علمي، ادبي ۽ ثقافتي سرگرميون
سنڌي ادبي ڪانفرنس جيڪب آباد
9 ۽ 10 ڊسمبر 1962ع تي جيڪب آباد ۾، آتي جي ”سنڌي ادبي سنگت“ جي
سهاري سان وڏي پيماني تي سنڌي ادبي ڪانفرنس ٿي،
جنهن ۾“ مختلف شهرن جي اديبن ۽ شاعرن ڪافي تعداد ۾
شرڪت ڪئي.
جيڪب
آباد ۾ هارس شو واري سالياني ميلي جي موقعي تي هيءَ پهرين ادبي ڪانفرنس
هئي، جيڪا توقع آهي ته هڪ مستقل روايت طور آئيندي
هر سال منعقد ڪئي ويندي، ڊسمبر جي سخت سرديءَ
هوندي به مقالن، مشاعري، افسانن ۽ راڳ رنگ جون چار
ئي نشستون ڪامياب رهيون، البت سرديءَ ۾ اوچتي
اضافي سبب ڊرامي واري آخري نشست کي ترڪ ڪرڻو پيو.
ميلي جي نمائش واري وسيع ايوان اندر ڪانفرنس لاءِ شاندا پنڊال
لڳايو ويو هو، جتي مقالن ۽ مشاعري جون پهريون ٻه
نشستون منعقد ٿي سگهيون، سخت ٿڌ جي ڪري افسانن ۽
راڳ جون باقي ٻه نشستون، ترتيبوار، جمخاني ۽
ڊسٽرڪٽ ڪائونسل هال ۾ ڪيون ويون.
پهرين، مقالن جي نشست 9 تاريخ 3 بجي کان 5 بجي تائين حيدرآباد
ريجن جي ڊائريڪٽر آف ايڊيوڪيش مسٽر بي ڪي شيخ جي
صدارت ۾ ٿي، جنهن ۾ ادبي ۽ تعليمي مسئلن تي محترم
ڪالي خان اياز، محترم گوپانگ پرواني ۽ محترم رشيد
لاشاريءَ مقالا پڙهيا ۽ محترم رسول بخش پليجي ۽
ڪاڪا جهامنداس ڀاٽيا تقريرون ڪيون.
مسٽر بي ڪي شيخ پنهنجي صدارتي تقرير ۾ يقين ڏياريو ته جيڪڏهن
لسٻيلي ۽ ٻين سنڌي زبان جي ايراضين ۽ مادري زبان
کي ذريعه تعليم بنائڻ جي تقاضا ڪئي وئي ته حڪومت
ضرور ان تي ڌيان ڏيندي.
ساڳئي ڏينهن رات جو اٺين بجي کان مشاعرو ٿيو، جنهن جي صدارت
ابتدا ۾ ”سنڌي ادبي بورڊ“ جي چيئرمين جنابمخدوم
محمد زمان طالب الموليٰ ڪئي ۽ بعد ۾ ”سنڌ سنگت“ جي
جنرل سيڪريٽري مسٽر شمشير الحيدريءَ سندس جڳهه
والاري، مقامي سنگت جي سيڪريٽري، مسٽر غالب لطيف،
مخدوم صاحب جي خدمت ۾ سپاسنامو پيش ڪندي تقاضا ڪئي
ته جيڪب آباد ۾ سالياني ميلي جي موقعي تي هيءَ
ادبي ڪانفرنس هي سال منعقد ڪئي وڃي، مخدوم صاحب
پنهنجيءَ جوابي تقريب ۾ يقين ڏياريو ته پاڻ هن
ڪانفرنس کي مستقبل بنائڻ لاءِ پوري ڪوشش وٺندو،
مخدوم صاحب تلقين ڪئي ته سنڌي ادبين کي هن وقت
متحد ٿي پنهنجي ادب ۽ زبان جي حفاظت ۽ ترقيءَ لاءِ
ڪم ڪرڻ کپي.
مشاعري ۾ هيٺين شاعري بهرون ورتو، مخدوم طالب الموليٰ برڪ علي
آزاد محمد علي جوهر شعبا بخت فدا شهدادڪوٽي، فيض
بخشاپوري، رشيد لاشاري، سوڀو سان عاصي، عبدالله
اثر، نشتر ناٿنشاهي عبدالڪريم گدائي، پروانو ڀٽي،
امداد حسيني ۽ شمشير الحيدري.
