سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1964ع (4)

 

صفحو :4

نــــظــــم

 

هري دلگير

مــــکــــڙي

­

خوب ڪڍي سرهاڻ، مکڙي،

آهه ٽڙڻ تي هاڻ مکڙي!

 

هير بهاريءِ جي ڀاڪر ۾، مکڙي ٿي اڌ ڦول،

هار گلي جو جي نه ڪرين، ڪير قدمن ۾ ئي قبول:

 

تو وٽ ڀيٽ ٿيڻ جي آشا،

راجـــن، هـــيءَ هـــڪ ئـــي اٻـــلاشـــا،

ٺـــڪـــرائـــيــن ڇـــاڪـــاڻ؟ _مــکـــڙي...

 

تو سج جي سونن ڪرڻن ڏي، مکڙي کولي انگ،

ٿي نر واڪ اکين سان ٻولي: منهنجا ڏس ته امنگ!

 

نــــار نـــمـــاڻـــي، مـــرم کـــي مــــاري،

تـــوکـــي پـــنــهــنــجــي دل ڏيــکــــاري،

ســـاجــــد، رک ســــا ســـاڻ_مـــــکــــڙي...

 

مکڙيءَ ڏانهن اجهو ئي آيو، ڀونئر ڪندو ڀڻڪار،

ڄاڻ سندس لڄڙي لٽجي وئي، پاپ ڀريل آ پيار:

 

تـــنـــهـنــجـــي آڏو تـــنـــهـنــجي مکڙي،

چــــاهــيـــن ٿــــو تــــه لـــٽـــائــــي لـڄـڙي!

پــــنـــهـــنـــجـــي پـــاســــي اڻ_مـــکڙي...

 

 

امداد حسيني

اعـــــــلان

 

بخت جي رات جي پيشانيءَ تي،  

 

چـــنــڊ ڪــمــائـيـنـدا آيــــا آهـيون،

مسڪرائيندا ۽ نچندا ٽپنڊا،

 

رنــگ ورکـــائــيــنــدا آيـــا آهيون.

جبي، عمامي ۽ دستار مٿي،

 

مـــي ڇــلــڪـائـيندا آيــا آهيون،

نوجوانيءَ جي نون رستن تي،

 

جهومندا، ڳائيندا آيا آهيون.

تخت ساڙيندا، محل ڊاهيندا،

 

تاج ٺــــڪـرائـيـنـدا آيـا آهـيــون،

ظلم ۽ ڪوڙ جي هن نگريءَ ۾،

 

منهن کي مرڪائيندا آيا آهيون.

سر تريءَ تي ۽ سندءِ شهر ڏي منهن

 

پاڻ منــــصور ٿـــــي آيــا آهــيـون،

غرب ۽ شرق جي تاريخن ۾،

 

خوب مشهور ٿي آيا آهيون.

باغ ۾ ڪيئن نه ٽڙن سرخ گلاب،

 

صبح جي هير ٿي آيا آهيون.

حسن ڪلهه رات ڏٺُ هو سپنو،

 

ان جو تعبير ٿي آيا آهيون،

پير، سيد، نه ڪو مرشد، نه مريد،

 

هرڪا زنجير ٽٽي پئي آهي،

هو ڏسو، باک ڦٽي پئي آهي!

 

هو ڏسو، رات کٽي پئي آهي!

       

خواب حيدرآبادي

 

اوهــان کــي ڪــا خــبــر آهـي؟

 

اتي اهل چمن خوابيده، تو کي ڪا خبر آهي ؟

 

خزان وئي ڪري قبضو بهاريءَ تي، سبب ڇاهي؟

اچي پليا ڪٿان جا ديس ۾ هي جانور ڪاهي،

 

اڳوڻين عظمتن جون جن نشانيون سڀ ڇڏيون ڊاهي:

 

اڄوڪو مير مجلس پڻ قلندر کي نٿو چاهي_

رفيقو، وقت جي شر جي اوهان کي ڪا خبر آهي؟

 

رڳي شطرنج بازيءَ جي ٿي ڏسجي گرم بازار،

 

کٽن مهرا پراوا  ٿا ۽ پنهنجن ساڻ غداري،

امانت ۾ خيانت کي اهي ليکين هشياري،

 

