سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1964ع (4)

 

صفحو :12

سوال: پوءِ انهن ڪمزورين کي ڪڍڻ لاءِ کليل تحريڪ ڇو نه هلائجي ؟

جواب: هر وڏي ڪم لاءِ وقت ٿيندو آهي، هر جنس پوکڻ لاءِ موسم هوندي آهي، اسان کي اڃا گهڻو فاصلو طئي ڪرڻو آهي، اڃان مهميزون لڳڻيون آهن، منهنجو خيال هو ته آزاديءَ جي تحريڪ، خلافت جو سوال ۽ هجرت واري هلچل مهميز جو ڪم ڏيندا، پر تجربي ثابت ڪيو ته اهو خيال صحيح نه هو، ڪانگريس تحريڪ جي باري ۾ هندستان جي هندن کي تعصب جي نانگ کائي وڌو، خلافت جو سوال مورڳو ديس کان ٻاهر جو سوال هو، يعني ان جو تعلق ساريءَ اسلام دنيا سان هو، ساڳيءَ طرح هجرت واري تحريڪ جي ڪاميابيءَ جو مدار به ٻاهرين تي هو، انهن ٽنهي سوالن جي باري ۾ اسان سنڌين پنهنجي پاران ڪو نه گهٽايو، پر ٽنهي سوالن جا باري ۾ ٻاهرين تي ڀاڙيوسين، تنهن ڪري ناڪامياب تياسين، هاڻي ڪنهن ٻئي ڦيري جو انتظار  ڪرڻو پوندو، ڪا نئين مهميز پوندي.

ان گفتگو هلندي پاڻ اها به صلاح ڏنائين ته آءُ تاريخ جو مطالعو ڪريان، خاص طرح ابن خلدون جي مقدس جو ترجمو سامهون رکان، ڇو ته انسان تاريخ ۽ سياسي ڪاروبار جي لاهين چاڙهين سمجهڻ لاءِ ازخد ضروري آهي ته ان ڪتاب ۾ واضع ڪيل احوال تي عبور هجي.

ڪتابن سان سندس ڏاڍو شوق هو، مون اڳ عرض ڪيو آهي ته قرآن مجيد هميشه پاڻ سان رکندو هو، ان کان سواءِ گهر ۾ هجي يا سفر ۾ ڪو نه ڪو ڪتاب اکين اڳيان يا ڀر ۾ رکيو هوندو هوس، امام ابن تيميه ۽ امام ابن قيم جي رسالن سان دلچسپي هوندي هيس.

هڪ دفعي مون سر سيد احمد خان مرحوم جو ڪتاب ”اسباب بغاوت هند“ وٽس ڏٺو، مون پڇيس ”چڱو ڪتاب آهي؟“ فرمايائين ”اهو هڪڙو ئي رسالو مون کي پسند آهي“ اخبارن مان ”الهلال“ ۽ ”البلاغ“ کان پوءِ ”مدينه“ بجنور جي تحرير وٺندي هيس ۽ ان اخبار جا پرچا ضايع ٿيڻ نه ڏيندو هو، مولانا ابوالڪلام جي تحرير کي نثر نويسيءَ جو معراج سمجهدو هو، ابوالڪلام جو تذڪرو پنهنجي هٿن سان ڏيندي چيائين ”هي ڪتاب وري وري پيو پڙهجانءِ“ سندن ذاتي ڪتبخانو هن لحاظ سان بيمثال هو ته ان ۾ چونڊ ۽ ناياب عربي ۽ فارسي قلمي نسخا هئا، جن جا نقل دنيا جي ڪنهن به ٻيءَ لائبريري ۾ ڪو نه هئا، سڄو ڪتبخانو گهر ۾ رکيل هو ۽ پردي سببان مون کي به ڏسڻ جو وجهه ڪو نه ملي سگهيو.

