وفا ناٿن
شاهي
ڪــــاش تــــون...
ڪاش، تون حسن جي هجين ديوي،
ڪاش، تپنهنجو هجان مان پوڄاري!
جنتن جون مسرتون آڻي، |
|
و لئه ٺاهيان مان هڪ حسين مند، |
پيار کي دائمي سڪون بخشي |
|
تو کي ويهاريان ان جي مان اندر: |
ڪاش، تون حسن جي هجين ديوي،
ڪاش تنهنجو هجان مان پوڄاري!
ڪهڙو ننڍڙو چبوترو ٺاهي، |
|
تون کي ويهاريان شان و شوڪت سان، |
چوطرف ديپ پيار جا ٻاري، |
|
تنهنجي پوڄا ڪريان محبت سان، |
ڪاش تون حسن جي هجين ديوي،
ڪاش تنهنجو هجان مان پوڄاري!
چنڊ کي تاج ڏئي صورت، |
|
کي تارن سان خوب سينگاريان، |
پوءِ اهو تاج تنهنجي سر تي رکي، |
|
مان زماني کي حسن ڏيکاريان: |
ڪاش، تون حسن جي هجين ديوي،
ڪاش تنهنجو هجان مان پوڄاري!
تو لئه ٺاهيان گلن ڦلن جي سيج، |
|
توکي پارايان موتئي جا هار، |
ساري گلشن جون آڻي خوشبويون، |
|
تنهنجي دنيا ڪري ڇڏيان هٻڪار. |
ڪاش، تون حسن جي هجين ديوي،
ڪاش تنهنجو هجان مان پوڄاري!
آڻي باغ ارم مان ڪجهه غنچا، |
|
تنهنجي زلفن کي خوب سينگاريان، |
چنڊ، تارن ۽ سج کان نور کسي |
|
تو کي جيڪر انهيءَ ۾ وهنجاريان. |
ڪاش، تون حسن جي هجين ديوي،
ڪاش تنهنجو هجان مان پوڄاري!
چنڊ حورون بهشت مان آڻي |
|
تنهنجي خدمت ۾ ڏيان بلا تاخير، |
ڪجهه فرشتا وٺي ۽ ڪجهه غلمان، |
|
ننڍڙي جنت ڪري وٺان تعمير. |
ڪاش، تون حسن جي هجين ديوي،
ڪاش تنهنجو هجان مان پوڄاري!
پنهنجي اکين جي مي جي چشمي مان |
|
ڪاش ڏيندي رين ڀري ساغر! |
پيئندي پيئندي نه مان پوان ٿڪجي |
|
ڏيندي ڏيندي نه تون ڪرين نهڪر: |
ڪاش، تون حسن جي هجين ديوي،
ڪاش تنهنجو هجان مان پوڄاري!
منهنجي اکين ۾ تون رهين هر دم، |
|
تنهنجي دل ۾ مان گهر ڪري ويهان، |
اوترو تو کي ٿي وڃان نزديڪ، |
|
جيترو تو کان ٿي پري ويهان: |
ڪاش، تون حسن جي هجين ديوي،
ڪاش تنهنجو هجان مان پوڄاري!
عيد جي چنڊ کي ڏسڻ خاطر، |
|
تنهنجي گهونگهٽ کي پيار سان لاهيان، |
اوترو ئي تون کي ڀي چاهيان، |
|
جيترو، من! مان تو کي ٿو چاهيان: |
ڪاش، تون حسن جي هجين ديوي،
ڪاش تنهنجو هجان مان پوڄاري!
تنهنجي قربت ۾ زندگي گذري، |
|
تنهنجي قدمن ۾ جاءِ مان جوڙيان، |
تو سان ناتو ڳنڍڻ لئه، اوديوي! |
|
رشتا دنيا کان مان سڀئي ٽوڙيان. |
ڪاش، تون حسن جي هجين ديوي،
ڪاش تنهنجو هجان مان پوڄاري!