ٻئي ڏينهن صبح جي ساڍي يارهين بجي سنڌي ادبي سنگت جي ميمبرن ۽
ڪارڪنن جو ميڙ مسٽر غلام رسول ڪلهوڙي جي صدارت ۾
ٿيو، جنهن ۾ سنڌي ادب، زبان ۽ تعليم بابت هيٺيان
ٺهراءَ پاس ڪيا ويا.
سنڌي ادبي سنگت جو هي نمائنده اجلاس ”سنڌي ادبي بورڊ“ کان
زوردار تقاضا ٿو ڪري ته (الف) بورڊ جي سماهي رسالي
”مهراڻ“ جي ليکڪن کي سندن تخليقن جو معقول معاوضو
ڏنو وڃي، (ب) مختلف علمي ۽ ادبي موضوعن تي سنڌيءَ
۾ شايع ٿيندڙ، نظم ۽ نثر جي بهترين ڪتابن تي هر
سال انعام ڏيڻ جو سلسلوشروع ڪيو وڃي، جيئن پاڪستان
رائيٽرس گلڊ طرفان ڪيو وڃي ٿو ۽ (ث) سنڌي مصورن کي
مهٿائڻ لاءِ سندن تصويرن جي نمائش ۽ اشاعت لاءِ
بورڊ جي بجيٽ ۾ هر سال ڪافي رقم رکي وڃي.
سنڌي ادبين جو هي اجلاس محسوس ٿو ڪري ته ”سنڌي ادبي بورڊ“ سنڌي
ادب کي محفوظ ڪرڻ جي سلسلي ۾ ساراهه جوڳو ڪم ڪيو
آهي ۽ گذريل اديبن جا چونڊ ۽ ناياب ڪتاب ڇپائي
پڌرا ڪيا آهن، پر هيءَ ڳالهه افسوس لائق آهي ته
سنڌي ادب ۾ ٿيندڙ نئين اضافي طرف بورڊ طرفان ڪو به
ڌيان نه پيو ڏنو وڃي ۽ سماهي ”مهراڻ“ کان سواءِ،
علم ادب جي تازه ترين ڪاوشن کي همٿائڻ لاءِ، نون
اديبن ۽ شاعرن جي تصنيفن کي ڇپائڻ جي پروگرام تي
بورڊ ڪڏهن به غور نه ڪيو آهي، بورڊ کي هي محسوس
ڪرائيندي ته هن وقت نئين ادب جي مختلف شاخن ۾
ايترو ذخيرو پيدا ٿي رهيو آهي، جو ان کي ڪنهن به
طرح انفرادي ڪوشش سان شايع ڪرڻ جو بندوبست نٿو ڪري
سگهجي، اديبن جو هي اجلاس بورڊ کان زوردار تقاضا
ٿو ڪري ته انهي طرف ترت ۽ ٺوس قدم کنيو وڃي.
سنڌي ادبين جو هي اجلاس حڪومت ۽ جيڪبآباد جي ميونسپل اختياريءَ
وارن کان مطالبو ٿو ڪري ته جيڪب آباد ۾ هارس_ شو
جي موقعي تي مستقل طرح هر سال سنڌي ادبي ڪانفرنس
منعقد ڪرائڻ جو انتظام ڪيو وڃي ۽ ان لاءِ معقول
رقم مهيا ڪئي وڃي، جيئن هن سال ڪيو ويوآهي.
”سنڌي ادبي سنگت“ جو هي اجلاس سرڪار کان مطالبو ٿو
ڪري ته هنعلائقي لاءِ سکر ۾ هڪ وڌيڪ ريڊيو اسٽيسن
قائم ڪئي وڃي.
سنڌي ادبي سنگت“ جو هي اجلاس پاڪستان رائٽرس گلڊ کان زوردار
تقاضا ٿو ڪري ته علاقائي زبانن لاءِ گلڊ جي
ساليانه ادبي انعامن جي رقم معقول حد تائين وڌائي
وڃي ڇو ته موجوده رقم تمام حقير آهي.
