(1) سندس استاد ۽ سهري حضرت
مولانا غلام صديق صاحب شهدادڪوٽي عليه الرحمته جو
(2) سيد اختر شاهه عليه الرحمته جو، جيڪو اصل يو
پيءُ جو هو ۽ ترڪ وطن بلڪ ترڪ دنيا ڪري اچي
لاڙڪاڻي لڳ لاهورين جي ڳوٺ ۾ رهڻ لڳو هو، اهل ڪامل
هو (3) مولانا ابوالڪلام آزاد مرحوم جو جنهن جي
”الهلال“ ۽ البلاغ“ جو وڏو قدر ڪندو هو (مون کي هڪ
ڀيرو پنهنجي هڪ خط جو نقل ڏيکاريائين، جيڪو مولانا
آزاد ڏانهن لکيو هئائين، خط ۾ درخواست هئي ته سندس
فرزند پير عبدالقادر شاهه (مرحوم) کي مولانا آزاد
پاڻ وٽ رهائي ۽ کيس عربي تعليم ۽ اسلام تربيت
ڏئي، پر خط مولانا آزاد تائين پهچي نه سگهيو،
مولانا آزاد اڳ ۾ ئي نظر بند ٿي چڪو هو.
انگريز سان ڪنهن به حالت ۾ صلح ڪرڻ يا تعلق رکڻ لاءِ تيار نه
ٿيو، سندس نظريو هو ته جيستائين انگريز جو تعلق
مشرق سان قائم آهي، اوستائين اسلام ۽ مسلمانن جو
خير ڪو نه رهندو، مسلمانن جو فرض آهي ته انگريز
خلاف جهاد ڪن، جهاد جي ڪامياب ٿيڻ لاءِ البت بين
الاقوامي هالتن جي سازگاريءَ جو سوال پيدا ٿئي ٿو،
پر جيستائين اهي حالتون سازگار نه ٿيو آهن،
اوستائين گهٽ ۾ گهٽ ڌارئي راڄ سان تعاون نه هجڻ
گهرجي ۽ ان کي ڪمزور ڪرڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش جاري
رکجي.
شاهه سائين اسلام جي مرڪزيت کي ڏاڍي اهميت ڏيندو هو، خلافت
تحريڪ کي سنڌ اندر پکيڙڻ ۾ وڏو حصو ورتائين، في
الحقيقت سندس ئي ساٿي، عزيز، دوست، مريد ۽ متعقد
هئا، جن پهريون دفعو سنڌ اندر، سنڌ جي عام پيرن ۽
وڏيرن جي روايتن کي ٽوڙي، حڪومت خلاف، خلافت جي
سوال تي، جهاد جو جهنڊو بلند ڪيو، لاڙڪاڻو ضلعو
سندس خلافت تحريڪ جو مرڪز بڻيو، پهرين خلافت
ڪانفرنس لاڙڪاڻي ۾ ٿي ۽ هجرت واريءَ تاريخي تحريڪ
جي سلسلي ۾ سنڌي مهاجرن جي پهرين اسپيشل ٽرين
لاڙڪاڻي مان ئي رواني ٿي.
هجرت جي تحريڪ جو مقصد هيءَ هو ته هندستان مان انگريزن کي ڀڄائي
ڪڍڻ لاءِ افغانستان جي اسلام برادريءَ کان، اسلام
جي ڪڍ تي، مدد ورتي وڃي، طريقو هيءَ سوچيو ويو هو.
پهريائين مولانا عبدالله سنڌي، مخفي طرح سنڌ مان نڪري، ڪابل
پهچي وڃي پٺاڻن سان گفتگو هلائي ۽ کين ان منصوبي
مطابق مدد ڪرڻ لاءِ تيار ڪرائي ۽ کانئن اهوڙو پڪو
وعدو وٺي (مولانا عبدالله پير صاحب جهنڊي واري جي
مدرسي ۾ معلم هو ۽ پير صاحب سياست جي معاملن ۾
شاهه سائينءَ جو رفيق ڪار هو)
جيڪڏهن پٺاڻ اهڙو واعدو ڪن ته پوءِ سنڌي مجاهدن کي تيار ڪجي،
جيڪي هجرت ڪري وڃي افغانستان ۾ مقيم ٿين ۽ اتان
پٺاڻن جي لشڪر سان گڏجي موٽي اچي هندستان ۾
انگريزن سان جنگ جوٽين.
انگريزن کي ان منصوبي جو بروقت پتو پئجي ويل هو، سو ڏاڍي ڪوشس
ڪيائون ته مولانا عبدالله کي، ڪابل پهچڻ کان اڳ،
رستي ۾ ئي روڪي وجهن، پر ڪامياب ٿي نه سگهيا،
مولانا پيرين پنڌ، جبل جهاڳيندو، پوليس ۽ انگريزي
جلوسن کان بچندو، خير سلامتيءَ سان سرحد اڪري وڃي
ڪابل پهتو ۽ پٺاڻن سان ڳالهيون هلائي، کانئن واعدو
وعيد وٺي پوين ڏانهن پيغام موڪليائين ته هاڻي هجرت
ڪريو پويان جو ڪم شاهه سائينءَ جي حوالي هو.