رضامندي رڳو زردار جو، بيزر کان بيزاري

ٻڌي ٿو ڪو نه مظلومن جي ڪو پڻ آه ۽ زاري_

 رفيقو، وقت جي شر جي اوهان کي ڪا خبر آهي؟

 

ڪچهريءَ جا جتي ڪوڏيا ٿا گڏجن چار دل وارا

 

سياستباز ات سرڻن جيان ٿا ڏين لامارا،

ڏنڊي جي زور سان سي بدڪلامي سان ٿا ڪن مارا،

 

هلي ناجچيوسي مظلومن ۽ مسڪينن جا اوتارا:

 

ٻڌو ٻاڪار تن جي ڪا، وڃن ڪيڏنهن سي ويچارا

رفيقو، وقت جي شر جي اوهان کي ڪا خبر آهي؟

 

مذاق ميڪشي جي پنهنجي رسمي انجمن آهي،

 

طريق ميگساري ۾ نه تهذيب وطن آهي،

فرنگي دور جي تقليد ۾ سڀڪو مگن آهي،

 

نئين ساقيءَ به پاتو مڪر و فن جو پيرهن آهي.

 

انهيءَ شر کان بچڻ لئه پاڻ کي ڪرڻو جتن آهي_

رفيقو، وقت جي شر جي اوهان کي ڪا خبر آهي؟

 

طلسم رنگ وبو جي بدمست ڪيو آهي

 

خرد جي راهه جي اهل، جنون رهبر ٿيو آهي،

اڄوڪن منصفن انصاف کي پاڙون پٽيو آهي،

 

متاع، ڪاروان نااهل جي قبضي چڙهيو آهي:

 

سڏائي پاڻ کي انسان، اسان کان حق کسيو آهي_

رفيقو، وقت جي شر جي اوهان کي ڪا خبر آهي؟

 

ڪڍي ڪي نقش پٿر تي، ٿا قائم ڪن هنر پنهنجو،

 

ڪڍي ليڪا ڪي پاڻيءَ تي، وڃائن ٿا وکر پنهنجو،

ڏئي اجرت لکائن ڪي، وڌائن ٿا اثر،

 

ادب جي گنج مان چوري ڪري، ڪن ڪي اکر پنهنجو،

 

ادب جي ڪاروان ۾ ٿيو اڌارو ڄڻ سفر پنهنجو_

رفيقو، وقت جي شر جي اوهان کي ڪا خبر آهي؟

 

چڙهي احساس جي گرمي، ڇڏيو اکڙين ٿڌو پاڻي

 

خوشيءَ جو صبح ڳوليندي، لڳي هٿ غم جي سهماڻي،

تعصب جي نئين تولي ادب ۾ آهه ساماڻي

 

اچي نااهل رنگروٽن وڌي محفل ۾ ٽي داڻي،

 

مري ويا مور، اڄ حالت هنجهن جي آهه ويڳاڻي،

رفيقو، وقت جي شر جي اوهان کي ڪا خبر آهي؟

 

 

سليم ڳاڙهوي

امن جا گيت سڻايو، يارو!

 

عزم جو انگ پسايو، يارو!

 

بزم جو رنگ رچايو، يارو!

صدق جو باغ لڳايو، يارو!

 

ڪذب جي پاڻ پٽايو، يارو!

ظلم جي آڳ اجهايو، يارو!

 

عدل جو آب وسايو، يارو!

جهل جي رت انڌيري آهي،

 

علم جي شمع جلايو، يارو!

پرت جي پوک پچائڻ خاطر،

 

حلم جي هير گهلايو، يارو!

ذوق ۽ شوق کي ٺاهي جوڙي،

 

اوج تي موج مچايو، يارو!

شان ۽ مان وڌي ويندا، پر

 

هوش ۽ جوش وڌايو، يارو!

صبر جي ابر کي ڇولي ڇولي،

 

نينهن جو مينهن وسايو، ياريو!

غير کي دل مان ڪڍي صاف ڪري

 

خير جو نور وڇايو، يارو!

ملڪ جو مان انهيءَ ۾ آهي،

 

خلق جا لعل لٽايو، يارو!