سنگت جو هي اجلس ريڊيو اختيارين وارن کان مطالبو ٿو ڪري ته
(الف) حيدرآباد ريڊيو اسٽيشن تي مقامي عالمن ۽
اديبن کان علاوه ٻين سهرن جي عالمن ۽ اديبن کي به
سنڌي پروگرام ۾ حصي وٺڻ جي دعوت ڏني وڃي، (ب)
سنڌيءَ ۾ مقامي خبرننشر ڪرڻ جو شعبو ترت قائم ڪيو
وڃي ۽ (ث) سنڌي خبرن جي ٻنپهرن واري ٽين بليٽن به
جلد شروع ڪئي وڃي.
سنڌي ادبين جو هي اجلاس سرڪار کان مطالبو ٿو ڪري ته لسٻيلي جي
ايراضيءَ ۾ اڙدوءَ بدران مادري زبان يعني سنڌيءَ
ذريعي تعليم ڏني وڃي.
سنگت جو هي اجلاس سنڌ علائقي جي تعليمي صورتحال تي ڳوڙهو ويچاري
ڪري پاڪستان سرڪار کان زوردار تقاضا ٿو ڪري ته
تعليمي ڪميشن جي رپورٽ ۽ يونيورسٽي آرڊيننس کي بنا
دير ختم ڪيو وڃي.
ميڙ ختم ٿيڻ تي سنگت جي ٻارهن ڄڻن جو وفد، مسٽر شمشير الحيدريءَ
جي قيادت ۾، جناب مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ (
چيئرمين سنڌي ادبي بورڊ ۽ ميمبر قومي اسيمبلي) سان
مليو ۽ کيس سنگت جي پاس ڪيل ٺهرائن کان واقف ڪندي
انهن جي تدارڪ لاءِ مدد ۽ تعاون جي استدعا ڪئي،
مخدوم صاحب سنڌي ادب ۽ اديبن جي انهن مسئلن ۾
پنهنجي مڪمل معاونت جو يقين ڏياريو ۽ خاص طرح
”سنڌي ادبي بورڊ“ سان تعلق رکندڙ مطالبن کي جلد
پوري ڪرڻ جي خاطري ڏني.
شام جي ساڍي ٽين بجي کان ساڍي پنجين بجي تائين جيمخانه هال ۾
”افسانن جي شام“ ملهائي وئي، جنهن جي صدارت رئيس
دريا خان کوسي ڪئي، مخدوم صاحب انهيءَ موقعي تي
خاص مهمان جي حيثيت سان شرڪت ڪئي. شروع ۾ شهر جي
هڪ لذيذ شخصيت، مکي چمن لال، پنهنجي في البديهه
اندار ۾ نصيحت جا گفتا ۽ وير ڪٿائون ٻڌائي
وندرايو، رسول بخش پليجي هڪ مختصر تقرير سان
افسانن جي ڪچهريءَ جو افتتاح ڪيو، جنهن بعد هيٺين
افسانه نگارن پنهنجا شهڪار پيش ڪيا. غلام رسول
ڪلهوڙو، ڳوڙها“ نور نبي سومرو ”سوني لانڊري“ طارق
اشرف ”موڙ“ ناصر ”ڪارو چنڊ“ آغا سليم ”ڪمزو نمبر
66“ ۽ غلام نبي مغل ”دوزخ“
ساڳئي ڏينهن، ساڍي ستين بجي کان راڳ رنگ جي آخري نشست ڊسٽرڪٽ
بار هال ۾ ٿي، مقامي فنڪارن کان علاوه ريڊيو
فنڪارن پاڻ ملهايو، رزينه بلوچ، خميسو خان،
ڪانفرنس کي ڪامياب بنائڻ جو سهرو جيڪب آباد جي
سنڌي ادبي سنگت جي سيڪريٽري مسٽر غلب لطيف جي سر
تي آهي، جنهن جي سر جوشي قابل داد هئي، عبدالڪريم
گدائي، گوپال پرواني، عبداللطيف، غلام رسول ڪلهوڙي
۽ ٻين ڪارڪنن جي محنت ۽ جذبي سان گڏ، ڊپٽي ڪمشنر
جيڪب آباد ۽ چيف آفيسر سيد مهدي شاهه جون دلچسپيون
شامل هيون ۽ رئيس دريا خان کوسي جي سربراهيءَ ۽
ادبي ذوق سبب، پهريون ڀيرو هن ڪانفرنس جو پايو
پيو.
