استاد بخاري
(1)
ڪير آهه ٿو ماحول سڄو بدلائي؟
ڪير آهه ٿو هر ذرو ذرو بدلائي؟
آ حضرت انسان هي: آهي ڪوئي،
هن کي به نئين شان ۾ جو بدلائي؟
(2)
ڪير آهه ٿو لوهن کي ڊڪڻ سيکاري؟
ڪير آهه ٿو نانگن کي نچڻ سيکاري؟
آ حضرت انسان هي: آهي ڪوئي،
هن کي به ته انسان ٿيڻ سيکاري!
(3)
ڪير آهه جيڪو صاحب ايجاد آهي؟
برباد جهان ڪنهن ڪيو آباد آهي؟
آ حضرت انسان هي: پر هن وٽ،
مظلوم پڪارن جو به ڪو داد آهي؟
(4)
ڪنهن آهه هماليا جي ڪئي سر چوٽي؟
ڪير آهه خلاف مان ٿو اچي پيو موٽي؟
آ حضرت انسان هي: هن ئي آهي
دنيا جي تباهيءَ لئه وڏي کڏ کوٽي!
(5)
سامان تباهي تي ڪروڙين رقمون،
خرچن ٿيون خوشيءَ سان ڌڙاڌڙ قومون،
گولين ۽ بمن لاءِ خزانا کليل،
ڪو ڏوهه ڪيو آهه فقط تو ۽ مون!
(6)
ها، ماڪ سان گڏ آب وهائي ڪوئي،
۽ واءٌ سان گڏ ڌوڙ وسائي ڪوئي،
انسانيت آهي ڪٺي انسان خود،
ماتم ملي فطرت سان مچائي ڪوئي!
وفا ناٿن
شاهي
(1)
هندوءَ کي نه ڳوليو، نه مسلمان ڳوليو،
ڳوليو هنه فرشتا، نه ئي يزدان ڳوليو،
هر چيز ٻي ڳولڻ سان لڀي ويندي پر
انسان لڀي ڪو نه ٿو، انسان ڳوليو!
(2)
بيداغ جوانين تي ذرا رحم ڪجو،
معصوم ڪهانين تي ذرا رحم ڪجو:
انسان جي عظمت جا خريدارو! ڪجهه،
حوا جي نشانين تي ذرا رحم ڪجو!
(3)
اکين ۾ ڪجل، مرڪ چپن تي ڪانهي،
زلفن ۾ ڪشش، سرخي ڳلن تي ڪانهي:
مانوس ڏکن سان ٿي وئي آهين ڇا؟
يادسترسي تنهنجي سکن تي ڪانهي!
آثم ناٿن
شاهي
(1)
انسان کي ذي شان ۽ ذي جاهه ڪريون،
نادان کي زياده ته نه گمراهه ڪريون،
انسان ته الله کان واقف آهي،
انسان کي انسان کان آگاهه ڪريو.
(2)
سيني جا جڏهن ريش پون ٿا جاڳي،
چنبن جا تڏهن نيش پون ٿاجاڳي،
ان وقت ستمگر ٿا گهرن امن و امان،
جنهن وقت ستم ڪيش پون ٿا جاڳي.
(3)
برباد مقامات وسائي وجهندا،
کنڊر ۽ خرابات وسائي وجندا،
جي دل جي ٺهيا ٻاڦ مان آهن، بادل،
هڪ ڏينهن سي برسات وسائي وجهندا.
(4)
جنهن ڏينهن کان احساس ڦري ويو آهي،
انسان جو اڀياس پري ويو آهي،
افراط تحير ۽ هراسان چهرا،
ڄڻ ملڪ ۾ راڪاس ڦري ويو آهي!
نـــيـــون طـــرزون
هري دلگير
(ترائيل)
(1)
ساڻ تون انهه، جڏهن آءُ اڪيلو آهيان،
خوب دلڪش ٿو لڳيعيش اڪيلائيءَ جو،
توکي دل کولي ڪريان پيار، جئين ڀي چاهيان،
ساڻ تون آنهه، جڏهن آءٌ اڪيلو آهيان.
رنگ هڪڙي منجهان ست رنگ جدا ٿو ٺاهيان،
انڊلٺ مثل لڳي روپ ٿو، تنهائيءُ جو:
ساڻ تون آنهه، جڏهن آءٌ اڪيلو آهيان،
خوب دلڪش ٿو لڳي عيش اڪيلائيءَ جو.
(2)
جو ڏنو مون کي اٿئي، تو کي اهو ارپيان ٿو،
هي ٻه_ٽي لڙڪ، ٻه ٽي گيت اڌورا آهن:
ميڙي چونڊي جا اٿم، تو کي اها آڇيان ٿو،
جو ڏنو مون کي اٿئي، تو کي اهو ارپيان ٿو.
تو کي ارپيان ٿو ته ڏس، ڪيترو مان خوش ٿيان ٿيو،
گرچ تو واسطي ويڙٿ هي سمورا آهن:
جو ڏنو مون کي اٿئي، تو کي اهو ارپيان ٿو،
هي ٻه_ٽي لڙڪ، ٻه_ٽي گيت اڌورا آهن.
لڇمڻ ڀاٽيا ”ڪومل“
(ترائيل)
مان به ڄاڻان ٿو محبت جو ته انجام، اي دل،
وقت سان گڏ ته هر هڪ چيز بدلبي ٿي رهي،
نه ڪليءَ کي ٿي ڪڏهن پريت ڀونئر جي حاصل،
مان به ڄاڻان ٿو محبت جو ته انجام، اي دل.
