گــــــذارش
ادب جو تعميري منصب
انسان ۽ ان جي زندگي پنهنجي مادي توڙي روحاني، ظاهري توڙي
باطني، صوري توڙي معنوي ۽ خيال کان ارتقا پذير به
آهن ته مختلف قسم جي واسطن ۽ ناتن ۾ جڪڙيل به آهن،
علم ۽ فڪر جي هن موجوده دور ۾ رهندڙ انسان ايام جا
هليت واري دور ۾ انسان کان گهڻو اڳتي وڏي ويو آهي،
انسان جي زندگي جو مقد بلند آهي، انسان هن ڪائنات
۾ رب سماوات والارض جو نائب، خليفو ۽ جانشين آهي،
دانش ۽ سعور جي صلاحيتن جي ملڻ ڪري کيس احسن
تقويم، جو تاج پهرايو ويو آهي، ڪر منا بني آدم چئي
انسان جي تڪريم ۽ غظمت کي ظاهر ڪيو ويوآهي، سخر
لڪم مافي السما وات والارض“ چئي انسان کي تسخير
ڪائنات جو ڏس ڏنو ويو آهي، سندس اخلاقي ۽ اصلاحي
پهلوءِ جي تعمير ۽ تسڪيل جي سلسلي ۾ کيس معروف ۽
منڪر جو علم ڏنو ويو آهي، ”فالهمها فجور ها و
تقواها“ چئي، کيس غلط ۽ صحيح، جائز ۽ ناجائز جي
تمير سيکاري وئي آهي، انبياي ڪرام جي سلسله ءِ رشد
و هدايت جي تڪميل تي ويز ڪيهم و يعلهم الڪتاب
الحڪمته جي بشارت سان، نفس جي پاڪائيءَ ۽ ڪتاب جي
علم ۽ حڪمت جي ڄاڻ جو ذريعو رسول الله صلعي الله
عليه وسلم جي جن جي ذات گرامي ٻڌائي وئي آهي،
رسول ڪريم صلي الله عليه وسلم جن لاءِ ڪار لائل چوي ٿو
”پاڻ هڪ شعله ءَ هدايت آهن، جي هن خاڪدان عالم تي نازل ٿيا
ڪفر ۽ باطل جي خس و خاشاڪ کي جلائي خاڪ ڪري
ڇڏيائون“
ان طرح، روسو جي چوڻ موجب
”سندن وڏو ڪارنامو اهو آهي جو پاڻ انسان جي انفرادي اصلاح ۽
آزادي کي برقرار رکيائون ۽ ٻين مصلحن جي مقابلي ۾،
فرد جي اصلاح تي زورڏنائون“
اقبال چيو آهي
”ڏسڻ ۾ ائين ٿو اچي ته پاڻ قديم ۽ جديد دورن جي وچ تي تشريف
فرما ٿيا،
قديم دور جي اصلاح فرمايائون ۽ جديد دور لاءِ شاندار مستقبل، جي
راهه هموار ڪيائون“
ان مان صاف ظاهر آهي ته علم ۽ فلسفي، حڪمت ۽ عمرانيات جي هر
پهلوءَ تي، اسلام، هڪ جامع ۽ بصيرت افروز نصب
العين پيدا ڪيو آهي ۽ رسول ڪريم صلعي الله عليه
وسلم جن گندگي کي ناس ڪرڻ سان گڏڪ، ڪا پاڪيزگي ۽
تازگي به پيدا ڪري ۽ ذهن مان عفونت ۽ مردگي کي تڙڻ
کان پوءِ، منجهس آسودگي ۽ فڪري صلاحيت کي به روشن
ڪري.
هاڻي اهو سوال ٿو پيدا ٿئي ته اهو ڪيئن ٿي سگهندو؟ جواب هي آهي
ته اهو ڪم اهو، اديب ڪري سگهي ٿو، جو ”تعبير حيات“
مان واقف آهي.
ان سلسلي ۾ مون ٽي مرحلا پيش ڪيا آهن، ”تعبير حيات“ ”تنقيد
حيات“ ۽ ”تعمير حيات“
سڀ کان اول حيات جي تعبير جو مرحلو آهي، ان ۾ هر هڪ دانشمند اهو
سوچي ٿو ته زندگي ڇا آهي؟ ڪائنات ڇا آهي؟ حيات ڇا
۽ ممات ڇا؟ زندگي جو مقصد ڪهڙو آهي؟ انسان جو هن
ڪائنات ۾ مقام ڪهڙو آهي؟ انسان کي هت ڇا ڇا ڪرڻو
آهي؟ هن ڪارگاه خودشناسي ۽ خداشناسيءَ جا جوهر ان
غور ۽ فڪر مان پيدا ٿين ٿا ۽ هن ڪائنات کي ڪو
تعبير ملي ٿو، هيءَ ڪائنات ائين بي مقصد ۽ بيمعنيٰ
نٿي رهجي وڃي، پر ان ۾ ڪو فهم ۽ روح پيدا ٿئي ٿو،
ان روح ۽معني جي تلاش ۾ معرفت به تعبير ۾ داخل
آهي، ان ڪري قرآن انفس ۽ آفاق جي تسخير ۽ مطالع
لاءِ تاڪيد ڪيو آهي.