ڪانفرنس جي سڀني نشستن جي ڪارروائي ريڊيو پاڪستان حيدرآباد
طرفان ساڳئي هفتي ۾ نشر ڪئي وئي.
گراميءَ جي اعزاز ۾ ادبي گڏجاڻي
23 ڊسمبر 1964ع تي سنڌي ادبي بورد ۾ حيدرآباد جي اديبن طرفان
رسالي ”مهراڻ“ جي ايڊيٽر مولانا غلام محمد گراميءَ
جي اعزاز ۾ هڪ ادبي گڏجاڻي ڪئي وئي، اها گڏجاڻي
سماهي ”مهراڻ“ جي گذريل پرچي (2_3_1964ع) ۾ ”مشرقي
شاعريءَ جا فني قدر ۽ رجحانات“ جي عنوان سان سندس
لکيل خاص مقالي تي کيس مبارڪبار پيش ڪرڻ لاءِ ڪئي
وئي هئي، جنهن جو اهتمام حيدرآباد جي اديب جماعتن،
جهڙو سنڌي ادبي سنگت، لطيف لٽرري سوسائٽي، سنڌي
رائيٽرس گلڊ، اداره آواز ادب ۽ اداره انسانيت
طرفان ڪيو ويو هو، ادبي گڏجاڻيءَ سان گڏ گرامي
صاحب جي اعزاز ۾ چانهن پارٽي جو انتظام به ڪيل هو
۽ دودي چنسير جي ڳاهن سان ڳالهه ٻڌائڻلاءِ ڪاٺڙيءَ
جي مشهور سگهڙن، دوست محمد ۽ سندس ساٿين جيمشهور
ٽوليءَ کي به ڪوٺيو ويو هو، ڪچهريءَ ۾ شريف ٿيندڙن
مان هيٺيان نالا قابل ذڪر آهن، پير حسام الدين
شاهه راشدي (ڊائريڪٽر سنڌي ادبي بورڊ)، شيخ علي
محمد (ڊائريڪٽر سنڌي ادبي بورڊ، ايڊيٽر روزانه
عبرت) مسٽر جان محمد سومرو (پرنسپال، ٽريننگ ڪاليج
فارمين)، مسٽر عبدالغفور انصاري (اسسٽنٽ سيڪريٽري،
بورڊ آف انٽرميڊئيٽ اينڊ سيڪنڊري ايڊيوڪيشن)، مسٽر
محمد ابراهيم جويو، مرزا اجمل بيگ، پروفيسر محرم
خان، مسٽر محمد عثمان ڏيپلائي، مسٽر رسول بخش
پليجو، مسٽر ع ق شيخ، مسٽر نياز همايوني، مسٽر
عبدالله خواب، مسٽر غلام رباني، مسٽر الله بخش
بخاري، مسٽر يار محمد پنهور، مسٽر شمشير الحيدري.
ڪچهري شام جو ستين بجي کان شروع ٿي، پهرين مسٽر شمشير الحيدريءَ
سڀني اديبن طرفان گرامي صاحب کي سندس ايڏيءَ علمي
جاکوڙ ۽ ادبي خلوص تي مبارڪون ڏنيون ۽ مقالي جي
اهميت ۽ افاديت تي ڳالهائيندي چيو ته اثر ۽ نتيجي
جي لحاظ کان هن مقالي جي اهميت سنڌي ادب ۾ اهڙيءَ
طرح محسوس ڪئي ويندي، جهڙي طرح انگريزيءَ ابد ۾
ورڊ سورٿ جي ”لريڪل بئلڊس“ جي تمهيد ۽ شيليءَ جي
”ان ڊفينس آف پوئٽري“ جي ان بعد مسٽر محمد عثمان
ڏيپلائيءَ مسٽر رسول بخش پليجي، مسٽر نياز
همايونيءَ ۽ مسٽر محمد ابراهيم جويي، گرامي صاحب
جي علمي خدمت تي روشني وڌي ۽سندس مقالي جي ادبي
اهميت جا مختلف پهلو واضع ڪيا.