سڀ زماني جا ٽوڙي رسم و رواج، |
|
ٺاهيون گڏجي نرالو ڪو دستور، |
جنهن جي روءَ ساڻ هڪڙو لمحو ڀي، |
|
توکي مون کي ڪري نه ڪو مجبور. |
ڪاش، تون حسن جي هجين ديوي،
ڪاش تنهنجو هجان مان پوڄاري!
پاڻ ۾ اچ ته ٻئي ڄڻا گڏجي، |
|
هڪ نئون ڪو جهان ڪريون آباد، |
جنهن ۾ چيخ و پڪار ڪجهه نه هجي، |
|
جنهن ۾ پيدا نه ٿي سگهي فرياد. |
ڪاش، تون حسن جي هجين ديوي،
ڪاش تنهنجو هجان مان پوڄاري!
حسن تنهنجو هينئر اڪيلو آهه، |
|
اچ ته ان کي ڏيان سهارو مان |
تنهنجي جذبن جي مست موجب کي |
|
پنهنجي هٿ سان ڏسيان ڪنارو مان. |
ڪاش، تون حسن جي هجين ديوي،
ڪاش تنهنجو هجان مان پوڄاري!
اچ ته هڪ جان ٿي وڃن، عذرا، |
|
اچ ته چاهت جا ٻئي لڏون جهولا، |
اچ ته ڇيڙيون پريت جا قصا، |
|
اچ ته ڳايون پريم جا نغما. |
ڪاش، تون حسن جي هجين ديوي،
ڪاش تنهنجو هجان مان پوڄاري!
نديم انصاري
اڄ ڀــي ائــيـن ئـي شــام ٿــي
ڏس ميڙ ۾ هوءَ مرڪندي،
هر هر قدم تي ٿڙڪندي،
واريءَ جي ذري وانگيان
ميرن لٽن ۾ جرڪندي،
ڪڇ تي دلي جي ڪنڌ ۾،
هوءَ ٻانهن کي زيور ڪندي،
ڪيئن ناز واريءَ لوڏ مان،
ڪڙميءَ جي آئي نينگري!
مڌ سان ڀريل بوجهل اکيون،
مرڪي ته تڙپن بجليون،
هوءَ دل جي ويران وادين
۽ هوش جي جاگير تي،
ڪيئن نور جي بارش ڪندي،
۽ آگ جي بارش ڪندي،
ڪيئن ٿي وراهي زندهي_
ڪڙميءَ جي سادي نينگري!
ڏاٽو کڻي اڻونگڙو،
سڙيون ڪندي، لڻندي هلي،
سنگن جي اوچي ڳاٽ کي،
ڪيئن ٿي جهڪائيندي هلي،
۽ هلڪي هلڪي هير تي،
پنهنجي چنيءَ جي پاند کي
ڦڙ ڦڙ ڪرائيندي وري،
ڪڙميءَ جي آئي نينگري.
نيري اقق جي هياءَ ۾،
هر هر کڻي نظرون هڻي،
جهنگارڙي ٿي گيت ڪو،
ٿورو لڻي ساهي کڻي،
شآيد ڪنهن جي آس آ،
گيتن کي بخشي زندگي،
سيني ۾ سؤ ارمان کڻي،
ڪڙميءَ جي آئي نينگري.
شـــــرمـــائـــجــــي، گهٻرائجي،
موتي اگهي ٿي نرڙ تان،
اوري اندر جون ڳالهڙيون،
شايد ڪنهين جي ياد سان،
هٿ چيلهه تي، ڌرتي ۾ اک،
۽ وات ۾ چنڙي ڪري،
تصوير حيرت جي بڻي،
ڪڙميءَ جي سادي نينگري.
سج گيسڙيون ڏيندو رهيو،
پاڇا ڊگها ٿيندا ويا،
ٻوليون ڪندا سڀ پاڻ ۾،
طوطا به پٺتي موٽيا،
دل سست ٿي، آسا ٽٽي،
اڄ پي ائين ئي شام ٿي،
ڪڙميءَ جي موٽي نينگري.