سنڌ جي (بمبيءَ کان) جدائيءَ واري هلچل جو آخري ۽ فيصله ڪن دور ۾ 92/1928ع ۾ شروع ٿيو، في الحقيقت شاهه سائين جي ئي تعليمات جو اثر هو جو ان هلچل سان منهنجي دلچسپي پيدا ٿي، پاڻ وقت بوقت ان باري ۾ مشورا ڏيندو ٿي رهيو ۽ جڏهن به ڪو مشڪل مقام آيو ٿي ته کانئس وڃي صلاح پڇندو هوس، منهنجو پنهنجو پارٽ معمولي هوندو هو، ڪم جا اڳواڻ ٻيا هئا، پر حقيقت، وقت جن ٽن وڏين قوتن جي منشا خلاف ٿي هلي، اهي ٽي قوتون هيون، بمئي سرڪار، هندو قوم ۽ سرڪار جي راءِ تي رسي ڀڄڻ وارا سنڌي ليڊر ۽ ڪامورا، سنڌ جي جدائيءَ جو ٽنهي تي اثر ٿي پيو، تنهن ڪري ٽيئي قوتون مخالفت ڪنديون ٿي رهيون، انهن جي مخالفت خاطر کان خالي نه هئي، قوت ورهائجڻ کان سواءِ منتقم به هونديون هيون، تحريڪ کي ناڪام بنائڻ لاءِ، اجتماعي خواهه انفرادي طور هر وقت در پئي آزار ٿي رهيون، ننڍي وڏي ورڪر ۾ تميز ڪا نه ٿي ڪيائون.

ان انديشناڪ دور اندر شاهه سائين هميشه مون کي همت ڏياريندو رهيو، فرمائيندو هو ته ماڻهن ۾ عزم پيدا ڪريو، عزم ريءَ حصول مقصد مشڪل آهي، مظلوم ۾ عزم پيدا ڪرڻ لاءِ ضروري آهي ته پهريائين ظالم کي ٿوري وقت لاءِ ڊگهي رستي ڏجي ته هو پاڻ کي ايتريقدر پڌرو ڪري وجهي، جو ماڻهن کي منجهس نيڪيءَ يا اصلاح جي بنهه ڪا اميد ڪا نه رهي، ان کان پوءِ خود بخود سندس خلاف جذبو پيدا ٿيندو، جنهن جي جواب ۾ ظالم پهريائين دڙڪا داٻ ڏيندو ۽ بعد ۾ تشدد شروع ڪندو، سندس اهو تشدد ئي، بطور رد عمل، مظلوم جي مايوسيءَ کي پختو ڪندو ۽ مظلوم جي اوائلي جذبه نفرت کي انقلابي ۽ انتقامي عزن جي صورت ڏيندو، ان کان پوءِ معاملو گهڻو آسان ٿيو پوي، مثلن اوهان فقط ماڻهن کي ايترو چئو ته پنهنجي جقسم تي اهڙو نشانو پهري گهمن، جنهن جو سندن مطالبي سان تعلي هجي، اهو نشانو نفسياتي طور تيز و تفنگ جو ڪم ڏيندو، جيڪو گهڻو ڊيڄاري، سو اندر ۾ گهڻو بزدل ٿئي ٿو، انگريز دڙڪن داٻن جي گهڻي نمائس ۽ ورکا ڪندو رهي ٿو، ان مان ظاهر آهي ته سندس اندر کاڌل ۽ ضمير داغدار آهي، ٿوريءَ سخت جانيءَ ۽ ٿوري استقلال جي ضرورت آهي، انگريز  خواهه هندو همت هاري پوندو.

ان موقعي تي ٻه ٽي ٻيا سياسي ٽوڻا به ٻڌايائين، جيڪي مون سکر منزلگاهه تحريڪ جي سلسلي ۾ 15 سال پوءِ استقبال ڪري ڏٺا ۽ ايتريقدر ڪامياب ثابت ٿيا جو ٻن ڏينهن اندر حڪومت کي مورڳو جيل جو قبضو ڇڏي اتان ڀڄي وڃڻو پيو.

سندس آخري ڏينهن جو واقعو بيان ڪري، مضمون ختم ڪريان ان کان اڳ سندس هڪ ٻي خصوصيت ٻڌائڻ به ضروري سمجهان ٿو.

