مهراڻ جا موتي
نعمت جو ملڻ ان ڳالهه لاءِ آزمائش آهي ته اوهان شڪر ٿا ڪريو يا
ناشڪري_ قرآن
غريبن سان دوستي رکو ۽ اميرن کان پير ڀڄو_سرور ڪائنات
دولست ماڻهو بهشت ۾ ويندو، اهو ائين آهي جيئن اٺ سئيءَ جي سوراخ
۾ داخل ٿي سگهي_حضرت عيسيٰ عليه السلام
غريبن تي کلندڙ، ان جي خالق تي کلي ٿو_حضرت سليمان عليه اسلام
ٻين جي پريشاني4 ۽ مصيبت تي خوش ٿيندڙ، ڄڻ تي
پنهنجي مٿي گناهه ٿو ڪري. حضرت سليمان
جنهن پاڻ کي هميشه ننڍو ۽ گهٽ سمجهيو ان کي ئي وڏو بنايو ويندو،
پر جنهن پاڻ کي هميشه وڏو سمجهيو آهي، اهو ننڍو
ئي رهندي_حضرت عيسيٰ عليه السلام
گهڻو کلڻ، موت کان غفلت جي نشاني آهي._حضرت عمر رضه
صديقن جي زڪات آهي، ساري مال کي الله جي راهه ۾ ڏئي ڇڏي_ابوبڪر
صديق رضه
جنهن دليل ۽ معيار تي، تون ٻين کي ڪڇين ۽ ماپين ٿو، انهن سان ئي
تو کي به ڪڇيندا ۽ ماپيندا، ان ڪري پنهنجا ماپا
اهڙا رک جنهن تي تون به ماپجي سهگين، جيئن پوءِ ڪا
تو کي گهاٽي واڌي جي شڪايت ڪرڻي نه پوي._حضرت
عيسيٰ عليه اسلام
اک بند جو ڏيئو آهي ، جنهن جي اک درست نه آهي، ان جو بدن ڄڻ ته
تاريڪ آهي_حضرت عيسيٰ عليه السلام
گهڻو ڳالهائڻ گناهه جو سبب بنجي ٿو، خاموش رهندڙ ئي حقيقي
دانشمند آهي. حضرت عيسيٰ عليه السلام
عقل ڪمال تي پهچي ٿو، تڏهن زبان گنگي ٿي وڃي ٿي_ حضرت علي رضي
الله تعاليٰ عنه
جتي حرام ۽ حلال، ٻئي چيزون گڏ ٿين ٿيون، اتي حرام ڪيترو به
ٿورو هجي، حلال تي غالب ئي رهندو_حضرت عمر رضه
اي ڀاءُ! الله تعاليٰ توکي، پنهنجي معرفت لاءِ پيدا ڪيو آهي، پر
تو الله کي ڇڏي ٻين جو ٿيڻ ٿو چاهين؟_حضرت عثمان
رضه
علم جي دولت جي هجڻ ڪري، ڪنهن به ماڻهوءَ الله هجڻ جي دعوا نه
ڪئي آهي، ان قسم جون دعوائون، مال ۽ دولت جي ڪري
ڪيون ويون آهن. حضرت ابوبڪر صديق رضه
سڀ کان وڌيڪ برو ماڻهو اهو آهي، جنهن کي ٻين جي برائي ڪرڻ لاءِ
فرصت ملي ٿي._حضرت عثمان رضه
پنهنجي تجربن کي حفاظت سان سنڀالڻ ۽ انهن موجب عمل ڪرڻ، انهن جي
روشنيءَ ۾ قدم وڌائڻ ئي حقيقي دانشمندي آهي. _حضرت
علي رضه
پڙهندڙن جا پيغام
”اوهان جو مضمون مشرقي شاعري جا فني قدم ۽ رجحانات، پڙهي خوشي
ٿي، اوهان جي ورق گردانيءَ عرق ريزيءَ ۽ محنت جي
ڪري اهو هڪ ادبي شاهڪار آهي. الله ڪري زور قلم اور
زياده!“ رحيمداد خان مولائي شيدائي، سکر
”رسالي مهراڻ (2_3/1946ع) ۾ اوهان جو تاريخي، تحقيقي، علمي ۽
معلوماتي مقالو مشرقي شاعري جا فني قدر ۽ رجحانات،
منهنجي نظر مان گذريو، اوهان جو حقيقتن ۽ دليلن
وارو اهو دلپسند مضمون دوباره مطالع ڪيم...مون کي
جيتريقدر ياد آهي، سنڌي زبان ۾ مشرقي شاعري جا فني
قدر ۽ رجحانات، جهڙو بلند پياه مقالو هن کان اڳ
منهنجي نظر مان نه گذريو آهي.