ان کان پوءِ ”تنقيد“ جو مرحلو آهي، ان ۾ دانشمند، زندگي جي
عفونت انگيز ڍير تي نگاهه وجهي ٿو، باريڪ ۽ ڪثيف
غلاظت کي ڏسي ٿو، انسان دشمن نظآم جي هر ڪڙيءَ کي
جاچي ٿو، ظلم ۽ استبداد، باطل ۽ بي انصافي کي
پرکيٿو، مذهب ۽ قانون جي هر دائره نفاذ ۾ جهاتي
پائي نهاري ٿو، دنيا جي هر ازم ۽ دستور کي پڙهي
ٿو، انهن جي اصول ۽ تاريخي اسباب ۽ محرڪات پرکي
ٿو، تاريخ جي مختلف دورن ۾ پيدا ٿيندڙ نتيجن کي
پنهنجي ذهن ۽ قلب ۾ جمع ڪري ٿو، علم ۽ فن جي هر
نئين انڪشآف ۾ عملي سائنس جي هر نئين اختراع ۽
ايجاد ۾ غور ڪري ٿو، حڪمت ۽ فلسفي جي پوري تارخ
پڙهي ٿو، انهن جي ڇنڊڇاڻ ڪري ٿو، انهن کي سماجي ۽
عمراني مطالبن ۽ مصلحتن جي ڪسوٽي تي پرکي ٿو، ۽ ڪي
مثبت معيار ۽ نتيجا قائم ڪري ٿو ۽ منفي اثرات جي
نشاندهي ڪري ٿو ان سلسلي ۾ هو ڪجهه پڙهي ٿو ۽ ڪجهه
لکي ٿو، پوءِ اهو نثر هجي يا نظم، تقرير هجي يا
تحرير.
آخر ۾ حيات جي تعمير جو مرحلو آهي، ان ۾ دانشمند لاءِ اول
انفرادي ۽ پوءِ اجتماعي تعمير ڪرڻي آهي، اول
پنهنجو جائزو وٺڻو آهي، پنهنجي علم ۽ عمل، حال ۽
ڪردار کي نهارڻو آهي، ان جي اصلاح ڪرڻي آهي، دل ۽
دماغ جي پختگي ۽ صفائي ڪرڻي آهي، علم کي حاصل ڪرڻ
لاءِ جدوجهد ڪرڻي آهي ۽ علم ۽ فن جي جديد ۽ قديم
ذخيرن کي مطالع ڪرڻو آهي، ان کان پوءِ دانشمندانه
نتيجن جي روشني ۾، هن ڪائنات جي تعليم لاءِ، ارتا
۽ تسخير لاءِ جدوجهد ڪرڻي آهي، الله جي ڏنل
پروگرام موجب، ڪائنات کي سنوارڻو ۽ سينگارڻو آهي،
ان ۾ دلڪشي ۽ دلبري پيدا ڪرڻي آهي، ان ۾ رنگ ۽ نقش
ڀرڻو آهي، ان جي تخليقي انتشار ۽ ظاهري بي
ترتيبيءَ جي تضاد نظر اچن ٿا، تن ۾ تطبيق پيدا
ڪرڻي آهي، ان جي منجهيل مسئلن کي سلجهائڻو آهي، ان
جي قديم دور کان جديد تائين، هڪ جامع تعبير، هڪ
زنده تاويل ۽ هڪ جاندار ربط پيدا ڪرڻو آهي، ان
طرح، اهو محسوس ڪرڻو آهي ته
زمانه ايڪ، جهان ايڪ، ڪائنات ڀي ايڪ
دليل، ڪم نظري، قصه ۽ جديد و قديم!
ان طرح، جديد ۽ قديم جي زماني ۾ فڪري تقسيم کي ڪم نظريءَ جو
دليل سمجهي، هڪ اديب ۽ مصلح آفاق گير ٿي وڃي ٿو ۽
سندس غور و فڪر، عمل ۽ حرڪت، بلڪ هڪ اشارو ۽ هڪ
حرف به هن ڪائنات لاءِ هڪ معروف ۽ هڪ حڪم بنجي وڃي
ٿو ۽ ڪائنات لرزه براندام رهندي چوي ٿي؛
عروج، آدم خاڪي سي انجم سهمي جاتي هين
ڪه يه ٽوٽا هوا تارا مه ڪامل نه بن جائي!
