English
Comparative Tables Of Muhammedan and Chiristian Dates
Lt. Col Haig luzac & co 1932
Histoian of
Sind V.I Elliot and Dowson Calcutta.
_____do______V:Il
______do_______
_____do______V:Ill
______do_______
Early Arab Geographers ______do_______
The History of Khiljis Dr. k.s. Lal
History of the Kurd Turks_Dr. Ishwari Parsad Allahdad
Politics in pre-Mughal times_Dr. Ishwari Topa,
Usmania University. Deccan
History of
Persia Vol: IV Modern Period_E.G Browne
History of
Persia _Sykes
Iran, Past and Present_Donald. N. Wilbeur.
Humayun Badshah_s.k. Bannerji Vol: II_ 1941
The History of Persian Literature Vol: I Ghani_allahbad
_____do______Vol:Il
______do_______
_____do______Vol:IlI ______do_______
The oriental Biographical Dictionary_william Beele_1881
calcutta
Persian
Literature- C.A. Storey
The Cambridoge History of India_1922
Shah latif _His life and poetry_Lilaram Watanmal
Shah abdul Latif of Bhit_Sorley
Sources of Indian Tradition_ W.M Theodre, De_Bary_new
York 1959
Akbar, the Great Mughal_ V.A. Smith
M. T. H Houtsma etc _Encyclopaedia of Islam Vol: III_ Leyden
1913
Catalogue Of the Persian Manuscripts in the Library of the
India office _ Hermanon Ethia _London Vol: I
1903
The Persian Literature Vol: I Part II London, 1953, C. A.
Storex
Contributions of
India to Arabic Literature-Allahbad 1945.
ضميمو (3) غ. م .”گرامي“
حضرت مخدوم نوح سرور رحمت الله عليه ۽ شاهه ڪريم رحه جا تعلقات
حضرت مخدوم نوح سرور رحه ۽ شاهه ڪريم بلڙيءَ واري جي باهمي
صحبتن ۽ تعلقات متعلق هڪ واقعو عرض رکان ٿو.
هن تازي دور ۾، ٺٽي ضلعي جي هڪ ننڍي ڳوٺ، نالي ڪڙيي غلام الله
جي ڀرسان، جهنگ ۾ هڪ مشهور معروف عالم دين ۽ اهل
الله بزرگ، حضرت مولانا محمد هاشم سومرو رحه ٿي
گذريو آهي، بزرگ سان جڏهن منهنجي ملاقات ٿي، تڏهين
پاڻ سئو ورهين کان 2 چار سال مٿي هئا، پنهنجي دور
۾ استاد العلماء به هئا، ته پير طريقت به هئا. هي
تقريبا 1958ع جي آخري جو واقعو آهي، مون سان گڏ
فقير حاجي گلمحمد بلاليءَ وارو ساڻ هو، ڏينهن به
ٿڌيرا هئا، مڪليءَ جي ٽڪري عبور ڪري، گهوڙا ٻاريءَ
ڏي ويندڙ راهه تي واٽ تي لهي پياسين ۽ مغرب مهل
پيرين پيادا، رڙهي اچي بزرگ جي ڳوٺ پهتاسون، سندس
فقيراڻا ڪک، جهنگ ۾ فقير ۽ غنا توڪل ۽ تڪيه جي
علامت نظر آيا، اسان مسجد ۾ لٿاسين، نماز ادا ڪري،
پيغام موڪليوسون، سندن حويلي مسجد شريف کان مني
ميل جي فاصلي تي هجي، سندن فرزند سلام الله، اسان
جا سلام کڻي حويليءَ ڏانهن روانو ٿيو، تيستائين
مسجد ۾ رهندڙ شاگرد ملا جاميءَ تائين پڙهي رهيا
هئا، اها ڳالهه ٻڌي حيرت لڳي ته سؤ سالن کان وڌيڪ
عمر وارو برگزيده روزگار بزرگ، ان عمر ۾ به دين جي
خدمت ۾ مشغول آهي ! طريقت ۽ سلوڪ ۾ طريقه ۽
نقشبنديه عاليه جي خدمت سان گڏ ظاهري علوم جي
تڪميل جو ڪم به ڪري رهيو آهي ! اهو محسوس ڪري ان
مجمع البحرين بزرگ جي زيارت جو اشتياق اڃا به
وڌيو.