شاهه سائينءَ کي سنڌين جي همت ۽ بهادريءَ تي ڏاڍو ڀروسو هوندو
هو، چوندو هو، ”سنڌي ڏاڍو سست آهن، پر وقت آئي مست
به ٿيو پون“ وقت آيو ته سنڌين متعلق سندس اهو قياس
واقعي صحيح نڪتو، لاتعداد سنڌي سر ڏيڻ ۽ گهر ٻار
لٽائڻ لاءِ تيار ٿي بيٺا، کين ان ارادي تان موڙڻ ۽
ان ريت انگريزن کي خوش ڪرڻ خاطر، لاڙڪاڻي جي ڪن
وڏيرن، سنڌ جي مسلمان ڪامورن ۽ ڪن پيرن پنهنجي
پاران بنهه ڪو نه گهٽايو، هر طرح جا حيلا هلايائون
ته سنڌين جي اهڙي عزن کي ٽوڙين، پر وريو ڪجهه ڪو
نه سنڌي عوام مستيءَ ۾ اچي چڪو هو، پهرينءَ ئي ڪوڪ
تي منجهانئن هزارين ماڻهو گهر ٻار، مال ڍڳا ۽ زمين
جا ٽڪر ”تين واڪ“ ڪري وڃي ڪابل ڀيڙا ٿيا، وڏو آسرو
هون ته مسلمان ڀائي پٺاڻ، پنهنجي وعدي موجب لشڪر
تيار ڪري، ساڻن گڏ جي اچي سنڌ ۽ هند کي انگريزن جي
چنبي مان آزاد ڪرائيندا، پر وعدو وفا نه ٿيو ۽
انگريز ۽ پٺاڻ ۾ جنگ جي شروعات ٿي پر سست ئي منجهن
ٺاهه به ٿي ويو، انگريزن افغانستان جي آزادي تسليم
ڪئي ۽ افغانن هندستان جي آزاديءَ جي پچر ڇڏي ڏني،
مهاجر ويچارا به هيڏانهن جا رهيا نه هوڏانهن جا،
مال مڏي ۽ باقي ٽپڙ ٽاڙي به وڃائي ويهي رهيا، ڪي
واپس موٽي آيا، ڪي اتي ئي مري دفن ٿي ويا، قافلي
جي سالار، رئيس جان محمد مرحوم، پاڻ موٽي اچي
اجمير شريف ۾ پساهه ڏنا، مولوي عبدالله سنڌي ڪابل
مان روس روانو ٿي ويو، شاهه سائينءَ کي شديد ذاتي
صدمو رسيو، ان تجربي کان پوءِ اڪثر فرمائيندو
رهندو هو.
ديسي سيڻ ڪجن، پرديسي ڪهڙا پرين؟
پر تحريڪ جي شروعات ۾ تحريڪ جي تنظيم جو سڄو بار شاهه سائينءَ
پاڻ پنهنجن ڪلهن تي کنيو، مهاجرن جي پهرئين قافلي
جو سالار (مٿي ذڪر ڪيل) سندس دوست ۽ سياسي رفيق
لاڙڪاڻي جو بئريسٽر، مرحوم مغفور رئيس جان محمد
جوڻيجو بڻيو، جڏهن مهاجرن جي پهرين ٽرين رواني ٿي
ته شاهه سائين پاڻ (پنهنجي عزيز ۽ سياسي نائب
الامور، پير حاجي علي انور شاهه راشديءَ سميت) ان
اسپيشل ٽرين سان پشاور تائين گڏيو ويو، اتان موٽي
ٻي اسپيشل ٽرين تيار ڪرڻ لاءِ لاڙڪاڻي رسيو ته
پٺيان انگريزن ۽ پٺاڻن جي پاڻ ۾ کير کنڊ ٿي وڃڻ
ڪري هجرت جي مقصد تي ئي پوچي گهمي وئي.
ان کان پوءِ هڪٻئي پٺيان ٻيا به ڪي ناگوار واقعا ٿيا، مثلن
خلافت کي ترڪن صاحبن پاڻ پنهنجن هٿن سان ختم ڪري
ڇڏيو، هندستان اندر هندو_ مسلم اتحاد ٽٽي پيو،
هندن، انگريزن کي ڀڄائي ڪڍڻ بدران مسلمانن کي مرتد
بڻائڻ لاءِ شڌي ۽ سنگٺن جي هلچل هلائي ڏني، انگريز
پنهنجي پاران به نئين کيڏ کيڏي، اسيمبليون،
ڪائونسلون ۽ وزارتون چالو ڪيائين، جن جي عشق ۾
وڏيرا وڙهي پيا به اڌ مئا ٿي پيا ۽ سنڌي عوام کي
به ارن مان ڪڍي ڇڏيائون.
