پروفيسر محبوب علي چنا، سيوهاڻي
مخدوم نوح رحه سرور جا سهيوگي
نه سي جوڳا جوءِ ۾ نه سا سکي چاٽ،
ڪاپڙين ڪنواٽ، وڏيءَ ويل پلاڻيا.
(مخدوم نوح رح)
رتيءَ جي رهاڻ
رتيءَ جي رهاڻ، جيءُ اڙايم جت سين.
(لطيف)
نوٽ: هونئن ته هن سونهري سر زمين جي هڪ ادنيٰ فرزند ۽ سيوهڻ
شريف جهڙي سونهاري ساڻيهه جي نواسي هجڻ جو شرف
بندي کي ضرور حاصل آهي، پر ڪي سڄڻ متان ڪنهن مهل
هي به کڻي سوال پڇن ته هڪ قلندريءَ سرور سائينءَ
جي خدمت جو شرف ڪيئن حاصل ڪيو، انهن صاحبن جي ڄاڻ
لاءِ هر عرض ڪرڻ ضروري ڄاتم ته بندي جي زندگي جي
بهار، هالا شريف ۾ سرور سائينءَ جي سرسبز نمن جي
سايي هيٺ گذري آهي، ان رتيءَ جي رهاڻ جو تذڪرو هر
ڪنهن وقت بندو ڪندو رهيو آهي.
عرض آهي ته مان 25 مئي 1951ع ۾ سروري اسلاميه ڪاليج هالا جي
پهرئين پرنسپال ۽ سرواڻ جي حيثيت ۾ هالا پهتس، ان
وقت حضرت غوث الحق مخدوم نوح رحه جي سوانح ۽ سيرت
تي فقط ٻه ڪتابچه لکيل هئا، هڪ مسلم ادبي سوسائٽي
حيدرآباد طرفان مطبوع ”مخدوم نوح“ ۽ ٻيو مولوي
عبدالحي صاحب جي قلم جو رشحو ”مخدوم نوح رحه جي
حياتيءَ جو احوال“ قلبه مرحوم مخدوم مولوي غوام
حيدر رحه طرفان شايع ٿيل اهڙي مها ڌڻيءَ ڌوئل بابت
اهو مطبوع احوال بلڪل ناڪافي هو، ان ڪري پهريائين
پهريائين قبله مرحوم سائين غلام حيدر رحه جي ايماء
تي سروري اسلاميه ڪاليج جي پراسپيڪٽس ۾ غوث الحق
حضرت مخدوم نوح رحه جو ذڪر خير ڪيم، ان کان پوءِ
ڪاليج مخزن ۾ به سندن ابيات شايع ڪري منظر عام تي
آندم ان زماني 53/1954ع ۾ ڏيڍ سال جي وقفي لاءِ
مون کي سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ سنڌي محڪمي جي سرواڻ جي
حيثيت سان دخلڪار ٿيڻو پيو، ان عرضي ۾ به مون
سروري خدمت نه ڇڏي ۽ قبله طالب المولا سان گڏ،
مڪلي ٽڪريءَ جو سير، ماهنامه فردوس لاءِ مخدوم نوح
رحه جا معاصر ياد رفتگان جو مقدمو هن دور واري دور
جا زرين يادگار آهن، وري جڏهن 31 جولاءِ 1954ع تي
دوباره هالا وڃڻ ٿيو، تڏهن قلبه طالب الموليٰ جي
سنڌي، اردو ۽ فارسي ڪلام کي سهيڙڻ ۽ سموهڻ جو
موقعو مليو، رب سائين جي مهر ۽ ماڙ سان اهو مجموعي
ميڙي قبله طالب المولا سائين جي حوالي ڪيم، جن
”ڪچڪول طالب الموليٰ“ جي عنوان سان بازار ادب ۾
آندو.
ماهنامه ”فردوس“ هالا محترم قاضي عبدالحي ”سليم“ هالائيءَ جي
ادارت هيٺ شايع ٿيندو هو، چند ناگزيد حالتن جي
ڪري، اهو ادبي ڪم به بندي جي حوالي ٿيو، ان سلسلي
۾ سائين جي سالياني عرس جي موقعي تي مون ”مخدوم
نوح نمبر“ شايع ڪري سروري ٽوڙجي آڏو پيش ڪيو، ان
وچ ۾ قبله طالب الموليٰ جي مشوري سان ”سنڌي ادبي
بورڊ، ”ڪليات امين“ يعني حضرت مخدوم امين محمد
سائين ”امين“ العروف ”سائين پکن ڌڻيءَ“ جو ڪم بندي
جي حوالي ڪيو، جو ڪيتري عرق ريزيءَ ۽ جانفشانيءَ
کان پوءِ سر انجام ڪري مڪمل ۽ مفصل مقدمي سميت
سنڌي ادبي بورڊ جي حوالي ڪيو ويو، ان لاءِ اهو
معلوم ٿيو اٿم ته اهو ڪم جديد ترتيب لاءِ گرامي
صاحب جي حوالي ٿيو آهي، شال بندي جي محنت جو ثمر
جلدي باثمر ٿئي!
25 مئي 1960ع ۾ هالا کي رخصت پذير ڪرڻو پيو ۽ ان بعد جلد بندو
ولايت اسهيو ۽ ڪره ارض جو چڪر هڻي بفضل باري
تعاليٰ خيريت سان واپس حيدرآباد پهتو.
”رتيءَ جي رهاڻ“ جو اثر هر حال ۾ مستحڪم رهيو ۽ هالا ۽ هالا
وارن سان تعلقات هميشه هيجائتا رهيا.
”انجمن فروغ ادب“ هالا، جا بندي جي خدمت جو نتيجو هئي، ان جي
ڌار ڌار موقعن جي سلسلي ۾ هميشه هالا وڃڻ ٿيندو هو
۽ قبله طالب الموليٰ سان قربائتيون ڪچهريون
ٿينديون هيون.