”سنڌي ادب جو دامن هونئن به اهڙن بي بها ۽ ناياب مضمونن کان
محروم آهي، اسان جي سنڌ ۾ سخت ۽ ڪشالن وارن ڪمن
کان هرڪو ڪيٻائيندو ۽ نٽائيندو رهيو آهي، جيڪڏهن
ڪو صاحب، سمورن ڪمن ڪارين کي پاسيرو رکي، ڏينهن جو
آرام ۽ راتين جون ننڊون ڦٽائي، نيڻن جو نور نچوئي،
ڪتابن جي دفترن کي اٿلائي، ڪا نئين ۽ نرالي شي پيش
ڪندو ته پوءِ ڪيترائي ناسمجهه ۽ نادان کيس نڙيءَ
تي ننهن ڏيئي ناڪام بنائڻ جي ڪوشش ڪندا آهن، پر
دنيا اهڙن محققن کي مان ۽ عزت سان ڏسي ٿي ۽ سندن
محنت ۽ مشقت جي داد ڏيڻ کان سواءِ رهي نٿي سگهي،
علم، ادب ۽ زبان جي صحيح خدمت صرف کوجنا ۽ ڇنڊڇاڻ
ذريعي ڪري سگهجي ٿي، ان کي موجوده ماحول ۽ هالتن
پٽاندڙ، اهڙيءَ ريت پيش ڪجي جو پڙهندڙن جي زبان
مان واه_واه جا آواز بلندر ٿيڻ لڳن.
”مان ڀانيان ٿو ته اسان جا ڪيترا دوست اوهان جي انهيءَ مضمون کي
الحاد ۽ لادينيءَ جو پرچار سمجهندا. بهرحال سڀڪو
پنهنجيءَ سمجهه پٽاندر سوچي سمجهي ٿو، منهنجو ذاتي
خيال آهي ته انهيءَ مقالي کي ڪتابي صورت۾ شايع
ڪري، سنڌيءَ جي سمورن سڄڻ جي هٿن تائين پهچايو وڃي
ته بهتر“_علي نواز وفائي، ايڊيٽر هفيتوار ”آزاد“
ڪراچي.
”رسالي جي تازي پرچي ۾ مشرقي شاعريءَ بابت جيڪا عالمانه ڇنڊڇاڻ
اوهان پنهنجي مقالي ۾ پيش ڪئي آهي، سا هڪ ايڏو وڏو
۽ علمي ڪم آهي آهي، جنهن کي پايه تڪميل تي پهچائڻ
لاءِ موجوده اديبن مان شايد ئي ڪو جرات ڪري سگهي،
دل انهيءَ ڪري ٿي جلي جو ايڏو ڪارنامي سرانجام
ڏيڻ کان پوءِ به اسان جي ڪن هيڪڙ ٻيڪڙ اديبن سرد
مهري ۽ بيقدري ڏيکاري آهي، قدردانن کي ته بهرحال
ههڙي عظيم ۽ ادبي ڪاوش جو قدر ڪرڻ گهرجي“
_عبدالڪريم ڀلي، ڳوٺ عطا محمد پلي (ضلعو ٿرپارڪر)
”اورهان جو مقالو، مشرقي شاعريءَ جا فني قدر ۽ رجحانات اها
لاثاني ۽ گرانقدر ادبي ۽ تعميري ڪاوش آهي، جيڪا
اسان جي ادبي تاريخ ۾ هڪ سنگ ميل جي حيثيت رکي ٿي،
منهنجي طرفان ۽ منهنجن اديب ساٿين طرفان مبارڪ
قبول ڪندا“ (عبدالڪريم ”گدائي“. صدر جمعيت
الشعراءِ سنڌ جيڪب آباد.
”اوهان جو مقالو مشرقي شاعري جا فني قدر ۽ رجحانات پڙهيم، هيءُ
تحرير لافاني به آهي، لاثاني به ۽ تنقيد ۽ تحقيق
جي باب ۾ هڪ شاندار اضافو به... صدين تائين ان بحث
مان استفادي جو سلسلو جاري رهندو، اهڙيءَ جاندار ۽
فڪرانگيز تحرير جو استقبال نه ڪرڻ ادبي ڪفر جي
برابر آهي.