قلب جي شيش محل جي اندر،

 

قرب جي سيج وڇايو، يارو!

 

صلح جو ساز سنواري ٿو ”سليم“

امـــن جــــا گــيـــت ســـڻـــايـــو، يــــارو!

 

ذوالفقار راشدي

 

خــوف ۽ خــواهــشــون

 

گهران ٿو، ڪريان سير جيڪر چمن جو،

ڦريان رنگ گل کان، چوسيان رس ڪلين جو:

 

ٿيان ڀؤنر، پوپٽ جو يا ويس پايان،

چٽيان رنگ گل جي رتيلن چپن جو:

 

ڪوئي رشيمي ڪنڊو دل ۾ چڀائي،

ڪريان قرب حاصل گلابي گلن جو:

 

لڏان بلبل جان ويهي شاخ، گل تي،

چڳان چاهه مان موڙ ٻوٽن ڪچن جو:

 

شوخان شوخ لالاڻ، زرداڻ مائل،

پيو سودا پچايان تکن قرمزن جو:

 

شرابا طهورا يا  زمزم جو پاڻي،

يا ڪوثر پيان صاف سهڻين ڪسين جو.

 

ٿڌي هير خوشبو ڀريل ساهه ساري،

رهي روح جنهن ۾ ڇپيل شاعرن جو:

 

اڊيڙي رکان ٿڌڙي ساوڪ تي هيءَ دل،

سمهان سينو لائي، لهي ٿڪ لڱن جو:

 

پوءِ ماکيءَ جي مک جيان وراهايان مٺايون،

ڇڏيان نرخ ڪٻري مان کارن کٽن جو:

 

وڄايان وري جلترنگ ڪو فضا ۾،

وجهان روح موهي وري جلپرين جو:

 

چنبيليءَ جي سرهاڻ ۾ گيت ڳوهي،

ڳايان نغمون شيرين چيهن چتن جو:

 

...ڪريان ايئن مگر باغبان کان ڊڄان ٿو،

جو ڀانيان نٿو خير پنهنجي کٿن جو!

 

 

”محسن“ ڪڪڙائي

 

”ٽـــئـــڪـــســـي“

 

پونءِ جو تالاب آ، يا گندگيءَ جو ڍير آهه،

وقت جو ناسور يا ماحول جو انڌير آهه،

يا جوانيءَ جو خمار آهي، سرور آ، ڪيف آهه،

زندگانيءَ جو مٿان هڪ حرف آ يا حيف آهه،

تنگدستيءَ جو ازالو آهه يا رد عمل،

نوجوانيءَ جو فتور آهي يا فيشن جو خلل:

عشرتن جي گود جي زينت به پنهنجيءَ جاءِ تي،

نوجوانيءَ جي غلط رغبت به پنهنجيءَ جاءَ تي،

خانداني عزتون ۽ عظمتون زنده رهن،

قسمتون زنده رهن ۽ غيرتون زنده رهن:

چند ذميداريون ڇيڙڻ لڳن ڪنهن کي ته پوءِ؟

ڪي تقاضائون به جهنجهوڙڻ اچن ڪنهن کي ته پوءِ؟

ڪير آهي جو محبت جو بکيو ناهي، ڏسيو!

هن ۾ مرد وزن جو ڪوئي فرق ڀي آهي، ڏسيو!

ها، محبت کي جڏهن مجبور ٿيڻو ٿو پوي،

ها، محبت کي تڏهن ناسور ٿيڻو ٿو پوي،

ها، محبت کي تڏهن دوزخ به ڪرڻو ٿو پوي،

آدميت کي انهيءَ دوزخ ۾ ڀرڻو ٿو  پوي.

انتقاما هن ۽ هن جو فرق وسري ٿو وڃي،

آدميت جو ڀرم ان ريت نڪري ٿو وڃي،

عشق جيتر آهه انڌو، بيضمير و بي اصول،

حسن پنهنجي جسم جي قيمت ڪندو رهندو وصول.

ڪٿ ته ڀائن پاڻ پنهنجون غيرتون وڪڻي ڇڏيون،

هيءَ به ڪنهن جي ڀيڻ، ڪنهن جي ماءُ، ڪنهن جو ننگ آهه،

هو ڪو ڪنهن جو ڀاءُ، ڪنهن جو پيءُ، ڪنهن جو انگ آهه.