ان قسم جو ”ادب“ جنهن ”تنقيد“ ۽ تعبير ۽ تعمير جا ٽئي مرحلا طئه
ڪيا آهن، ان کي ئي آفاقي ۽ عالمي شعور جو انسان
چيو ويندو ۽ اهو انسان ئي صحيح معنيٰ ۾ اديب چئي
سگهبو، ان جي ڪاوش ۽ فن کي ئي صحتمند سڏي سگهجي
ٿو، اهو ئي عالم ۽ عارف آهي، شاعر ۽ خطيب آهي،
مفڪر ۽ مصلح آهي، ان جي تحرير پيغام آهي، ان جو
ڪلام روح افرين آهي، ان جو فن صحتمند آهي، باقي جي
ناقص آهن، تن جي فن جي حيثيت ڇا ۽ افاديت ڇا؟
زندگي جي ڪارزار ۾ ان قسم جا ماڻهو به گذريا آهن، يا نه؟ تاريخ
جي ڇنڊڇاڻ ڪرڻ گهرجي، پنهنجي تاريخ ۾، ادبني ربي،
فرمائيندڙ پيغمبر ۽ سندن ساٿي ۽ شاگرد تاريخ جو
مثالي ڪردار آهن، جن جي زندگي باشعور ۽ بامقصد
هئي، عظيم جدوجهد ۾ هئي، سرتاپا جهاد هئي، اخلاق
جو پيڪر ۽ صالحيت جو نقش هئي، انهن ثابت ڪري
ڏيکاريو ته هڪ مومن ۽ هڪ اديب، ان تحريڪ سان
وابسته فرد، هڪ اسلام پسند انسان، ڪڏهن به، ڪٿي
به، ڪنهن به صورت ۾، نڪو باطل سان ٺهندو ۽ نڪو هق
کي ڇڏيندو، غلامي جا عاجزيءَ کان بيزار، ذلت ۽
عذاب کان آزاد، قدرت جي لعنت ۽ نفرت کان محفوظ، هڪ
وحدت سان واسته ۽ هڪ وحدانيت سان واڳيل، هڪ تعبير
۽ حقيقت سان واڻيل، بااخلاق، مصلح، مبلغ ۽
پيغمبرانه اوصاف سان سينگاريل، يعني بنده مولا
صفات!
هي ان دور جي ڳالهه آهي، جڏهن صحيح نموني ۾ اسلام ۽ ان جا اصول
عملي زندگي ۾ حرڪت پذير رهيا، ان دور ۾نڪي عقيدن ۽
لفظي تعبيرن جي اختلاف تي فرقا ٺهيا، نڪي
گروهبنديون بڻيون ۽ نڪي انسانن کي بت بنائي پوڄيو
ويو، هڪ ئي مراد هئي،
فرد جي اصلاح ۽ اجتماعي فلاح!
ان دور جي هڪ لفظي ۽ تصوير پيش ڪندي، علامه مشرقي هڪ هنڌ لکي
ٿو:
”ان دنيا جي آخري پيغمبر جي سيرت تي اگر ڪو غور ۽ فڪر نتيجه خير
ٿي سگهي ٿو ته پوءِ ان ڳالهه تي غور ڪريو ته نبي
ڪريم جي تعليم ڪهڙي هئي؟ سندن دين ۽ ان جو نصب
العين ڪهڙو هو؟ سڀ ماڻهو ___ هندو، سک، عيسائي،
پارسي، ٻڌ، وغير زندگي ۽ ان جي حقيقت انسان ۽ ان
جي مقصد حيات جي ڳجهارت سلڻ ۾ عمر گوائي چڪا آهن،
هو چون ٿا ته سندن مذهب سچو آهي، سڀ ان فرضي
اطمينان ۾ مست آهن ته سندن چيل ڳالهه درست آهي، ان
جي مقابلي ۾، جهڙي نبي ڪريم جي سيرت ڪامل ۽ اڪمل
آهي، اهڙي مثالي زندگي ٻي ڪا نه آهي، سندن سيرت جو
خط و خال موجود، هر حرف ۾ هر لفظ واضع، سندن هر
عمل تاريخ جي وفق تي محفوظ آهي، ان طرح سندن ساٿين
جا ڪارنامه قرون اوليٰ جي عملي زندگي ۾ روشن آهن،
هو ساري دنيا تي غالب رهيا ۽ فاتح رهيا، قرآن جي
ورق ورق جي تعليم اها آهي ته مال ۽ جان سان باطل
جي خلاف جنگ لڙي وڃي، ظلم ۽ استبداد جي خلاف علم
سان ۽ قلم سان، بلڪ ترار سان جهاد ڪيو وڃي، نبي
ڪريم جن باطل جي خلاف جنگ کي عبادت قرار ڏنوآهي،
جنگ جي ميدان ۾ فضيلت ٻڌائيندي، فرمائين ٿا جنگ جي