آثم ناٿن
شاهي
اديـــبِ دوران
اوچتو اڄ جي ملاقات ۾ معلوم ٿيو،
قلب ياران، ۾ ڀريل خوب ڪدورت آهي،
مون ڏسي ورتو، هن گوشت جي پتلن ۾ اڃا،
ڪجهه ذرا زنده ضميرن جي ضرورت آهي،
ڪنهن کي بيداد جي ساغر جي پيارڻ کان اڳ،
روح پنهنجي کي اهو زهر پياري ڏسجي،
ڪنهن تي الزام رکڻ وقت چڱو آهه ته دوست،
اڳ ۾ ڪجهه پنهنجي گريبان ۾ نهاري ڏسجي.
علم ۽ دانش ۽ فضيلت ۽ بزرگي ۽ ڪمال،
نعمتون ڪنهن جي لئه موقوف نه آهن هرگز:
معترض منهنجا ! اوهان مثل فقيرن جون ڀي،
طاقتون نقطن جون محذوف نه آهن هرگز
مون کي معلوم هو محفل ۾ اوهين ڇا چوندا،
پنهنجي تعريف ڪندا، باقي ٻين جي غيبت:
حيف، صد حيف، اوهان تي، اي اديبِ دوران!
باعث ننگ آ محفل ۾ اوهان جي شرڪت.
امداد حسيني
انــــتـــظــــار
ٻاهر ستل گهٽيءَ ۾ اڪيلو، اداس بلب،
ڇيڙي تي هڪ ڪتو پيو ڀؤنڪي ذري ذري:
هن هجر جهڙيءَ رات ۾ تنها ڪٿي ڪٿي،
بيمار لاءِ ڪمري ۾ بتي پئي ٻري.
ڏس، ائين نه ٿئي جو رات ئي گذري، نه ڏينهن اچي،
بيمار پاڻي- پاڻي ڪري جان ڏئي ڇڏي:
پٿر هڻي ڀڃي ڇڏي دل جي طرح ڪو بلب،
گرجي اذيتن کان ڪتو چيخندو رهي:
سيني ۾ تنهنجي ياد جا مرجهائجن نه گُل،
اکين ۾ انتظار جون شمعون نه گُل ٿين!
وارن کي کولي آءُ ۽ ڪو گيت ڳائي آءُ،
گذري هوا ٿي پاڻ سنڀالي هري هري:
اي منهنجا چنڊ! ههڙي ستارن جي رات ۾،
ڇت تي هليا ته پيار ڪريون جي ڀري ڀري
اونداهه طاق طاق تي پهرو پئي ڏئي،
روشن ڪريو دل، جو ڏياريءَ جي رات آهه:
اڄ رات جيڪو جي سگهي، دنيا انهيءَ جي آهه،
سڀ زهر جيڪو پي سگهي، دنيا انهيءَ جي آهه!
اي منهنجي جان! آءُ ، جواني بهار ڪر!
هن رات جي سحر جو اچي انتظار ڪر!
قــــطـــعــــا
امداد حسيني
(1)
ڪيتري ماٺ ٿي وئي آهي!
بند ڪمري جا کول در ۽ دريون:
ڪوئي آواز، ڪائي چيخ، ڪو شور!
-اچ ته دل کي ئي ٽڪرا ٽڪرا ڪريون!
(2)
تون الائي انهيءَ کي ڇا سمجهين،
آءُ تو ۾ نهاريان به ته ڪيئن؟
مون کي تنهنجو نٿو اچي نالو،
آءُ تو کي پڪاريان به ته ڪيئن؟
(3)
زندگيءَ جو سفر طويل سهي،
تنهنجو هٿ ڪيترو نه نرم آهي:
ههڙي يخ بسته شب ۾ تنهنجو وجود،
دلگذار آهه، گرم گرم آهي.
مولوي محمد صديق ”ماعر“
خوب کائو، پيئو، پياريو پڻ،
اهڙو صادر ازل کان فرمان آهي:
خود پيئڻ ۽ ٻين کي اڃ مارڻ،
هي وڏو جرم آهي، عصيان آهي.
(2)
جو نٿو خم ڪري سرِ تسليم،
سو ته نمرود، نا مسلمان آهي:
”ماعرا“، خوب معرگوئي ڪر،
تنهنجي اڳيان وسيع ميدان آهي.