ڏيپلائي صاحب سماجي غير برابري جي رد عمل طور پيدا ٿيندڙ ادب تي
ٽيڪا ٽپڻي ڪندي افسوس ڪيو ته انهيءَ غير انساني
تقسيم بابت اڄ جا صاحب شعور اديب جڏهن ڪن تلخ
حقيقتن تان پردو هٽائين ٿا تڏهن ڪي مفاد پرست
ماڻهو انهن تي غلط قسم جا الزام لڳائين ٿا، ظاهر
اهي ته اهي ذاتي بنيادن تي پيدا ٿين ٿا، تنهن ڪري
اهڙن الزامن جي نوعيت بلڪل عارضي هوندي آهي، هن
گرامي صاحب کي مبارڪباد ڏني. جو هن صاحب ادب جي
بنيادي مقصدن کي نئين نسل جي لکندڙ اڳيان نمايان
ڪرڻ جي سلسلي ۾ ايڏي جفاڪشي کان ڪم ورتو آهي.
مسٽر رسول بخش پليجي پنهنجي راءِ ڏيندي ٻڌايو ته گرامي صاحب جي
هن پرمغز مقالي مان نه رڳو سنڌ جي اديبن کي پنهنجي
ڪلاسيقي روايتن جي خبر پوندي بلڪي بين الاقوامي
رجحانن کان به هو واقف ٿيندا ۽ سندس اها ڪوشش
ايندڙ ادبي بورڊ لاءِ نئون موڙ ثابت ٿيندي.
مسٽر محمد ابراهيم جويي سنڌي ادب جي مختلف دورن جي سرسري نظر
وجهندي ان جي موجوده اهميت، افاديت ۽ صورتحال جي
ڇنڊڇاڻ ڪئي ۽ گرامي صاحب جي ڪوشش ڪئي سنڌي ادبي
سان سندس پرخلوص وابستگيءَ جو نتيجو ٺهرايو، هن
صاحب اهو به ظاهر ڪيو ته هن علمي ڪاوش جي ڪري اسان
جي سڀني سنڌي ادب دوست صاحب جو منهن مٿي ٿيو آهي ۽
هن کان پوءِ ائين ڪو به نٿو چئي سگهي ته ڪو
مخلصانه نموني ادب جي خدمت جو ڪم ڪيو ئي نٿو وڃي.
مسٽر نياز همايونيءَ اميد ظاهر ڪئي ته انهيءَ مقالي کي گرامي
صاحب مڪمل طرح شايع ڪرائين جيئن اسان جي نون ادبي
رجحانن مطابق ڪا به فني غلط فهمي نه رهجي وڃي.
ان بعد گرامي صاحب سڀني جو شڪريو بجا آندو ۽ پنهنجي تقريب ۾
مڙني اديبن ۽ شاعرن کي تلقين ڪئي ته هو سنڌي ادبي
۽ زبان جي موجوده صورتحال کي دردمنديءَ سان محسوس
ڪن ۽ ان جي ترقي ۽ حفاظت لاءِ محبت ۽ خلوص سان هر
قسم جي تڪرار ۽ تفاوت کي ختم ڪري تخليقي سرگرمين ۾
جنبي وڃن.
آخر ۾ مسٽر دوست محمد ۽ سندس ساٿين سازن تي ”دودي ۽ چنيسر“ جي
ڳاهن سان ڳالهه ٻڌائي ، جنهن سامعين کي ايترو ته
محظوظ ڪيو، جو ڪچهري رات جو هڪ وڳي تائين ھمي رهي.
”سينٽو“ جي اهتمام هيٺ ڪوٺايل آثار قديمه سيمينار ۽ چوڏهين ڪل
پاڪستان ميوزيمس ڪانفرنس
ڪل پاڪستان مؤتمر علوم اسلاميه
ڪل پاڪستان تاريخ ڪانفرنس ۾ سنڌي ادبي بورڊ جي
نمائندگي
مارچ 1964ع جي آخري ڏهاڪي ۾ پاڪستان جي ٻن قديم ۽ تاريخي شهرن
لاهور ۽ پشاور ۾ ڪل پاڪستان دنيا تي ڪي نهايت اهم
علمي ۽ ادبي سيمينار ۽ ڪانفرنسون منعقد ڪيون ويون،
جن ۾ ”سنڌي ادبي بورڊ“ کي پڻ شرڪت لاءِ دعوتنامه
موڪليا ويا، انهن ڪانفرنس ۽ ٻين گڏجاڻين جو
پروگرام مختصر طور هيٺين ريت هو.