عشا جي نماز تي سندن فرزند واپس آيو، بزرگن جو پيغام ڏنائين ته
”ابا طبيعت ناساز آهي، اچي نٿو سگهان، صبح جو
ملاقات ٿيندي“
نماز ادا ڪرڻ کان پوءِ اسان جي لاءِ ماني آئي، خيال هو ته جهنگ
۾ ملندو کير ۽ ٻاڄهر جو ڍوڍو، پر خونچي کي کوليندي
اسان جون اکيون کلي ويون، نهايت مڪلف طعام سان
اسان کي نوازيائيون، ڪڪڙ جو ٻُڙ ڦوٽي جي داڳ سان
ڪڻڪ جي اوڦراٽا، سڻڀا ۽ سنوالا،ا ان سان گڏ کير!
ماني کائي، پيٽ اڊڪو پلي ڪچهري ڪري، سندن فرزند
کان حالات ۽ واقعا پڇي، بزرگ جي ظاهري ۽ باطني
تصوير جو هڪ خيال تصور ذهن ۾ رکي ستاسين، خير جي
رات گذري، ملي ٻانگ ڏني، حوائج ضروريه کان فارغ
ٿي، فجر جي نماز ادا ڪري اچي جڳهه اڃان ٻه ٽي لمحا
مس گذريا ته دروازي مان هڪ پيرسن بزرگ اسلام عليڪم
چئي داخل ٿيو، اسان سڀ اٿي کڙا ٿياسون مون کٽ تان
لهي سندن مصافحي لاءِ وڌيل هٿ مبارڪ احترامن وٺي
چميا، پاڻ ڏاڍي قرب ۽ جذبي سان ڀاڪر ۾ جهلي، زور
ڏئي فرمايائون:
گلي خوشبوءِ در حمام روزي،
رسيد از دست محبوبي بدستم.
به او گفتم ڪه مسڪي يا عبيري،
زبـــوي تـــو دلاويـــزي و مـــســتـــم
سندن اکيون محبت ۽ سوز جي پاڻيءَ سان آليو ٿي ويون، پڳ جي طره
سان اگهي اڳتي وڌڻ لڳا، منهنجي جسم ۽ جان کي ڄڻ
بجلي وچڙي وئي ۽ اکين مان جر جا جام ڇلڪي هليا،
جاءِ ۾ فقط هڪ کٽ هئي، جا مون کي ملي هئي، مون
سندن هٿن مبارڪن کي جهلي، کٽ ڏانهن آهستي آهستي
آندو، پاڻ چڙهي ويٺا، مون سوڙ کي ويڙهي، ديوار سان
ٽيڪ بنائي ۽ ان تي ٻئي وهاڻا به رکيا، پاڻ ٽيڪ ڏئي
اهلجي پيا.
سروقد، بدن نحيف ۽ ضعيف اکين ۾ تاب، چهرو ڪتابي، پيشاني نوراني،
ڏاڙهي مبارڪ مينديءَ رتي، بيني دراز، هٿ نازڪ،
ڪلها ويڪرا، نرڙ تي نشان، سجده نمايان، طبع ۾ جذب
۽ جوش، سوز ۽ ساز، گداز ۽ گريو، هر هر پئي شوڪارا
ڀريائون، خشوع ۽ خضوع جا اثرات طاري. هر هر زبان
سان پئي چيائيون، ربنا ظلمنا انفسانا......
مان سندن پيرانديءَ کان اڀو بيٺو رهيس، پاڻ مون کي ڇڪي، ڀرسان
ويهاريائون، فرمايائون:
”ابا ڪنن کان وڏو آهيان، ڀرسان ويهه ته تنهنجي ڳالهه ته ٻڌي
سگهان“
مجلس ۾ ويهارو کن ماڻهو مس هجن، ڪراچيءَ کان آيل مهمان به اچي
ويٺا، سڀ باشرع بزرگ، سڀ سفيد ريش ۽ سڀ سفيد ڪپڙن
۾ ملبوس، فرشته صفت ۽ ضعيف العمر هئا، سڀني کي هيٺ
ويهڻ جو اشارو ڏنائون، ڪي تڏي تي ته ڪي مٽيءَ تي
ادب وچان ويهي رهيا، خوش خير عافيت کان پوءِ، حال
احوال ورتائون، نالو نشان ٻڌائون، ڪم ڪا پچيائون،
ان دور ۾ حضرت مخدوم صاحب ”طالب الموليٰ“ وٽ هوس،
مخدوم صاحب جن جو ذڪر ٻڌي، خوش ٿيا.
