سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1964ع (4)

 

صفحو :17

 

61: احمد مڪراني: شيخ احمد مڪراني جو والد خواهه پاڻ نيمروز جي حاڪم وٽ چڱي رتبي تي فائز هئا، هي صاحب ڪاوڙجي مرزا شاهه حسن جي ڏينهن ۾ ٺٽي ۾ آيو، هتي ئي فوت ٿيو، هيٺيان ٻه شعر سندس آهن.

 

دو روزي بــيـــش نــبـــود صــحـبـت گـل،

عـــبــــث خـــود را دهــد بــرباد بــلـبــل.

دريـــــن گـــلـــشــن بـــيـــاد ســـرو آزاد،

ســــز طـــــوق غـــلامــــي بــهـــر صــلــصــل.

 

62: حسن قلي خان ابهت: خانخانان جي لشڪر جو هڪ فرد هو، سيوستان جي جنگ ۾ قتل ٿيو، هي واقعو سن شوال 999هه/1590ع بعد ٿيو، هيٺيون شعر سندس آهي.

 

 

ازدست هر ڪسي ڪه فتادم فتاده ام،

سيماب وار نيست بڪف اختيار ما.

 

63: احمد علي ماڙندراني: شاهه عباد صفوي شاهه ايران (دور حڪومت 985هه/1577ع، 1038هه/1628ع) جي ايلچيءَ سان گڏ سنڌ ۾ آيو، سندس مزاج تي جنون طاري ٿيو، ڪافي وقت پيرين مٿي اگهاڙي پيو گهمندو هو، هڪ برهمڻ ڇوڪري سان شغل دل جو لڳي ويس، آخر سندس عزيزن مان ڪو اچي کيس وٺي ويو، وڃڻ وقت هي بيت اچانڪ چيائين:

 

جدا ز دوست نه دانم چها رود برسر،

ڪه در حضور سرم درسر، غمش فرسود.

 

64: اڪبر بادشاهه: جلال الدين محمد اڪبر شاهه، آچر روز 5 رجب 949هه/15 آڪٽوبر 1542ع عمر ڪوٽ ۾ تولد ٿيو، وري جمع ڏينهن 2 ربيع الثاني 963هه/14 فيبروري 1556ع ڪلانور ۾ جلوس فرمايائين، 50 سال کن تمڪنت سان حڪومت ڪري 13 جمادي الاآخر 1014هه/ 26 آڪٽوبر 1605ع ۾ فوت ٿيو، علم تاريخ ۾ تمام باخبر هو، ڪڏهين ڪڏهين شعر به چوندو هو، ملاحظه ٿئي:

 

روشنه بڪوي ميفروشان پيمانهء مر بزر خريدم،

اڪنون ز خمار سر گرانم، ز ردادم ودرد سر خريدم.

 

65: الهداد: شيخ الهداد، مرزا جاني بيگ ترخان جي مصاحبن مان هو، هن کي سرڪار چڪر هاله انعام طور مليل هئي، جڏهين مرزا خانخانان جاني بيگ کي دهلي وٺي ويو، تڏهين هن صاحب لاهور ۾ اقامت ڪئي، فرمائي ٿو ته:

 

گر بعشق تو چو من ڪس بو فا در سازد

تــــرســـم آخـــر ڪــه بـسـر رحــم آئــــي

 

66: آخوند ملا اسحٰق بکري: اصل بکر جو باشندو ۽ سلطان محمود خان ڪوڪلتاش جو ملازم، مرزا غازي بيگ وقاري جو معلم هو، فرمائي ٿو:

 

مي طپد دل در برم درشوق تو،

مي گذارد خانه را از ذوق تو.

 

67: بابر بادشاهه: ظهير الدين محمد بابر بادشاهه ولد مرزا عمر شيخ بن سلطان ابوسعيد بن سلطان محمد بن ميران شاهه بن امير تيمور گورگان 6 محرم 888هه/14 فيبروري 1483ع ۾ تولد ٿيو، هن حساب سان هي صاحب مخدوم نوح جي وڏي عمر وارن بزرگن ۾ اچي ها، مگر جيئن ته هاڻي محض گلستان سخن جي طوطي مقال شاعرن جو ذڪر هلي رهيو آهي، تيئن بابر بادساهه کي وسارڻ ٺيڪ نه آهي، بروز جمع 8 رجب 932هه/ 20 اپريل 1526ع پاڻيپٽ جي ميدان تي ابراهيم لوڌيءَ کي شڪست ڏئي مغلن جو سرموڙ ٿي، هن جو حاڪم ٿيو، 5 جمادي الاول 937هه/25 ڊسمبر 1530ع آگره ۾ فوت ٿيو ۽ سندس وصيت مطابق کيس ڪابل ۾ دفن ڪيوويو. سندس سال وفات ”بهشت روزي باد“ (937هه/1530ع) مان نڪري ٿو، پاڻ اڪثر علمن ۾ مهارت رکندو هو، ترڪي ۽ فارسي ۾ شعر چيائين، عروض، فقه ۽ پنهنجي وقائع بابت تاريخي رسالا لکيائين، فرمايو اٿس.