ڪيئن نه ارمان ٿيا، اجڙيو اميدن جو محل،
هاءِ، چاهت ڇو جئڻ جي هاڻ گهٽبي ٿي رهي:
مان به ڄاڻان ٿو محبت جو ته انجام، اي دل،
وقت سان گڏ ته هر هڪ چيز بدلبي ٿي رهي!
آنچل
(سانيٽ)
عشق هڪ روڳ سهي، ان جو ڪو دارون هوندو_
رات جو اٽڪيون نگاهون ٿيون رهن تارن ۾،
ڏينهن مصروف رهي خام ٿو ويچارن ۾:
ڪو ته هوندو جو انهيءَ درد جو ڄاڻو هوندو!
جان ۾ جان آ جيسين نه ڪندس پيار وري،
عشق بيڪار جوانن جي بڻي مشغولي،
روح کي جنهن مان نه فرصت آ ڪڏهن حاصل ٿي،
مور ڀلجي به ڪندس ڪين اکيون چار وري.
اٺسٺا اهڙا نه افسوس ٿيا پورا منهنجا،
ڪنهن جو ديدار ڪري دل کي اڀاريو اڌمن،
ٿي وئي تيز نئين سر سا پراڻي ڌڙڪن،
حسن جاڳايا ستل جذبا سمورا منهنجا.
ڪير آهي جو ڀلا پنهنجي پرولي ڦولهي،
عشق هر وقت جوان آهي_جوان ڇو آهي؟
نعيم دريشاڻي
(هيڪونما)
رات چنڊ اک هڻي چيو، اڙي ڪوي!
پيار ۾ پگهريل جوڙا مست،
آءُ ته ڪڏهن هلي ڏسون لڪي چوري.
ڪاري رات ٽاريءَ تي چٻرو چپ چاپ،
واجهائيندي شڪار لئه ويٺو ڪري،
جيون ۾ موت درميان فاصلي جي ماپ،
ڏينهن رات ان سوچ جهوريو منهنجي جيءُ،
تو کان وڇڙيم، ڪو ما، مٺڙا سائين،
ڪئن سهبا سنڌ جا نيٺ ڳڱ سيءَ،
دريءَ تي کڙڪو ڪيو رات اچي چانڊاڻ:
ڇا ٿو پڙهين؟ پيٿالوجي! ڀوڪ، (پيٿالوجي=
بيمارين جي سائنس)
اڄ ٻاهر ڪريون ڪا سڪ ڀري رهاڻ!،
پن انڌا، پن ٻوڙا، ون بنا زبان،
تــه بــه ســـــنــــــدن رڳ ۾
پيا ڌڙڪن ڪيترا جڳهه، ڪيترا نوان گيان.
اجرا تو سمان هي بارش، ڌوتا پن،
ڏڪن ڪنبن، واءَ لڳي، جئن،
منهنجين ٻانهن ۾ سندءِ پٽ، جهڙو بدن.
لڏيو هتان اي ڪاپريو، ڪو ڳوليون آسمان_
هن ڌرتيءَ تي مرڪ پاپ،
هن ڪلجڳ ۾ جيئڻ پڻ آهي، بهتان،
منهنجي زندگي آهي ڄڻ ته هڪ ڪتاب،
جنهن جو تون مهاڳ، پرين،
جنهن جو تو آهي، پڻ آخرين بابت.
گوتم وانگر آءٌ ڪريان جيڪر جڳ تياڳ،
پٿرن سان پيار ڪريان کوڙ،
رنگ برنگي گلن مان جوڙيان نت نوان راڳ.
منهنجي هرڪا وک نئون هڪ جهان،
منهنجي گيت خسيس شيون، جئن:
چنڊ، اڀ، پن، گل، سمنڊ، ٻيڙي، بادبان.
اعليٰ درجي جي تنقيد فقط اعليٰ درجي جي ذهنن جي
پيداوار هوندي آهي، تنقيد نگار جي ذهني سطح جڏهن
هڪڙي مفڪر، فيلسوف، سائنسدان ۽ هڪڙي فنڪار جي ذهني
سطح جي برابري هوندي، تڏهن ئي سندس پهچ انهيءَ
خليقي عمل تائين ٿي سگهندي، جنهن مان گذري، ڪو فني
ڪارنامو وجود ۾ اچي ٿو، انهيءَ ڪري، تنقيد کان
وڌيڪ جان جو کي جو ڪم ٻيو ڪو به ڪو نه آهي، تنقيد
لکڻ، پنهنجو پاڻ کي وڏيءَ آزمائش ۾ وجهڻ آهي،
پنهنجو پاڻ کي نقاد چوڻ لاءِ تمام وڏي دل درڪار
آهي.
- خليل الرحمان اعظمي ”فڪر ۽ فن“.