مون کي فيبروري 1962ع ۾ طالب الموليٰ سائين جو رقعهء عالي مليو
ته مان سندس حيدرآباد واري رهائشگاهه تي اچي ملان،
اتي واه جي چوياري گڏ ٿي، ٻيا صاحب هي هئا، محترمه
گرامي صاحب محترمه عبدالواحد سنڌي (ايڊيٽر”نئين
زندگي“) محترم رشيد احمد لاشاري (اسسٽنٽ ايڊيٽر
نئين زندگي) وغيره، اتي ”نئين زندگيءَ“ جي مخدوم
نوح نمبر، لاءِ بحث هليو، بندي جي حوالي ٻه عنوان
ڪيا ويا، هڪ ”هالا تاريخ جي روشنيءِ ۾ ۽ ٻيو مخدوم
نوح جا معاصر“ بندي ٻنهي عنوانن تي تفصيلي ڪم شروع
ڪيو، الله جي فضل سان اڍائي سالن جي مسلسل مطالعي
۽ تحقيق کان پوءِ هي مقالو بعنوان ”سرور سائينءَ
جا معاصر ۽ سهيوگي“ سنڌ جي دانشورن، اديبن ۽ محققن
جي خدمت ۾ پيس ڪري رهيو آهيان، افسوس آهي جو نئين
زندگيءَ جو نوح سرور نمبر ته ڪو نه نڪتو، تاهم
عزيزي سنڌي صاحب ڏاڍو حبباڻو زور رکيو ته هي مقالو
سندس حوالي ڪيو وڇي، پر جيسين مسودي جي آخري تياري
مڪمل ٿئي ئي ٿئي، ان وچ ۾ حبيبي پو محبي گرامي
صاحب، حضرت طالب المولا جي ارشاد ۽ مشوري سان هي
مقالو جبرن پنهنجي قبضي ۾ آندو، سنڌي صاحب کان ان
لاءِ معذرت ورتي هئي، حالانڪ اهو ڪم به گرامي صاحب
جو ئي هو، پر محبت جو مٺل محبوب ڇا ڪري؟
اميد آهي ته مهراڻ جا ناظرين ڪرام هن روح رهاڻ جي مطالعي مان
چڱيءَ طرح اندازو لڳائي سگهندا ته ”رتيءَ جي رهاڻ“
جو پس منظور مون لاءِ ڪيڏو نه روح آفرين آهي.
دعا آهي ته شال منهنجي هيءَ علمي ۽ تاريخي تحقيق ”مشاهير سنڌ“
جي تاريخ ۽ تذڪري جي سلسلي ۾ مفيد اضافو بنجي ۽ هن
فن سان وابسته احباب، اڳتي هلي هن سلسله الذهب کي
تڪميل تائين پهچائين. و السلام
12 ڊسمبر 1964 محبوب علي چنه
پرنسپال سچل سرمست آرٽس ڪاليج حيدرآباد (سنڌ)
غوث الحق نوح سرور رحه جي نام ناميءَ جو اثر هر ڪنهن سنڌ جي
باشندي جي دل جي تهن تائين پهتل آهي، ايتريقدر جو
وڏڙيون ۽ وڏڙا سرمي پائڻ وقت هنن پيارن لفظن ۾
سرور سائينءَ کي ياد ڪندا آهن، ته ”پير پرور“
سائين سرور نور انور“ وغيره.
مخدوم لطف الله عرف مخدوم نوح رحه جي معاصر جي ذڪر ڪرڻ کان اڳ،
اسان کي مخدوم صاحب جي نامياري عصر جو ذڪر ڪرڻ
ضروري آهي، سرور سائين جن 27 رمضان 911هه بمطابق
21 فيبروري 1502ع هن ناسور تي دنيا ۾ قدم رکيو ۽
27 ذوالقعد 998ع بمطابق 27 سيپٽمبر 1590ع ۾ هن
مجازي محلات مان اسهيا، هيءَ عرصو سنڌ ۽ سنڌ واسين
لاءِ هڪ صبر آزما زمانو هو، سمند بادشاهن جو
سونهارو ۽ سونهرو سمو ڄام نظام الدين (متوفي
914هه/1508ع) جي وفات حسرت آيات تي هڏڪيون ڏيڻ
لڳو، چنانچ 928هه/1522ع ۾ سنڌ تي ڌارين جو اهو
تسلط ٿيو، جو تقرين اڍائي سئو سالن تائين سنڌ پاڻ
کي ٻاهرين جي غلاميءَ کان ڇڏائي نه سگهي. سن
927هه/1521ع جي اداس ۽ پريشان ڪن شام هئي، جڏهن ته
شاهه بيگ ارغون ڄام فيروز سمي کي شڪست ڏئي ارغونن
جو جهنڊو، هن سر زمين تي بلند ڪيو، ارغونن جي دور
۾ همايون بادشاهه، شير شاهه کي شڪست کائي سنڌ ۾ سن
947هه/1540ع ۾ آيو ۽ 950هه/1543ع تائين شاهه حسن
ارغون ۽ همايون جي وچ ۾ ڪشمڪش هلندي رهي، اڃا سنڌ
پاڻ سنڀايو ئي مس ته شاهه حسين ارغون کان پوءِ
عيسيٰ ترخان ۽ محمود بکريءَ درميان خونريز جنگيون
شروع ٿيون، اڃا هن سر زمين کي پوري نجات ملي مس ته
ميرزا باقي ۽ جان بابا جي وچ ۾ تصادم شروع ٿيو،
ميرزا باقيءَ جي خودڪشيءَ کان پوءِ اتر کان اڪبري
رتن ميرزا عبدالرحيم خانخانان ڌوڪيندو آيو، جنهن
ميرزا جاني بيگ کي سن 1000هه/1574 ۾ ملي چڪي هئي،
سلطان محمود جي وفات پڻ ان ساڳئي سال ۾ يعني 982هه
۾ ٿي ۽ ان جي وفات جو سال ”دربهشت آسود“ 982هه مان
نڪري ٿو. هن تاريڪ دور ۾ سنڌ جا ڪيترائي عالم،
فاضل ۽ صوبي ترڪ وطن تي مجبور ٿيا ۽ اهڙي طرح ويا
جو وري وطن نه وريا، انهن مهاجرن ۾ درٻيلي، يوبڪ ۽
پاٽ جا صاحب هئا، هنن مان ڪن ٿورن جو تذڪرو بکر ۽
سيوستان جي سرڪارن جي ضمن ۾ ايندو ۽ باقي رهيل
صاحب جو ذڪر خير ”پرديسي بزرگن“ جي باب ۾ ايندو،
انهيءَ مدت کي جيڪڏهن باريڪ بينيءَ سان جاچيو ته
معلوم ٿيندو ته مخدوم صاحب جن سنڌ جي هيٺين حاڪمن
جي وقت ۾ موجود هئا.