 

عرق چو از رخ آن ماه پاره مي ريزد

زآفــتـــاب درخـــشـــان ســـتـــاره مــي ريزد

 

68: مرزا محمد باقي بن مرزا عيسيٰ ترخان: مرزا محمد باقي پنهنجي پيءُ جي ڏينهن ۾ پنهنجي ڀاءُ مرزا محمد صالح سان وڙهيو، مرزا عيسيٰ ترخان پنهنجو وليعهد مرزا جان بابا کي ڪيو، مگر آخر هي تخت تي ويٺو، هن جي اعمال جي شامت هن جي آڏو آئي ۽ پنهنجو پاڻ کي تلوار هڻي ماري ڇڏيائين، هي واقعو 992هه/1585ع جو آهي، شعر ۾ ڪهڙي نه حقيقت بيان ڪئي اٿس.

 

 تلاش منصب دنيا فروده درد سرم

ڪنون ڪلاه نمد اختيار بايد ڪرد

  

69: بيرم خان: ماثر رحيمي ۽ مجالس المومنين ۾ سندس نسب هي آهي ته بيرم خان بن سيف علي بيگ بن بيرڪ بيگ بن پير علي بيگ بن علي شڪر بيگ بن بيرم قوابيگ، جو مرزا اسڪندر جي اولاد مان هو، همايون بادشاهه سان همر ڪاب رهيو هو ۽ اڪبر بادشاهه جو اتاليق مقرر ٿيو، اڪبر جي ڏينهن ۾ پٽن وٽ 967هه/1560ع ۾ شهيد ٿيو، ترڪي ۽ فارسي ۾ قابل شاعر هو، سندس نور نظر علم و فضل جو خان مرزا عبدالرحيم خانخانان هو، سندس منقبت جا چند بيت سندس قبر تي اڪريل آهن، انهن مان چند ملاحظه خاطر ٿين.

 

شهي ڪه بگذرد از نه سپر افسر او

اگر غلام علي نيست خاڪ برسر او

 

هڪ ٻيو شعر ڏجي ٿو

 

اي ڪوي تو ڪعبهء سعادت ما را،

واي روي تو قبله عبادت ما را،

خوش آنڪه بهديهء عنايت سازي،

وا رسته ز قيد و رسم عادت ما را.

 

70: مرزا پاينده بيگ بن مرزا محمد باقي ترخان: مجذوب الحال هو، ان ڪري سندس والد جي وفات بعد پٽس مرزا جاني بيگ کي تخت نشين ڪيو ويو، مگر سندس شعر ملاحظه ڪريو:

 

فلڪ بڪام ڪه گرديه ڪا خرش نفگند.

تراز سنگ فلاف قياس بايد ڪرد.

 

71: مرزا جاني بيگ بن پاينده بيگ بن مرزا محمد باقي ترخاني: مرزا محمد باقي جي فوت ٿيڻ بعد اميرن وزيرن هن صاحب کي 8 شوال 993هه/13 آڪٽوبر 1585ع تي تخت نشين ڪيو، ست سال سهڻي نموني حڪومت ڪيائين، پوءِ مرزا خانخانان کيس شڪست ڏئي دهلي وٺي ويو، 5 هزار منصب ۽ سنڌ ملڪ واپس مليس، شهزادو خسرو بن جهانگير (تولد 995هه/1587ع) سندس ناٺي هو، بادشاهه اڪبر ساڻ گڏ هو ته برهانپور ۾ سرسام ڪري 27 رجب 1008هه/1599ع ۾ فوت ٿيو، سندس مقبرو ڪوهه مڪليءَ تي آهي، شعر باشعور ۽ حقيقت افروز چوندو هو، نموني طور پيش خدمت آهي.

 

عشقي خواهم ڪه از خودي پاڪ ڪند،

آبي مره اي ڪه دهر نمناڪ ڪند،

پاي ڪه بيابات عمل را سپرد،

دستي ڪه گريبان هوس چاڪ ڪند.

 

سندس فرزند مرزا غازي بيگ وري سنڌ تي مغلن پاران راڄ ڪندو هو ۽ عالم، فاضل ۽ شاعر هو، عالم نواز به هڪڙو ئي هو، طالب آملي، ملا مرشد يزد جردي ۽ شمس به سندس درٻار ۾ رهندا هئا، طالب سندس باري ۾ چيو آهي ته

 

چــــراغ انـــجـــمـــن دهـــر مــيـــرزا غـــازي،

ڪه زواست روشن اين هفت ڪاخ ظلماتي.

