ڪثير اولاد آهي.

28-29. سيد احمد ۽ سيد محمد مشهدي: سيد محمد عابد مشهدي جا فرزند آهن ۽ 910هه/1504ع ۾ ساموئي ۾ آيا، سيد محمد هت گذاري ويو، سيد احمد رهي پيو، شاهه بيگ ارغون هنن ساداتن کي محله مغلاڙي ۾ آباد ڪرايو ۽ معاش به مقرر ڪيو، ان جي اولاد مان سيد محمد، سيد دائود، سيد احمد۽ سيد يعقوب مشهور آهن، سيد محمد قاسم بن سيد محمد بن سيد دائود شهيد سيد جعفر بکريءَ جي ذريعي شاهه عبدالڪريم جو وڃي خليفو مقرر ٿيو.

30. شيخ طلحو: هي صاحب شيخ بهاءُ الدين جي اولاد مان ڪامل وليءَ ٿي گذريو آهي، سيد مراد وٽ وڃي سندس ڪرامت ڏيکارڻ جو واقعو سيد عبدالڪريم جي رسالي ۾ آهي. ”پر تذڪره المراد“ ۾ انکان ابتڙ آهي.

31. پير ڪريم: هي قديمي بزرگ ۽ شانداد ڪرامتن جو صاحب سر زمين ساڪري ۾ مدفون آهي، گدڙ ان جا بيحد مطيع آهن، هن جي وفات سمن جي عهد جي وچ ۾ واقع ٿي.

 سرور سائين جا معاصر: هاڻي اچون ٿا سرور سائين جي سپتين سهيوڳين تي، نيڪ روشن هجي ته انهن ڏينهن ۾ سنڌ ڇهن مکيه سرڪارن ۾ وراهيل هئي ۽ هر هڪ سرڪار وري ڌار ڌار محلن ۾ تقسم ٿيل هئي، اهڙو بيان آئين اڪبري ۾ ابوالفضل ۽ ميرڪ يوسف جي تاريخ ”مظهر شاهجهانيءَ“ ۾ پڻ درج ٿيل آهي، ان دور ۾ سنڌ جي هيٺئين طرح ورهاڱو ٿيل هو.

1. سرڪار بکر: ان ۾ 12 محلا هئا، بکر، اچ، ماٿيلو، اوٻاوڙو، الور، درٻيلو وغيره.

2. سرڪار سيوستان: ان ۾ 9 محلا، سيوستان، پاٽ، باغبان، ڪاهان، لاکاٽ وغيره.

3: سرڪار چاچڪان: ان ۾ 11 محلا چاچڪان، جوڻ جوڻ، فتح باغ وغيره.

4. سرڪار نصرپور ان ۾ 7 محلا: نصرپور، امرڪوٽ، هالاڪنڊي، سماواتي، اگهم وغيره.

5. سرڪار چڪر هالا: ان ۾ 7 محلا: چڪر هالا غازيپور وغيره

6. سرڪار ٺٽه: ان ۾ 18 محلا: ٺٽو (تته) بندر لاهري، بتوره (بٺورو) بهرامپور، سرڪار وغيره.

ان ڪري اسان بزرگ جانالا سرڪار وار ڏينداسون، بزرگن جو ذڪر خير ڪرڻ کان مرزا عيسيٰ ۽ مرزا محمد باقي ترخان ۽ سلطان محمود خان، جن جي زماني جي سيدن، عالمن، مشائخن، قاضين، فاضلن ۽ شاعرن جي بيان ۾ جن بزرگن جو احوال آندو آهي، اها سڀ مخدوم نوح رحه سرور سائين جن جا مڻيادار معاصر آهن، انهن جو انداز51 آهي، وري مرحوم مير علي شير ”قانع“ پنهنجي مشهور تصنيف ”مقالات الشعراءَ“ ص 282 ۾ سپاهي جي ضمن ۾ شاهه حسين ارغون المتخلص ”سپاهيءَ“ جي 27 کن سهيوڳين جو ذڪر ڪيو آهي، جي گهڻو ڪري ”تاريخ معصوميءَ“ ۾ سڀ اچي ويا آهن، مرزا باقي جي ضمن ۾ به اٺن معاصرن جو ذڪر مير علي شير ”فاتع“ ڪيو آهي، سو به تاريخ معصوميءِ تان ورتل آهي، چڱو هاڻي بزرگن جي باتين جي ڀيدن مان ڀاونا لهو.

 

بکر سرڪار جا بزرگ

 

1. مير ابولبقا: بکر جو هڪ نهايت سڳورو سيد فقيري ۾ خاص حال جو مالڪ هو، همايون بادشاهه جڏهين هتي آيو، تڏهن سيد صاحب جي زيارت لاءِ سندن گهر تشريف فرما ٿيو، بکر جي چوڪيدارن کي جڏهن اها خبر پئي، تڏهن رستي ويندي تير وسائي سيد صاحب کي شهيد ڪيائون، همايون بادشاهه کي هن جي شهيد ٿيڻ ڪري ڏاڍو ڏک ٿيو.