استاد بخاري
مقتل ۾ وڄائن ٿا، ائين ساز سوين،
چئجي کڻي ڄڻ ڪو به ڪٺوئي ڪونهي،
اي دوست، تون هن وقت تي روئين ٿو، پر
سمنڊن تي ته ڄڻ مينهن اٺو ئي ڪونهي!
ٻوڙيائون، کپايائون، خريديائون ڀي،
ڄڻ يوسف سڀني لئه سٺو ئي ڪونهي.
(2)
پنهنجي ئي ڪنن منجهه وجهي آڱريون،
آواز کي ان ريت دٻائڻ ۾ ڇا؟
ڪپڙي جو هڻي جهنڊ ۾ عينڪ پائي،
طوفان کي ان طرح هٽائڻ ۾ ڇا؟
دروازا ڪري بند ۽ اکيون ٻوٽي،
پرڀات کي اڌرات بنائڻ ۾ ڇا؟
ذوالفقار راشدي
جنهن سنگ در تي سجدي ۾ منهنجي جبين آ،
ســـو مـنــهــنجــو آســمــان آ، مــنــهــنــجــي زمين آ،
مــيــنــديءَ رتـــو شــبــاب آ، يــا لــعــل يــا گــلاب،
والله مـــنـــهـــنـــجـــو يـــار بــــه ڪـــيـــڏو
حـــســـيــن آ،
(2)
ڪـــئـــيــن رنــــگ ۽ نـــور جــــا ڪــــــاروان،
بــــهــــارن جـــــــي جـــنـــــــت ۾ هــــونـــــدا روان،
ڪـــئــــيــــن لالــــه رخ ۽ ڪــــئـــيــــن
مــــــــاهـــرو،
ڇـــــــڪـــــائـــيـــنــــدا هـــــر دم قــــدم تــــــي
ڌيـــــان.
(3)
اداس روح آ، دمــــــســـــاز ! آءٌ کـــــــڻــــــــي،
طــــــــويــــــل رات آ، هــــمـــــراز! آءٌ
کـــــڻــــــــي،
اوهـــــــان جـــــي جــــيــــت سـهي، اسان جي هار ڀلي،
اســيــــن ٿــــا نـــيـــاز ڪريون، بي نياز! آءُ کڻي.
(4)
يـــر، بـــاهــــه دل ۾ بـــرهــــه جــــي ٻارڻ گنـــاهه آ،
لــــيــــڪن ٻـــــري پــــــوي ته پـــــوءِ ٺـــــارڻ گناهه
آ،
چانڊوڪين کي کير سان سرڪي وڃڻ ثواب،
پر چنڊ ڏي چـــــتـــائي نهارڻ گـــنـــــاهه آ!َ
الطاف عباسي
اسين طوفان سان سامهون ٿياسين،
اسين موجب جي وارن کان بچياسين،
امر ٿي وئي ائين حسرت اسان جي،
ڪناري تي پڄڻ سان ئي ٻڏاسين.
ربــــاعـــيــــون
محسن ڪڪڙائي
(1)
حيوان مان انسان ٿئي ٿو، سائين!
تقدير تي ايمان ٿئي ٿو، سائين!
هڪ حسن ٻيو شوخ ادائون تنهنجون،
ڪافر به مسلمان ٿئي ٿو، سائين!
(2)
گستاخ ادائن جو ڇڏيو ذڪر، ڇڏيو،
دردن جو دوائون جو ڇڏيو ذڪر، ڇڏيو،
گيسو کي ڇڏيو، زلف پريشان کي ڇڏيو،
نانگن جو بلائن جو ڇڏيو ذڪر، ڇڏيو!
(3)
معصوم جوانيءَ جا فسرده نغما،
مغموم صدائون ۽ ٿڌا شوڪارا،
ڪنهن وقت کان مصروف عمل آهن، دوست!
شايد نه قيامت ٿي وڃي ڪا برپا.
(4)
مجبور جوانيءَ جا نڌڻڪا سڏڪا،
مايوس امنگون ۽ اڃايل جذبا،
ڪوٽن ۾ ائين بند پيا آهن، دوست!
جيئن جيل جي ڪوٺين ۾ پريشان خطرا! |