 

پاڻ صاحب ديوان آهي ۽ هڪ مثنوي بنام ”ساقي نامه“ به سندس چيل آهي، سندس شعر جو نمونو پيش خدمت آهي، سندس تخلص ”وقاري“ هو.

 

 

شاخ جنون ز عشق توام سبزه شد هنوز،

اين ابتدا ست گل به ازين خواهدم شگفت.

------------------

بزم عشق ست ”وقاري“ بادب بايد بود،

ڪه در آن جز بلب زخم تڪلم ڪفر ست.

 

طالب آملي جواب ڏنو:

 

موبمو قفل دهان باشدڪه در مذهب عشق،

با بتان جز بلب زخم تڪلم ڪفر ست.

 

 

هن جي عزيزن کي سن 1021هه/1612ع ۾ عبداللطيف نالي هڪ خانه زاد غلام هٿان هڪ قول موجب گهٽو۽ ٻئي قول موجب زهر ڏياريائون، سندس سال وفات ”ز دست غلام گل بردن رفته، دريغ!“ مان نڪري ٿو.

72: مولانا محمد حسين المشهور ملا جانباز ولد ملا سروري بن ملا حسين ٺٽوي: سادات شڪر الاهي جي پاڙي ۾ گذاريندو هو. ”سلامي“ سندس همعصر هو، هيٺيون شعر سندس آهي:

 

 

”جانباز“ ترا دادن جا عار نباشد،

پروانه جز از سوختنش ڪا نباشد.

 

73: مخدوم حامد تتوي: ملا سلامي کان ٿورو اڳ جو آهي،سندس شعر ملاحظه ٿئي:

 

 

بي نسيم سحري غنچه نبايه بشگفت،

ڪارها در گرو وقت معين باشند.

 

74،75. خان اعظم: مرزا عزيز ڪوڪه به شمس الدين محمد خان اعظم اتڪه اڪبري وڏن اميرن مان هڪ هو، هي اڪبر جي تڃ شريڪ ڀاءُ هو، هي صاحب شيخ حميد بن قاضي عبدالله بن قاضي ابراهيم باغباني سان گڏ حج تي ويو، احمد آباد ۾ سن 1033هه/1623ع ۾ وفات ڪيائين، سندس شعر ملاحظه ٿئي:

 

منه اي طفل اشڪ از خانهء چشمم قدم بيرون،

ڪه مردم زادها از خانه مي آيند ڪم بيرون.

 

سندس وڏو ڀاءُ ”محمد يوسف“ پڻ اڪبري پنج هزاري منصب جو صاحب هو ۽ سن 973هه/1565ع ۾ فوت ٿيو، سو به صاحب مثنوي ”يوسف زليخان“ هو چيو اٿس:

 

در ڪيو مراد خود پسندان دگراند،

در واديء عشق مستمدان دگراند.

 

76: خنجربيگ ارغون: ارغونن جي خاندان مان هو ۽ مرزا جاني بيگ جي وقت ۾ ٿي گذريو آهي، سندس وفات جي تاريخ هن سٽ مان نڪري ٿي ”صد واي ز خنجر بيگ“ 1003هه/1594ع سندس شعر ملاحظه ٿئي.

 

وه چه ان شوخ پس فتنه گري پيدا ڪرد،

عالمي را بادا و نگهي شيدا ڪرد.

 

77: ملا جلال داعي: مرزا جاني بيگ جي متعلقن مان هو، هن جي مدح ۾ چيائين.

 

زهي ز عدل تو آسوده خلق رحماني،

حلول ڪرده بدلهاي خلق چون جاني.

ز بس نوال و ڪرم عقل خيره گرديده،

نداند آنڪه بگويد تو بحريا ڪاني.

بدست تربيتت ”داعي“ آ نچنان باليد،

ڪه رفته رفته نهد پا به تخت سلطاني.

 

مقطلع تي مرزا ڪجهه ڪاوڙيو، ان ڪري داعي پاڻ کي زهر ڏئي سن 1000هه/1591ع ۾ هلاڪ ڪيو.