2. شاهه قطب الدين محمد بن شاهه محمود بن شاهه طيب هروي: اصل خراسان جو باشندو هو ۽ ترڪماني فسادن بعد سنڌ ۾ آيو ۽ بکر ۾ مقيم ٿيو، شاهه حسن ارغون کيس بکر جو شيخ الاسلام مقرر ڪيو، پاڻ ذي اثر واعظ هو، 997هه/1577ع ۾ وفات ڪيائين، پاڻ شاعر به هو ۽ سندس هي شعر قابل داد آهي:

 

جهاد نفس به ست ازجهاد اسلامي،

ڪه در درون، جان است دشمن دين را.

 

3. شاهه جهانگير هاشمي: ”تحفته الڪرام“ ۾ هن صاحب کي مذڪوره شاهه طيب جي اولاد مان ڏيکاريو ويو آهي، مگر مقالات الشعرا ۾ کيس هاشمي ڪرماني سڏيو ويوآهي، هن جو نسبت سندس والد جي طرفان شاهه قاسم انور (757-837هه-1356-1433ع) ۽ مادر طرفان شآهه نعت الله ولي (731-834هه-1330-1430ع) تائين پهچي ٿو، شاهه حسين جي ڏينهن ۾ خراسان مان اچي بکر ۾ سڪونت اختيار ڪيائين ۽ شاهه حسن جي درٻار جي فصيح ۽ بليغ شاعرن مان هو، ”فن شعر ۾ بينظير هو“ مثنوي تحفته الاحرار جي جواب ۾ ”مظهر الاثار“ لکيائين ۽ ”مشهر الانوار“ پڻ ”مخزن الاسرار“ جي جواب  ۾ لکيائين، مگر پوئين مثنويءَ  جو اڃان پورو پرو پئجي نه سگهيو آهي، ”ديوان هاشمي“ به سندس علمي ۽ ادبي نشانين مان آهي، سنه 946هه/1539ع ۾ حج ڏانهن ويندي ڪيچ مڪران وٽ شهيد ٿيو، سندس هڪ ٻه شعر نموني خاطر ڏجن ٿا.

بي تو نه بود هوس جرعهء در سرما،

مگر همه چشمهء خورشيد بود ساغر مان

--------------

ذڪرت بخير باد ڪه دربزم ڪائنات

خاموش نيست انجمني از دعاي تو

--------------

4. قاضي قاضن بن قاضي ابو سعيد بن قاضي زين الدين بن قاضي قاضن بن قاني ابوالخير:

4. اصل سيوستان (سيوهڻ) جو باشندو هو، صالح الدين جو صالح فرزند هو، سندس تڙ ڏاڏو قاضي ابوالخير، جو فضيلت ۽ حال جو صاحب هو، سو وڃي بکر ۾ رهيو، قاضي صاحب سڀني عالمن ۾ عمه تن موقف هو، هي پهريون شعر آهي، جنهن جي بيتن کي سنڌي شاعريءَ جي تاريخ ۾ اوليت جي فضيلت ڏني وڃي ٿي، سيد محمد جونپوري عرف مهدي جونپوريءَ جو مرد هو، شاهه حسن جي ڏينهن ۾ پنهنجي آبائي عهدي بکر جي قضا تي قائم ٿيو ۽ جڏهن پيرسن ٿيو تڏهين استعفا ڏئي پنهنجي ڀاءُ قاضي نصر الله کي بکر جو قاضي مرر ڪرايائين، قاضي نصر الله بابت تحفته الڪرام هنن لفظن ۾ لکيو آهي، قاضي نصر الله ظاهري خواهه معنوي ڪمالات سان سينگاريل هو، وڏن جو طريقو پوري طرح روشن رکندو آيو، قسمت جي ڏينهن گذارڻکان پوءِ عزت ۽ ناموريءَ سان گذاري ويو، قاضي قاضن جي وفات شاهه حسن جي وفات کان چار سال اڳ 958هه/1551ع ۾ واقع ٿي، شاهه ڪريم رحه جو روح شال سڪون ۾ هجي، جنهن جي معرفت قاضي قاضن جا ڪتي جي تارن وانگر ست روشن ستار (بيت) سنڌي ادب جي آسامن کي روشن ڪرڻ لاءِ اسان کي عنايت ٿيا، سندس هڪ ٻه بيت برڪت لاءِ ٻڌو:

 

(1)

ڪنز قدوري ڪافيو جي پڙهي پروڙين سڀ

 

ته ڪر منڊي ماڪوڙي کوهه ۾ پئي ڪڇي آڀ

(2)

”لا“ لاهيندي ڪن کي ”لا“ موراهين ناهه

 

بالله ريءَ پريان، ڪٿ نه ڏسي ڪي ٻيو

 

گلزار ابرار جي مصنف مولانا غوثي ڄاڻايو ته شيخ ابراهيم بن عمر سنڌي، جنهن جو قبو برهانپور کان اتر آهي، سندس باعقيدت دوستن مان هو، ذات حق باد گشن روحش.