جيستائين ڪنهن شخص روئي روئي اکيون نه سڄايون آهن،
۽ ان سان گڏ پنهنجين راتين کي آه و فغان سان
هلائيندي، صبح جي روشنيءَ سان همڪنار نه ڪيو آهي،
تيستائين هو ڪنهن به حقيقت جو رازدان ٿي نٿو سگهي“
(هڪ جرمن شاعر)
آغا سليم
” رت ورنو روءِ - “
(ناولٽ جو هڪ باب)
ڪريم گهڻو ڪري هر روق منهنجي ڪمري ۾ ايندو آهي ۽ مجموعي باز
ماڻهن واري لهجي ۾، ڪڏهن ارب تي گفتگو ڪنديو آهي
ته ڪڏهن اشتراڪيت تي، هونئن ته خدا کي ڪو نه مڃي،
پر زڪام به ٿي پوندو اٿس ته خدا کان روئي دعائون
گهرندو آهي، مان ماٺ ڪري هن جي گفتگو ٻڌندو آهيان،
هڪڙي ڏينهن هو مون نه آيو، منهنجي دل ۾ ڏاڍي اداس
هئي، سو هن وٽ هليو ويس، مون جيئن ئي سندس ڪمري ۾
قدم رکيو ته سامهون ڪرسيءَ تي هڪڙي سهڻي ۽ نوجوان
ڇوڪري ويٺل ڏٺم، مان ان ڇوڪريءَ کي ڏسي پٺتي موٽڻ
لڳس ته ڪريم سڏ ڪيو، اڙي ڪيڏانهن ٿو وڃي! هلي آءُ
ته عذرا سان ملايانءِ. ”هيءَ آيه مس عذرا. منهنجي
دوست آهي ۽ اسان جي ڪاليج ۾ بي اي جي آخري سال ۾
پڙهندي... ۽ مس عذرا!“ هن ان ڇوڪريءَ کي مخاطب
ٿيندي چيو ”هي منهنجو دوست سلطان آهي، تمام وڏو
ليکڪ آهي، پر سندس قدر نٿو ڪيو وڃي ۽ مان سمجهان
ٿو ته اها ئي سندس وڏائي جي نشاني آهي“ مون هن کي
سلام ڪيو ۽ هن به شرمائيندي شرم ٻوٽيءَ جيان
پنهنجو پاڻ ۾ لڪندي، سلام جو جواب ڏنو، مان ڪريم
جي پلنگ جي ڀر ۾ پيل ڪرسيءَ تي ويهي رهيس ۽ پنهنجي
بدحواسيءَ کي لڪائڻ لاءِ (مان عورت جي سامهون
مهيشه بدحوالي ٿي ويندو آهيان) سگريٽ ڪڍي دکايم ۽
هڪٻئي پويان سوٽا هڻن لڳس،
ڪمري ۾ خاموشي ڇانئجي وئي هئي، ڪريم خاموشيءُ کي ٽوڙيندي چيو
”مان سمجهان ٿو ته پيار جا به ڪي قدر ٿيندا آهن.
انهن قدرن جي تقاضا اها آهي ته ڊاڪٽر مريضه سان ۽
پروفيسر کيس شاگرد ڇوڪريءَ سان پيار ڪرڻ نه گهرجي،
پر اسان جي پيار اهي سڀئي قدر ٽوڙي ڇڏيا آهن“ ائين
چئي، ڪريم شرير مرڪ سان عذرا ڏانهن نهاريو ۽ عذرا
شرم ۾ ٻڏي وئي.
مون پهريون دفعو غور سان عذرا ڏانهن ڏٺو، عذرا جو بدن ڀريل ۽
زرخيز هو، سندس چهرو ڪتابي، رنگ اڇو ۽ چپ ٿورا
ٿلهڙا هئس، پر اهڙا ته ڳاڙها جو ائين ٿي لڳو ته
ڄاڻ انهن مان رس ڦاٽي ۽ ٽمڻ لڳندي. هن جون اکيون
سهڻيون ته هيون، پر ڏاڍيون اداس ۽ ويڳاڻيون ٿي
لڳيون، سندس چهري تي ايتري ته مظلوميت ڇانيل هئي
جو ائين ٿي محسوس ٿيو، ڄڻ روئي ڏئي، سچ پڇ ته
سندس سهڻو ڪتابي چهرو قبر جي ڪتبي جيان ٿي لڳو،
مون کي پاڻ ڏانهن نهاريندي ڏسي، هوءَ گهٻرائجي وئي
۽ يڪدم اٿندي چيائين ”مان ڀلا هلان ٿي“
ڪريم هن کي وڌيڪ ويهڻ لاءِ نه چيو ۽ دروازي تائين ڇڏڻ لاءِ ساڻس
گڏ هليو ويو ۽ مان اڪيلائيءَ ۾ هن جي ويران، اداس
۽ ويڳاڻين اکين ۽ قبر جي ڪتبي جهڙي چهري جي باري ۾
سوچڻ لڳيس، هوءَ جوان جماڻ ۽ حسين هئي، پر سندس
اکڙين ۾ اداسائي جي اونداهي ڇو هئي؟ سندس چنڊ جهڙي
چهري تي مظلوميت جي گرهڻ ڇو هئي ”جوانيءَ ۾ ته
انسان جو چهرو جواب جذبن ۽ البيلين خواهشن جي
اولڙي ۾ پيو ٻهڪندو آهي، پر هن جو چهرو اجهاميل ڇو
هو؟
مان اڃان انهن ئي خيالن ۾ هوس ته ڪريم موٽي آيو، اچڻ سان، ڪٻٽ
مان سستي ۽ واهيات ديسي وسڪيءَ جي بوتل ڪڍيائين ۽
ٻه گلاس تيارڪري، پنهنجو گلاس هڪ ئي ڳيت سان خالي
ڪري ڇڏيائين، چپن تان وسڪيءَ جي ڪوڙاڻ چٽيندي، هن
سگريٽ دکايو ۽ سوٽو هڻندي، ڏاڍي ڏکويل آواز سان
چيائين ”يار، ڪڏهن ڪڏهن سوچيندو آهيان ته مان شراب
ڇو ٿو پيئان“ شايد ان لاءِ ٿو پيئان جو شراب کان