”اوهان جي هن مقالي جي هڪ خصوصيت اهي به آهي ته ان ۾ قديم ۽
جديد فني مسئلن تي علمي انداز ۾ صحتمند نموني
۾روشني وڌي وئي آهي ۽ هر ڪنهن بحث کي عالمن ۽ محقق
جي سندن ۽ حوالن سان مدلل ڪيو ويو آهي، اهڙا ته
عميق ۽ دقيق مسئلا، احتياط ۽ اعتدال سان بيان ڪيا
ويا آهن، جن تائين ڪن ٻين محققن جي نگاهه مشڪل ئي
وئي هوندي.
اوهان جي هيءَ تحرير اسان جي ادبي زندگيءَ جي آئينه دار آهي،
جنهن ۾ شاعريءَ جي هڪ اهم روايت، ڪفريات ۽ خمريات
جي روشنيءَ ۾ اسان جي علم، فن ۽ اخلاق جو جائزو
ورتو ويو آهي، هيءُ مقالو ضرور ڪتابي صورت۾ شايع
ٿيڻ کپي“ محمد علي جوهر جنرل سيڪريٽري جمعيت
الشعراءِ سنڌ لاڙڪاڻو.
”مهراڻ جي تازي پرچي ۾ ڇپيل اوهان جو مقالو، مشرقي شاعريءَ جا
فني قدر ۽ رجحانات موجوده دور جي هڪ اهم تحرير
آهي، هي مقالو بي بها سچائين جو جراتمندانه اظهار
آهي ۽ تنقيد جي تاريخ ۾ هڪ شاندار باب جو اضافو،
اوهان جي هن مقالي کي پڙهي، سنڌي شاعريءَ جي
مستقبل ۾ جيڪو اعتبار پيدا ٿيو آهي، سو مبارڪ آهي،
اميد ته جلد ئي ان کي مڪمل ڪري، ڪتابي صورت ۾
ڇپائيندا“ امداد حسيني، سيڪريٽري بزم طالب المولا
سنڌ حيدرآباد.
”اوهان جو علمي ۽ تنقيدي مقابليو، مشرقي شاعريءَ جا فني قدر ۽
رجحانات، هڪ بيش بها شاهڪار آهي، بلڪ ائين چئجي ته
اهو هن دور جو هڪ شاندار علمي ورثو آهي، جنهن
حوصلي ۽ محبت سان اوهان اهو مقابلو لکيو آهي،
ايندڙ نسل ان کي قدر جي نگاهه سان ڏسندو. منهنجي
گذارش آهي ته اوهين هن مقالي کي مڪمل ڪري ڪتابي
صورت ۾ ڇپايو“_نياز همايوني، سيڪريٽري پاڪستان
رائيٽرس گلڊ“ سنڌ گروپ حيدرآباد.
”مشرقي شاعريءَ بابت اوهان جو مقالو سنڌي ادب ۽ شاعريءَ جي
مستقبل لاءِ هڪ بنيادي پٿر آهي، هن مقالي جو ان
طبقي دل کولي داد ڏنو آهي، جو نئين نسل تي مشمتل
آهي، روشن دل ۽ روشن دماغ آهي، جو زندگيءَ جو
ڳولائو آهي ۽ ادب کي زندگيءَ جو وسيلو تصور ڪري
ٿو... ههڙين تحريرن جي مطالعي کان پوءِ ئي اسان جو
نئون اديب هڪ نئين نگاهه سان اڀرندو ۽ نين تقاضائن
سان پاڻ کي هم آهنگ محسوس ڪندو... هي دور هر خيال
کان پريشانيءَ ۽ ڀڄ ڀڄان جو دور آهي، علم ۽ فن جي
پڙهڻ ۽ پرجهڻ لاءِ اطمينان ۽ يڪسوئي گهرجي. اوهان
کي گذارش آهي ته هن مقالي کي ڪتابي صورت ۾شايع
ڪرايو ته جيئن هر ڪو پڙهي ۽ محفوظ به رهي“ سيد
نثار حسيني، سيڪريٽري لطيف لٽرري سوسائٽي“
حيدرآباد.