ڄام نظام الدين عرف ڄام نندو (وفات 914هه مطابق 1908ع)
ڄام فيروز (جنهن 927هه مطابق 1521ع ۾ شاهه ارغون
هٿان شڪست کاڌي)
مرزا شاهه بيگ ارغون (وفات 928هه مطابق 1522ع)
مرزا شاهه حسن اغوان (وفات 922هه/1554)
مرزا عيسيٰ خان (وفات 974هه/1566)
مرزا محمد باقي ترخاني (وفات 974هه/1885ع)
مرزا جاني بيگ ترخاني (وفات 1009هه/1600 ۾) جنهن کي نواب
عبدالرحيم خانخانان 1000هه/1591ع ۾ شڪست ڏئي سنڌ
کي اڪبري سلطنت سان ملحق ڪيو.
هندستان جا هيٺان حڪمران هن سمي ۾ اڄ ڪندا هئا.
سڪندر لوڌي (1489-1517ع)
ابراهيم لوڌي (1517-1526ع)
بابر مغل (1562-1530ع)
همايون مغل پهريون دفعو (1530-1540ع)
شير شاهه افغان ۽ ان جا پويان (1540-1555ع)
همايون ٻيو دفعو (1555)
اڪبر بادشاهه (1556-1605)
مخدوم نوح رحه جي زماني ۾ اپر سنڌ جي دارالخلافه بکر ۾ اڪبر جي
پاران، جي نواب مقرر ٿيا، سي حسب ذريل آهن.
بکر ۾ سندن ورود جو سال
نواب گيسو خان 982هه/1574ع
ترسو خان 983هه/1575ع
مير سيد محمد امير ولد عبدل (2) 983هه/1585ع
سيد ابوالفضل ولد سيد محمد امير مذڪوره 984هه/1576ع
اعتماد خان خواجه سرا 985هه/1577ع
نواب فتح خان به شرڪت جاگير راجا پرمانند 986هه/1578ع
(عزيز راجا تو ڏرمل)
نواب صادق خان 994هه/1575ع
نواب اسماعيل قلي خان 996هه/1578ع
نواب شيرويه سلطان[1]
997هه/1588ع
نواب صادق خان (ٻيو دفعو) 998هه/1589ع
مٿئين تاريخي پسمنظر جي مطالعي ڪرڻ کان پوءِ، هي پڌري پٽ ظاهر
ٿيندو ته مخدوم نوح سرور رحه جو سمو ڌڻيءَ ڌوئل ۽
الله وارن سان رليو پيو هو، جيڪڏهن مخدوم سرور رحه
کان ٿورو اڳ جو زمانو به ڏسنداسين، ته پوءِ معلوم
ٿيندو ته سونهاري سنڌڙي ڌڻيءَ جي پيارن سان پر هي
۽ سندس روحاني ماڻ پوريءَ طرح مالا مال هو، واجب
آهي ته ڪن مڻياوارن متقدمين جو به ذڪر خير ڪريون،
جن مان ڪي ته مخدوم سرور رحه جا مبشر هئا، يعني
مخدوم سرور رحه جي والد بزرگوار نعمت الله صديقي و
قريشيءَ کي مخدوم نوح رحه جي هن دنيا ۾ ورود ٿيڻ
جا بشارت ڏنائون، هن ضمن ۾ مخدوم سرور رحه جا اهي
معاصر اچي وڃن ٿا، جن سندن اوائلي اوسٿا ۾ هن جهان
کي ڇڏيو، هتي هي ذڪر ڪرڻ ضروري آهي ته مخدوم سرور
رحه جي تولد وقت سنڌ ۾ مهدوي تحريڪ ۽ بلاولي تحريڪ
جو زور هو.
پهرينءَ جو باني سيد ميران محمد شاهه جو نپوري (847/911هه،
1443/5051ع) آهي ۽ ٻيءَ جو باني سنڌ جو ناميارو
بزرگ حضرت مخدوم بلاول ٽلٽيءَ وارو هو، جنهن جو
ذڪر خير اڳتي ايندو.
1.شيخ ڀرڪيو ڪاتيار: هي صاحب نصرپور جي سماواتي پرڳڻي جي قديم
ڳوٺ ڪاتيار جو باشندو هو، هن جو مقبرو اڃا به هن
ساڳئي ڳوٺ شيخ ڀرڪئي ۾ آهي، هي ڳوٺ گلاب لغاري
تعلقي ماتليءَ جي الهندي 5-6 ميلن تي واقع آهي، هن
بزرگ جي والد جو نالو شاهوڪاتيار هو، شيخ ڀرڪيي
زهد و تقوا ۽ رياضت ۽ عبادت ۾ وڏو مقام حاصل ڪيو.