هيءَ ته پنهنجي ڀاءَ، پنهنجي ماءُ لئه وڪجي وئي،

ننگ تان قربان ٿي، ناموس لئه مجبور ٿي،

هن کي ڪهڙي ڀاءُ جو ۽ ماءُ جو آيو خيال؟

واهه ڙي آدم جا پٽ، تنهنجي کٻي هٿ جو ڪمال!

شهرتن جا ڄار، آزادين جا ڦندا چار سو،

جسم جي بازار، جوڀن جون بهائون ڪوبڪو،

هر نفاست ۾ هوس جا تير پيوسته رهن،

هر دل نازڪ سان ڪجهه دلگير پيوسته رهن.

نوجوانيءَ جي حمام اندر اگهاڙن کي ڍڪيو،

عيش آلوده ڪهاڙين ۽ ڪهاڙن کي ڍڪيو.

هن کي ڀاڙي تي هلڻ سيکاريو ڪنهن، دوستو!

هن کي بدراهيءَ جو دڳ ڏيکاريو ڪنهن، دوستو!

”ٽئڪسي“ ويڇار ڙي ايجاد پنهنجي ڀاءَ جي،

ڀيڻ ڏئي ڪنهن کي وڃي فرياد پنهنجي ڀاءَ جي؟

نرگسي نيڻن جون گهرايون ۽ سينن جا اڀار،

لب جون لالايون، ڳلن جون سرخيون، زلفن جا تار_

زاهدن جو زهد ٽوڙي ٿيون ڇڏن، جڳ ٿو مڃي،

ڪيترا ايمان ٻوڙي ٿيون ڇڏن، جڳ ٿو مڃي.

پوءِ به ڪجهه مخصوص تحقيرون، برايون، نفرتون،

هن جي حق ۾ ذلتون، هن لاءِ ايڏيون لعنتون!

”ٽئڪسي“ ويچارڙي ۽ ڀاڪرن جون گرميون،

عشق جون هي شدتون ۽ حسن جون هي نرمون:

عشق زنده باد دولت جي ڪرامت زنده باد!

پيٽ زنده باد، غربت ۽ شرافت زنده باد!

نفرتون پائنده باد ۽ ذلتون پائنده باد!

نفرتن جي اوٽ ۾ ڪجهه چاهتون پائنده باد!

ڪير آهي جو دلين جون رغبتون موڙي سگهي؟

ڪير آهي جو بچائي پاپ کان انسان کي؟

ڪير آهي جو رڳو شيطان چوي شيطان کي؟

ڪير آباد جو فرشتن جو تقدس ٿو رکي؟

ڪير آهي جو  خطا کان پاڻ کي روڪي سگهي؟

ان جو هوندي ڀي ڀلي ڪجهه نفرتون رهنديون اچن،

وقت جي هر وهڪري ۾ زندگيون وهنديون رهن.

ايترو چئبو ته هي سڀ ذلتون ۽ نفرتون،

هن جي حق ۾ لعنتون، ايڏيون ڌڪارون، دشمنيون،

هن کي پنهنجي راهه کان هر گز نٿيون موڙي سگهن.

ڪو به هن کي پنهنجي مقصد کان نٿو روڪي سگهي،

ڪو به هن کي پنهنجي راهن کان نٿو موڙي سگهي:

زندگي جي راهه ۾ جيتر سواريون هونديون،

”ٽيڪسي“ جي واسطي تيتر سواريون هونديون.

 

استاد بخاري

 

نه روڪــيـــو

 

نه روڪيو، چمن ۾ گهڻ کان نه روڪيو!

روش تي هلڻ وقت رهڙون نه ڏيندس،

صبا وانگي ايندس، ٿي خوشبوءِ ويندس،

گلستان ۾ هلندس، مگر هوري هوري،

قدم جو به کڻندس، اهو توري توري،

بي ڀلجي به سبزو لتاڙيان ته چئجو،

جي مالهيءَ جي سيني کي ساڙيان ته چئجو،

پٽڻ دور، ڪلين کي ڇهندس به ڇو مان،

گلستان جي غيرت کي ڪهندس به ڇو مان،

نه ڇنندس گلن کي، قسم آ نه ڇنندس،

فقط خوب ڏسندس ۽ خوشبوءِ وٺندس،

پکين لاءِ گز، دام مون وٽ نه آهن.