مهراڻ (2_3/1964ع) اڄ ڏٺو اٿم، ڪراچيءَ ايندي، گاڏيءَ ۾ پڙهي
پورو ڪيم، سڀ کان اول اوهان کي مبارڪون هجن، ان
مضمون لکڻ لاءِ، جنهن لاءِ آءٌ منتطم هوس، آءُ
اوهان جي علم ۽ فڪر جي پختگيءَ ۽ وسعت جو ته اڳي
ئي مريد ۽ معتقد آهيان، پر هن مضمون کي پڙهي ان تي
سوچي، اوهان لاءِ منهنجي عقيدت ٻيڻي ٿي وئي آهي ۽
جي اڳي ئي ٻيڻي هئي ته هاڻ چؤڻي ٿي وئي آهي، اسان
جي هن غريب سنڌڙيءَ ۾ علم ۽ فڪر ته شايد ٻين ڪن
ماڻهن وٽ به آهي،پر فڪر جي ديانتداري ۽ علمي جرات
ته ڳاڻ ڳڻين ۾ ئي آهي، اوهان هن مصمون ۾ اهي
خصوصيتون ڪجهه اهڙي دليرانه انداز ۾ ظاهر ڪيون
آهن، جو سنڌ جو پڙهندڙ طبقو انهن کي ڪي صديون ياد
رکندو، اها ئي ته فڪر جي عظمت آهي ته ڪنهن شخصي ۽
ذاتي پسند يا ناپسند کان ڪجهه مٿڀرو ٿي محض علم ۽
فڪر کي اجاگر ڪرڻ لاءِ، ڪن اونداهين، تاريڪين ۽
ظلمتن کي منظر عام تي آڻجي ۽ ان ڪردار ادا ڪندي،
ڪن جي ڪاوڙ، غيض و غضب، دشمنين ۽دشنامن کان بي
نياز ٿي، حق ۽ سچ لاءِ ويڙهه ڪجي، اوهان ان عظمت
جو روشن ثبوت ڏنو آهي، قلم ته اهڙي قوت آهي، جا
دنيا جي انقلابن جي سبب مان هڪ اهم سبب آهي، قدرت
اوهان کي ان قوت سان ڍئي ڇڏيو آهي، ۽ اوهان ان قوت
کي ٺاهه جي ٺڳيءَ کي ڊاهڻ لاءِ ڪم آڻي، اهڙيءَ
جرات رندانه (يا جرات مجاهدانه چوان) جو ثبوت ڏنو
آهي، جا واقعي شاهه ولي الله ۽ مولانا عبيد الله
سنڌيءَ جي باغيانه روايت جي پونير آهي، منهنجي ته
هاڻ اها ئي استدعا آهي ته شعري ادب کان پوءِ، ادب
جي ٻين صنفن، افساني، ناول، مضمون ۽ تنقيد جي
موجوده معيار تي به قلم کڻو، انهن ۾ نون اديبن
جيڪي نيون راهون پيدا ڪيون آهن، انهن تي به کلي
طرح لکو. ائين به صحيح نه آهي ته ڪو نون اديبن جي
هر راهه ڪا بنهه صحيح آهي، هنن جيڪي غلطصون ڪيون
آهن، کانئن جيڪي لغزشون ٿيون آهن يا سندن قن جي
ڪمزورين کي نياپو پناهه ڏني آهي، نهن کي به سندن
ڌيان تي آڻيو ۽ کين عالمانه مشورو ڏيو، اوهان جي
صلاح ۽ راءِ جيئن ته ديانتدارانه هوندي، ان ڪري
نوان لکندڙ ۽ مستقبل جا اديب انهن ڪمزورين جي کڏن
کوٻن کان پاڻ بچائي سگهندا، سنڌي، توڙي ڪن ٻين
زبانن جي ادب تي منهنجي جيڪا ٿوري نظر آهي، ان جي
بنا تي آءٌ اوهان سان متفق آهيان ته اسان جو نئون
ادب سنڌي ٻوليءَ جي نشات ثانيه آهي ”سراج ڪراچي“
”مشرقي شاعريءَ جا فني قدر ۽ رجحانات، مقالي لکڻ تي گهڻيون
گهڻيون مبارڪون سنچ ته توهان جو اهو مقالو سنڌي
تنقيد جي تاريخ ۾ هڪ حد نشان آهي ۽ صحيح ۽ صحتمند
سچائيءَ ۽ صاف گوئيءَ واريءَ تنقيد ۾ هڪ نئون
اضافو آهي، جيڪو گهڻن ئي جڙتو نقادن جون اکيون
کوليندو. ”آتم ايڊيٽر ماهوار ”نئين دنيا“ بمبئي.