هيءُ سالڪ مجذپوب هو، هن جي مجاهدن ۽ ڪرامتن جا
احوال حديقت الاولياءَ ۽ تحفته الڪرام ۾ ڪافي آيل
آهن، حديقته الاولياءُ جي صاحب هن جو تعارف هن
طرحپيش ڪيو آهي ته ”هي حق جو ڄاڻو ۽ مجذوب ولايت
جي ملڪ جو والي، حقيقت جي واٽ جو پانڌيئڙو ترڪ ۽
فنا جي راهه جي مجاهدن جو سرموڙ، نفس ۽ هوا جي
مخالفن جي واديءَ ۾ سڀني صاف باطن سالڪن جو سالار،
صاحب حال ۽ اهل دل، زماني جي نيڪو ڪارن جو پيشوا،
نامدار آزاد انسانن جو خلاصو، يعني شيخ ڀرڪيو ولد
شاهوڪاتيار، ان زماني جي سڀني نامدار بزرگن ۽ ڪبار
مشائخن مان سالڪ ۽ مجذوب هو.“
سندس مجاهدن لاءِ تحفته الڪرام ۾ آيل آهي، ته ”پنهنجي شروعاتي
زندگيءَ ۾ سخت رياضتون ڪيائون“ حديقته الاولياءَ
واري وري ائين لکيو اهي ته پهرين وقت ۾ بيشمار
رياضتون مجاهدا ڪيائين ۽ سخت عبادتون ۽ ڪٺن ڪم هن
کان وجود ۾ آيا“ سندن وفات جو سال ڪنهن به ڪتاب ۾
ڏنل ڪونهي، مگر تحفته الڪرام ۽ حديقته الاولياءَ
مان اهو پتو پوي ٿو ته هي صاحب هالاڪنڊيءَ جي
مخدوم احمد ۽ محمد جن جو همعصر هو، مخدوم احمد
(جنهن جو ذڪر بعد ۾ ايندو، جن جي وفات حديقته
الاولياءَ ۾ 924هه/1527ع جي وچ ۾ سمجهڻ گهرجي،
مخدوم نوح رحه جي ولادت کان اڳ پاڻ هڪ دفعي چيائون
ته”مخدوم نعمت الله کي لطف الله نالي هڪ اهڙو
فرزنده ٿيندو، جنهن کي حق تعاليٰ جو دائمي حضور
حاصل ٿيندو“ هاڻي به هر سال هن صاحب جو عرس
9-10-11 شعبان ٿيندو آهي.
2. درويش نوح رحه کيبراڻي: هن درويش جي باري ۾ تحفته الڪرام
ائين لکيو اهي ته هي مال چارڻ تي گذارن ڪندو هو ۽
حال جو صاحب ۽ ڪرامت جو ڌڻي هو، حديقته الاولياءَ
۾ آيل آهي ته جڏهن شيخ حماد جمالي جي دعا سان ڄان
تماچي دهليءَ کان واپس موٽندي کيبرن وٽان اچي
لنگهيو تڏهن درويش کيس ٻڌايو ته ”ٽن ڏينهن کان وٺي
ڄام تماچيءَ جي نالي جي منادي اچي رهي آهي“ حالانڪ
اهو زمانو ڄام جوڻي جو هو، مذڪوته روايت مطابق
جيڪڏهن ڄام جوڻي کان پوءِ ڄام تماچيءَ جو نالو اچي
ٿو ته اهو ڄام تماچي اول بن ڄام انڙ آهي ۽ ان جو
پٽ ڄام خير الدين آهي ۽ نه ڄام تماچي ٻيو بن ڄام
خير الدين جنهن جي پٽ ڄام صلاح الدين جي ضمن ۾
تحته الڪرام جي صاحب، شيخ حماد جمالي جو ذڪر آندو
آهي، ٻي ڳالهه مزي واري اها آهي ته جيڪڏهن ويچارن
سمن بادشاهن جي سمي کي هندستان جي عهد وسطيٰ جي
زماني سان تطبيق ڏينداسون ته پوءِ تاريخ معصومي
خواهه تحته الڪرام جا احوال سن ۽ سال محض قياسي
ثابت ٿيندا، ان سلسلي ۾ تحقيق ڪندي هي واضع ٿيو
آهي ته سمن حاڪمن جي حڪومت جو آغاز زير بحث آهي،
پر انهن جو انجام متفق طور ارغونن هٿان
927هه/1521ع ۾ ڏيکاريو ويو آهي، تحفته الڪرام جو
صاحب انهن جي حڪومت جو آغاز سان 752هه/1351ع ۾
ڄاڻائي ٿو، بيگلارنامي ۾ انهن جي حڪومت جو آغاز
734هه/1334ع ڏيکاريو ويو آهي، تاريخ طاهري ته وڃي
843هه/1351ع ۾ شروع ڪئي ته پو3 ائين مڃڻ سان
ٽي-چار تاريخي ڪڙيون پاڻ ۾ ملي نه ٿيون سگهن، ان
جي مقابلي ۾ جڏهن بيگلارنامه جي سن وارو زمانو
خيال ۾ آڻبو ته پوءِ ڪڙيون لڳ ڀڳ ملي وڃن ٿيون،
ڄام انڙ دهليءَ جي سلطان پاران سيوستان جي حاڪم
ملڪ رتن کي ماريو، ان جو اغوا ابن بطوطه پنهنجي
سفرنامي ۾ ڏنو آهي، ابن بطوطه سنڌ ۾ 734هه/1333ع ۾
آيو هو ۽ مٿيون واقعو 734هه کان تمام ٿورو اڳ جو
آهي، ڇو ته ابن بطوطه قلعي جي ديوار تي ٽنگلين جا
لاش ڏٺا هئا، جي محمد تغلق جي غلام عماد الملڪ
قيصر رومي کي شڪست ڏئي بدع ۾ لٽڪايا هئا، ان دوشني
۾ اٽڪل سنه 733هه/1332ع وٺبو، تاريخ معصومي ۽