شاهه سائينءَ کي بد دل ۽ مايوس ٿي، سياسي هلچل کان ڪناره ڪشي
ڪري، خانگي زندگي بسر ڪرڻي پئي.
پر جيستائين پاڻ سياست جي ميدان ۾ رهيو، اوستائين سندس سياسي
ساٿي ان وقت جا آفتاب ۽ ماهتاب هئا، نالا ٻڌڻ وٽان
آهن، يعني حضرت مولانا تاج محمود امروٽي عليه
الرحمته، رئيس جان محمد جوڻيجو مرحوم، پير صاحب
جهنڊي وارا (حضرت پير رشد الله شاهه رحمت الله
عليه) پير محبوب شاهه عليه، الرحمته حيدرآباد
وارو، مولانا عبدالله سنڌي عليه الرحمته، پير حاجي
علي انور شاهه راشدي، شيخ عبدالعزيز مرحوم، مولانا
عبدالڪريم درس عليه الرحمت ڪراچيءَ وارو، شيخ
عبدالمجيد سنڌي، سيٺ حاجي عبدالله هارون عليه
الرحمت، حڪيم شمس الدين مرحوم حيدرآباد وارو.
انهن بزرگن مان، سواءِ ٻن جي، ٻيا سڀوئي موڪلاڻي ڪري ويل آهن،
منجهانئن هر هڪ جا حالات لکڻ ۽ پڙهڻ جا قابل هئا،
نئين نسل جي ماڻهن لاءِ شمع راهه جو ڪم ڏين ها،
سندن ايمان اجارين ها، سندن دلين ۾ همت پيدا ڪن
ها، کين سنڌ جي مٽيءُ مان مايوس ٿيڻ بدران ان
مٽيءَ جي تقديس ڪرڻ تي تيار ڪن ها، بلڪ ان تاريخي
مواد جي ملڻ بعد کين سينو ساهي هن چوڻ جو حق حاصل
ٿئي ها ته گهٽ ۾ گهٽ سندن بزرگ اهڙا نه هئا، جيڪي
”مرونءَ سندي ماهه تي ماڻڪ مٽائين!“
پر کٿو نه ڪنهن اهل نظر مان، نه اها قلم مان، گذريل سڄا سارا
چاليهه سال محض پنهنجي شان ۽ مان جي چاليهن ڪندي
گذري ويا، پنهنجن اباڻن جي املهه روايتن ۽ ملير جي
ريتين رسمن وسارڻ بعد، فقط پانڌين پيراڍن کان
پڇندا رهياسين.
ڪو واٽ وندر جي ڏسي؟
ڪو واٽ وندر جي ڏسي؟
پر وندر جي واٽ ڪير ڏسندو؟ اهو ئي جواب ڦرندو، جيڪو مير رستم
خان مرحوم وٽان جاگير جي پٽي قبول ڪرڻ ۽ ان ڪري
روحاني انقباض محسوس ڪرڻ بعد ڪنهن درويش کي ڪنهن
واٽهڙو فقير وٽان مليو هو.
جاگير ڏئي جٺ ڪري وئي، راند رستم کسي،
........هاڻي ڪو واٽ وندر جي ڏسي؟
شاهه سائين عليه الرحمته هميشه سياست کي مذهبي زندگيءَ جو هڪ
ادنيٰ جزو تصور ڪيو، مذهب مان سندس مراد صريحن اهو
اسلام هوندو هو، جيڪو حضرو صلعي الله عليه وسلم جي
سنت سڳوريءَ جي عين مطابق هجي، سندس زندگيءَ جو
بنيادي اصول هوندو هو ”ما آ تا ڪم الرسول فخذوه
وما نهاڪم عنه فانتهو“ ۽ ان اصول تان قول خواه
فعل ۾، رهڻيءَ خواهه ڪهڻيءَ ۾ سرمو نه هٽيو، هر
وقت اها آيت سڳوري سندس زبان مبارڪ تي رهندي هئي ۽
زندگي جي هر مسئلي متعلق سنت رسول سامهون رکي
فيصلو ڪندو رهيو.