5. قاضي عبدالله بن قاضي ابراهيم: هي بزرگ محل درٻيلي سرڪار بکر جو ويٺل هو، علم جي تحصيل مخدوم عبدالعزيز ڪاهاني محدث وٽ ڪيائين، پورو متفي ۽ پرهيزگار هو، شاهه بيگ جي فتح بعد باغبان ۽ راؤت ۾ پڻ اچي رهيو هو، سن 934هه/1527ع ۾ سنڌ کان گجرات ۽ اتان پوءِ مديني منور ويو ۽ ”ڪتاب النور السافر في اختار القرآن العاشر“ جي حوالي مطابق سندس وفات ذوالحج 974هه/1576ع ۾ ٿي، سندس ٽي فرزند-شيخ صالح، شيخ رحمت الله ۽شيخ حميد هئا، جن پڻ نيڪ والد جا نيڪ ميوا هئا، خدا صاحب مرهين! شيخ رحمت الله بابت تحفته الڪرام لکيو آهي ته ”شيخ رحمت الله جو وجود خدا جي خاص ۽ نسوري رحمت هو، فضل ۽ ڪمالات جي فن سان سينگاريل ۽ وقت جو بينظير عالم هو“ مناسڪ الحج متعلق هن جا ٽي رسالا يادرگار آهن، جن مان ”المنسڪه المتوسط“ عرف ۾رائج ۽ معروف آهي، هن صاحب جي وفات مڪي شريف ۾ 12 محرم سان 993هه/14 جنوري 1575ع ۾ واقع ٿي، شيخ حميد نالي، مرحوم قانع ڄاڻايو آهي ته علوم عقلي ۽ نقلي ۾ تعريف جو لائق هو، حديث ۽ تفسير ۾ وڏي دسترس هيس، خان اعظم ڪوڪه سان گڏجي مڪي شريف ويو، اتي اهل حديث جو امام بنيو سندس وفات 1009هه/1600ع ۾ ڏيکاري وئي آهي، مير معصوم به کانئس گجرات ۾ فيض حاصل ڪيو.

6. شيخ عبدالله متقي بن مولانا سعد سنڌي درٻيلوي: هيءُ بزرگ درٻيلي جو ساڪن هو ۽ علم حديث ۽ علم تفسير ۾ وڏي مهارت رکندو هو، سن 947هه/1540ع ۾ سنڌ مان گجرات ڏي ويو ۽ اتان وري مديني منور ۾ وڃي مذڪوره قاضي عبدالله سان مليو، پاڻ ڌار ڌار علمن ۽ رسالا تصنيف ڪيا اٿس.

7. مولانا يونس سمرقندي: علم ۽ عرفان وارن جو پيشوا ۽ وقت جي عالمن جو اڳواڻ هو، مرزا شاهه حسن جي حڪومت وارن ڏينهن ۾ ماو راءَ النهر کان سنڌ ۾ داخل ٿيو، ڪجهه وقت مرزا شاهه حسين کي ”شرح مواقف“ ۽ ٻين علمن پاڙهڻ ۾ مشغول رهيو، سندس وفات سنه 951هه/1544ع ۾ ٿي.

8. مولانا يوسف: فقط تاريخ مصومي واري صاحب هن بزرگ بابت لکيو آهي ته ”نهايت ديندار ۽ پرهيزگار آهي ۽ شرعي علمن ۾ سندس مٽ ڪو به ڪو نه آهي“

9. سيد تاج الدين بکري: هي بکر جي صحيح النسب سيدن مان آهي، نقابت جي عهدي (سيدن جي پڳداري) تي فائز هو ۽ هي واجب التعظيم نقيب ظاهري خواهه معنوي سقارت جي اسباب جمع ٿيڻ ڪري سڀني سيدن کان ممتاز هو، تاريخ معصوميءَ جو صاحب لکي ٿو ”هن جي دور ۾ به بکر جي سيدن جي نقابت انهيءَ بزرگ جي اولاد سان تعلق رکي ٿي“ بکر ۾ سندس گهڻو اولاد موجود آهي.

10. مولانا فخري هروي: باڪمال ۽ بافضيلت مرد، مرزا شاهه حسن جي زماني جو فخر ۽ اڪابرن مان هڪ هو، هن جون تفصنيفون صنايع ۽ بدايع، عروض ۽ منطق بابت آهن، شعر جو نمونو جو مير علي شير قانع ڏنو آهي، سو ملاخطه ٿئي.