”مهراڻ جو تازو پروچو (2_3/1964ع) مليو، اوهان جو مضمون، مشرقي
شاعريءَ جا فني قدم ۽ رجحانات قابل تعريف آهن،
اسان جي سنڌي ادب ۾ تنقيد دوران جيڪي (ناقدن جي
خيال موجب) قابل اعتراض نڪتا سمجهايا ويا آهن،
انهن جو رد اوهان پنهنجي فاضلانه مقالي ۾ ڏئي ڇڏيو
آهي، ان کان بهتر جواب ۽ گڏوگڏ سنڌي ادب جي فڪري
رجحانن تي تفصيلي بحث اڃا تائين ڪنهن نه لکيو
آهي“محمد اسماعيل سيخ حيدرآباد.
”اوهان جو مقالو مشرقي شاعريءَ جا فني قدر ۽ رجحانات هن پرچي جي
جان آهي، ڇا تحقيق ڇا دقت نظر، ڇا وسيع النظري، ڇا
وسيع القلبي، ڇا فقه داني، ڇا تصوف شناسي، ڇا زهد
۽ تقوا جا مسئلا ڇا ڪفر ۽ الحاد جي ڇنڊڇاڻ ڇا
ڪميونزم، ڇا مارڪسزم، ڇا قديم، ڇا جديد، ڇا
عربانيت، ڇا فحاشي، ڇا رنڊي، ڇا قلندري، ڇا ادب
براي ادب جي اپٽار، ڇا ادب براي حيات جو تذڪرو_
عاجز آهيان ته ڪهڙي ڳالهه لکان! ڪيئن ٿا لکيو ۽
ڪيترو ٿا لکو! آفرين چوان يا مرحبا؟ مبارڪباد پيش
ڪريان يا تحسين” اوهان جا مڃيل ادبي شخصيت ۽ ڀاري
قلم کان سنڌي زبان ۽ ادب ته گهڻو ڪجهه لهڻي، مضمون
جي حرف آخر پڙهڻ کان پوءِ هڪ غير يقيني انتظار
پيدا ٿي چڪو آهي، الاجي هيءَ مضمون پنهنجي
”باقيات صالحات“ سوڌو ڪتابي صورت ۾ ڪڏهن پسبو،
جيڪڏهن سنڌيءَ جا سڀ اهل قل، گرامي ٿي پون يا ڪم
از ڪم گراميءَ جهڙو انصاف ڪرڻ سکن ته پوءِ اسان جو
جديد ادب جيڪر لعلون نه اوڳاڇڻ شروع ڪري! پر افسوس
جو ائين ٿيڻ جي مستقبل قريب ۾ ڪا اميد ڪانهي،
سنڌي، اردو، سرائڪي، عربي ۽ فارسي شاعريءَ تي هڪ
ئي وقت ۾ جنهن نئين ۽ پرمغز اندا سان سوچيو اٿو،
بيشڪ اهو اوهان جو ئي حصو آهي، ڌڻي خوش رکيو، نئين
نسل تي ٻاجهه جو هٿڙو ڦيڙڻ بزرگي ته آهي ئي پر
اڻسڌو يا سڌيءَ طرح ان جو جيڪو نتيجو برآمد ٿيندو،
اهو سنڌي شاعريءَ لاءِ ۽ خصوصن جديد شاعري لاءِ
نهايت ئي نيڪ فال هوندو“ نياز علي شاهه محسن ڪڪڙ.
”مشرقي شاعريءَ جي فني قدرن ۽ رجحانن بابت شاندار مقالو لکي ادب
۽ فن جي بنيادي مقصدن کي نئين نسل جي لکندڙن اڳيان
نمايان ڪرڻ لاءِ، اوهان جنهن جفاڪشيءَ کان ڪم ورتو
آهي، تنهن لاءِ دلي مبارڪباد قبول ڪندا“ محمد
عثمان ڏيپلائي حيدرآباد.
”مهراڻ جي تازي پرچي ۾ اوهان جو مقالو مشرقي شاعريءَ جا فني قدر
۽ رجحانات، پڙهي اوهان کي دعائون ڪيم، ههڙي مقالي
جي هن وقت گهڻي گهرج هئي، موجوده اديبن لاءِ
پنهنجي ادب تي نئين نظر وجهڻ، ان کي سمجهڻ ۽ وڌائڻ
جي ڏس ۾ هي مقالو بيشڪ هڪڙو رهبر ثابت ٿيندو، جديد
ادب ڪيتريقدر پنهنجي ماضيءَ سان متلق آهي، تنهن جو
پتو اوهان جي مقالي مان پوي ٿو ۽ مستقبل جا نسل ان
جو گهڻو قرد ڪندا” محسن عباسي ٺٽو.