ميدان جي هڪ رات، ستر ورهين جي عبادت جهڙي آهي،
قرآن ۽ حديٽ ۽ تاريخ جي اڻهن پڌرين شهادتن کان
پوءِ ڪو آهي، جو چوي ته دين هڪ معمو آهيٰ! اڄ
اوهين اختلاف راءِ پيدا ڪريو ٿا، فرقه بنديون پيدا
ڪريو ٿا، جهاد ۽ جدوجهد کان گسايو ٿا، ان سان گڏ
چئو ٿا ته اسين حق پرست آهيون ۽ اسان جو دين عالم
آرا آهي! ذلت ۽ لعنت انهن قومن تي ٿي اچي، جن ۾ نه
جهاد آهي ۽ نه جدوجهد، جي باطل جي خلاف نڪا حرڪت
ٿا ڪن، نڪو عمل ! اسان مان جڏهن لڇڻ ويا، تڏهن عزت
۽ عضمت وئي، فتح ۽ نصرت وئي، غلبو ويو ۽ سڀ ڪجهه
ويو، گويا جدوجهد ۽ جهاد کي ڇڏڻ“ اسلام ڇڏڻ جي
برابر ٿيو“
هي آهي ان دور جي لفظي تصوير ۽ موجوده اسان مسلمانن جو عمل ۽ رد
عمل ! ان تصوير موجب، موجوده شاعرن ۽ اديبن جو حال
ڪهڙو آهي؟ انهن جي جدوجهد جو رخ ڪيڏانهن آهي؟ ظلم
۽ استبداد جي خلاف يا تائيد ۾.؟
ان کان پوءِ علامه مشرقي آخر ۾ هڪ تنبيهه ڪئي آهي، جنهن ۾ اسان
سڀ اچي وڃون ٿا.
”تاريخ شاهد آهي ته ڪن سون ورهين کان، صحيح اسلام کي مشڪل سمجهي
پنهنجي طرف کان اسان آسان اسلام گهڙيو آهي، ان تي
عمل ڪري، هاڻي نڪت هتي پنهنجي طرف کان اسان آسان
اسلام گهڙيو آهي، ان تي عمل ڪري، هاڻي نڪو هتي جو
ثواب ٿو ملي ۽ نڪو آخرت جي نجات ! قرآن جي ورق ورق
تي جدوجهد ۽ جهاد، عمل ۽ حرڪت جي تعليم موجود آهي،
باطل جي خلاف جنگ ۽ جدوجهد جو حڪم آهي، ڇا انهن
چٽين هدايتن هوندي ٻينماڻهن جي طرفان ٻڌايل ”مون“
جي تعريف سان اوهان جي دل کي ڪا تسلي به ٿئي ٿي ؟
ڇا الله جي ڪلام جي هوندي خدا قيامت جي ڏينهن تي
ڪن ٻين ماڻهن جي سند تي تي اوهان کي مومن قرار ڏئي
سگهي ٿو ؟... عمل ۽ جهاد کي ڇڏي، ڪن غلط ماڻهن جي
غلط سند تي، اوهان سمجهيو آهي ته اسلام صرف چند
شرعي مسئلن، وضع قطع، عقيدن، قولن يا حد کان وڌيڪ
عبادت جي مجموعي جو نالو آهي، ان ڪري اوهين هٿ تي
هٿ رکيو ويٺا آهيو! ياد رکو اگر مذهب اختار ڪرڻ جي
مدعا آهي، اخرت جي نجات ته پوءِ اوهين اهڙين پسند
ڪيل سولين ڳالهين تي لڳي خدا جي نظرن ۾ مسلمان ٿي
نٿا سگهو.“ (”عسڪري زندگي“ 29 مئي 1932ع).
اڄ هن دور ۾ ضرورت آهي ته اسان جا اديب حضرات دين جي مفهوم کي ۽
ان جي تحت ادب جي انقلاب انگيز تعبير کي سمجهن،
علم ۽ فڪر جي جديد ۽ قديم ذخيرن جي ڇنڊڇاڻ ڪن ۽
موجوده زندگيءَ کي مٿي عرض ڪلي ٽن مرحلن ۾ ورهائي
مطالع ڪن، تعبير، تنقيد ۽ تعمير تي غور ڪن، اول
اهو سمجهن ته هيءَ حييات ۽ ڪائنات ڇا آهي ۽ ڇو
آهي، ان ۾ انسان جومقام ڪهڙو آهي؟ ٻيو ته موجوده
انسان سماج ۾ خرابي ڪهڙي آهي ۽ ڪٿي آهي؟ ٽيون ته
ان جي تلافيءَ ۽ تعمير جا ڪهڙا اسباب ۽ اصول ٿي
سگهن ٿا؟
بس، اهو آهي، اڄڪلهه جي اديبن، دانشورن ۽ عالمن جو ڪم.
بورڊ جا نوان ميمبر.