سواءِ زندگي جو عذاب برداشت ڪري نٿو سگهان، اڄ جي
دور جي مهذب انسان جو سڀ کان وڌڪ عذاب اهو آهي جو
هو ڪوڙو آهي، سندس خيلا، ويچار، جذبا ۽ احساس، سڀ
ڪوڙا آهن، اسان پنهنجين جبلتن کي ماري ڇڏيو آهي ۽
عقل جي زندگي ٿا گهاريون. مان پڇان ٿو ته عقل آهي
ڇا؟ ٻه چار اوڳاڇيل نظريا، ٻه چار تڏ کاڌل ڪتاب ۽
ڪجهه ڪوڙهيل لفظ! تهذين کان وڏو ڪوڙ ٻيو ٿي به
ڪهڙي ٿو سگهي” هڪ هٿ سان هيروشما ٿي بم اڇلائيندڙ
انسان، ٻئي هٿ سان امن جو ڪبوتر ٿو اڏائي: اهو
عقل مان پيدا ٿيندڙ تهذيب جو ڪمال آهي، ان تهذيب،
ان ڪوڙ، اسان جي جبلتن کي ايترو ته نستو ڪري ڇڏيو
آهي جو اسين نه ته محبت ٿا ڪري سگهون ۽ نه نفرت،
ڇاڪاڻ جو محبت ۽ نفرت جهڙن بي پناهه ۽ زبردست
جذبن لاءِ سچائيءَ جي ضرورت آهي، جيڪڏهن اسين نفرت
وچان ناگاسائيءَ کي ناس ڪريون ها ته مان هوند اڄ
جي مهذب انسان کي ڏوهه نه ڏيان ها، ڇاڪاڻ ته اهڙي
زبردست نفرت ڪرڻ وارو انسان اهڙي ئي زبردست محبت
به ڪري سگهي ٿو ۽ هزارين هيروشيما تعمير ڪري سگهي
ٿو، پر اسان ته ڊ، حراس ۽ بدحواسيءَ وچان
ناگاساڪيءَ کي ناس ڪيو، انڪري جو اسين ڪوڙا آهيون،
اسان جي نفرت ۽ محبت ڪوڙي آهي!“
هن سگريٽ جو سوٽو هنيو ۽ وات ماندونهون ڪڍندي چيائين ”گهڻا اهڙا
به ماڻهو آهن، جن سان مان ملڻ پسند نه ڪندو آهيان،
پر جڏهن هنن سان ملندو آهيان ته مرڪي ملندو آهيان،
ان ڪري جو تهذيب جي اها ئي تقاضا آهي، پر اها
تقاضا ڪيڏي نه ڪوڙي آهي! ائين، تهذيب جون ڪوڙيون
تقاضائون پوريون ڪري ڪري، اسين پنهنجي روح جي ساري
سچائي وڃائي ٿا ويهون، پنهنجن جذبن، احساسن ۽ روح
جي وڃايل ان سچائيءَ کي حاصل ڪرڻ لاءِ ئي مان شراب
پيئندو آهيان، شراب جي مستيءَ ۾ گهاريل ٻن_چئن
گهڙين ۾ مان ڪوڙ جا سڀئي چولا چيري، تهذيب جا سڀئي
ٻنڌڻ ٽوڙي، روح جي سچائي حاصل ڪندو آهيان“ .
هن وسڪيءَ جو ٻيو پيگ گلاس ۾ ڀريو ۽ پاڻي ملائڻ کان سواءِ پي
ويو، سندس چهري تي درد ۽ اذيت جا پاڇا لهرائڻ لڳا،
سگريٽ جو سوٽو هڻي، هن وري چوڻ شروع ڪيو ”ويچارو
انسان تقدير جي هٿن ۾ ڪيترو نه مظلوم ۽ مجبور آهي
۽ تقدير انسان سان ڪيئن نه کيڏندي، سندس زندگيءَ
کي ڀڃندي ڀوريندي ٿي رهي. انسان جي تقدير ڪا نظر
نه ايندڙ طاقت نه، پر اهو ماحول ۽ حالتون آهن،
جنهن جي پنجوڙ ۾ پاسي هو ڦٿڪندو ٿو رهي، ان ڇوڪري
جنهن جو مون وت سان تعارف ڪرايو، سا پنهنجيءَ ان
تقدير جي شهيد آهي، هوءَ حسين آهي، جوان آهي،
ڪنواري آهي، پر شادي ڪري نٿي سگهي، ٻار کي هنج ۾
ليٽائي لولي ڏئي نٿي سگهي ۽ پنهنجو گهر جوڙي نٿي
سگهي، ان ڪري جو زندگيءَ جي هڪڙي موٽ تي، جڏهن
هوءِ معصوم، اڻڄاڻ ۽ البيلي هئي، کانئس هڪڙي غلطي
ٿيوئي، پر ڇا، معصوميت ۽ اڻڄاڻائيءَ ۾ ڪيل غلطي جي
ايڏي عظيم سزا ملڻ گهرجي جو ويچارو انسان پنهنجن
اميدن ۽ آسن، خواهشن ۽ تمنائن جو قبرستاب بڻجي
وڃي! وڏن وڏن اوليائن ۽ آوتارن آسماني جهنم کان
بچڻ جا هزارين طريقا ٻڌايا آهن، پر ان جهنم کان
بچڻ جو ڪو رستو نه ٻڌايو آهي، جيڪو هر هڪ انسان
پنهنجي روح ۾ کڻي گهمندو ٿو وتي، اسان کي پنهنجين
خواهشن ۽ تمنائن کي مارڻ جا طريقا ٻڌايا ويا آهن،
پر انهن خواهشن ۽ تنمائن جا مڙدا جڏهن قبرون ڦاڙي
نڪري ايندا آهن ۽ روڄ راڙو شروع ڪري ڏيندا آهن،
تنهن گهڙيءَ، تنهن پل کان بچڻ ۽ ڀڄڻ جي ڪا واٽ ڪا
نه ٻڌائي وئي آهي“
هو يڪدم چپ ٿي ويو ۽ ائين اکيون ٻوٽي ڇڏيائين، ڄڻ سندس سيني
۾سور جي سٽ اڀري هجي ۽ هو ان کي سهڻ جي ڪوشش ڪري
رهيو هجي.