”مشرقي شاعريءَ بابت اوهان جي لکيل پرمغز مقالي مان نه رڳو
سنڌيءَ جي اديبن کي پنهنجين ڪلاسيڪي روايتن جي خبر
پوندي بلڪ بين الاقوامي قدرن ۽ رحجانن کان به هو
واقف ٿيندا... اوهان جي اها ڪوشش ايندڙ ادبي دور
لاءِ نئون موڙ ثابت ٿيندي“ رسول بخش پليجو
حيدرآباد.
”اوهان جو مقالو مشرقي شاعريءَ جا فني قدر ۽ رجحانات، پڙهيم،
ڏاڍو وڻيم... جيڪڏهن اوهان جون سڀ تصنفيون (بفرض
محال) گم ٿي وڃن ۽ فقط هيءُ هڪڙو مقالو وڃي رهي ته
پوءِ به اهو ثبوت موجود رهندو ته ان جي لکندڙ هڪڙو
وڏو عالم، وڏو اديب ۽ وڏو نقاد آهي... اوهان جو
مقالو نه فقط سنڌيي ادب ۾ هڪ شاهڪار جي حيثيت رکي
ٿو بلڪ اڄ جي اديبن لاءِ هڪ دعوت فڪر پڻ آهي،
شاعريءَ کي فني نظر سان ڏسڻ ۽ سمجهڻ ۽ ماحول جي
اثرن ۽ تقاضائن کي ناقدانه نگاهه سان پروڙڻ لاءِ
جيترو مواد هن مقالي ۾ آهي، سو ڪوزي ۾ درياهه جي
مثال آهي، ڪاش، مقالي جي علمي ۽ فڪري حيٿيت ڏانهن
اديبن جو توجهه وڃي!_سيد احمد شاهه ”استاد“ بخاري
دادو.
”مشرقي شاعريءَ جا فني قدر ۽ رجحانات، سنڌيءَ جي موجوده تنقيدي
ادب ۾ اول درجي جو مقالو آهي، اوهان هن مضمون
وسيلي، جديد ادب متعلق پکڙيل بي بنياد سڪن ۽
الزامن جو سهڻي انداز ۾ رد پيش ڪيو آهي، منهنجي
خيال ۾ هي مضمون ادبي دنيا ۾ وڏو انقلاب آڻيندو.
”اسان جي شاعري جو نوجوان دماغ وارو طبقو ته اڳي ئي وقت جي
تقاضائن ۽ نون قدرن کي سمجهي چڪو آهي، پر اوهان جي
هن مضمون جي پڙهڻ کان پوءِ قديم ۽ ڪراڙي ذهنيت
وارن کي به پنهنجن خيالن ۾ ڦيرو آڻڻو پوندو“ آثم
ناٿنشاهي، خيرپورناٿن شاهه.
”مهراڻ پنهنجيءَ دوسن ۽ تابناڪ، فني ۽ علمي روايت سان شايع ٿيو
آهي، هميشه جيان، هي پرچو به مجموعي طرح جاندار ۽
شاندار آهي، اوهان جو مشرقي شاعريءَ وارو مقالو
هن پرچي جو روح آهي، اوهان شاعريءَ جي فني ڇنڊڇاڻ
ڪندي، ان جي هڪ روايت تي جيڪا محنت ڪئي آهي، سان
فخر جي لائقي آهي...