ان کان پوءِ رهاڻ شروع ٿي، حضرت مخدوم نوح رحه جو ذڪر، نهايت
جذب ۽ ذوق سان ڪندي بار بار پئي چيائون: حضرت
مخدوم نوح عليه الرحمت.... عليه الرحمت (ان تي خاص
طرح سان زور ٿي ڏنائون)
ان کان پوءِ شاهه ڪريم جو واقعو هن ريت بيان ڪيائون:
”ابا شاهه ڪريم حضرت مخدوم نوح رحه عليه الرحمت جو مريد صادق
هو، پاڻ نرم ۽ چيڪي مٽيءَ مان ننڍڙا پٿر ٺاهيندا
هئا ۽ اهي پوءِ پنهنجي سونهاريءَ مبارڪ تي
گسائيندا رهندا هئا، جڏهن تمام لطيف ۽ لسا ٿي
ويندا هئا، تڏهين اهي اجرڪ ۾ ٻڌي، هالين آڻيندا
هئا ۽ اچي حضرت مخدوم نوح عليه الرحمت جي خدمت ۾
هديي طور وٽ چيٺڻ ڪاڻ پيش ڪندا هئا.“
ان واقعي کي بيان ڪندي، مٿن رقت آميز ڪيفت طاري ٿي وئي، آبديده
تي فرمايائون:
”ابا، حضرت نوح عليه الرحمت وڏي مربتي جو بزرگ هو، سندن فيض مان
بر واسجي ويا، اڄ به اويسي فيض پيا ونڊين ۽ آڇين،
پر ڪو طالب هجي جووٽ وٺي“
حضرت نوح سرور جي گهر بار ذڪر کي بيان ڪندي فرمائون:
”ابا ڪتابن ۾ هڪ روايت مخدوم جعفر رحه بوبڪائيءَ جي آيلآهي، پر
اها صحيح نه آهي، پاڻ بصيرت جا صاحب هئا، کين
امانت ”اويسي“ ملي ۽ علم لدني حاصل ٿيو هو، سندن
تربيت خود رسول خدا ڪئي هئي.
”ابا“ پاڻ ائين ڪو نه فرمايو هئائون ته آءٌ هنن اکين سان، الله
کي ٿو ڏسان. ائين چوڻ، ڪملا جي مرتبي وارن لاءِ
شايان شان نه آهي، البته هن پنڌ ۾ ڪچا ۽ ابتدائي
سڪول وارا ڪڏهن ڪڏهن چئي ڏيندا آهن، جنهن تي مخدوم
جعفر کين عرض ڪيو ته ائين نه هوندو، اوهان اکيون
مبارڪ بند ڪري ڏسو، پاڻ ظاهري اکيون ٻوٽي چيائون
هائو هاڻي برابر نظر نٿو اچي، ان تي مخدوم جعفر
وراڻيو ته هائو قبلا، اوهان قلب جي اکين سان ديدار
ٿي ڪيو، جنهن تي حضرت مخدوم نوح عليه الرحمت
فرمايو:
”جي نه هجي ها جعفر، ته نوح ٿئي ها ڪافر!“
اهو واقعو بندي ڪندي فرمايائون:
”ابا، قلب جي بصيرت ته ظاهري حواسن تي به حاوي ۽ محيط ٿئي ٿي،
اها نوراني نگاهه نه فقط ظاهري اکين تي نوراني رنگ
ٿي چارهي، پر ان سان گڏ سڀني حواسن تي به ان ڪيفيت
جي استغراق ۾ هڪ زماني جو غوث ڪڏهن به لغزش ۽ خطا
جو مرتڪب ڪين ٿو ٿي سگهي، البته ڪو مجذوب يا نئون
طالب ان طرح جا شطحيات بيان ڪري ته ٿي سگهي ٿو، ان
موجب حضرت مخدوم نوح عليه الرحمت کي علي وجه
البصيرت، قلب جي اکين سان ديدار ٿي ٿيو ته پوءِ
اکيون به ته قلب جي تابع هيون، ان ۾ ابا! ڪهڙو
اشڪال ٿو پيدا ٿئي، جنهن تي حضرت مخدوم جعفر جو
واقعو بيان ڪيو وڃي ٿو؟ ابا! اڳين بزرگن مان امام
ابوحنيفه لاءِ جو لکيو اٿن ته کين هت هنن اکين سان
ستر مرتبا ديدار الاهي ٿيو.“
اتي مون عرض ڪيو ته: سائين قرآن ڪريم ۾ ته ظاهري اکين سان ديدار
جي نفي آيل آهي“
فورن جاب ۾ فرمايائون ته ابا! بلڪل ائين آهي پر ان ۾ ته ظاهري
اکين لاءِ چيل آهي پر بابصيرت اکين جي ته نفي ڪا
نه ڪيل آهي، قرآن ۾ ولهم اعين لايبصرون بها، به ته
آهي اتي به ظاهري اکين وارن کي انڌو سڏيو ويو آهي
۽ ولهم قلوب لايفقهون بها به ته چيل آهي، اها قلب
جي ڪج رويءَ ۽ انڌائي جي ڪيفيت بيان ڪيل آهي، ان
طرح ولهم آذان لايسمعون بها به ته آيل آهي، انهن
باطني طرح سان انڌن، ٻوڙن ۽ بي بصيرت ماڻهن کي ته
اڳتي هلي حيوان به چيو ويو آهي ! ان طرح حديث
قدسيءَ موجب نور جي پالوٽ کان پوءِ ”انسان“ نور ۾
ويڙهجي وڃي ٿو. ان نور ۾ هلي ٿو، نور ۾ اٿي ويهي
ٿو، نور ۾ جيئي ٿو، نور ئي سندس حواس باطنيه ۽
ظاهريه تي طاري رهي ٿو، ابا! ان مقام تي ته ظاهر،
ظاهر ئي نٿو رهي ۽ نه ظاهر سان ظاهر جا حڪم ئي
لڳائي سگهجن ٿا.“
ان کان پوءِ فرمايائون:
ابا حضرت نوح عليه الرحمت جو بيت آهي.