 

مجنون ڪه ره باديه سر ڪردچه سرداشت،

ليليٰ نه مغيل است ڪه از باديه رويد

 

11.مير سيد صفائي بن سيد مرتضيٰ الحسني الترمذي: هي صاحب شير قلندر بابت حسن ابدال، مشهور ولي الله جي نسب مان هو، وڏو عالم، فاضل ۽ سخي ٿي گذريو آهي، مٿئين شاهه قطب الدين جي فوت ٿيڻ بعد سلطان محمود خان هن کي بکر جو شيخ الاسلام مقرر ڪيو، ذوالفعد 991هه/1583ع ۾ عالم آخرت ڏانهن روانو ٿيو، جامع مسجد جا سندن جڳهه جي ڀرسان آهي، سا سندس نشاني آهي، سندس گرامي قدر فرزند مير معصوم مصنف ”تاريخ معصومي“ جنهن جا نشان اڃا تائين سکر ۾ موجود آهن، يعني منارو وغيره، پهريائين سلطان محمود خان وٽ ۽ پوءِ اڪبر بادساهه وٽ وڏي مرتبي کي پهتو، خالخانان سان گڏجي سنڌ جي فتح ڪرڻ واري مهم ۾ نمايان حصو ورتائين، ديوان ۽ خميسه جو صاحب آهي ”نامي“ تخلص ڪندو هو ”طب نامي ۽ ”مشنوي ناز و نياز“ (سسئي ۽ پنهون) سندس يادگار آهن، هي صاحب 1014هه/1605ع ۾ هن دنيا کان جاوداني جهان طرف روانو ٿيو، سندس هڪ شعر حظ خاطر ملاخطه ٿئي:

 

چه خوش ست آنڪ از خود روم و تو حال پرسي

بـــتــــو شـــرح حال گويم بزبان بي زباني

 

12. شاهه حسين تڪدري: مرزا شاهه حسين جي دربار جو هڪ خدا رسيد امير هو، طبع جي تيزيءَ ذهن جي صفائيءَ ۽ سهڻن اخلاقن ۾ وڏي منزل حاصل هيس ”روضته السلاطين“ سندس تصنيف آهي، ملاقات الشعراء ۾ سندس هيٺيون شعر يادگار آهن:

بر اوج دو روزه نشوي غره ڪه ناوڪ

هر چند رود رو بهوا باز بخاڪ است

 

13. مير شاهه مسعود صدر: مرزا شاهه حسن جي درٻار جو ٻيو شاعر خوس طبع طابق علم ۽ فاضل عامل هو، ڪڏهن ڪڏهن شعر حقيقت افروز چوندو هو، مقالات الشعراء سندس هيٺيون شعر ڏنو آهي.

افسوس ڪه برباد شد ايام شباب

ماند است همين نامم چون نقش بر آب

باقي نفسي ست پاس نتوانم داشت

مانند حباب مي شوم خانه ۽ خراب

 

14. مير قاسم خان نمڪين هروي: هي صاحب ملا مير سبز واريءَ جو پٽ هو، جو امام موسيٰ رضا جي روضني جو متولي هو، هي بزرگوار اڪبر بادشاهه جي درٻار ۾ چار هزاري منصب تائين پهتو، قنڌار جي جنگ ۾ شهيد ٿيو ۽ لوهريءَ (روهڙي)  جي ٽڪري تي درياهه جي ڪناري تي مدفون آهي، جنهن کي (ستين جو آستان) يا (ٿان) ڪري ٿا سڏين، حالانڪه هن کي ”قاسم خاني“ ستياسر، ڪوهه هفت دختر ۽ ڪارماٿري به لکيو اٿن ۽ سڏيو اٿن. هي عبرت جو مڪان ڏسڻ وٽان آهي، تذڪره امير خاني ۾ مظهر شاهجهانيءَ جي  مصنت ميرڪ يوسف بن مير قاسم ”نمڪين“ جي حوالي سام محترم حسام الدين راشدي آندو آهي ته قتل نه ٿيو آهي، مگر قتڌار کان واپسي وقت راهه ۾ راهه رباني وٺي راهي ٿيو، مير قاسم خان اڪبر بادشاهه جي پاران بکر تي يارهيون گورنر هو ۽ سندس سال ورود 1004هه/1515ع آهي، ٻيو دفعو اڪبر جي انتقال بعد عهدو جهانگير جي پهرئين سال ۾ گورنر ٿيو آيو ۽ بکر ۾ اچي مقيم ٿيو ۽ ستين واري ٿان کي پنهنجي خاندان جو قبرستان مقرر ڪيو، لب تاريخ مطابق سندس سال وفات 1019هه/1610ع آهي، پر ڪتبه مطابق سندس سال وفات 1018هه/1609ع ۽ 1019هه/1610ع به آهي، سندس مدفن صفحهء صفايا قاسم خواني يا ستين جو آسٿان روهڙي شريف ۾ آهي، مير ابوالقاسم کان سواءِ ٻيون به سؤ کن قبرون آهن ۽ 1018هه/1609ع کان 1086هه/1675ع تائين اها جاءِ قاسم خاني خاندان جي قبرستان طور ڪم ايندي رهي آهي، ايوان جي وچ ۾ هڪ وڏو چبوترو آهي، جنهن ۾ ڏهه قبرون آهن، منجهس پنجين نمبر قبر ابوالقاسم نمڪين جي آهي، ان پٿريلي تربت تي دستوري گلڪاري بدران لوڙهه جي مٿان خواهه ٻنهي پاسن تي قرآني آيتون ۽ مشائخن جا عربي قول اڪريل آهن، ان پٿر تي وڏي پارتي نستعليق اکرن ۾ سيرانديءَ کان هي ڪتبو آهي.