شاهه سائين جي ذاتي ڪچهري جن ڏٺي ٿي، جن خوش نصيب ماڻهن کي سندن سندس محفلن ۾ موجود رهڻ جو موقعو مليو ٿي، تن کي وري ٻي ڪا محفل ڀانءَ ڪا نه ٿي پئي، کانئس پوءِ هن مسڪين گهڻي دنيا ڏٺي آهي، گهڻن وڏن وڏن ۽ چڱن چڱن ماڻهن جي مجلسن ۾ اٿيو ويٺو آهي، پر شاهه سائينءَ جي ڪچهرين جي ڀيٽ ۾ انهن مجلسن جي ڪا وٿ ڏسڻ ۾ ڪا نه آئي.

ان ماحول ۽ انهن روحاني مسرتن کي قلم ذريعي پيش ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو پيو لڳي، سنڌ جي ڪچهري خاص سنڌ جي شيءِ هئي، سنڌ جي لونگيءَ ۽ اجرڪ وانگر، گج ۽ گگهي وانگر ۽ ڊگهيءَ خوش خير عافيت ۽ پڳ ياريءَ وانگر، لوڙهه ۽ لوڙ وانگر لٺ ۽ ڪهاڙيءَ وانگر، وڏي چلم ۽ اٻاوڙي جي حقي وانگر، ڪوٽڙيءَ جي پلي ۽ ساڌ ٻيلي جي کڳي وانگر، کير ٿر جي سرهه ۽ سنهي سهڻي کنياتل وانگر، اهي سوغاتون سنڌ جون مخصوص پيداوار آهن ۽ ٻاهر شايد ڪنهن ملڪ ۾ نظر ڪو نه اچن، ساڳيءَ طرح سنڌي ڪچهري به.

ڪچهريءَ جي معنيٰ هوندي هئي ته چار دلگهريا دوست اوري پري کان هلي اچي هڪ هنڌ اوطاقي ٿين، سيارو هجي ته مچ جي چوڌاري، ساوڻ هجي ته نمن يا ٽارين جي ٿڌيءَ ڇانو هيٺان، ڪانڀون ڪڍي ويهن ۽ ويهي پاڻ ۾ وندر ۽ ورونهه ڪن، حال احوال ونڊين، ڏک سور اورين، اوڀاريون لانوهاريون هڻن، کل ڀوڳ ڪن ۽ لاهڻيون لاهين، ڪافيون ۽ ڪلام ٻڌن ۽ ٻڌائين نه غرض نه مطلب نه ڪو نه حاج، نه تڙ نه تڪڙ، نه ريل ڇٽي وڃڻ جو ڀؤ نه گهڙيءَ گهڙيءَ گهڙيال ڏسڻ جي ضرورت، پهر پاڇي لاءِ ايندا، هفتا رهي پوندا، ورهه ونڊيدي سڪ لاهيندي، هفتا پورا نه پيا ته عمريون گذاري ڇڏيندا ۽ دوست جي در تان مري کٽولي تي کڄي نڪرندا.

سنڌ جي انهن ڪچهرين ۽ دوستين جو مثال دنيا اندر فقط قديم چين جي تاريخ ۾ ملي ٿو، ات به اڳوڻي زماني جا چيني، سنڌين وانگر، ڪنهن ڪم يا غرض خاطر نه، پر محض محفل ۽ دوستاڻي گفتگو جي مزي ماڻڻ لاءِ پاڻ ۾ ملندا هئا، چيني شاعريءَ ۾ دلگهرئي ۽ ڳالهين جي ڳهير دوست کي اهو مقام حاصل آهي، جيڪو ايراني شاعريءَ ۾ معشوق کي.