اپٽيان تان آنڌيون، پوريون پرين پسن،
آهـــي اکـــڙيـــن عـــجـــب پـــر پـــســڻ جــي.
”انا ان ۾ اکڙين مان مراد ظاهري به آهي ته باطني به آهي، ظاهري
اکين جو ٻوٽڻ ۽ پٽڻ تجلي ۽ استتار جي ڪيفيت ڏانهن
اشارو آهي، اهو به هڪ مقام آهي“ اتي اچي اسان جي
رهاڻ جو اهو حصو پورو ٿيو، جنهن ۾ حضرت نوح رحه جو
ذڪر هو، ان کان پوءِ نيرن آئي، مون کي لسيءَ سان
ماني ملي، مون اڃا گلاس ڍڪ ڀرڻ لاءِ کنيو ئي مس ته
فرمايائون:
”ابا تو لسي نه پي، چاءِ پي.“
ان کان پوءِ پٽ کي چاءِ لاءِ حڪم ڪيائون، مون لسي رکي ڇڏي، پاڻ
حضرت عمر فاروق رضي الله عنه جي زهد جا واقعا
ٻڌائيندا رهيا ۽ اکين مان ڳوڙهن جو مينهن وسائيندا
رهيا، آخر ۾ خشوع سان دعا گهري، حضرت مخدوم محمد
زمان طالب الموليٰ لاءِ سلام ڏنائون ۽ فرمايائون:
حضرت مخدوم صاحب جي خدمت ۾ منهنجا سلام چئجو ۽ دعا لاءِ عرض
ڪجانءِ نڪرڻ جهڙو نه رهيو آهيان نه ته هالين هوند
هاڻي به رڙهي آچان، جوانيءَ ۾ ته تمام گهڻو اچڻ
وڃڻ ٿيندو هو.“
مون هڪ واقعو ٻيو به پڇيو:
”حضرت مخدوم نوح رحه جي درگاهه جي صحن ۾مچ ڇو ٿو ٻاريو وڃي؟“
فرمايائون:
”ان جو جواب ٻئي ڀيري ڏينداسيون، اگر حياتيءَ جٽاءُ ڪيو ته“
ان کان پوءِ اٿي کڙا ٿيا، ڪراچيءَ وارا سفيد ريش ۽ سفيد پوش
ماڻهو سندن پويان لڳا، جي سندن شايد مريد هئا، مون
کي ٻانهن کان ڇڪي گهليندا هليا، ٻه چار وکون مس
هلياسون ته هڪ سفيد ريش سائل کانئن ڪنهن وظيفي جي
اجازت گهري، پاڻ سخت ڪاوڙيا، ڏاڍي غصي سان ڏانهنس
نگاهه ڪندي فرمايائون:
”ڇا عمل وٺي بگهڙ ٿيڻ ٿو چاهين! تون ته ماڻهن کي ائين ڦاڙيندين،
جيئن بگهڙ، ٻڪرين کي ! موٽ پوئتي!“
سفيد ريش ۽ سفيد پوش درويشن جو ڪٽڪ هڪ هڪل سان هڄي هٽڻ شروع
ٿيو، پاڻ هڪ هٿ منهنجي ٻانهن ۾ ئي ٻئي هٿ ۾ عصا
کوڙيندا، هلندا رهيا، سندن هر ادا محبوبانه، سندن
هر قدم مستانه، سندن هر راز رندانه، سندن هي انداز
دلبرانه_ ادب ۽ احترام جي ڪري مان سندن قدم سان
قدم ملائڻ بدران آهستي آهستي پويان پئي هليس. پاڻ
ڇڪي کڻي اڳيان ڪيائون، کيڙيءَ مان ٿڙندي ٿاٻڊندي
جڏهن حويليءَ جي در ڀرسان بيٺل سڪل ٻبر وٽ آياسون،
تڏهين بيهي رهيا، الله جي قدرت سندن طبع روان
دوباره گهر افشاني شروع ڪئي. حقائق ۾ معارف جا
موتي ڇنڊيندا رهيا، ارباب طريقت جي تقويٰ ۽ طهارت
جا واقعا، ڪٿي برگزيده روزگار صالحين جي ڪرامات جا
تذڪرا، ڪنهن مهل روحاني ڪيف ۽ واردات باطنيءَ جا
بهار آفرين جهوٽا_ڪيئي سرور آور لمحا پئي آيا ۽
ويا.