”سينٽو“ جي زير اهتمام آثاري قديمه سمينار ۽ 14 هين ڪل پاڪستان
ميوزيمس ڪانفرنس_ لاهور، 21 کان 23 مارچ 1964ع
ڪل پاڪستان مؤتمر علوم اسلاميه_پشاور، 28، 29، 30 مارچ 1964ع
ڪل پاڪستان تاريخ ڪانفرنس (چوڏهون ساليانو اجلاس_
پشاور 29، 30، 31 مارچ 1964ع
”سنڌي ادبي بورڊ“ طرفان مٿي ذڪر ڪيل سڀني گڏجاڻي ۾
نمائندگي ڪرڻ لاءِ جناب پير حسام الدين راشدي صاحب
ميمبر بورڊ آف گورنرس کي درخواست ڪئي وئي، جو صاحب
انهن ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ 20 مارچ تي ڪراچي کان روانو
ٿيو.
سينٽو سيمينار ۽ ميوزيمس ڪانفرنس جو افتتاح جناب عبدالوحيد خان
پاڪستان سرڪار جي اطلاع ۽ نشريات کاتي جي وزير
طرفان ڪيو ويو، هي استقباليه تقرير پروگرام حامد
احمد خان وائيس چانسلر جناب يونيورسٽي ڪئي، جنهن
صاحب لاهور شهر جي قدامت ۽ ان جي قديم خواهه جديد
تهذيبن توڙي علمي ۽ ثقافتي سرگرمين جو مرڪز هئڻ
مان ان کي هن ڪانفرنسن جي مرڪز بنائڻ جي موزونيت
ثابت ڪندي چيو ته سڄو اولهه پاڪستان ۽ خاص طرح
لاهور شهر جو اڄ ان جي پرجوش ۽ ولوله انگيز زندگي
جومرڪز بنيل آهي، آثار قديمه جي هڪ اهڙي کاڻ آهي،
جنهن جو ڪجهه حصو کوٽي ظاهر ڪيو ويو آهي ۽ باقي
حصو اڃان تائين زمين دوز آهي، اهو ئي خطو آهي، جو
عيسوي سن کان گهڻو اڳئي ايرانين جي حڪمراني واري
دور کان وٺي سڄي برصغير ۾ هڪ علهدي ۽ مخصوص سياسي
تخيل جو آئيندار رهندو آيوآهي، اهو ئي علائقو آهي،
جنهن تي سڪندر جي قيادت ۾ مقدونيا جي لشڪرن حملا
ڪيا ۽ برصغير جو اهو ئي پهريون حصو آهي، جيڪو اتر
الهندي خواهه عربستان کان ايندڙ اسلام اثرن کان
متاثر ٿيو، اتر الهندو سرحدي علائقو پنجاب ۽ سنڌ
برطانوي تسلط هيٺ ٻئي سڄي بدصغير کان بنيادي طور
مختلف پر پاڻ ۾ جاگرافيائيءَ ۽ ثقافتي يڪسانيت
رکندڙ هئا، ڪڏهن ڪڏهن ڪن غير ملڪن مان برصغير جي
ناقابل تقسيم هئڻ متعلق عالمانه اصطلاحن سان
سينگاريل پروپئگنڊا شروع ڪئي وڃي ٿي. جا ثابت ٿيل
تاريخي حيقتقن کي نظرانداز ڪري ٿي ۽ اها اولهه
پاڪستان جي سڄي تاريخي کان لاعلمي ۽ بي خبري تي
ٻڌل هوندي آهي، اهڙي تاريخ مرتب ڪرڻ جو ڪم
تاريخدانن جو فرض آهي، جن کي آثار قديمه ۽ عجائبات
جي ماهرن مان نهايت مفيد ۽ ڪارآمد مددگار ۽ رفقاءِ
ڪار ملي ويندا“
قديم آثارن ۽ عجائب گهرن جي تعليمي ۽ علمي اهميت بابت صاحب
موصوف چيو ته ”تاريخ جي شاهدين تي شڪ شعبا ظاهر