مير ابوالقاسم آن يگانه عصر،

 

ڪه بجز تخم دين و داد نڪشت،

ملڪ اقبال در تصرف داشت،

 

عبرت اي عاقلان پاڪ سرشت.

ديده دل ڪشاد و برگيريد،

 

عبرت اي عاقلان پاڪ سرشت.

       

اندرئين طرف وري هيٺيون ڪتبو آهي جو مٿئين قطعي جو حصو سمجهڻ گهرجي:

گربود بستر از حرير چه سود

 

چون نهد مرگ زير بالين خشت

خلف منير اوز ”داغ ابي“

 

چونڪه تاريخ سال فوت نوشتئ

     1018هه

گفت ملهم مرا بگوش ضمير

 

سال فوتش ڪه ”باد جاش بهشت،

1018هه

وري پيرانديءَ جي ڪتبي جي پوئين مصرع مان 1019هه سال نڪري ٿو، مصرع هي آهي.

سال وفات او طلب از ”داغ داد“ ڪرد

       1019هه

هن جو لائق فرزند نواب امير خان عرف مير ابوالبقا هو، جو تحفته الڪرام جي لکڻ موجب پيءُ کان به ٻه-ٽي پد مٿي چڙهي ويو ۽ اڪبر بادساهه پاران ٺٽي جو اٺون بواب هو، ٺٽي ۾ سندس ورود ٿيڻ جي تاريخ تحفته الڪرام 1037هه/1627ع ڄاڻائي آهي، مگر لب تاريخ 1054هه/1644ع لکي آهي تحفته الڪرام مرزا عيسيٰ ترخان جي نوابيءَ جي تاريخ 1037هه/1627ع لکي آهي، مگر لب تاريخ جي ڇاپي ۾ غلطي آهي، 1054هه نه مگر 1044هه/1634ع هئڻ گهرجي، جو نواب امير خان کان پوءِ نواب مظفر خان الموسوم به مير عبدالرزاق معموري جو سال ورود 1049هه/1639ع آهي، پر راشدي صاحب تذڪره امير خانيءَ ۾ مظهر شاهجهانيءَ جي حوالي سان سندس ٺٽي ۾ سال ورود 1039هه/1629ع ڄاڻايو آهي ۽ هي به لکيو آهي ته مرزا عيسيٰ ترخان ثانيءَ بعد هن گورنري ڪئي، هي صاحب ميرپور بٺوري واڊيءَ جو باني آهي، (جنهن جو مفصل ذڪر بندي ميرپور بٺورو جي مقالي ۾ ڏنوآهي، جو سه ماهي مهراڻ ۾ شايع ٿي چڪو آهي) علم فضل ۽ فراست ۾ معروف هو ۽ سندس سڃاڻپ جا گهڻائي قصا مشهور آهن. شاعر به باڪمال هو، ٺٽي جا اميرخاني سادات سندس نسل مان آهن، جن مان مير ابوالمڪارم متخلص ”شهود“ مشهور آهي، سندس هڪ مثنوي ”پريخان سليمان“ مشهور آهي، سيوهڻ ۾ مدفون آهي.

اچو ته نواب امير خان ۽ ”شهور“ صاحب جي اشعار جو مزو وٺون، امير خان: فلڪ به سوختگان پيشتر هي سوزد، ببين زغال ڪه مخصوص بهر سوختن است.

 ”شهود“ جي تربت تي پنهنجو ٺاهيل ڪيبو لڳل آهي، ملاخطه ٿئي:

ڪسي گر بپر سدز تاريخ ماهه

همين گو ”بجنت خدا داد جا“

1073هه

1662ع

15. امير غياث الدين رضائي سبزواري: مير غياث الدين محمد عرف سلطان رضائي ۽ عريضي سبز واري ”حبيب السير“ جي مصنت خواند مير جو پوٽو ۽ سلطان جنيد صفويءَ جو ڏهٽو هو، شاهه بيگ ارغون جو مقرب هو، هن سان گڏ سنڌ ۾ اچي بکر ۾ مقيم ٿيو، هي صاحب به سٺو شاعر ٿي گذريو آهي، سندس شعر جو نمونو ملاخطه ٿئي:

 

نفش پايء ناقته ليليٰ نه گرد آلوده بود،

سرمه بهر روشنيء چشم مجنون سوده بود

 

سندس پٽ مير ابوالمڪارم کي پهريائين مرزا شاهه حسن ارغون ۽ ان کان پوءِ سلطان محمود خان عراق و عجم جي بادشاهه (1) ڏانهن ايلچي ڪري موڪليو هو، جتان قسمين قسمين نوازشون ۽ ”سلطانيءَ) جو خطاب وٺي موٽي آيو، نهايت خوش طبع هو ۽ علمي ڪمالات سان سينگاريل هو ۽ طبع موزون هيس، مقالات الشعراء ۾ سندس هي شعر آيل آهي:

 