سندس اثر زائل ڪرڻ لاءِ، خلافت تحريڪ هلندي، انگريز طرفان وقت
بر وقت ڪوشش ٿيندي رهي، جڏهن حضرت شيخ الهند عليه
الرحمته ۽ هندستان جي ٻين بزرگن مشهور ۽ تاريخي
متفقه فتوا جاري ڪئي ته سنڌ منجهان شاهه سائين ۽
سندس رفيق پيرن ۽ علمائن فورن ان تي دستخط ڪيا ۽
ان جي تائيد ۾ پنهنجي پاران بيان پڌرا ڪيا، اها
هالت ڏسي، سنڌ جي انگريز حڪمرانن جا ڪن به ڳاڙها
ٿي ويا، کين ڏاڍي مٺيان لڳي ته سنڌ جهڙي ماٺيڻي ۽
هر ميران رعيت، ملڪ مان به اهڙي باغبانه صدا بلند
ٿي، مسلمان عملدارن سان مشورو ڪيائون، انهن لاءِ
محض حڪم جي دير هئي، هڪدم ٻن مولوين کي ڀرتي ڪري
سندن حوالي هيءَ ڪم ڪيو ويو ته هو متفقه فتوا جو
رد ۽ پير تراب علي شاهه جي تائيد بيانن جو جواب
لکن، ساڳئي وقت هيءَ ڪوشش به شروع ٿي ته انهن
ترديدي ڪاغذن تي صحيحن ڪرڻ لاءِ سنڌ جي پيرن جي
ڪانفرنس ڪوٺائي وڃي، ڪانفرنس جي باري ۾ سنڌ جي
پوليس ٿاڻن ڏانهن حڪم ڪيو ويو ته هر ٿاڻي وارا
پنهنجي حد جي پيرن جي لسٽ تيار ڪن ۽ ٻئي حڪم اچڻ
تي انهن پيرن کي ڇڪي تاڻي وڃي ڪانفرنس ۾ حاضر ڪن.
ترديدي فتوا جو مسودو تيار ٿيو، ڪانفرنس راڻيپور شريف ۾ سڏائي
وئي، پوليس کي آخري حڪم مليو ته پنهنجي حد جي پيرن
کي، بنا ڪنهن عذر معذور ٻڌي، کنڀي کڻي وڃي ڪانفرنس
۾ ويهارين، پوليس ڏاڍو پاڻ پتوڙيو، جت ضروت پيش
آئي ۽ ٻيو ڪو رستو ڪو نه رهيو ته ات پوليسي حڪمت
عمليءَ کان به ڪم ورتو ويو، يعني جن پوليس
صوبيدارن کي پنهنجيءَ حد اندر سچو پير هٿ ڪو نه
لڳو، تن مناسب شڪل شباهت رکندڙ پوليس پيراڍن ۽
پاٿاريدارن کي وهنجاري سهنجاري، اڇيو پڳون ٻڌائي
تسبيحون ڪنڌن ۾ وجهي، عصائون هٿن ۾ڏئي، گهلي وڃي
ڪانفرنس ۾ موجود ڪيو.
ڪانفرنس جو اهڙين حالتن هيٺ ڪامياب ٿيڻ يعني هو، چنانچ ڪانفرنس
ڏاڍي ڪامياب ٿي، انگريز ”اولو الامر“ سان وفاداري
۽ خلافت خلاف تحريڪون يڪراءِ پاس ٿيو، محض تحريڪ
پيش ڪرڻ جي ضروت ٿٻي ٿي، مخالفت يا موافقت ۾
تقريرن وگهي وقت ضايع ڪو نه ٿي ٿيو، پيرن خواهه
پيراڍن خواهه پاٿاريدارن کي نه تقرير ڪرڻ جو ڏانءَ
ٿي آيو ۽ نه کين تفصيل ۾ وڃڻ جي ضروت ئي هئي، فتوا
جي مسوري تي ڪن بزرگن مهرون تبٽ ڪيو، ڪن صحيحون
وڌيون ۽ ڪن محض پنهنجن کٻن آڱوٺن کان ڪم ورتو، آلو
آلان ٿي وئي، سرڪاري ٻوڙ پلاءَ کائي هر ڪو اٿي کڙو
ٿيو.
ٻئي ڏينهن ڪانفرنس جي ڪار گذاري، فتوا ۽ ٺهراءَ سرڪاري اشتهارن
جي بکين ۽ خوشامدي اخبارن ۾ شان سان شايٿ ٿيا،
اهڙي قسم جون ڪيئي اخبارون هونديون هيون، ”سنڌ
ورسي“، خير خواهه، ڊيلي گزيٽ، الحق، وغيره ماڻهو
پڙهن يا نه پڙهن، چندو ڏين يا نه ڏين، پر اهي
اخبارون پيون هلنديون هيون.
راڻيپور ڪانفرنس جي ڪارروائي جو پڌرو ٿيڻ ۽ چئني طرفن کان لعنت
ملامت جو وسڻ! وڏا پير شرم ۽ خلق جي خوف وچان حجرن
۽ گهرن ۾ لڪي پيا، ننڍن پيرن سان ڪٿ ڪٿ مارڪٽ ٿي،
پوليس جا ٺاهيل ”پير“ پڳون اڇلائي، تسبيحون ڇني،
موٽي پيراڍو جو ڪم ڪرڻ يا پاٿاريون هلائڻ لڳا.