”ادب ۽ معاشري جي باهمي تعلق ۾ ڪو بصيرت افروز ربطه هئڻ گهرجي،
زندگيءَ جي مختلف ۽ متضاد نظرين ۽ علمن ۾ ڪا
اندروني مناسبت هئڻ گهرجي؛ ائين ته هرڪو چوندو
رهيو آهي، پر اها چيز اڃا تائين علمي دنيا ۾ نه
آئي آهي ته آخر زندگيءَ جو اهو ڪهڙو اصول آهي، جو
اصلاح ۽ انقلاب جو جامع نظام رکي ٿو ۽ شاعريءَ جي
فن جا اهي ڪهڙا اصطلاح آهن، جن جي تاويل جي
روشنيءَ ۾ اسين پنهنجي شاعريءَ جي دفتر کي مطالع
ڪري سگهون ۽ ان مان اصلاحي ۽ اخلاقي، صحتمند ۽
مفيد نتيجا ڪڍي سگون، جن جي روشنيءَ ۾ اول هڪ فرد
جي اصلاح ٿئي ٿي ۽ پوءِ ساري سماج جي: آءٌ هن علمي
ڪاوشن کي اعليٰ ادب ۾ صف اول جي معياري چيز
سمجهان ٿو“ نواب حيدر علي خان لغاري تاجپور (تعلقو
هالا)
”مهراڻ جي تازي پرچي ۾ مضمونن جو سارو حصو علم ۽ فڪر جي مختلف
مسئلن تي مشتمل آهي، خاص ڪري اوهان جو مقالو،
مشرقي شاعريءَ جا فني قدر ۽ رجحانات“ هن وقت جي هڪ
عظيم تخليق آهن، سا هڪ نئين روايت آهي، اهو سارو
بحث جيتوڻيڪ رڳو شاعريءِ جي هڪ فني روايت تي ٻڌل
آهي، پر ان سان گڏ ڪيئي اصلاحي ۽ سماجي، ادبي ۽
اخلاقي مسئلا به اچي ويا آهن، مقالي جي افاديت ۽
ديرپا اثر کي نظر ۾ رکني ائين چوڻ کان رهي نٿو
سگهان ته سنڌي ادب ۾ اهو هڪ فڪري تحريڪ جو پيش
خيمو آهي، اڳتي هلي، قديم ۽ جديد ادب جي ڇنڊڇاڻ ۽
تجزيي جي مرحلي تي، ايندڙ ناقد هن علمي ورثي کان
سواءِ قلم کڻي نه سگهندا. اوهان جي هيءُ مقالو
جديد ادب جو محافظ آهي، اميد ته ”مهراڻ“ جيئن پوءِ
تيئن ترقي ڪندو رهندو“ قاضي خادم، حيدرآباد
”مشرقيءَ شاعري جا فني قدر ۽ رجحانات“ واري مقالي ۾ اسان جي
مشرقي شاعريءَ جو فني نموني ۾ روح سمايل آهي،
اوهان ايتري وسيع مطالعو ڪري، نور نچوئي، قديم ۽
جديد شاعرن جا بيشمار حوالا ڏئي اهڙو مثال قائم
ڪيو آهي، جو هن کان اڳ ڪنهن به نه ڪيو آهي ۽ نه ئي
موجوده وقت ۾ ٻئي ڪنهن کان ٿيندو، هن مقالي جي
علمي ۽ فني حيثيت جا اها تقاضا آهي ته ان کي مڪمل
ڪري، جلد ڪتابي صورت ۾ شايع ڪيو وڃي.“ محمد دائود
بلوچ حيدرآباد.
_...اوهين مبارڪ جا مستحق آهيو جو اهڙو مشڪل ڪم پاڻ تي کنيو ۽
ٺوس دليلن سان، واضع نموني ۾ هڪ علمي مضمون ۾ اهو
ثابت ڪري ڏيکاريو ته جديد شاعرن جي نظرين ۽ شعرن
جي ڪيتري نه قديم شاعرن جي نظرين ۽ شعرن سان
هڪجهڙائي آهي“ صاحب خان چنا (ايم بي، ايل ايل بي
فائنل) حيدرآباد.
”مشرقي شاعريءَ بابت اوهان جي لکيل مقالي جي مطالعي کان پوءِ
اوهان جي ان مقالي ۾ جيڪا ڪدو ڪاوش، جان سوز محنت
۽ تحقيق ۽ ڇنڊڇاڻ ڏسڻ ۾ آئي، سان اوهان جو ئي حصو
آهي، اوهان جو مضمون خود ئي تحسين ۽ تعريف جو
نافهء عالم ڪشاد آهي، ان ڪري پنهنجي پاران اوهان
کي مبارڪ ڏيڻ گويا سج کي ڏئي ڏيکارڻ جي مترادف
ٿيندو...
”اوهان جو هيءُ انمول مضمون اسان جي طريقت جو صحيح ترجمان آهي،
تنهن ڪري آءُ پنهنجي طريقي ۽ علمي برادريءَ ۾ ان
جو پرچار محبت ۽ خلوص ڀريل دل سان ڪندس. تصوف جو
هيءَ هڪ اهڙو علمي شاهڪار آهي، جو شايد هن کان اڳ
اهڙو جامع گلدستو ٻيءَ ڪنهن زبان ۾ ڇپيل نه هوندو،
تنهن ڪري پنهنجي هن مقالي کي، باقي رهيل مواد
اسميت ڪنهن عمدي نموني سان ڪتابي صورت ۾ پيش ڪرڻ
جو انتظام ڪندا. ڊاڪٽر آزاد احمد آبادي، لنواري
شريف.