عاقبت سوختن و ساختنت ڪاري ڪرد

صيقل آئينه گرديده ڪف، خاڪستر

 

مير ابوالمڪارم جو فرزند مير عبدالله سلطان عرف خان عريض سيوستان ۾ ڄائو ۽ نپنو، ان بعد هي پنهنجي ڀاءُ مير عبدالرسول سان گڏ جي ٺٽي آيو ۽ اتي 1054هه/ 1644ع ۾ گذاري ويو. ان جي اولاد ۾ ٺٽي جا سادات عريضي سبزواري سڏبا هئا، مير عبدالله عريضي جي طبع موزون هئي، سندس ڪلام جو نمونو مير علي شير قانع مقالات الشعراء ۾ ڏنو آهي، ملاخطه ڪريو: [1]

 

پيء نا ديدن عيب من وتو

مڙه مسمار شد بر روزن چشم

 

16. مولانا عبدالخالق گيلاني: هي علم جو يگانهء روزگار، مير معصوم جو همعصر هو، ان ڪري اسان ”تاريخ معصوميءَ“ جو احوال ڏينداسون تاريخ تحفته الڪرام هن بزرگ جو ذڪر فقط حوالي طور ميرڪ شيخ عبدالباقيءَ جي ضمن ۾ ڪيو آهي ۽ بس.

هي صاحب مولانا علامي عبدالله يزدي جو شاگرد رشيد هو، ابتدا ۾ سنه 972هه/1564ع ۾ قندار کان بکر ۾ آيو ۽ مير معصوم جي جاءِ تي درس و تدريس ۾ مشغول رهيو، ٿوريئي وقت ۾ ٺٽي جو سفر اختيار ڪيائون ۽ شيخ ميرڪ جي خدمت کان شرف حاصل ڪري ڪي ڏينهن سندس منزل ۾ سڪونت ڪري، علم جي تحصيل ۾ مشغول رهيا، ٺٽي جي اڪثر فاضلن سندن شاگردي جو شرف حاصل ڪيو، پاڻ مولانا مرزا جان ۽ شاهه فتح الله جا همعصر هئا آخري ڏينهن ۾ پاڻ دکن ڏانهن راهي ٿيا، جتي رحلت ڪيائون، سندن رشيد شاگردن مان قاضي محمود ٺٽي ۾ موجود هو، جنهن جو علم ۽ فضل ۾ بلند رتبو هو.

17. شيخ رڪن الدين مير غورماني: هن جو احوال فقط تاريخ معصوميءَ ۾ آيل آهي، معصوم رقم طراز آهي ”شيخ رڪن الدين علاؤ الدو له سمنانيءَ جي اولاد مان هو ۽ شيخ عبدالوهاب پورانيءَ جي همشيره شيخ جي نڪاح ۾ هئي، نهايت خوش طبع ۽ لطيف گو هوندو هو ۽ موسيقيءَ جي فن جي ڏاڍي واقفيت هيس، سلطان محمود جي اوائل ۾ هو ٺٽي کان بکر ۾ آيو ۽ ٻه سال کن گذاري هندستان ويو، جتي 980هه/1527ع جي آخر ۾ وفات ڪيائين“

18. قاضي دائود: هن جو به احوال فقط تاريخ معصوميءَ ۾ آيل آهن، هي صاحب اصل فتح پور جو هو، جا سيويءَ جي پسگردائي ۾ آهي، سلطان محمود خان جي حڪومت جي اوائل ۾ بکر شهر شهر جي قضا جو عهدو قبول ڪري شرعي مقدمن جا فيصلا ڪندو هو، في الحقيقت هو صاحب پنهنجي زماني جو يگانو هو، دينداريءَ پرهيز گاريءَ ۽ درويشيءَ جو مالڪ هو، شرعي فيصلا ڪندي ڪنهن به ڌر ڏانهن لاڙو يا چشم پوشي ڪا نه ڏيکاريائين، شريعت جو صاحب متقي ۽ ديندار بزرگ هو، شوال 981هه/1573ع ۾ بکر ۾ فوت ٿيو.

19. مولانا عبدالله مفتي: هي بزرگ اصل ملتان جو ويٺل هو، حقيقت ۾ مولانا عقلي علمن ۾ وڏي دسترس رکندو هو، مولانا جي طبع جي تيزي ۽ ذهنج جي نزاڪت تمام بلند هئي، 970هه/1562ع ۾ فوت ٿيو.