گفتگو جو آرٽ چينين ڪنهن زماني ۾ انتها کي پهچايو، گفتگو لاءِ مناسب ماحول جو خيال رکيو ويندو هو، بهار جي رت هجي، پهاڙ جي سانت هجي، آبشار جي سرسر هجي، گلن ڦلن جي سڳنڌ هجي، جهوپڙي گوڙ گهمسان کان پري هجي، چنڊ جي چوڏهين هجي، ڪڪرن جون ڪاهون هجن، وڄڻ جا وراڪا هجن، اڀ جا نيڻ وهندا رهن، شراب هجي، شباب هجي، شعر هجي ۽ وڏي ڳالهه ته وقت جي حاڪم تي ڪا اهڙي آفت آيل هجي جو ڪو هن ۾ سندس نانءَ نشان يا پڙلاءُ ڪو نه رهي!

انهن چيني مجلسن جي حقيقي ڪاميابيءَ جو مدار هوندو هو، واندڪائيءَ تي، واندڪائيءَ ۾ ڪم ڪار کان بيفڪريءَ کي چيني ماڻهو زندگيءَ جو معراج سجهندا هئا ۽ ان ”معراج“ جي حقيقي معنيٰ هوندي هئي ته دوستن سان روح رهاڻ ڪرڻ لاءِ ڪافي وقت ميسر رهي.

مجلس ۾ گفتگو جي آرٽ کي ان ڪڙيءَ تائين پهچائڱڻ لاءِ سنڌي غريبن وٽ نه غير محدود وسيلا هئا، نه اٿاهه وقت، پر ان هوندي به وس ۽ وت آهر ڪو نه ٿي گهٽايائون شاهه سائين عليه الرحمت جون محفلون شايد ان سلسلي جون آخري ڪڙيون يا سنڌ جي تمدني شمع جون پويون لاٽون هيون.

شاهه سائينءَ جي سوسائٽيءَ جا ”نورتن“ هوندا هئا، هر هڪ ڪنهن نه ڪنهن خصوصيت جو حامل، ڪنهن نه ڪنهن خوبيءَ جو مالڪ هو.

پير حاجي فتح الدين شاهه مرحوم يار غمٽار هو، زندگي جو فلسفو هوس، ”خوش باش دمي ڪه زندگاني اين است.“ غم ۽ مايوسيءَ لاءِ سندس دل ۽ دماغ جا دروازا پوريل هوندا هئا، مصيبت ۾ به چڱائيءَ جو پهلو ۽ مذاق جو مضمون نظر ايندو هوس نه پاڻ ڪڏهن ڪنهن تي ڪاوڙيو نه ڪنهن ٻئي کي پاڻ تي ڪاوڙجڻ جو موقعو ڏنائين، سندس صورت ڏسندي دک دور ٿي ويندا هئا، حياتيءَ جو سارو سفر ٽن منزلن ۾ طئي ڪري ڇڏيائين، سير و سفر، مطالعو ۽ محفل.

پير حاجي مصطفيٰ شاهه مرحوم نفاست جو نمونو ۽ محبت ۽ اخلاص جو آئينو هو، ڪنهن لڱا طبيعت تي مجاز جو حملو ٿيل هوس، جنهن جا نشان سوز درون جي صورت ۾ پڇاڙيءَ تائين لکندا ۽ بکندا ٿي رهيس، ڏاڍو خوش گلو هو، پراڻين سنڌي ڪافين تي وڏي قدرت حاصل هيس،

پير نور الدين شاهه عليه الرحمت، صاحب الراءِ هو ۽ سنجيدگي جو پتلو، ڪنهن به ڳالهه ۾ ذاتي دخل يا غرض نه رکندو هو، پر هر اهم معاملي تي سوچيل سمجهيل راءِ ڏيڻ جي اهليت رکندو هو، شاهه سائينءَ جو حال محرم يار هو، سڄي زندگي شاهه سائينءَ جي اردگرد گذاري ڇڏيائين.

پير حاجي علي انور شاهه صاحب، شاهه سائين جو قريبي عزيز ۽ سياسي زماني جو رفيق هو، خلافت خواهه هجرت واريءَ تحريڪ جي زماني ۾ گڏجي ڪشٽ ڪاٽيا هئائون، سياسي معاملن ۾ پڇاڙيءَ تائين سندس ٻانهه ٻيلي رهيو، عوام تي اثر جي لحاظ سان حلقه مريدي جي وسعت ڪري، پير علي انور شاهه صاحب جو مقام سڀ کان مٿانهون هوندو هو ۽ شاهه سائين سندس اهو مقام هميشه ملحوظ رکيو.