فرمايائون:
”ابا، اهي ڪراچيءَ جا ميمڻ واپاري آهن، اهي حرامخور، پاڻ کي
منهنجو مريد ٿا سڏائين نه ته آهن پيت جا مريد! رڳو
ڏاڙهيون وڌايون اٿن، پر سندن اندر ڪارا آهن، ابا
اڇن ڪپڙن ۽ اڇيءَ ڏاڙهيءَ سان ته باطن ۾ اڇا ئي ڪا
نه ايندي، ابا! اهو پوڙهو مردود، وڏو مکي چوس آهي،
دولتمند آهي، پر مون وٽ ايندو آهي “مسخرات جي عمل
واسطي، مان به هر ڀيري ڌڪي ڌوڻي، دڙڪا داب ڪري
پوئتي اماڻيندو آهيانس، ٻيا به ڪراچيءَ جا آهن، پر
حال سڀني جو ساڳيو آهي، فرق اهو آهي ته اهي ٻيا اڃ
ته ڪڇن نٿا ڇو ته ڏسن ٿا ته وڏي سيٺ جي حاج پوري
ٿئي ته اسان به اڳتي وڌون! ابا، هڙئي دولت جا
گهورا آهن، الله لاءِ ته ڪو ڪو مرد اچي ٿو، هي
حرامخور هر جمعي تي ڀڳا بيٺا آهن، اهي هڙئي نمازي
به آهن ته حاجي به آهن، پر آهن هڙئي اندر جا ڪارا،
بي ايمان ۽ بڇڙا، جهڙا ايندا آهن، تهڙا موٽندا
آهن.
ان کان پوءِ فرمايائون:
”ابا، الله جي نظر آهي نيت تي، خلوص تي ۽ ارادي تي پر هي هچارا
تيل ڦليل ڪريو، سفيد ڪپڙا پايو، هر هفتي پيا اچن ۽
پوئين پير موٽن، ابا اصل ڪين ٿا مڙن!“ سندن چهرو
مبارڪ سرخ ٿي ويو، فرمايائون ”ابا، اهي ڪنگ آهن،
جي ڍنڍ جي ڪپ تي پير جي پير رکيو، اکيون ٻوٽيون،
استغراق ۾ بيٺا هوندا آهن، اڇا ڪرڙيءَ ڪنڌ ورايو،
مس ته هڪ طفيف ۽ نامحسوس نموني ۾ اٺ وانگر، ڪنگ جي
ڳچي ٿوري اڳتي وڌندي ڏسبي، هڪ هلڪو ڇلپو ٿيندو
پوءِ اک ڇنڀ ۾ ڪنڌ سسي اچي ساڳيءَ جاءِ تي بيهندو.
مڇي وڃي ڪنگ جو پيٽ وسائيندي، نه تو ڏٺو نه مون
ٻڌو! نه کڙڪو نه خرابو سڀڪجهه اطمينان ۽ استغراق
جي عالم ۾ ٿي ويندو، ڪنگ جون اکيون ٻوٽجي وينديون،
ڪو چوندو ته تون هين تون پيو تنواري پر ابا هوندو
ٻئي شاڪر جي تاڙ ۾!