مــــزو آهــــه، آزاد اڏارن ۽ ڳــــائـــــن،

پريان هرڻين جي حسين چال ڏسندس،

لڪي جهاڙين مان سندن ڇا ڏسندس،

نه روڪيو چمن ۾ گهڻ کان روڪيو!

*      *      *

نه روڪيو اسان کي ڏسڻ کان نه روڪيو!

ڪٿي حسن جو آستانو ۽ بستي،

ڪٿي منهنجو خسخانو ۽ ان جي پستي،

گهڻو دور، ابرو جا محراب آهن،

گهڻو دور هت سجدا بيتاب آهن،

گهڻو دور ديدن جا ميخانا ڏسجن،

گهڻو دور مينوش مستانه تڙپن،

ڪٿي دور ڇلڪي پئي مي اکين ۾،

ڪٿي پياس تڙپي پئي ٿي، چپن ۾،

گهڻو دور مون کان قدم هن جا رقصان،

گهڻو دور تن کان سندم دست، لرزان،

گهڻو پهچ منهنجيءَ کان آهي پري هو،

مگر پو به مون کي ٿو زنده رکي هو،

سندس حسن پهچي وڃي ٿو، ڏسان ٿو،

نظر سان ڇهان ٿو، پيان ٿو، جيان ٿو،

نه روڪيو، اسان کي ڏسڻ کان نه روڪيو!

*      *      *

نه روڪيو خدارا، لکڻ کان نه روڪيو!

قلم پنهنجي کي ڪنهن سان نفرت ته ناهي،

محبت جو پرچار ڪلفت ته ناهي!

قلم پنهنجي ۾ ڪٿ خطائون ته ناهن،

حقيقت نگاريون گلائون ته ناهن!

پو ڇو ٿي ڪرين تنگ ايڏو، غريبي!

وجهين بارها رنڊڪون، بدنصيبي!

اچي ڳل پئو ٿيون، پريشانيون، ڇو؟

وڃو ويڙهي ٿيون هيئن، ويرانيون ڇو؟

ڀلا ڇو، غم فردا، فرصت نه ڏين ٿو!

ڇو سوداي امروز، مهلت نه ڏين ٿو؟

نه زنجير مجبورين جا ٽٽو ٿا!

نه انبار مايوسين جا کٽو ٿا!

او حالات دوران، اهو ڇاهه آخر؟

ڀلا ڪهڙي جاگير ڀيلي ٿو شاعر؟

نه روڪيو خدارا، لکڻ کان نه روڪيو!

 

نعيم دريشاڻي

 

اونـــدهـــه جـــو ٻـــيــــٽ

 

جا بجا آهن، کڙا اوندهه جا وڻ،

پن ڇڻيا، پيا ٿا اڏامن چار سو،

پنهنجي دامن ۾ ڀري اوندهه جا مڻ،

هت ازل کان خامشيءَ جا تروار،

پيا ٿا ترڪن، پيا ٿا ڍرڪن واءُ ۾،

زندگي آ ڳڱ، بنهه جامد، الا.

هت پکي ٻولن، مکر لاتون سندن

هن اکٽ اوندهه ۾ سڀ آواز سر

ولهه سبب اکڇنڀ ۾ ڳڱريو وڃن.

اجنبي! ماڻهو به آهن تو سمان،

جن جي رڳ رڳ ۾ آ  اوندهه جو انبواهه،

جن جي لئه ساڳيا، زمين ۽ آسمان.

هت اسان جي سج جا سڀ ڪارا شعاع،

ڏينهن ساڳيو، رات ساڳي، صرف گگهه،

پنهنجي مهتابن جا اونداها چٽاءَ.

اجنبي! هيءُ آهه هڪ اوندهه جو ٻيٽ_

پنهنجي ٻيڙي جا سڙهه کولي تون ڀڄ،

ڄاڻ آئي اڀري ڪا اوندهه جي ليٽ!

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com