پير غلام مصطفيٰ شاهه مرحوم آچن وارو، شاهه سائينءَ جو فدائي هو، پاڻ به وڏيءَ همت، هشمت ۽ رعب داب جو صاحب هو، ٿورو ڳالهائو هوندو هو، شاهه سائينءَ جي اشاره ابرو ڏانهن ڏسندو رهيو ٿي.

سائين پيرل شاهه مرحوم پير ڳوٺ وارو، پراڻي پيراڻي ۽ ميراڻي تمدن روايتن جو آخري آئينه داد هو، وڏو مهمان نواز، دل جو ڪشاو ۽ حضور شرم انسان هو، شاهه سائين سان پاند اٽڪي ويو هوس، جيسين زنده رهيو، پاند نه ڇنائين.

پير هدايت الله شاهه مرحوم،ل خوش طبع ۽ مستعد نوجوان هو، غمٽار طبيعت هيس، سندس هوندي محفظ ۾ مذات ۽ خوش طبعيءَ لاءِ مواد جي ڪمي ڪا نه رهندي هئي، شاهه سائين جي خدمت ڪرڻ پنهنجي لاءِ سعادت سمجهندو هو.

پير محمد امام شاهه مرحوم جهنڊيوارو پنهنجي جاءِ تي خود دار ۽ مضبوط ڪئريڪٽر جو انسان هو، ڪم گو ۽ گهڻو ڪري تنهائي پسند، جهڙي تهڙي سان راهه رسم نه رکندو هو. شاهه سائين سان قرب جو ڪاڍو هوس، سندس علم فضل ۽ مذاق سليم جي وسعتن جو پتوشاهه سائين جي مجلس ۽ موجدوگيءَ ۾ پوندو هو، گلاب جي گل وانگر سندس طبيعت ٽڙي پوندي هئي.

وڏيرو حاجي علي نواز خان گهانگهرو مرحوم انتهائي آزاد خيال ۽ بهاد شخص هو، انگريز ۽ سندس ڪامورن کي تڇ سمجهندو هو، ڪامورا ڏاڍيون تڪليفون ڏيندا هوس، پر منهن تي گهنج نه ايندو هوس، چوندو هو عزت نفس قائم رکڻ خاطر اها قيمت ادا ڪرڻي پوي ٿي، سندس سوٽ مرحوم علي حسن خان گهانگهرو پهريون ۽ پويون شخص هو، جنهن تي هجرت واري تحريڪ جي سلسلي ۾ باقاعدي فوجداري مقدمو هليو، سنڌ جي سياسي تاريخ ۾ ان مقدمي کي وڏي اهميت حاصل آهي، پر افسوس آهي ته زندگيءَ جي هماهميءَ ۾ ڪنهن کي ان تي غور ڪرڻ جو موقعو ڪو نه مليو آهي، حاجي علي حسن خان جي انتقال بعد حاجي علي نواز خان پنهنجيون اهي خانداني روايتون قائم رکيون ۽ زندگي شينهن وانگر آزاد گذاريائين، شاهه سائين جو پراڻو ساٿي ۽ مخلص دوست هو.

حاجي ابوبڪر ٻرڙو مرحوم ابتدا ۾ پير سائين محمد معشوق شاهه رحمت الله عليه گهٽهڙ واري جو مصاحب ٿي رهيو هو، پير معشوق شاهه نه فقط وڏو عالم، وڏو حڪيم ۽ وڏو اهل سخن هو، پر عظيم المرتبه انسان هو، اهڙا انسان صدين پڄاڻا هيڪڙ ٻيڪڙ پيدا ٿيندا آهن، حاجي ابوبڪر سندس مجلسي ٿي رهيو، گهڻو ڀراهي هوس، قوت گذران جي فڪر کان جو وقت بچندو هوس، سو شاهه سائينءَ جي خدمت ۾ صرف ڪندو هو، بذله سنج هو، سندس گفتگو طبيعت جون ترشيون لاهي ڇڏيدي هئي.