”عذرا جو پيءُ وڏو آفيسر هو، هن ساري ڄمار ايمانداري سان نوڪري
ڪئي ۽ رشوت جي هڪ پائي به نه ورتائين، تون چوندين
ته هن ڏاڍو چڱو ڪم ڪيو، پر مان چوان ٿو ته هن رشوت
نه وٺي ايڏو ته وڏو ڏوهه ڪيو، جنهن جي کيس جيتري
به سزا ڏني وڃي سا ٿوري آهي، ائين چئي، مان رشوت
واري عمل کي صحيح ثابت ڪرڻ نٿو چاهيان، مان ته صرف
ايترو چوڻ ٿو چاهيان ته ان شخصي ۽ ذاتي چڱائيءَ
مان ڪهڙو فائدو، جيڪا پنجن_ڇهن زندگين کي تباهه
ڪري ڇڏي، هن آسماني جهنم جي آڳ کان بچڻ لاءِ رشوت
نه ورتي، پر ان ايمانداري ۽ چڱائيءَ سندس گهر کي
ئي جهنم بنائي ڇڏيو، مهانگائي ۽ ڏڪار جي هن زماني
۾ سندس پگهار گهر جي خرچ ۽ ڪپڙي لٽي ۾ ئي پوري ٿي
ويندي هو، ان جو نتيجو اهو نڪتو جو هو پٽ کي صحيح
۽ سٺي تعليم ڏياري نه سگهيو ۽ سندس پٽ ساڻس وڙهي
گهر ڇڏي هليو ويو، هن کي ٽي ڌيئرون هيون، ۽ عذار
انهن سڀني ۾ وڏي هئي، هو جڏهن پينشن تي لٿو ته هن
لاءِ پينشن جي پئسن مان پنهنجن ٻچن جو پيٽ پالڻ
محال ٿيويو، ان وقت عذرا جي عمر 15 سالن هئي، اها
عمر ته اها ٿيندي آهي، جڏهن انسان جي اندر ۾ جذبن
جا گونچ ٽڙي پوندا آهن ۽ هو انهن جي سڳنڌ ۽ سرهاڻ
۾ سرمست ٿي، ٿڙندو ٿاٻڙندو وتندو آهي، سندس هرڪا
وک ڌرتيءَ بدران ڪهڪشان ڏانهن کڄندي آهي، سندس جسم
جا اهي حصا، جيڪي ننڍپڻ جي ننڊ ۾ هوندا آهن، سي ڪر
موڙي جاڳي پوندا آهن ۽ شرميلين ۽ چور نگاهن سان
هيڏانهن هوڏانهن واجهائيندا آهن، عذرا جي اها
سرمستي ۽ بيخبريءَ جي عمر هئي، پر ان بيخبريءَ ۾
کيس خبر پئي ته سندس پيءُ جا ڪمزور ۽ پوڙها ڪلها
گهر جو هيڏو سارو ٻوجهه سنڀالي نٿا سگهن، سرمستيءَ
جي ان عمر ۾ هن ڀر ون نراڙ ڏانهن ڇڪي، اکيون
ڌرتيءَ ۾ کپائي، پنهنجي پوڙهي پيءُ جي پريشانين ۽
پنهنجين ننڍين ڀينرن جي زندگيءَ بابت سوچيو ۽ هن
کي ائين محسو س ٿيو، ڄڻ سندس عمر سوچ جي ان هڪ
گهڙيءَ ۾ ڪيئي سال اورانگي آئي آهي، هوءَ يڪدم اٿي
۽ پيءُ کي چيائين نوڪري ڪندي، پهرين ته پڻس مخالفت
ڪئي پر پوءِ راضي ٿي ويو، هوءَ مئٽرڪ پاس هئي۽ کيس
شهر جي هڪ پرائمري اسڪول ۾ نوڪري ملي وئي، پهرين
ڏينهن جڏهن هوءَ برقعو لاهي، ٻانهن لوڏي اسڪول وئي
ته سندس چهري تي عظمت جو نور ٿي بکيو.
”اسڪول ۾ هن جي هڪڙي ماسترياڻي ساهيڙي ٿي وئي، هو ٻئي ايتريون
ته هڪٻئي جي ويجهو اچي ويون جو سارو سارو ڏينهن هڪ
ٻئي جي گهرن ۾ گذارڻ لڳيون، پنهنجي ساهيڙيءَ جي ئي
گهر ۾، هن جي ملاقات ساهيڙيءَ جي ڀاءُ جميل سان
ٿي، جميل اسان جي نسل جو نمائندو هو، اسان جو
موجوده نسل ماضي جي رشتن کان ائي ڇڄي ٽٽي ڌار ٿي
ويو آهي، جيئن لغڙ اڏامندڙ جي هٿن مان ڇڄي ويندو
آهي ۽ هوائن ۾ پيو لوڏا کائيندو، جيئن نسل جون
پاڙون مهن جي دڙي، شاهه، سچل ۽ ساميءَ ۾ نه، پر
هاليوڊ ۾، واهيات جنسي ۽ جاسوسي ناولن ۾، سوڙهن
پانچن واريءَ پتلون ۽ ڪوڪا ڪولا جي بوتل ۾ آهن،
جنهن جي ذهن ۾ زندگي جي ڪا واضع صورت ڪونهي ۽ لذت
جي فلسفي کان سواءِ زندگيءَ جو ڪو فلسفو زندگيءَ
جو ڪو فلسفو ڪونهي، جنهن لاءِ عورت نه تخليق آهي ۽
نه محبوبه آهي، پر مارلين مينرو، برجيڊ بيرڊوٽ ۽
لوليٽا آهي.