ترديدري ”فتوا“ جي جواب ۾ شاهه سائينءَ پنهنجي نالي سان هڪ
”لکيل خط“ لکي، ڇپرائي، سنڌ اندر تقسيم ڪرايو، خط
فقط خط نه هو، پر هڪ سبق آموز هدايت نامو هو، ڪاش،
اڄ ان جي ڪا ڪاپي لڀي پوي! خط ۾ شاهه سائينءَ سنڌ
جي سرڪاري پيرن کي سندن ڪردار جي نتيجن کان خبردار
ڪيو هو، کين آگاهه ڪيو هئائين ته محض خوف وگهي يا
ذاتي فائدي وٺڻ خاطر انگريز سرڪار جي خوشامند ڪرڻ
۽ سرڪار سان غير مقبول قومي سوالن جي سلسلي ۾
ٻانهن ٻيلي ٿي بيهڻ، پيرن جي ساري فرقي ۽ سجادن جي
ساري نظام لاءِ تباهيءَ جو باعث ٿيندو، علم پبلڪ
ڏسي وٺندي ته پير صاحب فقط پنهنجن مطلبن سڌ ڪرڻ
لاءِ پيا پنهنجا سجاده استعمال ڪن ۽ سرڪاري دلال
بڻجي سياسي جوابازي ڪن، وقت ايندو، جڏهن خلق اهڙن
پيرن مان بيزار ٿي کين رستو وٺائيندي ۽ هو کوٽي
ڏوڪڙوانگر ٿي پوندا، کليل خط جي مهڙ ۾ هڪ اردو شعر
لکيو هئائين، جو مون کي ياد رهجي ويو آهي.
نه ڇيڙ اي نڪهت، باد بهاري، راه لگ اپني،
تجهي اٺکيليان سوجهي هين، هم بيزار بيٺي هي.
شاهه سائين زبردست اهل قلم هو، مضمون مختصر ۽ اکر ٿورا هوندا
هئا، پر ان اختصار اندر معنيٰ جا درياهه سمايل
هئا، تحرير مولويانه، ڦڪي يا خشڪ بنهه نه هئي،
عبارت سليس پر ڏاڍي دلچسپ ۽ جاندار هوندي هئي،
پنهنجي علم يا معلومات ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪا نه ڪندو
هو، گهڻو ڪري ننڍيءَ سائز جي نوٽ پيپر جي هڪڙي ئي
صفحي تي وڏي مان وڏو بحث ۽ مضمون پوري ڪري ڇڏيندو
هو، طوالت سخت ناپسند هيس، خدانخواسته ڪنهن سببان
طبيعت ۾ تيزي اچي ويس ته پوءِ خدا پيو خير ڪري،
چند چونڊ لفظن، اشارن ۽ استعارن جي استعمال سان
مڪمل تباهي آڻي ڇڏيندو هو، معياري درجي جو خوشخط
هو، سندس خط موتين جي مالها هوندو هو، صحيءَ ۾ به
اٺ پٽانگ ڪا نه ڪندو هو، فقط ”فقير تراب علي
راشدي، يا ”خادم تراب علي راشدي“ لکندو هو.
راڻيپور واريءَ ڪانفرنس کان پوءِ شاهه سائين کي پيرن جي مستقبل
بابت ڏاڍو اوٺو ٿي پيو، پاڻ پير هو، سندس خيال هو
ته پير سنڌ جي معاشري تي زندگيءَ جو هڪ اهم ۽ مفيد
جرو بڻجي سگهن ٿا، پيريءَ جو نظام سنڌ اندر صدين
کان رائج رهيو آهي ۽ عوام جي ان نظام سان وابستگي
ٿي ويل آهي، ان نظام ٽٽڻ کان پوءِ خبر نه آهي ته
ڪهڙي نئين قيادت پيدا ٿيندي! اها قيادت ملڪي
زندگيءَ کي ڪيتريقدر اسلام ۽ سنڌي تهذيب جي قريب
رکي سگهندي، يا ماڻهن کي مور رڳو اسلام مان ڪڍي
وڃي، ڪنهن نئينءِ مصيبت ۾ گرفتار ڪندي.
ان زماني جي حالتن کي نظر ۾ رکندي، پاڻ مناسب نٿي سمجهيائين ته
سنڌ جي اڳواڻيءَ جو سڄو بار زميندار يا مسلمان
سرڪاري ڪامورن تي پيل رهي، کيس معلوم هو ته ٻهراڙي
۾ رهي زميندار ڌنڌي ڪرڻ ڪري زميندارن کي ڪيتريقدر
مجبوريءَ جي حالت ۾ رهڻو پوي ٿو، ڪنهن به زميندار
لاءِ آزاد خيالي ڏيکارڻ جي معنيٰ ٿي ٿي، ڪامورن
هٿان پنهنجي لاءِ مصيبت کي سڏ ڪرڻ“ ان کان سواءِ
زميندارن اڃا علم ڏانهن به توجهه ڪو نه ٿي ڏنو،
اسلام جي اصولن ۽ بين الاقوامي مسائل کان ته قطن
نا واقف هئا.