78: محمد رضا دانش بکري: سلطان محمود بکري جي متعلقن مان هو. سلطان محمود جي مدح ۾ چيائين ته:

 

مرا در دولت سلطان محمود،

خدا مستغني از گردون نموده،

ڪه او را در سجود درگه وي،

سر اخلاص را واڙون نموده“

 

79: خسرو خان چرڪس: چنگيز خان جي والاد مان چرڪس خان ڏانهن منسوب آهي، جو قبچاق جي پٽ تي حڪومت ڪندو هو، ابتدا ۾ ملا جاني بندري وٽ هو، ان بعد مرزا عيسيٰ خان وٽ ننڍي ملازمت ۾ آيو، سندس ذاتي جوهر سبب جلدي پرڳڻي جي عملداري عطا ٿيس، مرزا جاني جي ڏينهن ۾ قابل اعتماد امير هو، جهڙس توفيق ۽ خير جو صاحب ٻيو ڪو هن سر زمين تي پيدا ڪو نه ٿيو، جيتريون سندس نشانيون آهن، انهن جي ڏهين حصي جيتري توفيق به ڪنهن امير يا بادشاهه کي نه ٿي،ٺٽي ۾ مڪليءَ جي گردو نواح ۾ ٽي سئو سٺ مسجدون، رائنڪون، پليون، کوهه ۽ تلاءَ ٺهرايائين، هي هڪ نامور ترخاني امير هو ۽ صاحب طبع به، چرڪس قبيلي وارن جي ارڏاين ڪرڻ ڪري مرزا غازي بيگ جي دل تان ڪري پيو، هڪ روايت موجب هو ٺٽي کان لاهري بندر پهچي اتان ايران هليو ويو ۽ ٻيءَ روايت موجب هو هتي گذاري ويو، سندس هيٺيون شعر ”مقالات الشعراءَ“ ۾ آيو آهي:

 

خسرو! خاني تو در وقتيڪه از جان ڪرم،

هر صباح و شام مي خواني بسي اهل همم،

خانئه درگاه رب العالمين باشي اگر،

از تو ناراضي رود جاني زتن سوئي عدم.

 

سيد عبدالقادر ٺٽويءَ حديقت الاولياءَ سنڌ، هن صاحب ڏي منسوب ڪئي هئي.

خسرو خان جو فرزند لطف الله دربار خواهه قنڌار ۾ مرزا غازي بيگ سان گڏ هو ۽ قنڌار مان پٺاڻن جي تڙڻ ۾ نمايان ڪم ڏيکاريائين، هن جو پٽ فتح الله به ڏاڏي جي وقت ۾ مرادون ماڻي، چاچڪان جي پرڳڻي تي خود مختيار ٿي رهيو، اسان مٿي ذڪر ڪري آيا آهيون ته ڪالو خان قريشيءَ کي خسرو خان نياڻي ڏني، ان ڪري اهي قريشي سندس حويليءَ ۾ رهڻ لڳا.

80: عبدالله راجي: سکر جي طرف هو رهواسي ۽ ملا سلاميءَ جو سهيوگي هو، فرمايو اٿس:

 

در آن ديار ڪه از درد يار نيست اثر،

اگر بهشت بود بهتر از وي است سقر.

 

81: ملا عبدالعلي رافت ٺٽوي: مرزا محمد باقيءَ جو همعصر هو ”ساقي نامه“ جو منصف آهي، ٻه شعر سندس يادگار آهن.

 

بهار آمده فڪر صهبا ڪنيد:

در عيش بروي خود وا ڪنيد،

صبا ميزند حرف در گوش گل،

جو زرداري امروز ڪن صرف مل.

 

82: مرزا عبدالرحيم خانخانان رحيم: بيرم خان جو فرزند ۽ اڪبر جو پيارو سپه سالار، لاهور ۾ سن 964هه/1446ع ۾ ڄائو، سندس والد جي شهادت وقت سندس عمر چار سال هئي، اڪبر بادشاهه هن جي تعليم و تربيت جو ڪم آخوند ملا محمد امين اند جاني جي حوالي ڪيو، فاتح سنڌ هو، صاحب سيف و قلم هو، دهلي ۾ سن 1032هه/1626ع ۾ فوت ٿيو، سندس احوال ”ماثر رحيمي“ از خواجه عبدالباقي ۾ مفصل آيل آهي، ترڪي، فارسي ۽ هنديءَ ۾ شعر چوندو هو، چڱو، سندس شعرن مان سواد وٺو:

 

نيم فضولڪه جويم وصال همچو توئي،

بس ست همچو مني را خيال همچو توئي.

---------------------

اي دوست نه دشمني دل آزاري چيست،

خوي تو نه دهر ست سنمگاري چيست،

چشم تو نه بخت ما ست پر خواب چراست،

بخت تو نه،چشم ما ست بيداري چيست.

 

83: محمد شريف شاهد: مرزا غازي جي حڪومت جي زماني ۾ پنهنجي وقت ۾ حسن جي عالم ۾ بينظير هو، اڪثر ڌڻيءَ جا بندا سندس ديدار فرحت آثار لاءِ ايندا هئا، جهڙو هو پاڻي گل نودميده، تهڙي هيس طبع لطيف ۽ شگفته، شعر ملاحظه ڪريوس:

 

نيست در ملڪ سخن رسم امانت داري،

ڪامل آنست ڪه او معنيء بيگانه برد.