”ابا، اهي ئي آهن، بيروح، مردار مردا! جي وتن پئسن لاءِ
واجهائيندا لکن هوندي، وتن تعويذ پڇندا، ڀاڙا ڀري
وتن مسخرات جي عمل لاءِ در در ڌڪا کائيندا!“
ٿورو مٿي نهاري چيائون:
”ابا الله کي نفاق ڪٿي ٿو وڻي هن جي نظر ته دل تي آهي“
ائين چئي ٿورو مرڪيا، سندن تبسم زير لبيءَ ۾ جا محبوبيت هئي،
تنهن منهنجي دل ۾ عجيب قسم جو سرور پيدا ڪيو،
مرڪندي مون ڏانهن نهاريائون ۽ فرمايائون ”ابا،
قسمت سانگي هن پٽ ۾ آيا آهيو نه ته اوهان حيدرآباد
جون هوائون ڪٿي ٿا ڇڏي سگهو.“ مون ادب کان ڪنڌ کڻي
هيٺ ڪيو. فرمايائون:
”ابا، پر سال هڪڙو ڏهاڙو خدا جو ٿيو، کٿابي ويا هجن ڪاٺيون هڻڻ،
مسجد هجي خالي، اسان به بانگ کان اڳ نڪرون ئي ڪو
نه، خدا جي ڪئي ٿي، ان ڏينهن مينهن به مينهن جهڙو
اٺو، ڪڪر ڪارونڀار ڪيو پئي گجيا، تڙڪي جو نه پير
نه اير رهيو، مان ٻنپهرن کان ساجهر ڀرو نڪتس ٻاهر
خيال ڪيم ته وڃي طالبن جي خبر لهان ته آيا، ڪين نه
آيا، ابا ٻاهر نڪري مسجد ڏانهن ڏٺم ٻيو ته نه ٻه
ٽي اڻواقف ماڻهو، مسجد جي در تي، سامهين ٻٻر هيٺان
ويٺل نظر آيا. مٿان مينهن پيو وسي، ويجهائيءَ ۾ نه
وڻ نه ٽڻ“ نه اوهي نه واهي، مان هڪلي وڃي ڀيڙو
ٿيس، وڃي ڏسان ته مار! همراهه ڀنگ ويٺا گهوٽين!
مون تي جيئن نظر پي، تيئن پنڊ پاهڻ ٿي ويٺا رهيا،
همراهن جو ساهه سڪي ويو، ويتر جو ڏٺائون لٺ هٿ ۾،
سو هڪٻئي کي چيائون، خير ڪونهي ملئون پيو اچي! اڃا
ائين مس چيائون ته مان به اچي مٿان بيٺس، السلام
عليڪم ! ابا حرام جو جواب ڏين! ٻانهون ٻڌي بيهي
رهيا، مون کين چيو اڙي چپ ڇو آهيو، ڊڄڻ الله کان
گهرجي ، نامرادو ٻيو ته ٺهيو الله جي در تي ويٺا
ڀنگ گهوٽيو! شرم ڪو اچيو ٿو؟“ هڪ مواليءَ وراڻيو
بس سائين موالڙي آهيون، مسافر آهيون، وسنهن تي لڙي
آياسون، سمجهيوسون ته ڪو مڪان به هوندو، پر هت ته
رڳي مسيت هئي، پاڻيءَ جي سانگي، آبي لپ لاءِ هتي
ويهي رهياسين، سائين! الله بخشڻهار آهي، بندو
بدڪار آهي، بس، الله تي لنگ آهي، سڄو ملڪ مولا جو
آهي، ان کان ڪٿي لڪنداسيون، بابا!
”مولائيءَ ڀنگ جي ان اهتمام جي وجه جواز کي پئي بيان ڪيو، ته
مٿان ٻٻر مان برسات جو پاڻي به پئي ڳڙيو، سندس
جواب تي ابا مان به چپ ٿي ويس، ابا، برابر ملڪ
مولا جو آهي، گناهه ته هر هنڌ گناهه! پوءِ مسجد
هجي يا مندر بر هجي يا ٿر پر مڃجي ته سهي، ٻاهر
زيب زبان سين، اندر هچارو! ته نه ٿيڻ گهرجي. آخر
مون به کيس جواب ڏنو، چيومان ابا ڏاڏا سياڻا آهيو،
الله سان به سياڻپ ڀلا مسجد جو احترام به ڇٽو،
مسجد جو پاڻي وڃايو پر هن برسات جي پاڻيءَ ته
اوهان جي ڀنگ جا رنگ ئي رلائي ڇڏيا هوندا، پوءِ
هڪڙو ڪيو گناهه ٻيو بي لذت!، ان تي ٻئي مواليءَ
جواب ڏنو، سائين بيپرواهه بادشاهه آهي، اسان گندا
بندا آهيون، ڪيئن ڪريون، ڪاڏي وڃون؟ چئو ته سچ ٿا،
پاڻي مڙيئي سرس پيو ڏسجيس! مون کين چيو ابا ڏسجو
ته ڪي الله وارا ٿا ڀلا ائين ڇو نه ڪيو، اهي ڏنڊا
ڪونڊا کڻو ها اندر در تي ته پاڻ به پسي پيا آهيو
ته ڀنگ به پاڻي ٿي وئي آهي، اصل الله جي گهر ۾