ساڳيءَ طرح مسلمان ڪامورن کي به مجبور ۽ وڪاڻل گهوڙو ٿي
سمجهائين، عوام خود ۾ اڃا اعليٰ تعليم ڪا نه آيل
هئي، ابتدائي تعليم به خيال خال هئي، 1920ع تائين
ساريءَ سنڌ اندر فقط ويهه يا ٽيهه مسلمان گريجوئيٽ
پيدا ٿيا هئا، جيڪي پڻ امتحان پاس ڪندي ئي وڃي،
سرڪاري نوڪرين ۾ بند ٿيا هئا، وچولي درجي جي ماڻهن
(يعني مڊل ڪلاس) جو نانءُ نشان ڪو نه هو، انگريز
جا ڏنل آئيني اصلاحات نئين سر نافظ ٿي رهيا هئا،
کهڙو، الله بخش، ميران محمد شاهه، پير الاهي بخش ۽
انهن جا ٻيا همعصر اڃا ڪاليجن ۾ هئا، سنڌ بمبئيءَ
سان ڳنڍيل هئي، مٿس ڪمشنري راڄ هو، هندو سياسي،
تعليمي ۽ اقتصادي زندگيءَ ۾ تيزيءَ سان ترقي ڪندا
ٿي ويا، پاڻ به وڌندا ٿي رهيا ۽ پنهنجي قوم جي
هيٺئين طبقي کي به اڳتي وڌڻ جا موقعا ڏيندا ٿي
ويا، مقابلت مرحوم مغفور رئيس غلام محمد خان ڀرڳڙي
يا هڪ ٻن ٻين روشن خيال ۽ حريت پسند اڳواڻن کان
سواءِ، سنڌ جي زميندار ”اڳواڻن“ جو ڪو به چاڙهو ڪو
نه هو، سينٽرل اسيمبليءَ ۾ چونڊيا ته اسيمبليءَ کي
اسيمبلي ٿي ڪوٺيائون، بمبئي ڪائونسل ۾ ويا ته ات
سنڌ مان ٿي ويل ڪمشنرن کي ڏسيو مو رڳو ڌرتيءَ تي
ويهي رهڻ جو خيال ٿي ٿين.
جڏهن مانٽيگو چيلمسفو رڊ اصلاحات جي باري ۾ تحقيقات ٿي ته ”سنڌ
محمدن ايسوسيئيشن“ (جنهن ۾ گهڻون ڪري سنڌ جا
زميندار ۽ ڪامورا ڀرتي ٿيل هئا) جن وفد وائسراءِ ۽
سيڪريتري هند مانٽيگو کي وڃي عرض ڪيو هو ته سنڌ
رائج الوقف ڪمشنري راڄ مان بلڪل راضي آهي ۽
اصلاحات وغيره جي ڪا به ضرورت ڪا نه اٿس.
راڻيپور ڪانفرنس ٿيندي ئي شاهه سائين خطرو محسوس ڪيو ته انگريز
سرڪاري هينئر پيرن ۾ به هٿ وڌا آهن، سندس اکر هئا
ته ”انهن ساده لوح غريبن کي ڪجهه وقت تائين باندر
وانگر نچائي، کانئن عوامي مصلحتن ۽ مقصدن خلاف غلط
ڪم ڪرائي، خراب ۽ خوار ڪري پوءِ منجهانئن هٿ ڪڍي
ويندا نه عام ماڻهن ۾ سندن وقار رهندو نه سرڪار ۾
ئي ڪو کين پچندو، دنيا تيزيءَ سان وڌي رهي آهي،
نئين نسل جي ماڻهن ۾ روشني ايندي پئي وڃي، ممڪن
آهي ته نئون نسل، پيرن کي عوامي مفاد جي خلاف ڪم
ڪندو ڏسي سندن مخالف ٿي پوي ۽ ان ڪري پيريءَ
فقيريءَ جو سارو نظام ختم ٿي وڃي ۽ سنڌ جي سماجي ۽
مذهبي زندگي ۾ وڏو خلاءَ پيدا ٿي پوي.
انهن حالتن جي پيڙا کان پيرن کي بچائڻ لاءِ پاڻ ”جمعيت
الراشديه“ جي نالي سان پنهنجي خاندان جي پيرن جي
تنظيم لاءِ تحريڪ شروع ڪرايائين، ان تحريڪ جو مقصد
هو ته پيرن کي سرڪار ۽ ڪامورن جي چڪر کان ٻاهر
ڪڍي، عوام جي قريب رکجي ۽ آزاديءَ جي جدوجهد ۽
عوامي مسئلن ۾ کانئن ڪم وٺجي، سندن وساطت سان نون
سماجي رجحانن کي قرآن ۽ سنت جي حدن کان ٻاهر نڪري
وڃڻ کان روڪجي، يعني پير فرقي کي سرڪاري دلال
بڻجڻ، عضوو معطل ٿي پوڻ ۽ محض مريدن جي اٽي تي چٽي
ٿي رهڻ کان بچائجي.