 

84: محمد شريف ٺٽوي، ملا سلاميءَ سان هجو ۾ ڏي وٺ ڪندو هو،سلامي هڪ دفعي چيو:

 

گــــر نــــبــاشــــي گــــادهء اشـــــرار تـــــو،

هان قرادر اسم شر پيدا چراست،

آخرت تصحيف تفست زين سبب،

ڪونت از ڪير خران پاره بجا است.

شريف جواب ڏنو.

بقول مسخره از جا رود چگو نه شريف،

ڪه سگ هميشه بياوه زبان برون دارد،

اگر نه اوست سزاوار نار چون اسلام،

در اسم او همگي صورت نگون دارد.

 

85: ملا محمد رضا شڪيبي اصفهاني: هن صاحب جو ذڪر نفحات الانس، ماثر رحيمي ۽ ”ميء خانه“ ۾ آيل آهي. هن جي والد صاحب جو نالو ظهير الدين، عبدالله امامي هو، 964هه/1556ع ۾ ڄائو، 34 سالن ۾ اصفهان ڇڏي هرمز بندر تان ديبل بندر تي پهتو، ان بعد احمد آباد جي رستي کان آگري پهتو، اتي خانخانان جي خدمت ۾ رسيو ۽ سن 1013هه/1604ع ۾ فوت ٿيو، شاعر رنگين بيان شيرين زبان هو،سندس شعر پراثر ملاحظه ٿئي.

 

لايق مجلس نيم ليڪ از براي چشم زخم،

شاخ خشڪي نيز درڪار است بستان ترا،

_______

پروانه نيڪ رفته ڪه درپيش شمع سوخت،

آگه نشد ڪه سوختن غابيانه چيست.

 

86: مرزا صالح ابن مرزا عيسيٰ ترخان: پنهنجي والد جي وقت ۾ مريد بلوچ هٿان سن 970هه/1562ع ۾ شهيد ٿيو، هيٺيون شعر ملا بدايوني جي منتخب التواريخ ۾ ڏانهس منسوب آهي، تاريخ معصومي پڻ دهرايو آهي.

 

بر ان عزمم ڪه در ملڪ جنون از سر قدم مانم،

متاع هوش و دانش را ببازار، عدم مانم.

 

87: امير طاهر صدر: جڏهين همايون بادشاهه ٻٻر لو جي باغ وٽ لٿل هو، تڏهين هن صاحب کي 947هه/1540ع ۾ مرزا شاهه حسن وري ٺٽي ڏي ايچلي ڪري موڪليو چيو اٿس:

 

زينت دنيا بود مال و حشم،

ليڪ پيش اهل معنيٰ بي بقا ست.

 

88: احمد طباخ: ارغونن جي زماني ۾ رهندو هو، ڪلام پڪو هوس، ملاحظه ٿئي:

 

نهاده شمع چراغي براه پروانه،

ڪه تا فروغ دهد اتحاد يار بيا.

 

89: سيد عبدالقادر حسيني: ترخاني دور جو مورخ ”حديقته الاولياءَ سنڌ“ جومصنف ۽ امير خسرو خان چرڪس جو معاصر، سيد عبدالقادر ولد سيد محمد هاشم ابن سيد محمد الحسين تي گذريوآهي، امير خسرو خان چرڪس ڏانهن هي ڪتاب منسوب ڪيو اٿس، حديقته الاولياءَ ۾ هر جڳهه اولياءَ ڪرام جي صفت ۾ شعر چيا اٿس، هت امير خسرو خان جي مدح ۾ جو شعر چيو اٿس، ان مان نموني طور ڏجي ٿو.

 

جمال صورت و معنيٰ، ڪمال دين و دول،

نهال دولت جاه و گل حديقهء جان،

سحاب دست نوالش چو قطره بار شود،

ز قطره شود رشحه قلزم عمان.

 

90: علي بيگ جلاير: بابر بادشاهه جي ملازمن مان هو، سن 950هه/1543ع ۾ همايون بادشاهه سان گڏ سنڌ ۾ آيو، ڪيترين جنگين ۾ ثابت قديميءَ کان ڪم ورتائين، چوي ٿو ته:

 

گفتم ڪه عدم گشت وجودم زغم تو،

گفتا ڪه مساوي ست وجود و عدم تو.

 

91: علي خان: مرزا باقي جي متعلقن مان هو، تاريخ طاهريءَ ۾ هيٺيون بيت سندس ڏنل آهي:

 

اي علي خان رو، نڪوئي ڪن ڪه بعد از مرگ تو،

نيڪ و بد گويد ڪه آن مسڪين برحمت در گذشت.