”جميل عذرا جي اڳيان لفظن جون اهڙيون ته ڪوڙڪيون وڇايون، جو
عذرا ٻه ٽنگي اچي ڦاٿي، جڏهين ڪا اڻڄاڻ، معصوم ۽
بيخبر ڇوڪري ٻه ٽنگي ڦاسندي آهي، تڏهن نتيجو هميسه
حرامي ٻار جي صورت ۾ نڪرندو آهي، عذرا کي به ٿور
ئي وقت ۾ پنهنجيءَ ڪنواريءَ ڪک ۾ ڪنهن اجنبي وجود
جو احساس ٿيو، هن جميل سان ڳالهه ڪئي، جميل کيس
ٻار ڪيرائڻ جوڏس ڏنو، هوءَ گهڻو ئي رني رڙي ۽ ڦٽڪي
پر ڦاسڻ کان پوءِ ڦٿڪڻ سان ته انسان وڌيڪ ڦاسندو
ويندو آهي، سو هوءَ به وڌيڪ ڦاسندي وئي، هن ٻار
ڪيرايو ۽ ايتري ته بدمان ٿي وئي جو جيڪا به نظر
ڏانهنس کڄندي هئي، تنهن ۾ طعنن جا تير هوندا هئا،
هوءَ اهي سمورا تير سيني تي سهندي رهي ۽ جيئندي
رهي.
”جميل هن سان شادي ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، پر هن جي انڪار سان
عذرا جي پيار ۾ ڪو تفاوت نه آيو، طعنن جا تير
سڃيندڙ نگاهن جي هن جهان ۾، جميل کان سواءِ ٻيو هن
جو هو به ڪير؟ پر جميل هن جو ايترو ساٿ نه ڏنو ۽
کيس ڇڏي هليو ويو.
”زندگيءَ جي ان غلطيءَ عذرا کي ڀڃي ڀوري وڌو. هن جي شخصيت ٽڪرا
ٽڪر ٿي پئي ۽ سندس سڀئي سپنا ۽ خواب ٽڪرا ٽڪرا ٿي
خلائن ۾ اڏامڻ لڳا، هن کي پنهنجو پاڻ کان نفرت ٿي
وئي، انسان دنيا جي سڀني انسانن جي نفرت برداشت
ڪري سگهي ٿو، پر پنهنجي پاڻ کان ٿيل نفرت کي
برداشت ڪري نٿو سگهي، شل نه انسان کي پنهنجو پاڻ
کان نفرت ٿي پوي ۽ پوءِ ته هر ڪا گهڙي ٻه منهين
بڻجي ڏنگيندي آهي، ۽ هر ڪو پل ڪاريهر جيان وار
ڪندو آهي، ان نفرت ان مسلسل زهر کان نجات صرف
آپگهات ۾ آهي، پر عذرا لاءِ ته نجات جو اهو دروازو
به بند هو، هن کي پنهجي لاءِ نه پر پنهنجي پيءُ ۽
ڀينرن لاءِ جيئڻو هو.
”عذرا ايتري ته بدنام ٿي چڪي هئي جو ڪو به مرد ساڻس شادي ڪرڻ
لاءِ تيار نه هو ۽ هوءَ اڪيلي سر گناهه جو ٻوجهه
ڪلهي تي کڻي جي رهي هئي، ڪير آهي،جنهن گناهه ناهي
ڪيو؟ ڪير آهي، جنهن جا هٿ ايترا ته پاڪ آهن جو هو
ڪنهن گنهگار تي پهريون پٿر اڇلائي سگهي؟ پر اسين
پنهنجي گناهه جي ڪوڙ کي ڍڪڻ لاءِ ٻين تي ٺٺوليون
ٿا ڪريون، پنهنجي معصوميت ڏيکارڻ لاءِ گنهگارن کي
سنگسار ٿا ڪريون.
”مون جڏهن پهريون دفعو کيس ڏٺو ته سندس چهري تي ڇانيل مظلوميت
۽ اکين ۾ ڦهليل اداسائيءَ جي اونهه منهنجي اندر ۾
همدرديءَ ۽ پيار کي جاڳايو، هن جون وڏيون، سهڻيون
۽ سياهه اکيون ائين حراسيل ۽ دهشت زده هيون، ڄڻ...
ڄڻ ائٽم جي دونهين ۾ ڦاٿل امن جا ڪبوتر! مون
پنهنجو پاڻ کان پڇيو ته آخر هوءَ ڇا کان خوفزده
هئي؟ شايد زندگيءَ هن لاءِ سونهن ۽ روشنيءَ جا
سڀئي دروازا بند ڪري ڇڏيا هئا ۽ هوءَ اونداهين ۾،
حيران ۽ هراسان، هٿوراڙيون ڏئي رهي هئي.