ان تحريڪ جي پٺڀرائي ۾ هڪ رسالو به ڪڍرايائين، رسالي جو نالو
”الراشد“ هو، پنهنجي طوفان شاهه سائين وڏي ڪوشس
ڪئي، پر تحريڪ هلي نه سگهي، تحريڪ جي ناڪاميءَ تي
افسوس ظاهر ڪندي فرمائين:
”بابا، پنهنجي فرقي کي پن جي پٽ ۽ سڃ تي سيٽ جي عادت کائي وئي،
وڏا ۽ سچا پير گذاري ويا، انهن جي مسندن تي هينئر
گداگر ويهندا پيا وڃن، گداگرن جو ڪهڙو اخلاق ٿي
سگهي ٿو؟ ڪنهن ڏينهن باقي رهيل اهي وڏن جون قبرون
به وڪڻي يا هٿان وڃائي ويهي رهندا، ان فرقي جو اجل
اچي رهيو آهي، ذا جاءِ اجلهم لايستاخرون ساعتن
ولايستقدمون،“
اها آخري تحريڪ هئي، جنهن ۾ پاڻ حصو ورتائين، سندس حقيقي سياسي
زندگي اڳ ۾ ئي پوري ٿي چڪي هئي، پوئين زماني ۾،
جيتريقدر ٿي سگندو هوس، آزاد خيال نوجوان جي
پٺڀرائي ڪندو هو.
شاهه سائين کي سنڌ ۽ بلوچستان جي تهذيب ۽ تمدن تي ڏاڍو فخر
هوندو هو، اهو ئي ڪارڻ هو جو پاڻ هميشه گڏيل سنڌي
۽ بلوچي وضع جو لباس پهريندو هو، فرمائيندو هو
”ديسي تهذيب متعلق عصبيت پهرين علامت آهي، قومن جي
زنده هجڻ جي“ انگريزي وضع جي لباس کان ڏاڍي نفرت
هوندي هيس، ان کي مانع الصلوات ۽ غير مهذبانه لباس
سمجهندو هو، هڪ دفعي آءٌ پتلون ڪوٽ پهري سندس خدمت
۾ حاضر ٿيس، منهنجي هيئت ڏسي کلي ويٺو، چيائين
”ميان صاحب، تو ڇو پاڻ سان جٺ ڪئي آهي؟“ مون عرض
ڪيو ”سو ڪيئن؟“ وراڻي ڏنائين.
”ڪاش ماڻهوءَ لاءِ ممڪن هجي ها ته ڪنڌ ورائي پنهنجي پٽ ڏسي
سگهان ها، پتلون پهرڻ کان پوءِ نظر ائين اچيس ها
ڄڻ ابتيءَ ستار تي ڳوٿري چرهيل آهي“
اعليٰ قسم جون ڪهاڙيون ٺهنديون هيون ۽ تحفي طور پيون وٽس
اينديون هيون، آءٌ حيران هوندو هوس ته ايڏي درجي
جو انسان هر وقت (يعني ريل ۾ هجي يا ڪچهريءَ ۾)
ڪهاڙي ڇو ٿو ڪڍي ويهي؟“ طبيعت رهي ڪا نه سگهي، هڪ
لڱا سوال ڪري ويٺس، فرمائين:
”اسان بي هٿيار جو اهو بي خرچو هٿيار ۽ ڪارائتو قومي نشان آهي،
الله تعاليٰ پاڻ فرمايو آهي ته اسان اوهان کي قرآن
۽ رڪ ڏنو ۽ رڪ ۾ وڏا فائدا آهن (... انزلنا الحديد
فيه باسا شديد) اسان کان جهاد ته ٿي ڪو نه ٿو
سگهي، پر نشانڙو ته اکين اڳيان رهي ٿو“
سنڌي تهذيب مان شاهه سائين جي مردا ڪهڙي هئا؟ ڇا تهذيب جي معنيٰ
آهي محض لباس جي خاص وضع ۽ قطع؟
مون کانئس پڇيو ان ڏينهن ڪنهن پاسي گڏ ٽانگي ۾ وڃي رهيا هئاسين،
ڪافي فرصت هئي ۽ پاڻ به موڊ ۾ هو، سندس تقرير جو
اختصار هيءُ آهي.
لباس تهذيب جو فقط ابتدائي نقطو ٿئي ٿو، جيئن سپاهيءَ لاءِ
يونيفارم، يونيفارم ذريعي سڃاڻپ ٿئي ٿي، دوست دشمن
کي خبر پئجيو وڃي، ساڳي وقت يونيفارم پهرين
سپاهيءَ خود کي به نفسياتي طور هر دم اها ڳالهه
چڀندي رهي ٿي ته سندس تعلق ڪهڙيءَ فوج سان آهي ۽
ان تعلق ڪري مٿس ڪهڙيون ذميداريون عائد ٿيل آهن،
في الحقيقت، هڪ وسيع ذهني ۽ نفسياتي ڪيفيت ٿئي ٿي،
لباس، خوراڪ، رهڻي ڪرڻي، ٻولي، اخلاقي امرو نواهي،
سماجي ريتون رسمون، تعلقات رکڻ ۽ نباهڻ، رهڻي
ڪرڻي، ٻولي، اخلاقي امرونواهي، سماجي ريتون رسمون،
تعلقات رکڻ ۽ نباهڻ جا نمونا، نيڪ و بد ۾ تميز ڪرڻ
جا طريقا_اهي محض ان وڏيءَ ۽ همه گير ڪيفيت جا
لازمي مظاهر، يا ذريعه اظهار ٿين ٿا.