ان اندروني حلقي احباب جي ٻاهران، انهن مستقل مصاحبين کان سواءِ شاهه سائينءَ جي نيازمندن جو هڪ ٻيو گروهه به هوندو هو، جنهن ۾ قسم قسم جا ماڻهو شامل هئا، منجهانئن ڪيترا ته نظر بظاهر، بي فڪرا، بي فن، محض اٽي تي چٽي هوندا هئا، پر شاهه سائين سڀ سان نڀائيندو رهيو، بزرگن جون وضعداريون ۽ قلب جون وسعتون هيون، هر ڪو ائين پيو سمجهندو هو ته ان چشمه شيرين تي هر هڪ جو هڪڙو حق آهي، مرغ ۽ ماهيءَ جو مرونءَ ۽ ماڻهو جو.

پنهنجي مورث اعليٰ حضرت پير سائين محمد راشد رحمت الله عليه جي اولاد مان نوجوان جي سرپرستي، مشفق والد ۽ ڪريم النفس استاد وانگر ڪندو رهيو، ڪيتريون به اوڻايون پوڻايون ٿين، پر سندس طبيعت تي تڪدر پيدا نه ٿيندو هو، اصول هوس ته جواني ديواري آهي، نوجوانن جي طبيعت واهڙ جي وهڪري وانگر ٿئي ٿي، ان کي موڙي مٿانهين ٻنهي تي چاڙهڻ ۽ ان جي پاڻي تي فصل پوکڻ لاءِ تحمل، شفقت، هنرمنديءَ ۽ وقت جي سڃاڻپ جي ضرورت رهي ٿي. سختي، تيزي ۽ تڪڙ ڪجي ته حيا ۽ حجاب جو پردو ٽٽي پوندو ۽ بشريت جو اهو واهڙ ڀڪان ڀڃي وڃي، ٻئي پار نڪرندو، سندس اهڙيءَ غير مشروط بي انتهائي شفقت ڪري، هر قسم جا ڏکيا، سوريا، معتوب ۽ مقهور، ڀاڻئون ڀٽڪيل ۽ حالئون ويل، ازين سو رانده و ازان سو درمانده ماڻهو سندس در کي دارالشفا سمجهي چانئٽ کي چنبڙيا پيا هوندا هئا.

شاهه سائين جي سوانح جي سلسلي ۾ ٻن شخصيتن جي ذڪر ڪرڻ جي وڏي ضرورت آهي، پر اهي شخصيتون بجاءِ خود ايتريقدر بلند هيون جو صمني طور انهن جو ذڪر ڇيڙڻ سوءِ ادب ٿيو پوي، حضرت سيد احمد شامي رحمت الله عليه شاهه سائين جو پير هو ۽ پير حسين شاهه رحمت الله عليه (جنهن کي ادب وچان ميان سائين سڏيندا هئاسين) شاهه سائين جو وڏو ڀاءُ هو، صورت انساني هئي، باقي وصفون آسماني هيون، عمر وفا ڪئي ته انهن جا حال به ونڊبا، هت ايترو عرض ڪرڻو آهي ته انهن ٻنهي بزرگن جي هڪٻئي پٺيان جلدي جهان ڇڏي وڃڻ کان پوءِ، شاهه سائينءَ جي طبيعت جي مکڙي ڪومائجي وئي ۽ زندگيءَ جي ڀريءَ انجمن ۾ به اڪيلائي محسوس ڪرڻ لڳو، حضرت شامي صاحب رحمت الله عليه جو انتقام بمبئيءَ ۾ ٿيو، اها خبر شاهه سائينءَ کي خيرپور ۾ ملي، آءُ ان ڏينهن سندس خدمت ۾ حاضرت هوس، خبر ٻڌندي، سندس اکين مان ٻه وڏا ڳوڙها ڳڙي اچي سندس دامن ۾ پيا، وڌيڪ نه پڇيائين، نه ڪڇيائين، باقي سارو وقت پنهنجو پاڻ سان جهونگاريندو رهيو.