تحفته الڪرام جي حوالن سان ڄام انڙ ساڍا ٽي سال کن
حڪومت ڪئي ۽ ڄان جوڻي 13 سال کن، يعني جوڻي بن
بابينه حڪومت جون واڳون 736هه/1335ع ۾ ورتيون، ان
کان پوءِ سندس ڀائٽيو ڄام تماچي بن ڄام انڙ
748هه/1350ع ڌاري ويٺو هودنو، ڄام خير الدين بعد
سندس پٽ ڄام ڀنڀو عرف بابينو تخت تي ويٺو ۽ 15 سال
حڪومت ڪيائين، جيڪڏهن ڄام خير الدين کي ٽي سال
حڪومت لاءِ ڏجن ته ڄام بابينو 754هه/1353ع ۾ تخت
نشين ٿيو ۽ ان جي حڪومت 769هه/1367ع تائين هلي. هن
جي دور حڪومت ۾ فيروز شاهه تغلق سنڌ تي ٻه دفعا
ڪاهي آيو هو، مشهور مورخ اليٽ تاريخ فيروز شاهيءَ
جي مؤلف سراج عفيف جي حوالي سان ڄاڻايو آهي ته
762هه/1361ع ۾ سنڌ تي ڪاهيائين ۽ اهو به ڏيکاريو
اٿس ته ڄام ڀنڀي پنهنجي چاليهه هزار پياده ۽ ويهه
هزار سوارن سان سلطان جو قلندرانه مقابلو ڪيو ۽
کيس اڍائي سالن تائين روڪڻ ۾ ڪامياب رهيو، تحفته
الڪرام هن حملي جو سال 772هه/1370ع ڏيکاريو آهي،
حالانڪه جيڪڏهن سندس روايت مطابق سمن جو راڄ
752هه/1351ع ۾ شروع ڪجي ته پوءِ چام بابينه بن
خيرالدين جي حڪومت جو سال وڃي 791هه/1377ع سان
لڳندو، جو تاريخي واقعات جي مطابقت ڪري وڌي ويندو،
مسٽر اليٽ تحفته الڪرام جي پيش ڪيل سمن جي راڄ جي
آغاز واري سال سان متفق رهيو آهي، ڇو ته تاريخ
فيروزشاهدي جي غلطي هن صاحب به دهرائي آهي، ته
محمد شاهه تغلق جڏهن سنڌ ۾ 753هه/1351ع ۾ آيو،
تڏهن ٺٽي جو حاڪم سومرو هو، حالانڪه هي صحيح نه
آهي، خود تاريخ معصومي، تاريخ طاهري، بيگلارنامو ۽
تحفته الڪرام، هن روايت جي مڃڻ لاءِ تيار نه آهن،
ان وقت ۾ خير الدين بن ڄام انڙ حاڪم هو جو سمو هو
۽ نه سمورو، ٻي وڏي عظيم تاريخ معصومي خواهه تحفته
الڪرام وارن هي ڪئي آهي جو ڄام جوڻي ۽ ڄام تماچي
بن ڄام انڙ جي احوالن ۾ سلطان علاءُ الدين جي لشڪر
ڪشيءَ قيد و بند ۾ وجهڻ جا واقعا ڏيکاريا اٿن،
حالانڪه سلطا علاءُ الدين خلجي 715هه/1315ع ۾ فوت
ٿي ويو هو، جڏهن سومرن جو زمانو هو ۽ سمن جو سمو
شروع ئي نه ٿيو هو، لازمن هي زمانو تغلق گهراڻي جو
آهي ۽ سلطان علاءَ الدين خلجي جي بدران سلطان محمد
شاهه تغلق سمجهڻ گهرجي، مٿئين تاريخي پسمنظر مان
ظاهر ٿيو ته ڄام جوڻي جي حڪومت جوزمانو
736هه/1335ع ۽ 748هه/1347ع جي وچ ۾، ڇو ته جڏهن
نوح کيبرائيءَ ڄام تماچي کي خوشخبري ڏني، تڏهن اڇا
ڄام جوڻي جي حڪومت هئي.
هن درويش کي ”نوح هوتزاني“ ڪري سڏجي ٿو، جو سنڌي تلفظ موجب
”هوٿياڻي“ سمجهڻ گهرجي، هوٿياڻي ۽ هوٿي ٻئي هڪڙيون
ذاتيون آهن، سماٽ جي انيڪ ذاتين ۽ سندن شجري جي
ڇنڊڇاڻ کان پوءِ پتو پوي ٿو ته ”هوٿي“ به هڪ ذات
آهي جا ان صاحب جي پٺيان سڏجي ٿي جو ”هوٿي“ هو ۽
هالا بن ساند بن پالي بن رائڌان جو چوٿون پٽ هو،
هاڻي زماني جي حساب سان هي درويش مخدوم نوح کان
تقريب 165 سال اڳ جو آهي ۽ دليل الذ اڪرين خواهه
تحفته الاولياءَ جي صاحب حاجي محمد صالح مجاور
آندو آهي، ته مخدوم صاحب جي والد بزرگوار جي همعصر
درويش ”نوح هوتزاني“ کين چيو ته ”منهنجي مرڻ کان
پوءِ پنهنجي فرزند جو نالو نوح“ رکجو، هي درويش
نوح، وڏي درويش نوح جي پيڙهيءَ مان آهي. هن
هوٿياڻي درگاهه جو تعلق سروري درگاهه سان گهاٽو
آهي. موجوده کيبر ڳوٺ جي اتر اٽڪل ٽن ميلن تي سهتن
جو ڳوٺ آهي، جنهن جي سامهون اها درگاهه واقع آهي،
سندس مجاور فقير محمد هڪ لائق ۽ پنهنجي هوند وارو
آهي، اهو ياد رکجي ته کيبر قديم وڪئي ۽ جمعي
خاصخيلين جي ڳوٺ جي اتر ۾ دڙي جي صورت ۾ موجود
آهي.