”مان پهرين نظر ۾ پيار ٿي وڃڻ واري ڳالهه جو قائل نه آهيان، اها
ڳالهه افسانن ۽ ناولن ۾ ته ممڪن ٿي سگهي ٿي، پر
حقيقي زندگي ۾ ممڪن ٿي نٿي سگهي، عورت وٽ سهڻي
صورت ۽ سهڻي بدن کان سواءِ شخصيت به ته ٿيندي آهي،
۽ مشڪل صورت جي سونهن کان وڌيڪ، شخصيت جي سونهن
محبت کي پيدا ڪندي آهي، يا ائين کڻي چئجي ته ٻن
شخصيتن جي هم آهنگيءَ جو نالو محبت آهي پر جڏهن
مون پهريون دفعو عذرا کي ڏٺو ته منهنجي من ۾ محبت
جو مچ ٻري پيا ۽ مون هن ڏانهن پيار جو هٿ ڊگهيريو،
پر هن منهنجي هٿ هٽائي ڇڏيو، جيئن هن منهنجو پيار
ٺڪرايو، تيئن منهنجو پيار وڌيڪ مضبوط ٿي ويو، مان
هن جي پيار ۾ صفا چريو ٿي پيس، اٿندي ويهندي سهندي
جاڳندي، اکين اڳيان عذار جون سهڻيون ۽ هراسيل
اکيون ڦرڻ لڳيون، آخر هڪڙي ڏينهن وجهه وٺي سندس هٿ
کڻي جهلم ۽ چيومانس:
”هي هٿ منهنجي هٿ ۾ اچي چڪو آهي، هاڻي ڪڏهين به نه ڇڏيندس!“
”پروفيسر صاحب هيءَ هٿ اوهان جي لائق نه آهي، هيءَ هٿ ڏاڍو
گنهگار آهي،
”جهڙو به آهي، منهنجو آهي، هينئر مرندي مري ويندس، پر ان کي
هٿان نه ڇڏيندس“
هن پنهنجون اداس اکيون کڻي مون ڏانهن نهاريو، سندس اکين ۾ ڦهليل
اداسائيءَ جي رات جون رڳو ڦاٽڻ لڳيون ۽ اميد جي
پرهه ڦٽڻ لڳي، مون هن کي ڇڪي ڇاتيءَ سان لاتو ۽
سندس اداس ۽ ويڳاڻين اکين تي چپ کڻي رکيم.
”پر مان ته ڏاڍي گنهگار آهيان! هن ٽٽل آواز سان چيو“
”تون جهڙي به آهين منهنجي آهين“
”هن منهن کڻي منهنجي سيني ۾ لڪايو ۽ اوڇنگارون ڏئي روئڻ لڳي،
زماني کيس جيڪي به زخم ڏنا هئا، تن مان ٽمندڙ رت
اڄ لڙڪن جي صورت ۾ سندس اکين مان وهي پيو هو، هوءَ
روئيندي رهي ۽ مان کيس پرچائيندو رهيس، مون کيس
آٿت ڏيندي چيو:
”عذرا، اسان جلد شادي ڪنداسي“
”شادي!، هن آهستگيءَ سان چپن ۾ دهرايو، هن جي اکين اڳيان انڊلٽ
جا ست ئي رنگ ٽڙي پيا ۽ هوءَ ان گهڙيءَ جي هنج ۾
وڃي پهتي، جنهن کي فرشتا جنت جي پاڻيءَ سان
وهنجاريندا آهن ۽ مٿان گلن جي ورکا ڪندا آهن، جيڪا
گهڙي شهنائيءَ جو سر، سهيليءَ جو الوداعي گيت جو
ورلاپ، ننڍڙي ٻار جي هونگڙي، ڪن جو پراڏو ۽ تخليق
جو مرڪزي دائدو آهي.
”شادي!... اوهين مون سان شادي ڪندا؟،
”ها، عذرا اسين جلد ئي شادي ڪنداسن“
”نه نه، مان اوهان سان شادي نه ڪنديس، مان گنهگار آهيان، مان
اوهان جي لائق نه آهيان!، هوءَ اوڇنگارون ڏئي روئڻ
لڳي.
”مون هن کي شاديءَ جو آسرو ڏنو ۽ هن پنهنجو سڀ ڪجهه مون کي ڏئي
ڇڏيو. مون هن سان شاديءَ جو واعدو ته ڪيو ۽ ان
واعدي جي آسري تي کانئس سڀ ڪجهه ڦري ورتم، پر پوءِ
جڏهين ٿڌي دل سان ان ڳالهه تي سوچيم ته پنهنجي
غلطيءَ جو احساس ٿيم، شادي ته اسان جي دور جو سڀ
کان وڏو مسئلو آهي! منهنجي مالي حالت اهڙي نه هئي
جو مان شادي ڪري سگهي، شادي صرف زال پالڻ ۽ گهر
هلائڻ جو مسئلو ئي ته نه آهي، پر هڪڙي پوري نسل جي
پرورش ۽ نيپاج جو مسئلو آهي، مون سوچيو ته جي اسين
شادي ڪنداسين ته پنهنجي مالي مشڪلات جي ڪري ٻارن
کي صحيح ۽ پوري تعليم ڏياري نه سگهنداسين ۽ اسان
جو ايندڙ نسل عذاب جهڙو دکي ۽ جميل جهڙو عيار
ٿيندو پر جي مون شادي کان انڪار ڪيو ته ويچاري
عذرا تباهه ٿي ويندي، مان سمجهان ٿو ته هڪ فرد جي
تباهي پوري نسل جي تباهي جي کان بهتر آهي، اهي
سڀئي ڳالهيون سوچي، مون دل ۾ فيصلو ڪيو ته مان
عذرا سان شادي نه ڪندس.