اندر وڃي شعل ڪريو ها! مسجد جي در کان اندر آهن،
ٻه_چار وکون! الله جو حياءَ ڪريو ها ته ٻاهر نه
گهوٽيو ها مرڳو مسجد جي در تي اچي منڊلي مچائي
اٿو، ٻيو نه ته مار پويو، ڀنگ کي ته مينهن کان
بچايو ها! ٻيو ته الله جي گهر کان وڌيڪ آمن ڪٿي ۽
اوڍ ڪهڙي آهي؟ ابا الله کان حياءَ حر حال ۾ ڪجي،
باقي ماڻهن جي ميار ۽ نيڪيءَ تي جيڪي پيا نکون ڇنن
۽ ڏاڙهيون وٽين، انهن کان ته اهي ڀنگ وارا چڱا
هئا، جن نڪو پاڻ ۽ ٻين کي دوکو ڏنو نڪو مڪر ڪيو،
اصل ڀلي در تي ويهي جمنيون چاڙهيائون! اسان جو حال
اهوآهي جو آهيون مسجد ۾، پر عمل آهن بڇڙا، اندر هڪ
ته ٻاهر ٻي، توبهه، ابا توبهه!“
سندن ان واقعي ۾ جيڪا تنبيهه آهي، ان کي ته ڪي اهل دل سمجهن،
گناهه تي پشيمانيءَ جو اظهار ڪرڻ خود نيڪي آهي،
مولانا رحه جو اهو واقعو ٻڌي مان ته ٻڏي ويس، نظر
وڃي زمين تي کتي! پاڻ منهنجي پريشانيءَ کي ڏسي
کنگهڪار ڪري مرڪندي چيائون ابا الله وارن جون
ڪهڙيون ڳالهيون ڪجن!، ائين چئي فرمايائون:
ابا جنڊي وارا وڏا بزرگ وڏا پرهيزگار هئا، گنمام رهندا هئا،
سندن مريد و تندا هئا، مفت ۾ مسجدون جوڙيندا ۽
کوهه کوٽيندا، ڪنهن ڳوٺ ۾ ڏٺائون ته مسجد ڪانهي ته
بس اتي اٽو ٻڌي وڃي پهچندا، سرون وجهندا، کورو
پچائيندا، مسجد ٺاهي پوءِ ويندا، کائيندا پچائيندا
پنهنجو رکي ماني ۽ پاڻي ڳوٺ وارن کان لوڻ جي لپ به
نه وٺندا، نڪو لسي نڪو ڳنڌڻ! پر جي ڪٿي کوهه ڪونهي
ته اتي کوهه کڻي، پڪسرو ٻڌي پوءِ ويندا، ابا انهن
مريدن ۾ پاڻ بزرگ به هوندو هو. مجال آهي جو ڪير
کين سڃاڻي، ابا الله وارن جا اهي پار آهن.
”ابا، هڪڙو ڏينهن خدا جو ٿيو، نماز پڙهي، مسجد شريف ۾ ويٺي
مريدن سان رهاڻ ڪيائون ائين ڪندي ڳوٺ جي هڪ پوڙهي
واياڻي در تي سجدو ڪري ڪٻڙي ٿيندي، اندر لنگهي
آئي، اچي پير صاحب جي ويجهو بيٺي، هٿ وڌائي، پڙي
مان اندران مٺيءَ مانيءَ جو اڌ ڪڍي پير صاحب انهن
وڌايائين، پاڻ بسم الله ڪري ماني ورتائون واياڻيءَ
چيو ته باس باسي هيم،
”ابا، واياڻي ائين ڪٻڙي ٿيندي هلي وئي، مريد حيران ۽ پريشان ته
واياڻي پوڙهي ۽ غليظ ڪپڙا سندن پليت هٿ سندن پليت
ڪفر سان ملوث ۽ شرڪ ۾ ٻڏل، بزرگ بسم الله ڪري،
ماني ڀوري، ٽڪر وات ۾ وڌو ۽ ذرو ذرو ڪري مريدن کي
ڏنو، پير هو روشن ضمير، مريدن جي خدشي کي پرکي
ورتائون فرمايون:
ابا مريدو! سڀ ڪجه سهي پر ٻڌايوم ته مان انهن هٿ ڏي ڏسان جن
هيءَ مٺي ماني موڪلي آهي، يا انهن هٿ ڏي ڏسان جن
هيءَ مٺي ماني پچائي آهي؟ مريد هئا صاحب دل، اشاري
مان سمجهي ويو“
ائين چئي وري مون ڏانهن نهاريائون، عصا جي ڪندري زمين تي
کوڙيندي، فرمايائون ابا الله شال پنهنجو ڪري! اسان
ڏاڍا بي سمجهه آهيون، الله ته بي نياز آهي، ان کي
ساري خبر آهي، شال پنهنجو ڪري ۽ ايمان سان هلائي،
عمل جي توفيق سان گڏ اخلاص ڏئي“
پوءِ دعا گهريائون: آللهم اني آعوذ بڪ من علم لاينفع و عملا
لاترفع و قلب لايخشع !(اي الله آءُ ان علم کان
پناهه ٿو مڱان جو بي نفع آهي، ان عمل کان پناهه ٿو
مڱان جو قابل قبول نه ٿئي، ان قلب کان پناهه ٿو
مڱان جنهن ۾ خشوع ۽ خوف نه هجي).