(3) مخدوم عربي ڌياڻو (ديانو): پير آسات (جنهن جو مقبرو مڪليءَ
تي آهي) جو سڳو ڀاءُ مخدومنوح جو استاد ۽ قرآن
شريف جو حافظ پراڻن هالن ۾ هڪ وڏو ڪرامتن جو صاحب
بزرگ ٿي گذريو آهي، مولانا غوثي صاحب، گلزار
ابرار، مطابق پاڻ عجيب و غريب ۽ هوشريا خوارق ۽
عادات جو صاحب هو، پاڻ 980هه/1972ع ۾ وصال ڪيائين
۽ پراڻن هالن ۾ مدفون آهي، شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ
رح جي سوانح نگارن ڄاڻايو آهي شاهه صاحب جي والده
هن برزگ جي دختر نيڪ اختر هئي، مگر ائين وسهڻ درست
نه آهي، ڇو ته شاهه ڀٽائيءَ جي ولادت 1102هه/1690ع
ٿي ۽ هن برزگ جي وفات ۽ ڀٽائي گهوٽ جي ولادت جي وچ
۾ 122 سالن جو وقفو آهي، باقي ائين چئجي ته سندس
پيڙهيءَ مان آهي، ان ڪري شاهه ڀٽائيءَ مخدوم ڌياڻي
جي ڏهٽاڻ مان ٿيو، ٻيو به هڪ تعلق مرحوم قانع
ڏيکاريو آهي، پاڻ مخدوم عربي ديانه جي احوال ۾
ڄاڻائي ٿو ته ”هاڻي ان جي اولاد مان مخدوم محمد
عالم نالي هڪ شخص حيات آهي، جو سيد عبداللطيف
تارڪيءَ جو خليفو ۽ ان جي فقيرن ۾ داخل آهي“ هن
بزرگ جو فرزند مخدوم يايزيد مخدوم نوح جو معاصر
هو، سندس ڀاءُ پير آسات سيد جونپوريءَ جو مريد
مڪليءَ تي مدفون سندس اولاد مان محمد حسين مشهور
هو، جنهن جا پٽ احمد ۽ محمد ٺٽي ۾ هئا، احمد جهان
آباد شاهه غلام محمد صوبي جي خدمت ۾ رهندو هو.
4. شاهه ديوانو هالائي: هي صاحب به جليل القدر مشائخ ۽ مقتدر
صاحب ڪرامت بزرگ مخدوم عربي سان گڏ مدفون آهي،
دليل الذاڪرين جي روايت مطابق حسو فقير توڙي
ٽوڙيءَ واري جو چاچو مجذوب ۽ ديوانو هوندو هو،
تنهن کي ڪشف ٿيو ته ٿوري وقت ۾ دين السلام جو هڪ
مجدد پيدا ٿيڻو آهي، جو وڏو ولي الله ٿيندو، ان جي
خوشخبري هن صاحب مخدوم نعمت الله سان بيان ڪئي، ٿي
سگهي ٿو ته مذڪور مجذوب شاهه ديوانو هجي.
5. مخدوم عبدالرشيد هالائي: هيءَ جيد عالم ۽ وڏو
متقي عالم ۽ وڏوڳ متقي بزرگ هو ماڻهن مان هڪ وڏي
جماعت ان کان علمي ۽ عملي ڪمالات حاصل ڪري پنهنجي
وقت ۾ باهدايت ٿي ان حلقي ۾ مخدوم احمد ۽ مخدو
محمد هالائي پڻ شامل هئا.
6. مخدوم اسحاق ڀٽي هالائي: هي شيخ بهاءُ الدين
ذڪريا ملتانيءَ جي خاندان جو مريد فضيلت ۽ ڪمالات
۾ بينظير ۽ الله تعاليٰ جي مقدر ولين مان آهي، هن
صاحب جون ڪرامتون بيشمار آهن، سندس سپوت پٽ مخدوم
احمد ۽ مخدوم محمد آهن،
7-8.مخدوم احمد ۽ مخدوم محمد: موجوده هالا پراڻن
جي ڀٽي بزرگن جا بزرگ وڏي پائي اولياءَ ٿي گذريا
آهن، هي صاحب ڄام نظام الدين کان پوءِ شاهه حسن
ارغون جي حڪومت تائين رهيا، سڀني تاريخن سان تذڪرن
ٻنهي ڀائرن جو احوال گڏ ڏنو آهي، حديقته اولياءَ ۾
آيو آهي: ”محمد اسحاق جا فرزند وڏن ولين ۽ نامدار
بزرگن مان آهن، ۽ هالڪنڊي ۾ سڪونت اٿن“.
مخدود احمد هميشه گم نامي ۾ گذاريندو هو، ڪڏهن ڪڏهن هو صاحب،
محفل سماع ۾ ويندو هو، ته عجب رقت طاري ٿي ويندي
هيس، آخري زماني ۾ به هو، نيرون ڪوٽ (حيدرآباد) ۾
آيو هو، هتي اتفاقن هڪ محفل سماع ۾ هڪ سوناري
نينگر ڏاڍي سوز و گداز سان چند بيت پڙهيا جن کي
ٻڌندي ئي مخدوم صاحب واصل باالله ٿي ويندو. (1) هن
جو جنازو هالڪنڊي کڻي آيا، رستي ۾ جنازه کان ذڪر
جلي بلند آواز سان ٻڌڻ ۾ پئي آيو، هن صاحب
930هه/1523ع ۾ وفات ڪئي، پر حديقته اولياءَ واري
صاحب 934هه/1517ع ڄاڻايو آهي، ان جي اولاد مان ڪئي
بزرگ پيدا ٿيا، جن مان مکيه هيٺيان آهن. مخدوم فتح
الله، مخدوم احمد ثاني، مخدوم عبدالحميد، مخدوم
عمر ۽ ان جا ٽي پٽ، مخدوم حسين، مخدوم ابراهيم ۽
مخدوم عبدالرئوف، محب رسول جا مولاد مشهور آهن،
مخدوم فتح الله مخدوم نوح رح، سرور جو همعصر ۽
مخدوم عبدالرئوف شاهه ڀٽائي جو سهيوگي آهي.