ڪري سگهجن ٿا، پر آثار قديمه جي ثبوت ناقابل ترديد
آهن، ساڳي طرح ڪلاس ۾ سکيل سبق يادگيري مان لهي
سگهن ٿا پر هڪ عجائب گهر ۾ حاصل ڪيل سبق انسان دل
۽ دماغ تي گهرو نقش رٽي ٿو، ڪنهن به خوبصورت شئي
هٿن ۾ کڻي اٿلائي پٿلائي ڏسڻ دلچپسي ۾ اضافو آڻي
ٿو ۽ ان جي متعلق سمجهه ٻوجهه ۾ اهڙي طرح تيزي آڻي
ٿو، جيڪا هڪ ڪتاب جي ڇپيل صفحي جي مطالعي مان شايد
ڪڏهن به پيدا نه ٿي سگهي، علم ۽ ڄاڻ جو تحفظ ۽
ڦهلاءِ قابل تعريف ڪم آهن، پر ثقافتي هيجاب جي
هلندڙ دور ۾اسان کي پنهنجن عجائب گهرن مان وڌيڪ
آسرا آهن، اهي ئي غير ملڪي قدرن جي زوردار حملن جو
مقابلو ڪري سگهن ٿا ۽ اسان جي ثقافتي ورسي کي
ٻاهرين اثرن جي سيلاب ۾ غرق ٿيڻ کان بچائي سگهن
ٿا“
هن وڌيڪ چيو ته ”هڪ قوم کي اهو معلوم ڪرڻ گهرجي ته اها ڇا آهي ۽
ڪيڏانهن پئي وڃي، اسان جي ملڪ مٿان جنهن کي
نظرياتي مملڪت هجڻ جي دعويٰ آهي ان باري ۾ خاص
زميداري عائد ٿئي ٿئي، اڪثر ائين ٻڌو ويو آهي ته
اسان کي اڃان پاڻ کي سڃاڻڻو آهي، اها حقيقت اڃان
به جزوي طور تي سچي آهي، هڪ قوم کي بنائڻ ۾ ڪيئي
اسباب ڪم ڪن ٿا، پر روايتن انهن سڀني کان وڌيڪ اهم
آهي، جڏهن ڪا به قوم پنهنجين روايتن جو احساس
وڃائي ٿي ويهي تڏهن اهاپنهنجي جداگانه حيثيت جي
دعويٰ کان به محروم ٿيو وڃي، ويهين صديءَ جي هن
پوئين اڌ ۾ قومي تعمير جو ڪم خاص طرح دشوار آهي،
موجوده دور جي سڀني وڏين قومن پنهنجن سڀني مسئلن
کي گذريل ڪيترين صدين کان وٺي آهستي آهستي پئي حل
ڪيو آهي ۽ ترقي جون منزلون طئه ڪيون آهن، اسان وٽ
ايتري فهرست ڪونهي، اسان کي مختلف نظرين ۽ ثقافتن
جي وچ ۾ هڪدم مڪمل قوميت ڏانهن قدم وڌائڻو آهي، ان
طرح، تاريخ جو ڪردار اڳئي کان به وڌيڪ اهم ٿيو
پوي.
”عجائب گهرن ۾ رکيل شيون قومن جي ماضيءَ جون علامتون آهن، عجائب
گهرن جو ماهر انهن شين کي اسان جي گذشته روايتن کي
سندن پوري اهميت ڏيڻ سان زنده بڻائي سگهي ٿو.
عجائب گهر ۾ وڃڻ سان ماضي ۽ حال جي درميان رابطو
قائم ٿئي ٿو، هڪ عظيم تاريخي يا ثقافتي عجائب گهر
هڪ پاڪستاني جي اڳيان هڪدم اهي سڀ نظريا اکين
اڳيان آڻي بيهاريندو، جن جي ڪري آخرڪار پاڪستان
وجود ۾ آيو، ثقافت روايت جي پوري ڄاڻ شهريت متعلق
تعليم جو هڪ اهم جذو آهي، منهنجي خيال موجب هڪ
عجائب گهر بنيادي طور تاريخ جو ذخيرو آهي ۽ ان جو
تعليمي قدر مختلف شين کي جمع ڪرڻ ۽ انهن کي سليقي
سان ٺاهي رهڻ ۾ خرچ ڪيل محنت تي مدار رکي ٿو“
|