مرحوم جناب سيد ميران محمد شاهه صاحب(ميمبر سنڌي ادبي بورڊ) جي
وفات حسرت آيات بعد، “بورڊ“ جي ميمبريءَ جي جيڪا
جاءِ خالي هئي، ان تي سنڌي ادبي جي مشهور فاضل ۽
اديب، جناب محبوب علي چنا، پرنسپال سچل ڪاليج
حيدرآباد، کي مقرر ڪيو ويو آهي،
جناب چنا صاحب جي ذات ڪنهن به تعارف جي محتاج نه آهي، چنا صاحب
پنهنجي علمي ۽ ادب جي تاريخ ۾ ڪڏهن به وسارڻ جهڙي
نه آهي، ان کان سواءِ، سنڌي ادب جي تاريخ، سنڌي
بزرگن ۽ صوفين، شاعرن ۽ عالمن جي سوانح، سنڌي زبان
۽ لغت، سنڌ جا آثار قديمه، سنڌي بزرگن جو مقام
تصوف، سندس دلپسندن موضوع رهندا آيا آهن، سندس
مقالا سنڌ جي علمي ۽ ادبي رسالن ۾ شايع ٿيندا رهن
ٿا، تعليمي لحاظ سان، هالا جي سرور به اسلامي
ڪاليج جي پهرئين پرنسپال جي حيثيت سان سندن خدمتون
ڪاليج لاءِ بنيادي حيثيت رکن ٿيون.، ان کان سواءِ
سنڌ يونيورسٽي، لطيف ڪاليج ميرپور خاص، ۽ جامع
عربيه حيدرآباد تائين سندن تعليمي خدمتن جو سلسلو
وسيع آهي،. ان طرح، سنڌ جي مشهور صاحب، دل بزرگ
حضرت مخدوم امين محمد صاحب صديقي رح جو ڪلام پڻ
مفيد حاشين ۽ معلومات افزا مقدمي سان مرتب ڪيو
اٿن. جو جلدي ”بورڊ“ جي طرفان شايع ٿي رهيو آهي،
سنڌي ادب ۽ تصوف سان سندس والهانه شغف آهي، اميد
آهي ته سندس ”بورڊ“ تي اچڻ، ادب جي خدمت لاءِ، ۽
خصوصن، ”بورڊ“ جي نصب العين ۽ عملي ڪارڪردگي جي
سلسلي ۾ مفيد ثابت ٿيندو، دعا آهي ته الله پاڪ
شامل کيس سنڌي ادب ۽ زبان جي سلسلي ۾ مخلصاله خدمت
جي توفيق عطا فرمائي.
ان سلسلي ۾ جناب رضي الدين صديقي، وائيس چانسلر سنڌ يونيورسٽي
کي بدلي ڪري اسلام آباد يونيورسٽي جو وائيس چانسلر
مقرر ڪيو ويو، بورڊ جي ميمبري جي سلسلي ۾ ان عهدي
جو ماڻيندڙ دائمي حيثيت رکي ٿو، تنهن ڪري سندس
جڳهه تي سنڌ يونيورسٽي جو نئون وائيس چانسلر جناب
حسن علي عبدالرحمان، بار ايٽ لاءِ، بورڊ جو ميمبر
ٿيو آهي، جناب حسن علي عبدالرحمان جي ذات گرامي
ڪنهن به تعارف جي محتاج نه آهي، پاڻ ملڪ جو برک
بئريسٽر آهي، ۽ ان کانسواءِ ڪراچي جي سنڌ مدرسي
بورڊ جي اعزازي سيڪريٽري ۽ پوءِ ان جي پريزيڊنٽ ۽
پڻ ڪراچي جي سنڌ مسلم ڪاليج جي پرنسپال جي حيثيت
سان سندس تعليمي خدمتون تحسين جوڳيون آهن، ان
کانسواءِ ٻيا ڪيئي علمي ۽ تهذيبي ادارا آهن، جي
سندس سرپرستي ۾ هلي رهيا آهن. سندس تعليمي خدمتن
جو فيض سنڌ ۽ سنڌ کان ٻاهر پري تائين پهتل آهي،
لکين شاگرد سندس تعليمي خدمت جا فيضياب ٿي چڪا
آهن، جناب رضي الدين صديقي کانپوءِ هن سنڌي خادم ۽
معمار، سنڌ يونيورسٽي جي تعمير ۽ ترقي سان گڏ
شاگردن جي تعليمي ۽ تهذيبي مشغلن ۾ جنهن مخلصانه
حيثيت سان ڪم جو آغاز ڪيو آهي، اهو اميد افزا آهي،
سندس دور ۾ سنڌي ادب ۽ زبان جي خدمت جي سلسلي ۾
سنڌ يونيورسٽي جي سنڌي شعبي ۽ سنڌي اڪيڊمي پاران
پڻ علمي ڪم ڪيو پيو وڃي، الله تعليٰ کان دعا آهي
ته شال هن باحوصلا سنڌي دانشور جي خدمت ۽ توجه
سان سنڌ يونيورسٽي پنهنجي مقام کي بلندي تي
پهچائي، سندس بورڊ ۾ اچڻ پڻ هڪ انيڪ فال آهي.