جوڳي ويا جبر وت، ماءُ وٺم اڄ ماٺ مڙهين ۾.

ڪجهه وقت پڄاڻا ميان سائين رحمت الله عليه به موڪلاڻي ڪئي ۽ مڙهين ۽ مطلق ماٺ ٿي وئي، شاهه سائينءَ جي پنهنجي روانگي ان کان پوءِ اکئين نٿي ڏٺي.

شاهه سائين جي پنهنجي رحلت کان ٻح سال اڳ سنڌ بمبئيءَ کان جلدا چڪي هئي، کين ڏاڍو اونو هو ته اهو پهريون قدم ڪامياب ثابت ٿئي، آخري دفعي مون کي سندس زيارت شروع مان 1938 ۾ نصيب ٿي، خيرپور يا سکر کان موٽندي واپس قمبر ويندي رستي ۾ منهنجي ڳوٺ لهي پيو، منهنجي والد مرحوم جو قضيي کي سال کن ٿيو هو، آءٌ سياست خواهه اخبار نويسي ڇڏي گهر ۾رهڻ لڳو هوس. ان موقعي تي گفتگو جي شروعات هنن دل ڏاريندڙ لفظن سان ڪيائين.

علي محمد! منهنجي روانگي جو وقت اچي ويو آهي، شايد هيءَ پنهنجي آخري ملاقات آهي، آءُ تو کي ڪن ڳالهين چوڻ لاءِ آيو آهيان.

ان کان پوءِ سنڌ جي سياست متعلق پنهنجي راءِ جو اظهار فرمايائون، جنهن جي تفصيل ڏيڻ لاءِ هن موقعي تي گنجائش ڪا نه آهي، مختصرن سندس خيال هو ته جدا سنڌ جي پهرينءَ وزارت ٻوٽو ڪو نه ٻاريو، ساڳي ئي ڪامورا شاهي ۽ انقباض جي حالت قائم آهي، آءُ موٽي سياست ۾ وڃان وغيره وغيره.

دوران گفتگو مولانا عبيدالله سنڌيءَ جو ذڪر هنن لفظن ۾ ڪيائين.

”مولانا عبيدالله جو اسان ڏانهن قرض رهيل آهي، مون ڏاڍي ڪوشش ڪئي ته نئين سنڌ جي پهرين وزارت وسيلي اهو قرض ادا ڪريان، پر منهنجي ڪنهن ڪا نه ٻڌي......اسان جي اسڪيم مطابق ئي عبيدالله غريب کي ملڪ بدرا ٿيڻو پيو، پر اڄ تائين سندس واپس وطن اچڻ تان بندش لهرائي نه سگهيا آهيون، اسان جا پنهنجا ماڻهو به اڃا پيا پنهنجن ماڻهن کان انگريز پاران حساب ڪتاب وٺن، مولوي صاحب بحالت جلاوطني دربدر پيو ڦري ۽ اسين پيا هٿ الوليون ماڻيون، مولوي صاحب هاڻي پوڙهو به ٿيو هوندو، اسان جو فرض آهي ته مٿانئس بندش لهرائي پڇاڙيءَ ۾ کيس موٽائي آڻي وطن جا وڻ ڏيکاريون، آءُ ذاتي طرح پاڻ کي سندس مقروض پيو سمجهان“

شاهه سائين منهنجي ڳوٺان روانو ٿيو ته آءُ به ڪراچيءَ هليو ويس، انقافن چند ڏينهن اندر ئي سنڌ جي اها وزارت ڪري پئي ۽ نئين وزارت مولانا عبيدالله سنڌي تان بندش لاهي کيس واپس آڻن جو اعلان ڪيو. مون شاهه سائينءَ جي خدمت ۾ تار موڪلي ته حڪم جي تعميل ٿي وئي، تار پهچڻ کان پوءِ چوٿين ڏينهن پاڻ لاڏاڻو ڪيائين، انا الله و انا اليه راجعون.

حريفان بادها خودر رفتند،

تهي خمخانها ڪردنه رفتند.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com