”مشرقي شاعريءَ جي دفتر ۾ اوهان جيڪو تنقيدي اضافو ڪيو
آهي، سو هن ناقد رشناسيءَ جي دور ۾ ٻئي ڪنهن به
عالم کان شايد نه پڄي، اوهان جو مقالو، مشرقي
شاعريءَ جا فني قدر ۽ رجحانات“ نئين نسل کي فڪر ۽
انداز جي نين راهن ڏيکارڻ جي سلسلي ۾ اعليٰ معاون
ثابت ٿيندو. هن قسم جون شيون اسان جي ادب ۾ لکيون
ئي ڪين ويون آهن. پر هر ڪنهن اهڙي ڪوشش ورتي به
آهي ته اها تمام گهٽ ۽ سطحي آهي...
اسان جا ڪي نام نهاد نقاد، جيڪي گهڻو ڪري توهمات ۽
مفروضات جي فضا ۾ لفظن جي لغڙبازي ڪري ڄاڻن، تن
لاءِ هيءَ بحث علمي نشترن ۽ فني ڀالن سان ڀريل
آهي، ڪاش، هو سنجيدگيءَ سان هن مقالي جو مطالعو
ڪن!... جديد ادب جي فن ۽ پسمنظر کي سمجهڻ لاءِ
هيءَ مقالو گويا بنياد ثابت ٿيند.“_راڄ محمد
”جمال“ پلي ڳوٺ خانصاحب عطا محمد پلي (تعلقو
عمرڪوٽ).
”مهراڻ جو تازو ضخيم پرچو موصول ٿيو، پرچي جي نزاڪت جي
ڇا ڳالهه ڪجي! سچ پچ ته اوهان صاحبن سنڌي زبان جي
جيڪا خدمت سرانجام ڏني آهي، اها تاريخ جي ورقن
۾سدائين زنده رهندي...
هن مهراڻ جي پرچي ۾ اوهان جيڪو مقالو مشرقي شاعريءَ جي
فني قدر ۽ رجحانات قلمبند فرمايا آهن، سو قابل
تحسين آهي، اسين سچ پچ ته اهڙين تحقيقن کان ناآشنا
هئاسون، جيڪي اوهان جي قلم مان روان ٿي اسان تائين
پهتون آهن” محمد موسيٰ ٻيلوي.
انسان جي زندگيءَ جو مقصد هونئن به بلند آهي،
انسان جو مقام ۽ منصب هن ڪائنات ۾اهو آهي ته هو هن
ڪائنات کي سينگاري ۽ سنواري ان ۾ حسن ۽ دلڪشي پيدا
ڪري، ان جي خزانن کي کولي ۽ ان ۾ ڪيف پيدا ڪري شر
کي دفع ڪري ۽ خير کي فروغ ڏئي، اسان کي توهمات ۽
خرافات جي زنجيرن مان آزاد ڪري، کين روان ۽ دوان
ڪري، هلڻ سيکاري ۽ هلائي ۽ ان ۾ امنگ ۽ ولولو پيدا
ڪري، انسان جي جبلي ۽ فطري خواهشات جو هڪ حد تائين
احترام ڪري، ان کي درست ۽ جائز حدن ۾ استعمال ڪري،
فساد کي مٽائي ۽ امن پيدا ڪري ۽ ظلم ڏاڍ سان وڙهي،
عدل ۽ انصاف لاءِ ڪوشش ڪري.“
شاعر ڪنهن کي نٿا معاف ڪن، نه عوام ۽ خواص کي نه وزير ۽
امير کي، نه شاهه ۽ شهنشاهه کي نه فقير ۽ گدا کي
نه محتسب ۽ مفتي کي نه ملا ۽ مولويءَ کي، جن جي
زندگي آهي، مشيني ۽ خشڪ اگر ان ۾ روح نه پيدا ٿيو
ته پوءِ اها موت کان بدتر آهي، هونئن به زندگي خشڪ
۽ مرده چيز آهي، ان جي بيحسيءَ ۽ مردگيءَ، جمود ۽
خشڪيءَ کي ٽوڙڻ لاءِ ضروري آهي ته منجهس احساس ۽
بصيرت، رنگيني ۽ شيريني به ڪنهن حد تائين پيدا
ٿئي، ان سوز ۽ ساز، ڪيف ۽ ذوق، وجدانيات ۽ جماليات
جا ڪجهه اثر ۽ نقش ڀريا وڃن، رڳو رهبانيت ۽ ٻڌزم
واري ترڪ دنيا تي پوري انسانذات هلي ڪا نه ٿي
سگهي. |