 

92، 93. علمي ۽ ڪلامي لاري: علميءَ جو نالو شمس الدين محمد هو، دکن جي اميرن سان تعلق هوس، حرمين کان پوءِ سنڌ ۾ آيو ۽ بکر طرف ويو، سن 975هه/1567ع جي ويجهي زماني ۾ فوت ٿيو ”يدبيضا“ ۾ سندس هيٺيون شعر آيل آهي.

 

قباي سبز دو برسرو، نازش مي توان گفتن،

سخت ڪوته ڪنم عمر درازش مي توان گفتن.

 

سندس ڀاءُ ”صدر الدين محمد ڪلامي“ افضل خان امير دکني ڪرياهو تخلص رکيائين، سن 977هه/1569ع ۾ گذر ڪيائين ”يدبيضا“ ۾ سندس هيٺيون شعر آيل آهي.

 

قد تو سايه نيفگند وقت جلوهء ناز،

ڪه سر و ناز بپايت نهاده روي نيا.

 

94: غضفنربيگ: ارغوني خاندان سان تعلق هوس، مرزا باقي شهر نيڪالي ڏئي ڇڏيس، تڏهن وڃي ڪڇ پاسي مقيم ٿيو، مرزا جاني بيگ جي دور حڪومت ۾ خسرو خان چرڪس جي سفارش تي مقبول درگاهه بنيو، مرزا خانخانان سان وڙهندي سيوستان ۾ شهيد ٿيو، مرزا باقيءَ جي هجو ۾ هيئن چيو اٿس:

 

نمود آواره ام مرزاي باقي_نيا سايد دمي برجاي باقي

زحق است عنقريب اين آزرويم_ڪه گوشم بشنو داي هاي باقي

 

وري هيٺين آرزو ڏيکاري ٿو جا به جلدي اثر پذير ٿيس؛

 

ديده ور راه نگارند همه_محوبي خود سوي يارند همه

در چمن بين بسوي لاله و گل_از تب عشق فگارند همه

 

95: غلام حسين گجراتي: بيرم خان جي همراهيءَ ۾ سنڌ ۾ آيو، چوي ٿو:

 

دل چو صافي گشت نتوان ساختن باتيه جسم

قطره چون گوهر شود چندان نسازد باصدف.

 

96: مير غلام علي ولد مير محمد حسين: سيد محمد حسين المعروف سيد مراد شيرازيءَ جي ڏهٽن مان هو، وقت جو ”موحد“ هو، مشڪل ۽ معنيٰ خيز بيتن جون شرحون ٻڌائيندو هو، ڪڏهن ڪڏهن بيت ۽ غزل به چوندو هو، نمونو هيٺ ڏجي ٿو.

 

عابد خلوت گزين دوش چوپيمانه خواست

از اثر مئي دلش ڪوچئه جانانه خواست

 

97: ملا ابوالفتح فتحي: هڪ مشهور ملا بوبڪن جو رهواسي هو، مخدوم جعفر جي ڏينهن ۾ هو، چوي ٿو:

 

ترا گمان ڪه مجنون ز ليلي آواره ست

يقين ماست ڪه ليلي جزاز بهانه نبود

 

 

98: فيروزه: همايون بادشاهه جو همراهه ٿي سنڌ ۾ آيو ” حنفي“ تخلص هوس، موسيقي، شعر ۽ طنبوري وڄائڻ ۾ ڪمال رکندو هو، چوي ٿو:

 

غير منظور نظر ساخته اي يعني چه

بنده را از نظر انداخته اي يعني چه

توڪه با هرڪس و ناڪس همه دم لطف ڪني

قيمت حسن بر انداخته اي، يعني چه

 

99: امير شاهه قاسم بيگلار بن ابرڪ بيگ بن چوچڪ بيگ: بيگلار گهراڻي مان هو، جو حضرت علي رضه جي اولاد جي سلسلي ۾ داخل آهي، اصل سمرقند جو هو، مير شاهه قاسم شاهه حسن جي ڏينهن ۾ سمر  قند کان سنڌ ۾ پهچي ڏاڍيون عنايتون حاصل ڪيون، جهيجن جا پرڳڻا جاگير ۾ مليس، عمر ڪوٽ جي راڻي ورسه جي ڀاڻيجيءَ سان شادي ڪيائين، جنهن مان 947هه/1540ع ۾ مير ابوالقاسم خان زمان فرزند پيدا ٿيس، هو همايون بادشاهه واري پهرينءَ جنگ ۾ گذاري ويو، جا سن 952هه/1545ع ۾ لڳي هئي، سندس تربت تورڪئي جي ڳوٺ (مقام درويش ونهين) ۾ آهي.