مخدوم محمد ننڍو ڀاءُ هو ۽ علوم ظاهري جي تحصيل ڪري عروج ڪمال
تي پهتو، اڪثر خلق الله جي خدمت ڪندو هو ۽ ان يج
خيراتي ڪمن لاءِ وقت جي حاڪمن وٽ ويندو هو، ان
بزرگ جي اولاد مان به گهڻائي ئي معرفت جا صاحب
ٿيا، جن مان هيٺيان مشهور آهن.
مخدوم محمد يوسف، مخدوم محمد صادق ۽ مخدوم محمد يعقوب.
9. درويش زڪريا: هي مذڪور مخدوم محمد اسحاق جو ڀائٽيو ۽ راه،
هدايت جو مالڪ ۽ خدا رسيدو بزرگ هو.[2]
10.شيخ ابوبڪر: هي هالا جو هڪ ڪامل ۽ قديم ولي آهي، مخدوم نوح
جو ستون ڏاڏو مخدوم فخر الدين ثاني به ان جي مقبري
۾ مدفون آهي.
11. درويش رڪن ڀرا: هي مخدوم احمد جو خاص خادم هو الله تعاليٰ
جي دائمي رضا ۽ راهه جي قرب جو واصل هو.
12. مخدوم مولانا ابوبڪر بن دائود بريد هالائي: هي وڏي مقام
وارو صاحب هال بزرگ هو، مخدوم نوح رحه هن فيض جي
صاحب سان صحبت ڪئي وئي.
13.سيد عبداللطيف حسيني: هي هتان جي قديم بزرگن مان آهي، مير
علي شير قانع جي ڏينهن ۾ سيد فتح محمد شاهه سندس
اولاد مان هو اهي شاهه سڳوري سروري رنگ اختيار ڪري
”سروي ٽوڙ“ ۾ داخل ٿيا.
14. مخدوم صدر الدين راهوڪي: هالا پرڳڻي جي پسگردائي جي ڳوٺ
جائيه ۾ رهندو هو هميشه وعظ ڪندو هو. چتي لڳل ٽوپي
پهريندو هو، وڏو پرهيزگار ۽ متقي بزرگ هو.
15. مخدوم بلاول ٽلٽي وارو: هي بزرگ اصل ٽلهٽي (ٽلٽي تعلقو
سيوهڻ) جي واهڻ جو واسي هو. شرعي خواهه روحاني
علمن ۾ ڪامل هو، سندس خاص شرعي فوقو ”بلالي“ سنڌ ۾
رائج آهي، جنهن تي جدا گانه تحقيق ڪبي، ارغونن جي
خلاف هن بزرگ علم بغاوت کنيو ۽ شاهه بيگ هن کي
پوئين وقت ۾ ڪافي تڪليفون ڏنيون، پاڻ سنه
929هه/1522ع ۾ وفات ڪيائين ۽ سندس مرقد باغبان
(هاڻوڪو باغ واهڻ) ۾ آهي، تاريخ معصومي، تحفته
الطاهرين حديقيه الاولياءَ، تحفته الڪرام ۾سندس
ڪافي ڪرامتون آيلآهن، تاريخ معصومي هن صاحب جي
احولا ڏيندي آخر ۾ لکيو آهي ته ”بيشڪ اهي ئي بزرگ
آهن، جي مئل دلين کي جيئرو ڪن ٿا“ ”تذڪره صوفيائي
سنڌ“ جي مؤلف تحفته الطاهرين جي حوالي سان سندس
مرقد مڪلي ۾ درگاهه شيخ حمات جمالي جي عقب ۾
ڏيکاري آهي، جو حقيقت جي بالڪل برعڪس آهي، سندن
مرقد اڄ به مرجع خلائق آهي ۽ باغبان ضلعي دادوءَ ۾
موجود آهي، جتي ماهيانو تقريب ۽ ساليانو ميلو
ٿيندو آهي، سنڌ جي سرهندي بزرگن جي وڏي ڏاڏيءَ
حضرت خواجه عبدالرحمان جان سرهندي جي ملفوظات مان
پتو پوي ٿو ته پاڻ هجرت کان پوءِ جڏهن سنڌ ڏانهن
آيا، تڏهن جن اهل ممات بزرگن يج زيارت ڪيائون، تن
مان حضرت مخدوم بلاول رحه به آهي، ان کان پوءِ
سندن منزل سيوهڻ ۾ ٿي.
هي مخدوم بلال، مخدوم جمعي جو همعصر هو، جنهن جو ذڪر بعد ۾ ڏنو
ويو آهي، (تحفته الطاهرين ص 30) مير علي شير قانع
هن صاحب کي شاعر ڄاڻايو آهي ۽ سندس هيٺين رباعي
پنهنجي معروف ڪتاب ”مقالات اشعواء“ ۾ ڏني آهي.
در راه، خداز سر قدم بايد ساخت
سرمايهء اختيار خود مي بايد باخت
ڪفر است بخود نمائي بردن بجهان
ازخويش برون شده سويش مي بايد تاخت
مخدوم بلاول رحه پنهنجي خليفي سيد حيدر شاهه سنائيءَ کي ڪجهه
قدر آٽو ڏئي فرمايو ته ”هنن نشانن وارو بزرگ ڪنهن
زماني ۾ تو وٽ ايندو، ان جي حضور ۾ ”برک سبز است
تحفهء درويش“ جي مصلق هي اٽو اسان جي طرفان مهماني
طور عرض رکج“ انهيءَ ارشاد بعد سيد حيدر شاهه
سنائيءَ وٽ مخدوم نوح رحه جو وڃڻ ٿيو ۽ شاهه صاحب
اها امانت ڏئي پنهنجو فرض ادا ڪيو، مولانا غوثي
هدايت سنڌي برهانپوري جي روايت مطابق لکيو آهي ته
هن کي خواجه حضر کان روحاني فيوضات حاصل ٿيا،
مخدوم بلاول جو گهاڻي ۾ شهيد ٿيڻ جو واقعو ڪنهن به
تاريخ يا تذڪرو ۾ آيو نه آهي.