اها گويا پهرين ۽ آخري ملاقات هئي، جا 1958ع جي آخري ٿي، پاڻ
موڪلايائون ۽ السلام عليڪم چئي حويليءَ ڏانهن
وڌيا، جيستائين نظر پئي آيا، تيستائين پئي کين
چتايم، بزرگن جي ان رهاڻ ۽ سندن بزرگان اشارات کي
پنهنجي لاءِ نعمت عظميٰ سمجهي، سند فرزند کان
موڪلائي واپي ورياسين.
ان صحبت پنهنجو اثر قائم ڪيو ۽ خط و ڪتابت جو رشتو هلندو رهيو،
ڪيئي عجيب غريب نڪتا سندن مڪتوبات ۾ موجود آهن،
حياتيءَ وفا ڪئي ته ڪڏهن انهن جو انتخاب بهپيش
ڪريو ويندو، صالحين جي ڪلام ۾ جو تاثير آهي، اهو
قال جي صاحب ۾ نه آهي، تڏهين ته رومي فرمايو آهي.
قال را به گذار، صاحب حال شو،
پيش مردي ڪاملي پامال شو.
آخر ۾ پنهنجي محروميءَ جي ڪهڙي پچار ڪجي. 1959ع ۾ سندن فرزند خط
لکي اطلاع ڏنو ته مولانا صاحب رحمت الله عليه جن
وفات ڪئي آهي، انا لله و انااليه راجعون!
عزيز مڪرم جناب محبوب علي چنا صاحب جي هيءَ تحرير، جنهن ۾ حضرت
مخدوم نوح سرور رحه ۽ سندن معاصرين جو ذڪر خير
آهي، اها سبب بني آهي، هنن چند ورقن لاءِ، دعا آهي
ته رب ڪريم شال صالحين جي ذڪر خير، برڪات ۽ فيوضات
جي طفيل اسان ۾ نيڪ عمل ۽ اخلاص جي توفيق عطا
فرمائي!
هي مختصر رهاڻ، ان سلسلي ۾ نڪو اضافو آهي، نڪا تحقيق، البت جناب
عزيزم چنا صاحب جي محبت آميز تقاضا هئي ته مان به
ٻه اکر ضرور لکان، سو الله توفيق ڏني،”حضرت مخدوم
نوح سرور رحه ۽ شاهه ڪريم رح جي تعلقات“ متعلق هڪ
مشهور روايت هڪ نوح سرور جو بيت ۽حضرت نوح سرور جي
ديدار الاهيءَ متعلق مسهور روايت لاءِ تفهيم، هڪ
هڪ اهل الله ۽ برگزيده صفات عالم جي روايت سان
بيان ڪرڻ جي برڪت حاصل ٿي.
ان طرح چنا صاحب جي حبيباڻي حجت جي باب ۾ معذرت کان به هيءُ
عاجز بچي ويو ۽ ”الامر فوق الادب جي مصداق جهڙو
حال پريان نال، جي نسبت به قائم رهي، ازخدا
خواهيم توفيق ادب! شال اسان جي حياتي پرين جي
پچار ۾ گذري، يا پرين جي پاڙي ۾، انهن کان ڌار رهڻ
ڄڻ ته بي سود صرفو آهي، آمين.
حضرت نوح سرور ۽ سندن معاصرين، عالمن، صالحن، فقيهن ۽ درويشن جي
ڌڻيءَ ڏئل ساٿ لاءِ ڇا ٿو وڌيڪ لکي سگهجي، انهن جو
ذڪر رحمت الاهيءَ جي نزول جو سبب آهي، اهڙن بزرگن
لاءِ ته لطيف چيو آهي:
ڏينهان ڏورن ڏٿ سين، راتيون ڪن رهاڻ،
عمر تنين ڪاڻ، منهنجو روح رڙيون ڪري.
ناچيز
غلام محمد ”گرامي“
|