100: سندس فرزند ابوالقاسم خان زمان: پيءُ کان پوءِ ٽن سالن جي ڄمار ۾ پنهنجي ماءُ سان پٽپن ۾ رهڻ لڳو، ان بعد شاهه حسن سندس تربيت لاءِ ڏاڍي ڪوشش ورتي، ان کان پوءِ مرزا عيسيٰ وٽ رهڻ لڳو، ان بعد  مرزا باقيءَ کان ڀڄي وڃي جان بابا سان مليو، ان وٽ سندس بهادريءَ جا ڪارناما نشانبر آهن، ان بعد مرزا جاني بيگ وٽ رهي چونڊ اميرن ۾ داخل ٿيو، مرزا جانيءَ سان گڏ دربار اڪبريءَ ۾ به ويو. سن 954هه/1547ع ۾ فوت ٿيو ۽ تورڪيءَ جي ڳوٺ يعني ”قبرستان ميان ونهيئي“ ۾ مدفون آهي، پاڻ شگفته طبع شاعر هو. فرمائي ٿو:

 

 

”مقصود عاشقي ست بهر صورتيڪ هست،

دلبر اگر سپيد نباشد سياهڪي.

 

101: سندس سپوٽ پٽ مير ابوالقاسم المتخلص ”بيگلر“: سن 969هه/1561ع ۾ ڄائو، اد راڪي بيگلار جنهن جو ذڪر اڳ تي چڪو آهي ”مثنوي چنيسرنامه“ سندس نالي منسوب ڪئي، ”تاريخ بيگلارنامه“ سندس طبع جي جولانيءَ جو نتيجو آهي، هت هي ذڪر ڪرڻ واجبآهي ته ملا عبدالقادر بدايوني صاحت ”متخب التواريخ“ ۽ مير محمد طاهر نسياني صاحب ”تاريخ طاهري، ڄاڻايو آهي ته مثنوي چنيسر نامه، هن صاحب جي تصنيف آهي، مگر مير علي ”قانع“ هن ترديد ڪئي آهي  ۽ ڄاڻايو آهي ته هي صاحب ممدوح آهي ۽ ٺاهيل ادراڪي بيگلاري جي آهي. هن تحقيق ۾ ”قانع“ صاحب صحيح آهي، سندس طبعزاد رباعي ملاخطه ٿئي:

 

اي ابر فلڪ قطره بر آوردهء تست،

در بطن، صدف گر هر پروردهء تست،

در دامن گل بوي بر آوردهء تست،

اي باد صبا اين همه آوردهء تست.

 

سندس وفات سن 1030هه/1620ع  ۾ ٿي.

102: خان زمان جو ٻيو نمبر فرزند مقيم سلطان پڻ ارغون ۽ بيگلار قوم ۾ نهايت شاندار ٿي گذريو آهي.

103: مرزا ڪامران بن بابر بادشاهه: هي صاحب گلرخ بانو جو بطن مان 14-915هه/1509ع ۾ ڄائو 932هه/1525ع ۾ کيس ڪابل ۽ قنڌار سپرد ٿيا، ٻن سالن کان پوءِ ملتان صوبو به کيس مليو. 937هه/1530ع ۾ جڏهين بابر فوت ٿيو، تڏهين بن جو اختلاف همايون سان شروع ٿيو، ڪابل ۾ جڏهين همايون بادشاهه پهتو، تڏهين ان کان پوءِ مرزا ڪابل ويو، همايتون جي ملازمن کيس قيد ڪري نابين بنائي ڇڏيو، سنڌ مان ٿيندو حج تي چوچڪ بيگم سان گڏ روانو ٿيو ۽ مينا ۾ سن 964هه/1556ع ۾ فوت ٿيو، شعر، علم ۽ فضل ۾ دسترس ڪامل هوس، ملاحظه ڪريو:

 

چشم بر راه تو داريم شد ايامي چند،

وقت آن شد ڪه نهي جانب مان گامي چند.

بهر صيد دل مادانهء خال تو بس است،

هر دم از زلف منه برسر مادامي چند.

 

هن جو فرزند مرزا ابوالقاسم ”شوڪتي“ گواليار جي قلعي ۾ سن 973هه/1565ع ۾ فوت ٿيو، تاريخهيٺين سٽ مان نڪري ٿي ”نماند از ڪامران نام و نشاني“ (973هه/ 1565ع)

104: سيد نجم الدين محمد ابوالقاسم ڪاهي: سندس نسب سمرقند ۾ بخارا جي وچ ۾ ميان ڪال جي جبل جي ساداتن سان متعلق آهي، ”رند، مشرب، مستغني مزاج ۽ رسم و قيود کان عاري هو“ تمام عمر تجريد گذاريائين، پاڻ چوي ٿو:

 

عــــروس دهـــر ”ڪـــاهي“ رانـــــزيـــبــــد،

ازان رو همچو عيسيٰ گشته فردم.