جوڳي ٻيا ڀي گهڻا _ آيل ڙي
منهنجو لکيو لاهوتين سان
سئن هنيائون سڃ ۾، ڇڏي گهرڙا گهڻا...
ڪين کنيائون پاڻ سان، تنبي منجهه ڪڻا...
پورب ٿيندا پڌرا، جن جي منهن ۾ مڻيا...
سرتيون شاهه ”لطيف“ چئي، مرشد شال وڻان...
- شاهه
جي ڀانئين پسان پرينءَ کي، تان لڪي وجهه ليئو،
اڻ هوندو حساب آب تي، عالم ائين ٿيو،
پر فرق ڦوٽو بحر جو، ڪنهين ڪو نه چيو،
جنهن ڳوليو ٿي پرينءَ کي، سو وچون ئي ويو،
جت ناهي ٻولي ٻن جي، تتي ٽڪي ڪين ٽيو،
پپر ۾ پرميسور، تان ڪو ٻٻر ۾ ٻيو
جي اسلام ٿيو الله کون، تان ڪفر ڪنهن ڪيو،
جي ڪعبو خانو خداءَ جو، تان ڪو ديول ڏوهه ڪيو،
مڙهيءَ ۽ مسجد ۾، روشن هڪ ڏيئو،
ڪيئن جو ڪيئن پيو، ”دلپت“ خلل اچي خلق ۾!
------
ڇا کي وڌو پاڻ ۾، تر ڪن واڻين وير،
جي پپر ۾ پاڻ ڌڻي، تان ڪرڙ ۾ ڪير
ڪک پن ۾ پڌرو آهي، پريان سندو ڀير،
ڪو سڄو پسي سير ”دليپ“ چوري دوست جو
------
جت پانڌين نه هو پيچرو، تت ڪنهن پيريءَ پاتو پير،
”دليپ“ اوڀارو ابتو، هن گهاٽيءَ سندو گهير،
سپريان جو سير، ڪنهن ساهوءَ ڏٺو سڃ ۾.
صوفي دليپ رام
هر هڪ شاعر جي پرک پنهنجي آهي، ائين چوڻ ۾ وڌاءُ نه ٿيندو ته هر
هڪ شاعر پنهنجي سونهن ڄڻ پاڻ خلقي، قدرت جي بيشمار
نظارن، جيون جي جذبن ۽ خيالن، قولن ۽ ڪرڻين مان
واس وٺي شاعر پنهنجي اندر ۾ جهاتي پائي ٿو، ٻاهر
جو گوڙ ۽ شور، غلغلو ۽ ٿرٿلو ۽ سنسار جا هر گهڙي
ڦرندڙ نظارا، شاعر جي اندر ۾ هڪ قسم جو ولوڙو ٿا
وجهن، جڏهن وجد جي گهڙي ٿي اچي، تڏهن اهي ترجبا ۽
ولوڙا، اهي قال ۽ خيال، اهي سپنا ۽ مشاهدا، اهي
رنج ۽ گنج، وڃي ٿا تر وٺن، ۽ مٿان اڇ ٿي اڇ رهجيو
وڃي، ائين پيو ڀائنجي ڄڻ ته ديون ۽ دئيتن گڏجي
اٿاهه سمنڊ کي ولوڙيو آهي ۽ منجهانئس امرت ڪڍيو
آهي، اهو امرت شاعر پنهنجي شاعراڻن پيالن ۾ اوتي
ٿو ۽ پوءِ پاڻ به اهو پي مست ٿئي ٿو ۽ ٻين کي به
پياري مست بنائي ٿو.
شيخ اياز
وايـــــون
زئندي رات گذاري ڙي، رئندي رات گذاري ڙي!
پنهنجي پيار پکيئڙي جهڙو، ماڻهو ماڻهو مري ڙي_
مون رئندي رات گذري ڙي
آءُ اڃايل، گهايل گهايل، سامهون ساري واري ڙي
مون رئندي رات گذري ڙي
سارو ڏيهه ڏمرجي آيو، مون جو تند تنواري ڙي_
مون رئندي رات گذري ڙي
جنهن جا گيت هوا کان هلڪا، ڀونءِ انهيءَ تي ڀاري ڙي_
مون رئندي رات گذري ڙي
هاءِ برو ڀنڀور نه ڄاڻي، ڪير انهيءَ ۾ آري ڙي!_
مون رئندي رات گذري ڙي
تون مون کي سنگيت ڏئي، هيءَ سوري ڇو سينگاري ڙي؟_
مون رئندي رات گذري ڙي
( 2 )
تون ته ڪنڌيءَ جو ڪانڌ، ميان
هاءِ، ڪنڍيءَ ۾ منهنجو من !