16. درويش پنيو ناريجو: هي دشت باران جو ممتاز ولي آهي، هن جون
ڪيتريون ڪرامتون مشهور آهن، پاڻ سن 900هه/1494ع ۾
لاڏاڻو ڪيائون ۾ ”ريڻ، نديءَ جي ڪناري ڳوٺ ”ريده“
۾ سندس تربت آهي.
17. درويش هالو سهتو: هيءُ به دشت جو ٻيو مقتدر ولي آهي ۽
مذڪوره درويش پنئي جو همعصر هو ۽ طهارت ۽ پاڪائيءَ
جو بيحد خيال رکندو هو، هن جي تربت آمريءَ ۾ آهي.
18. درويش علاءُ الدين ٻگھيو: هن مشهور وليءَ جي دعا سدائين
مقبول هوندي آهي. هن صاحب 900هه/1494ع ۾ وفات ڪئي
۽ دشت ۾ برهمڻ آباد جي قريب آرامي آهي. ماڻ پاڻ
سندس زيارت ڪري آيوآهيان.
19. قاضي صڌو ابن حماد: هن جي پيڙهي خطبيه جي قاضين سان ملي ٿي،
هيءُ به دشت جي اوليائن مان ٿي گذريو آهي، هن جون
ڪئين ڪرامتون نشابر آهن، سنه 900هه/1494ع ۾ لاڏاڻو
ڪيائون، سندن تربت ڳوٺ ”ونهريءَ“ ۾ آهي.
20. مخدوم جعفر بوبڪائي: مخدوم جعفر ابن مخدوم ميران بوبڪن
تعلقي سيوهڻ ضلعي دادوءَ جو ويٺل شريعت ۽ طريقت جو
بزرگ عالم ٿي گذريو آهي، تحفته الڪرام کيس مخدوم
نوح رحه جو همعصر ڄاڻايو آهي، ان صاحب ۽ مخدوم نوح
رحه جون ڪافي ملاقاتون به ٿيون آهن ۽ ان بابت
ڪيتريون روايتون به مشهور آهن، مگر هي صاحب مخدوم
نوح رحه کان عمر ۾ وڏوهو ۽ بابر جي ڏينهن ۾ ارغونن
سنڌ تي لشڪر ڪشي جا 7-1 ذوالعقد سنه 921هه بمطابق
24 ڊسمبر 1515ع ۾ ٿي هئي، ان جي روايت هي صاحب
مرزا عسيٰ ترخان (وفات 974هه/1566ع) کان ڪندو هو،
هي حوالو تاريخ معصوميءَ آندو آهي، جيئن ته مخدوم
جعفر جو سال وفات معلوم نه آهي ۽ هي مرزا عيسيٰ
ترخان جي ڏينهن ۾ زنده هو، ان مان ظاهر آهي ته هن
جي وفات 926هه/1554ع (جو شاهه حسن ارغون جو سال
وفات آهي ۽ مرزا عيسيٰ ترخانن جي سال وفات
974هه/1566ع جي وچ ۾ ٿي آهي) مولانا غوثي پنهنجي
مشهور تذڪره ”گلزار ابرار“ ۾ لکيو آهي ته شيخ طاهر
ابن يوسف سنڌي برهانپوري جو استاد زادو هو، مسيح
زمان شيخ عيسيٰ قاسم جندالله برهانپوري رحه کان
روايت آهي ته حڪيم عثمان بوبڪائي کيس چيو ته مخدوم
جعفر رضه آخر عمر ۾ منطق جا ڪتاب درياهه ۾ وهائي
ڇڏيا ۽ احياءُ العلوم (غزالي) عوارف المعارف،
(شهاب الدين سهروردي) فصل الخطاب“ هن جي تصانيف
مان ”حلل العقود في طلاق السنود“ ”المتانه في
مرمته الخزانه“ ۽ ”عجالته الطالبين“ مشهور آهن، جن
مان هن صاحب جو مذهب ۽ فقه ۾ اعليٰ درڪ معلوم ٿئي
ٿو ان جي اولاد مان مخدوم عبدالغني ۾ مخدوم نور
الدين مشهور بزرگ ٿي گذريا آهن، مقالات الشعراء ۾
هن صاحب کي مرزا شاهه حسن جو استاد پڻ سڏيو ويو
آهي ۽ سندس تربت مڪليءَ تي ڏيکاري وئي آهي، کيس
علم رمل ۽ علم نجوم ۾ بينظير سڏيو ويو آهي، هي شعر
سندس آهي.
بهارطرهء دلدار طرفه رنگي داشت،
که آهوان حرم رابصيد مي آورد.
(1) ڊاڪٽر دادئوپوٽي هنن بيتن
جي اپٽار هن طرح ڪئي آهي: جنهن بيت ٻڌندي
مخدوم صاحب گش ٿي ويندو سو هي هو:
سڏ سڻي پرين جو وانگي جي نه
ورن
ڪوڙي دعويٰ دوست جي ڪڄاڙي کي
ڪن
مين عيسي جي سنڌي ۾ بيت هن طرح
آيل آهي.
سڏ سڃاڻي پرين جو واڪي جي نه
ورن
ڪوڙي دعويٰ دوس سين سي ڪڄاڙي
کي ڪن
طلب نه سچي تن هنهم سڌ سدايون
مخدوم صاحب جي واصل باالله ٿيڻ
بعد سوناري ڇوڪري هي بيت ڏنو
سر ڏئي سٽ جوڙ ڪنهن پر ڪلالن
سي
مرڻا منهن نه موڙ اڄ وٽي ٿي وڌ
لهي.
|