 

بکر ۾ شاهه جهانگير هاشمي جي صحبت مان فيض هال ڪري درگاهه اڪبر ڏي ويو، قصيده ”لازم فيل“ ٺاهي هڪ لک تنڪا انعام حاصل ڪيائين، ان جو مطلب هي آهي.

 

 

تا بغيبلان ميل ديدم دلستان خويش را،

صرف راه فيل، ڪردم، نقد جان خويش را.

 

 

بنارس ۾ ڪجهه وقت رهي آخر عمر جو وقت آگري ۾ گذاري، 988هه/1580ع ۾ فوت ٿيو، سندس سال تاريخ هن مصرع مان نڪري ٿو.

 

ز جهان رفت قاسم ڪاهي (988هه/1580ع)

 

شعر، موسيقي، معما ۾ ڪمال هوس، ديوان جو صاحب پڻ هو، سندس دل جا ڪجهه ٽڪر شعر جي صورت ۾ ملاحظه ڪريو:

 

نه نرگس ست عيان برسر مزارمرا

سفيد شد برهت چشم انتظار مرا.

ز خضر عمر فزونست عشق بازان را،

اگر ز عمر شمارند روز هجران را.

________

از گريهء من حال رقيب تو خرابست،

ز آنروي ڪه مرگ سگ ديوانه باست

 

105: مرزا لعل بيگ: تخانين جي وقت ۾ پهريائين ٺٽي جو ڪوٽوال ۽ پوءِ شاهه بندر ۽ لاهري بندر جو بنيو، فرمائي ٿو:

 

هرڪه دربند خود افتاده چون بهر نبرد،

زرد روناله ڪنان خيزد و برباد رود،

لائق محفل رندان نبود بوالهوسي،

ڪ بيڪ گردش ايام پئي داد رود.

 

106: محرم: محرم ڪوڪه، مرزا ڪامران جو همراهه ۽ همدم رهيو، هڪ شعر ۾ چوي ٿو:

 

آتش فتاده درمي، از آه آتشينم،

ســـــوراخ شـــــد دل تــــــن،  ازنالهء حزينم.

 

107: مراد: مراد ڪوڪه، مرزا ڪامران جو حاضريءَ وارو نوڪر هو، هي وفاشعار ملازم ساڻس گڏجي سنڌ ۾ آيو، سندس شعر آهي:

 

 

جامه گلگوني درآمد، مست درڪاشانه ام،

خيز اي همدم ڪه افتاد آتشي درخانه ام.

 

سندس پٽ مزيد پڻ صاحب طبع هو.

108: معتصم: مرزا عيسيٰ ترخان جي زماني ۾ سنڌ ۾ آيو، هي تمام بهادر ۽ جوان دل هو، مرزا جي ملازمت ۾ رهي حياتيءَ جا ڏينهن پورا ڪيائين، چوي ٿو:

 

سنگ روي و سخت دل از فڪر، روزي فارغ اند،

آسيا را آب و دانه زين سبب از خود رسيد.

 

109: نيازي: بخارا جي سيدن مان هو، شعر، معما، عروض ۽ هجو گوئي ۾ ڪمال هو، مرزا شاهه حسن جي ڏينهن ۾ آيو،  مرزا باقي به سندس خيال رکندو آيو، سندس شعر هيٺ ڏجي ٿو:

 

بروي آتشين زلف، تواي سيمين ذقن پيچد،

بلي چون موي برآتش فته بر خويشتن پيچد.

 

110: همايون بادشاهه: همايون بادشاهه بن بابر بادشاهه 931هه/1507ع ۾ ڄائو، پڻس جي فوت ٿيڻ بعد آگري ۾ 937هه/1530ع ۾ تخت نشين ٿيو، سنه 947هه/1540ع ۾ شيرشاهه کان شڪست کائي سنڌ ڏانهن رخ رکيائين. 950هه/1543ع ۾ عراق عجم طرف ويو، 962هه/1554ع ۾ سڪندر سومريءَ کي شڪست ڏئي پاڻ هند جو حاڪم بنيو، 963هه/1555ع  ۾ ڪتابخانه جي ڇت تان ڪري پيو ۽ ان صدمه جانگاهه ۾ وفات ڪيائين، قابل شاعر ۽ صاحب مذاق هو. سندس شعر ملاحظه ٿئي:

 

وصف لعل تو بر زبان من است،

آتش درميان جان من است.

نالهء زار مراني چو شنيدن گيرد،

آه از روزنهء سينه ڪشيدن گيرد.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com