20. مير يونس محمد ارغون: هن صاحب جو احوال تحفته الڪرام جي صاحب، ارغوني ۽ ترخاني اميرن جي ضمن ۾، تاريخ معصوميءَ تان آندو آهي، هي امير پهريائين همايون بادشاهه ۽ محمد زمان مرزا جي ملازمت ۾ هو، پوءِ مرزا شاهه حسن ۽ سلطان محمود خان جو درباري امير ٿيو، ترڪي ۽ پارسي زبانن ۾ اعليٰ درجي جو شاعر هو. سن 985هه/1577ع ۾ وفات ڪيائين، وفات کان ٻه ڏينهن اڳ وفات جو تاريخي مادو حسب ذيل ٺاهيائين:

 

”رستم از قيد اين و آن اي دل“

 

21. مولانا يار محمد عرف مولانا ياري: هي بزرگ اصل حرات جو هو، نهايت قابل شاعر ۽ خوش طبع انشا پرداز هو، سلطان محمود هن کي ايلچي ڪري همايون بادشاهه ڏي موڪليو، مگر هو صاحب اتي هلي نه سگهيون، سو متي سيتپور ۾ اچي سڪونت اختيار ڪيائين ۽ اتي ئي فوت ٿيو، سندس ڪلام مان هڪ شعر، نموني طور پيش ڪجي ٿو، جو گجرات بابت چيو اٿس:

 

”گجرات خوش درياري، اما بشرط ياري،

بي يار چون توان بود در اين چنين دياري“

 

22. مولانا ابراهيم ولد مولانا جمال الدين مفتي: هن جو ذڪر به فقط تاريخ معصوميءَ ۾ آيل آهي، هي صاحب زاهد، عابد ۽ گوشه نشين هو، فقه جي علم ۾ سندس مٽ ڪو نه هو، سندس هر فتويٰ کي متفق عليه جي حيثيت حاصل ڪئي، ان دور جا قاضي حسين فتويٰ تي عمل ڪندا هئا، 98 ورهين جي ڄمار ۾ هي جهان ڇڏيائين.

23. مولانا قاسم ديوان: ابتدا ۾ هن بزرگ مخدوم ميران جي خدمت ۾ رهي علم جا مرحلا طئي ڪيا، پوءِ ٻاهر وڃي مولانا مح۾ود ”سرخ“ جي مشهور مدرسي جو متعلم ٿيو، ان بعد سنڌ ۾ آيو، سلطان محمود جنهن وقت سيويءَ جو حاڪم ٿيو، تڏهن هن کي پاڻ سان گڏ وٺي ويو، جتي هن کان قرآن شريف ۽ ٻين ڪتابن جا سبق حاصل ڪندو هو، هن صاحب 977هه/1956ع ۾ وصال ڪيو.

24. ملا اسحاق بکري: هن صاحب جو احوال تحفته الڪرام ۾ آيو آهي، نهايت فضيلت جو صاحب ۽ سلطان محمود خان جو ملازم هو، آخر ۾ مرزا جاني بيگ جي فرزند غازي بيگ وقاريءَ جو استاد مقرر ٿيو.

25. ميرڪ بايزيد: ميرڪ با ميرڪ ابو سعيد پورانيءَ جو لائق فرزند هو، مير ابو سعيد بن مير علي شاهه سبزواري عربشاهي، ميرڪ ابو سعيد شيخ محمود شيخ جلال الدين بايزيد پورانيءَ جوڏهٽو هو، هن صاحب جا ٻه فرزند ميرڪ با يزيد ۽ ميرڪ شيخ محمود، علمي خواهه عملي ڪمالات جا جامع هئا، ٻئي ڀائر سبزوار کان اچي قنڌار ۾ رهڻ لڳا، جتان پوءِ شاهه بيگ ارغون سان گڏ سنڌ ۾ آيا، ميرڪ بايزيد بکر ۽ سکر جي ”شيخ الاسلام“ جي عهدي تي مقرر ٿئي، سکر ۾رهڻ لڳو ۽ سندس ڀاءَ ميرڪ محمود ٺٽي ۾ سڪونيت اختيار ڪئي، سندس ذڪر ٺٽي جي عالمن ۽ فاضلن جي ذڪر ۾ ايندو.