ترڪي ڇرڪان، ڇرڪي ترڪان، تو کي ڪو نه ڏسان:
هاءِ ڪنڍيءَ ۾ منهنجو من!
ور ور تنهنجي ڍر سان، ڇوليءَ ڇوليءَ منجهه ڇلان:
هاءِ ڪنڍيءَ ۾ منهنجو من !
هنئون به منهنجو هر کي تو تي، توکان ونءُ به وڃان:
هاءِ ڪنڍيءَ ۾ منهنجو من!
( 3 )
هي هي ڏاڙهون جهڙا ڳل!
هي هي جوڀن جاڙ ڪيئي!
نچڻي ٻيهر اچڻي ناهي، هي هي پايل جهڙا پل!
-هي هي جوڀن جاڙ ڪيئي!
سارو ڏينهن وٺو هو سانوڻ، بيٺا سانجهيءَ جو بادل:
-هي هي جوڀن جاڙ ڪيئي!
ڪنهن جي واٽ وٺي ويٺو آهي، ڪاريهر جي ڪنهن کي ڪل!
-هي هي جوڀن جاڙ ڪيئي!
(4)
سج لٿي جو سانگيئڙا، او شال ورن، او شال ورن!
ڏينهن لهي ويو آ ڏونگر ۾، هي ته اڃا ٿا پنڌ پڇن!
-شال ورن، او شال ورن!
پرتي ڪارا ڪوهه، آلو ميان، ور ور نيرا نانگ سمجهن!
-شال ورن، او شال ورن!
جن جي ويندي سانجهيون وانجهيون، نجهري، نجهري نيڻ ٽمن!
-شال ورن، او شال ورن!
قـــطــعــا
اڻ ڳـــاتــل گــيــت
ساري رات پٻڻ جا پن،
سانڍي ويٺا نير، ڪنول:
اڀري جو اڄ باک ڀلي،
ڇر تي ڇانيا تنهنجا ڳل
مان نه ڪنڀر جو ڪاڻيارو
پنهنجي آوي پنهنجا ٿانو
ساري ساري رات سڙان
آڻيان کوري_ کاڻا هانو
آئي ڪارونڀار ڪري،
ڏات اسان جي ڏيري ۾،
مند نه هوندي مينهن پيا،
آڌيءَ رات، انڌيري ۾.
ٽوٻا ٽوهه لڳائي ويا،
سارا سمنڊ کٽائي ويا،
پوءِ به پيهي ڏس پاتار،
تو لئه ڇا نه ڇپائي ويا!
گهوٽ ڪهي جا گهائي، سا
اک ڪجل جي ڪانکي ٺاهه،
پوءِ به پائي ويس وڳا،
ڏات نسوري ننگي ٺاهه.
ويڙهي ويڙهي پنهنجي ول،
پنهنجا ڪنڊا، پنهنجا ڦول:
مون به لڳايا لانڍيءَ ۾،
ڪيئي پيارا پيارا ڦول.
آءُ اسان جي ويڙهي ۾،
ساهه ڏيان تو سيڙِهي آنءُ:
ڪنهن وٽ اهڙي ول نه ڦول،
ڪنهن وٽ اهڙو ٿاڪ نه ٿانءُ.
آءُ اسان جي ويڙهي ۾،
جنهن ۾ باک، ڀنا رابيل،
جن جي خوشبو مرڻي ناهه،
وڃڻي ناهي، جن جي ويل.
آءُ اسان جي ويڙهي ۾،
جنهن جاڪونڌر روز ڪٺا،
جوڀن جهڙا ڏاڙهونءَ گل،
جن جي رات مان روز ڦٽا.
آءُ اسان جي ويڙهي ۾،
پيءُ اسان سان، وارو وٺ!
ايڏو پنهنجو پاڻ نماءِ،
جيڏو تو ۾ آهي هٺ!
آءُ اسان جي ويڙهي ۾،
جنهن جو دارون آهي دک:
هر ڪنهن پنهنجا پنهنجا وڍ،
ڪارون ڪارون آهي دک.
آءُ اسان جي ويڙهي ۾،
ناهي تو کي جي ڪو ميت_
آهي تنهنجيءَ جهولي ۾،
جي ڪوئي اڻ ڳاتل گيت.
غــــزل
*
مان ته ٻڌي هان تنهنجي ٻولي،
ناتو تون نه ڍلو ڪرم، ڍول!
ساوڻ سنگ، اڏامي آءُ،
پاڙ اسان سان پنهنجا قول،
جنهن سپني کي ڀونڪپ ڀاءِ،
تنهن ۾ ڪيئي رنگ رتول،
ڪاري آس ملير مٿان
کارا کوهه ڏکيءَ جا ڏول!