سوال: سنڌي تهذيب جي سڃاڻ جا نشان ڪهڙا آهن؟
جواب: اول، سنڌ جي ڌرتيءَ سان اٿاهه محبت ۽ ان کان پوءِ ٻيا
ڪيترا اهڃاڻ، مثلن پنهنجي پنهنجي مذهب سان حد
وابستگي پر ساڳي وقت ٻين بنسبت به تنگ نظري ۽
تنگدلي ڪا نه: مهمان نوازي، ڪشاده دلي، دوستيءَ ۾
وفاداري، سخن جي سچائي، غيرت، حياءُ ۽ حجاب، پاڙي
جي لڄ، در آئي خون بخشي ڇڏڻ، سامن تي سر ڏيڻ، همت،
توڪل، محنت ڪشي، الله تعاليٰ تي ڀروسو، پنهنجي کٿن
۽ لوئين، پسين ۽ پيرن، کٻڙن ۽ کنياتن تي فخر ۽
انهن جي ڀيٽ ۾ پراون پٽن پٽيهڙن، ٻوڙن پلاون، باغن
۽ بلبلين کي تڇ ڀانئڻ.
سوال: اوهان ته سنڌين کي سمورين خوبين جو خزانو بڻائي ڇڏيو، پر
ان هوندي به سنڌ جي حال ايتريقدر ڇو هيڻو رهي ٿو؟
جواب: اهڙا عبوري دور ايندا آهن، تاريخ جو هڪ باب پورو ۽ ٻيو
شروع ٿيڻ تي هوندو آهي ته ان وچ واري زماني اندر
انساني دماغن ۾ موجهارو پيدا ٿيندو آهي ۽ سندن عمل
مان يقين جو عنصر گهٽ ٿيڻ لڳندو آهي، ماڻهو خود
اعتمادي وڃائي، پنهنجي اصلي ۽ روايتي مقام تي ثابت
قدم رهڻ بدران، نئين ماحول سان همرنگ ٿي، پاڻ کي
آسانيءَ سان بچائڻ جي ڪوشش شروع ڪندو آهي، پر اهڙي
تبديليءَ رنگ يا اظاهر ڪمزوريءَ مان ورندو ڪجهه ڪو
نه آهي، وقت ۽ تجربي پڄاڻا ماڻهو خود بخود پنهنجي
غلطي محسوس ڪري، اڳي کان پاڻ ُڌيڪ يقين سان، موٽي
اچي پنهنجي اصلوڪي مقام تي پير کوڙي بيهي ٿو،
عبوري دور اندر فڪر خواهه عمل جون ڪيئي غلطيون
ٿيون وڃڻ، ڪيتريون خراب عادتون پيدا ٿيو پون،
ڪيترا نقصان سهڻا ٿا پون، مگر وقت گذرندي، جيئن
جيئن حالتون متوازن ٿيڻ شروع ٿين ٿيون، تيئن تيئن
اصليت جي ڇڪ به شدد اختيار ڪري ٿي ۽ راهه رليل
ماڻهوءَ کي ورايو آڻي صحيح ۽ اصلوڪي رستي تي
بيهاري، ان ڪشمڪش هلندي نوان ماڻهو به ميدان ۾ قدم
رکن ٿا، نوان مقصد به سامهون اچن ٿا ۽ نوان ولولا
به پيدا ٿين ٿا، نظر ائين اچي ٿو ڄڻ ڪٽيل ۽ پراڻي
رڪ کي قدرت يا فطرت جو لوها نئين باهه مان ڪڍي،
نون هٿيارن جي صورت ۾ ڍالي، نئون پاڻي ڏئي ٻاهر
آڻي رهيو آهي، ان کان پوءِ محض مهميز جي ضرورت
رهي ٿي، مهميز آئي، ردعمل شروع ٿيو ۽ ساريون اڳيون
پويون ليٽون ڀرجي ويون!
سوال: هلندڙ انگريزي دور اندر اسان ۾ ڪهڙيون اوڻايون پيدا ٿيون
آهن؟
جواب: اندروني بي اتفاقي، هٻڇ ۽ لالچ هڪٻئي سان مسهائپ ۽ حسد
وڏن ماڻهن ۽ غريبن جي وچ ۾ اقتصادي فرق ۽ ذهني بعد
گڏيل وڏن مقصدن جي سلسلي ۾ افرادن جي بي تعلقي،
يعني پاڻ کي تڪليف، محنت ۽ قرباني کان بچائڻ خاطر
ٻين جي تڪليف جو ٻڌي چوڻ ته ”تنهن ۾ منهنجو ڇا؟“
|