”هڪ ڏينهن هوءَ آئي ته مون کيس ٻڌايو ته مان شادي ڪري نٿو
سگهان، ان لاءِ جو مان مجبور آهيان، منهنجي تمنائن
جي ڳچيءَ ۾ طوق آهن ۽ ارادن جي پيرن ۾ زنجير،
منهنجي ڳالهه ٻڌي هن اکيون کني مون ڏانهن نهاريون،
هن جي اکين ۾ سندس خوابن جيڌوڙ ٿي اڏاڻي، هوءَ مون
ڏانهن نهاريندي رهي ۽ هڪ اکر به نه ڪڇيائين، مون
کي هن جي خاموش نگاهن کان وحشت ٿيڻ لڳي ۽ مون کيس
سيني سان لائيندي چيو چري پيار جي منزل شادي ئي ته
نه آهي، پيار جي منزل ته پيار ئي آهي، هوءَ اداس ۽
خالي نگاهن سان مون ڏانهن نهاريندي رهي ۽ پوءِ ٽٽل
۽ شڪسته آواز ۾ چيائين، اوهان مون سان شادي نه
ڪريو ته بيشڪ نه ڪريو، رڳو هڪڙو واعدو ڪريو ته
ساري ڄمار مون کي ايترو ئي پيار ڏيندا رهندا،
جيترو هينئر ڏئي رهيا آهيو، منهنجو اوهان جي پيار
کان سواءِ ٻيو ڪو سهارو ڪونهي، مون کان اهو سهارو
نه ڦرجو!، هن جي ڳالهه ٻڌي مون روئي ويٺس، پر هوءَ
نه رني، رڳو خالي نگاهن سان مون ڏانهن نهاريندي
رهي، هينئر جيتوڻيڪ اسين شادي ڪري نه سگهيا آهيون،
پر تڏهن به هڪٻئي سان پيار ڪريون ٿا، شادي آهي به
ته ٻن ڌرين جي هميسه گڏ رهڻ جي اقرار جو نالو،
اسان ٻنهي مهيشه گڏ رهڻ جو واعدو ڪيو آهي ۽ اهڙيءَ
ريت اسان هڪٻئي سان شادي ڪري ڇڏي آهي“.
ايترو چئي ڪريم ماٺ ٿي ويو، وسڪيءَ جو گلاس تيار ڪيائين ۽ هڪ ئي
ڳيت سان پي ويو، سندس اکين ۾ عجيب وحشت چمڪڻ لڳي،
هن ڏند ڀڪوڙيا ۽ اکيون ٻوٽي ڇڏيو، مان سندس چهري
جي ان عجيب ڪيفيت ڏانهن نهاريندو رهيس، هن يڪدم
اکيون کوليون ۽ منهنجي اکين ۾ گهوريندي چيائين ”تو
کي خبر آهي ته مون عذرا سان شادي ڇو نه ڪئي؟ اڄ
مون شراب پيتو آهي ۽ پنهنجن جذبن جي سچائي حاصل
ڪئي اٿم، ان ڪري مان تو کي سچ ٿو ٻڌايان ته مون هن
سان شادي ڇو نه ڪئي، مون هن سان ان ڪري شادي نه
ڪئي جو مان پنهنجي اندر ۾ ويٺل ان ذليل ۽ ڪميڻي
مرد کي ماري نه سگهيس، جيڪو هر وقت ائين چوندو هو
ته هوءَ ڪنهن ٻئي مرد جي استعمال ٿيل عورت آهي!،
هاڻي ماٺ ٿي ويو ۽ سندس چهري تي عجيب اطمينان چمڪڻ لڳو، ڄڻ کيس
ڪنهن اندر جي عذاب کان نجات ملي وئي هجي، مان ماٺ
ڪري هن جي مطمئن منهن ڏانهن نهاريندو رهيس، الائي
ڇو، مون کي هن جي سهڻي شڪل ڀوائتي ۽ مڪروهه لڳي.
منهنجي دل چيو ته زور سان سندس منهن ۾ ٿڪان، پر
شراب پيئڻ کان پوءِ به مان پنهنجي جذبي جي سچائي
حاصل نه ڪري سگهيس ۽ ساڻس مرڪي، موڪلائي پنهنجي
ڪمري ۾ هليو آيس، جڏهن کٽ تي ليٽيس ته عجيب گهٽ ۽
ٻوسٽ جو احساس ٿيم، اڄ رات ڪيتري نه تاريڪ هئي!
چنڊ جي جلاوطن شهر يار کي اونداهين جي غفائن ۾ قيد
ڪيو ويو هو ۽ ستارا هر گهڙيءَ، هر پل وڌندڙ
اونداهين کان ڏڪي ۽ ڪنبي رهيا هئا، ماحول تي عجيب
گهٽ ۽ ٻوسٽ ڇانيل هئي، آخر ڪيستائين اها تاريڪي،
گهٽ ۽ ٻوسٽ رهندي؟ ڪڏهين رات جون رڳون ڦاٽنديون ۽
ڪڏهن شفق جي خون ۾ ونهتل سج جو رت ورنو روءِ
ڏسنداسين؟ ڪڏهين صبح سڀاڳو ايندو ۽ ڪڏهين روشنيءَ
جا ڪرڻا، مسرتن جا جا رسول، هن دکايل ڌرتيءَ تي
پير ڌريندا؟. |