سهڻي سير ، متو مهراڻ،
ساهڙ دور، هيئين ۾ هول.
ماڻــــڪ اوتــيــو مــاڻـــڪــيــون،
آڌيءَ رات مٿان انمول
شال وسيئي ڪوءِ، ڪلال!
رات گذاري ويندا رول.
هيرا ڪنڪر ڪچ، سمان
جيون ڇو نه سميٽي جهول!
نيٺ ته ڊهندا ڍونگ، اياز،
نيٺ ته پڌرا ٿيندا پول.
*
جهڙي ڪوڪ ڪوي سوچي،
تهڙي ڪانهي ڪويل کي.
ڏس تون تنهن جا پاپ نه پڃ،
جنهن وٽ ڪوئي گيت هجي.
جـــيــڪـــو ٻـــاجــهـــاري ٻـــولــــي،
تو وٽ آڻي جهول ڀري،
تنهن جو آڌر ڀاءُ ڪجاءِ،
ورکـــا ٿــيــنـــدي آ و رلــــي!
جنهن وٽ جڳ جڳ جو جادو
پل جو پانڌيئرڙو آهي،
موٽي وڃڻو آهي ماڳ
تو وٽ پنهنجا گيت ڇڏي.
تنهن کي ڪيئن ڏئين تون ڪنڊ
موتيا مگرا جو اڇي!
جنهن جو من گهگهور گهٽا،
تنهن کي ڪو پياسو پرکي!
ساوڻ روز نه وسڻو آهه،
بيهي ڏس ڪجهه بادل کي!
سيلاني جو سنگ، اياز،
توسان آهي ڏينهن ٻه ٽي.
نظم
رم جــهــم ۽ جــوالا
رم جهم! ڪيئن جولا سان تو پريت لڳائي آهه:
تنهنجو منهنجو ڪهڙو ناتو! پريت اجائي آهه!
تنهنجا پير چنبيليءَ جهڙا، مون وٽ ٻاٻري ڪنڊ،
تو وٽ ساڀيا، مون وٽ سپنا، مون سان پريت نه ونڊ،
مان ويراڳي، مون کي نگريءَ نگريءَ نينهن ڇڪي:
ڪهڙو مندر آهي، جنهن جومون تي تلڪ ٽڪي!
تنهنجون ڳالهيون چندن چورو، منهنجون ڳالهيون آڳ،
منهنجي خوشبو! جلندا رهندا مون وٽ تنهنجا ڀاڳ،
تنهنجا سپنا، کٻيتر کٻيتر ارجن جي هٿ رٿ،
آءِ آجنتا ۽ ايلورا، جڳ جڳ جوڳ جڙاءُ،
منهنجو روح گفا کان گهرو، پٿر جو پڙلاءُ،
شايد تو ته ڏٺو آ، منهنجي سپني جو سوراج،
جنهن جي اڳيان ڪجهه به نه آهي، هي جمنا ۾ تاج،
شايد تو نه ڏٺو آ مون ۾ آڌيءَ رات آروڙ،
جنهن تي چنڊ ڪروڙين ڪرڻن جو وجهدو آ موٽ.
مان سنڌوءَ جي ڌار، نه روڪيو آه، جنهن کي ڪنهن گهاٽ.
لهر لهر تلوار، ڪندي وئي ڪن ڪن ۾ ڪڙڪاٽ.
ڌرتي ٻوڙيان، کيت ولوڙيان، مان سانوڻ جو مينهن،
تون گهر جي پرگهور، لڳو ڪئن، تنهنجو مون سان نينهن!
ها، پر منهنجي ڇن ۾ ڇانورڙو ٿي آئي آنهه،
ها پر منهنجي ڇت تي چانڊوڪي ٿي ڇائي آنهه،
تون منهنجي نر واڻ نه آهين، پر منهنجي چانڊاڻ:
ڇا ڇا تنهنجو روپ رٿي آيو، آ منهنجي ڪاڻ!
جڏهن به جيون جي رڻ ۾ ٿي آنڌا ڌنڌ آتت،
تنهنجون اکڙيون مون تي اوتينديون رهنديون آمرت.
جڏهن به ڌرتي جي دکڙن ۾ آٽڪي الجهي آنءُ.
جڏهن به مون کي قابو رکندا ڪيئي ڪوٽ، ڪڙا،
تنهنجي سار ٽپي آڻيندي مون ڏي چنگ چڙا.
جڏهن نه ايندا اوڏا جيڏا، ٿيندو، سوريءَ سڏ،
تنهنجو پاڇو هلندو رهندو، مرڪي مون سان گڏ.
تون منهنجي نرواڻ نه آهين، پر رهنديءَ مون ساڻ،
جيسين ڳولي ڳولي پائيندس مان پنهنجو پاڻ! |