ميرڪ بايزيد جا ٻه فرزند شيخ ميرڪ محمد اول ۽ شيخ عبدالوهاب مشهور ٿي گذريا آهن، ٻنهي لاءِ تاريخ معصوميءَ لکيو آهي ته ”شيخ محمود ميرڪ جا ڀائٽيا پنهنجي وقت جا سرڪردا ۽ زماني جا اڳواڻ هئا“ شيخ محمد لا تحفته الڪرام لکيو آهي ته ”هن حياتيءَ جا ڏينهن ڪماليت جي صاحبن وانگيان مکيه ۽ مشهور ماڻهن جي نماني تي گذاريا، مير تقي الدين ۽ مير محمد افضل نالي ٻه پٽ ڇڏي ويو ٺٽي جي ضمن ۾ شيخ عبدالوهاب جي ذڪر ڪندي لکي ٿو ته ”شيخ ٺٽي ۾ اچي نهايت بزرگيءَ سان وڏن جي طريقي کي زنده رکڻ ۽ سڀني علمن ۾ ماهر هجڻ جي حالت ۾ سنه 970هه/1562ع ۾ گذاري ويو، صاحب تاريخ معصومي شيخ عبدالوهاب جو احوال تفصيل سان ڏنو آهي، لکي ٿو ته ”شيخ عبدالوهاب سهڻين عادتن ۽ وڻندڙ خصلتن سان سينگاريل هو، نهايت خوش طبع ۽ مجلس جو مور هو، شعر نهايت چڱيءُ طرح سمجهندو هو، شريعت جو پابند ۽ تمام پرهيز گار هو، بادشاهن کي نصيحت ۽ وعظم ڪرڻ جي حتي الامڪان ڪوشش ڪندو هو،  ظلم ۽ بدعت کي دفع ڪرڻ لاءِ ڏاڍو سعيو هوندو هوس، فقه جي علم ۾ ”جامع فتاويٰ پوراني“ جا ٺٽي ۽ بکر ۾ مشهور آهي، سا هن صاحب جي تصنيف آهي، تاريخ معصوميءَ ۾ انهن ٻنهي ڀائرن جي وفات جو اتفاق سنه 990هه/1582ع ۾ڏيکاريل آهي، تحفته الڪرام ۾ شيخ عبدالوهاب پورانيءَ جي شهادت 992هه/1584ع ۾ مرزا محمد باقي هٿان ڪرايل مذڪور آهي، حالانڪ تاريخ جي معصوميءَ ۾ شيخ عبدالرحمان ولد شيخ ميرڪ جو نالو آندل آهي، جو صحيح آهي، مرزا شاهه حسن جي حياتيءَ ۾ عبدالوهاب پورانيءَ جو نالو نشانبر آهي، تان جو سندس لاس سان به هي صاحب گڏ هو، مقالات الستعراء ۾ شيخ عبدالوهاب پورانيءَ جي وفات جو سال 990هه/1528ع ڏيکاريل آهي، جو صحيح آهي، هن جو ڪلام جو نمونو ذرا ملاخطه ڪريو.

 

اهل دنيا همه در بند زڪام هوس اند،

گل اين باغ ندانم ڪ چه بو داشته است

 

26. مخدوم اسد الله بن مخدوم احمد: هي صاحب مخدوم عبدالرحمان کهڙن واري جو ڇهون ڏاڏو آهي، اڪبر جي زماني ۾ سنڌ جو ”قاضي القضات“ هو، هن سنڌ جي دوري ڪندي رياست خيرپور جي حدن ۾ پپريءَ جي ڳوٺ ۾ سنه 966هه/1558ع ۾ وفات ڪئي، هن جي وفات کان پوءِ سندس وڏي فرزند مخدوم جمال الدين به اتي ئي سڪونت اختيار ڪئي، ان بعد سندس فرزند مخدوم يحييٰ به اتي ئي فوت ٿيو، مگر مخدوم يحييٰ جو فرزند مخدوم عبدالخالق پپريءَ مان لڏي اچي کهڙن ۾ رهيو، جتي سندس اولاد موجود آهي، مخدوم عبدالرحمان شهيد ان مخدوم صاحب جو پڙ پوٽو آهي.

27. مخدوم محمد عثمان درٻيلائي: قاضي  صاحب کي ديني علوم سان گڏ عقلي ۽ نقلي علمن ۾ پوري مهارت حاصل هئي، کيس پنهنجي ڳوپٺ درٻيلي ۾ وڏو مدرسو هوندو هو، جنهن ۾ ديسي خواهه پرديسي شاگرد اچي تعليم وٺنداهئا، تاريخ معصوميءَ مطابق سندس جهڙو تارڪ الدنيا ٻيو ڪو به سندس وقت ۾ ڪو نه هو، ڪنهن به ماڻهو کان ٿورو يا گهڻو نذر نياز،خواهه بخشش، قطعه قبول نه ڪندو هو، ظاهري ذريعهء معاش جي نه هوندي به رب ڪريم هن کي عنايات لامتناهي سان مستفيض ڪندو هو، جن مان سڄو مدرسو پيو هلندو هو، پاڻ سنه 1002هه/1593ع ۾ وفات ڪيائون.


(1) تاريخ معصومي عجم جي بادشاهه جو نالو طهماسپ لکيو آهي، مير علي شير قانع (مقالات الشعرا) ۾ تاريخ معصوميءَ جو نقل ڪيو آهي، مگر تحفته الڪرام ۾ شاهه اسماعيل صفوي ڄاڻايو اٿس، سلطان محمود ڪو ڪوڪلتاشي جو سن وفات 982هه/1574ع آهي، مگر تاريخ معصومي خواهه تحفته الڪرام ۾ جڏهن سلطان محمود جو بيان اچي ٿو، تڏهن پڌري پٽ ظاهر آهي ته شاهه طهماسپ صفويءَ طرفان حق بردي بيگ 969هه/1561ع ۾ ايلچي ٿي آيو ۽ هتان سلطان محمود مير ابولمڪارم گڏي ڏنو، ان ڪري ان وقت شاهه طهماسپ عجم جو بادشاهه هو ۽ نه شاهه اسماعيل صفوي، ڇو جو بادشاهه اسماعيل 920هه/1533ع ۾ فوت ٿي چڪو هو، تاريخ ۾ آيل آهي ته هن ساڳئي سال شاهه طهماشپ اڪبر بادشاهه ڏي به ايلچي موڪليو هو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com