”زبان انسانن ۾ پيدا ٿي آهي ۽ انسان جي اجتماعي تاريخ ۾ کيس
بنيادي حيثيت حاضل آهي، ڇالاءِ ته، انسان جي
ابتدائي تمند جو پورو دفتر زبان جي وسيلي سان ئي
جمع ٿيو آهي ۽ زبان جي ڪري ئي زنده رهي سگهيو آهي،
اها به حقيقت آهي ته نه فقط زبان اجتماعي زندگيءَ
جي تسڪيل ۽ تعمير ۾ ڪارگر بنياد جي حيثيت رکي ٿي،
پر ان سان گڏ انسان جي ارتقا ۾ به هر قدم تي شامل
رهندي آهي، اڳتي هلي انساني زهن هن عجيب غرين
ايجاد کي دائمي بقا ڏني ۽ رسم الخط ايجاد ڪيو.“
(احتشام حسين)
علي محمد راشدي
اهـي ڏينهن، اهي شينهن
پـيـر تـراب عـلـي شـاهـه راشـدي رحـمـتـه الله عـلـيـه
سائين تراب علي شاهه جهڙا پنهل پير ڪنهن سڀاڳيءَ صديءَ ۾ پيدا
ٿيندا آهن.
هونئن ته پيرن فقيرن جي معاملي ۾ الله تعاليٰ سنڌ کي ڪڏهن ڏک يا
ڏڪار ڪو نه ڏيکاريو آهي، پر پير روشن ضمير، جن ڏٺي
اڃ بک لهيو وڃي، سي نصيبن نظر ايندا رهيا آهن.
چون ٿا انگريز آئي ۽ مغربي تعليم ۽ تهذيب جي يورش کان اڳ، سنڌ ۾
گهڻا سچا پير هوندا هئا، سجادن جي ڪثرت ۽ اڳوني
زماني جي ڪتابن مان ان جو ثبوت ملي ٿو. پر فرنگيت
ڦهلجڻ بعد ان جنس جي گهٽائي ٿيندي وئي آهي، مون هڪ
دفعو حضرت مخدوم غلام محمد صاحب مهيسر رحمته الله
عليه (ساڪن کهڙه تعلقو گمبٽ) کان هاڻوڪيءَ سڃ جو
سبب پڇيو، فرمايائين”...بابا! دڪاندار وکر اهو ئي
وهائيندا آهن، جنهن وکر جا گراهڪ هوندا آهن، هينئر
نه اهي گراهڪ ۽ نه اهي واپاري ۽ نه اهو وکر!“
آءُ پاڻ کي بختاور سمجهان ٿو، جو مون کي ڪن سچن پيرن سان صحبت
ڪرڻ جو موقعو مليو، يعني پير تراب علي شاهه، سائين
رحمته الله ۽ سندس پير جناب سيد احمد شامي رحمته
الله عليه سان، ان ۾ ئي گهڻي دير ٿي ويل هئي،
زمانا ڦري چڪا هئا، اڳيان وير وڃڻ وارا هئا،
محفلون سميٽجڻ تي هيون، ڏيئا اجهامڻ هارا هئا،
گهڙيءُ پلڪ جي ويرم وڃي رهي هئي، ان وچ ۾ آءٌ به
وڃي سهڙيو هوس، ڀاڳن ڀڙايو هو، چوڻ جو موقع ملي
ويو ته
مون سي ڏٺا ماءُ، جنين ڏٺو پرينءَ کي
مون پنهنجي زندگيءَ اندر گهڻا ئي ماڻهو خواهه مرون ڏٺا آهن،
قسما قسم، رنگ برنگ، چڱا ۽ مٺا، رهبر ۽ رهزن، درد
وندا ۽ بي دردا، ورلي ٻيو ڪو سنڌي اهڙو سڀاڳو
هوندو، جنهن پنهنجي زماني جي ايترن دورن خواهه
چنيسرن جا ديدار ڪيا هوندا، هلندڙ دور جي ساري
تاريخ منهجي اکين اڳيان ٺي آهي، انسان جي فطرت کي
مون غلاف ڪعبه ۾ ملبوس به ڏٺو آهي ۽ الف_ عريان
به. آخر هنن نماڻين اکڙين ڇا نه ڏٺو يا پيسو
هوندو؟ پر اڄ پاڻ کان پڇان ٿو ته ان ساري سفر انر
گهڻن مڪمل انسانن ڏسڻ جو ن مڪمل انسانن ڏسڻ جو
وجهه مليو، ته اندر مان آواز پيو اچي: ”مشڪل ٻن
چئن سان!“ انهن مان ٻن جا نالا هينئر ٻڌايا اٿم.
”مڪمل انسان“ مان منهنجي مراد ڪهڙي آهي؟ سچ آهي ته ”مڪمل انسان“
جي سر تي سڱ ڪو نه ٿا ڄمن، ڏسڻ ۾ ماڻهن جهڙو ماڻهو
ٿئي ٿو، پر ان جي سڃاڻپ جو وڏو اهڃاڻ هيءُ ٿئي ٿو
ته ان جي قرابت يا محبت طبيعت تي اها ڪيفيت پيدا
ڪري ٿي، جا محسسو ته ٿيندي رهي ٿي، پر نه ڏسڻ ۾
اچي ٿي ۽ نه ڏسڻ ۾، مثلن نسيم بهار يا شميم يار جو
رشتو بصارت سان نه، پر دل ۽ دماغ سان رهي ٿو، اهي
نعمتون اکين سان ڏسڻ ۾ نه ٿيون اچن، پر انهن جي
آمد ۽ موجودگي ماڻهوءَ جي لونءَ لونءَ اندر محسوس
ٿيندي رهي ٿي.
سائنس ثابت ڪيو آهي ته هر انسان جي جسم مان مخصوص قسم جا برقي
شعاع نڪرن ٿا، جن جا مختلف ماڻهن تي مختلف اثر ٿين
ٿا، انرقي رو جي مقناطيسيت ۽ ٻين امڪانن جو اڃا
مطالعو پيو ٿئي، پر جيتريقدر ظاهر ٿي چڪو آهي ته
ڪن انسانن ۾ ڪشش جي گهڻيءَ قوتن جو هجڻ يا پهرئين
ئي ديدار ۾ بعض دلين جي وچ ۾ پيوندن جو پئجي وڃڻ،
ان برقي رو يا برقي شعاعن جو ئي نتيجو ٿئي ٿو،
جيتريقدر آءٌ سمجهي سگهيس، پير تراب علي شاهه
رحمته الله عليه جو جسقم مبارڪ هڪ مرڪزي بجلي گهر
مثال هو، جيڪو آيو ٿي، سو اڙجي ويو ٿي، جنهن تي
گهور ٿي ٿي، سو هميشه لاءِ گهائجي ٿي ويو، کانئس
ڇني هن مسڪين کي ڇويهه سال ٿيا آهن، پر ان بجليءَ
جي رو هينئر به رک_جان ۾ اڳئين وانگر پئي محسوس
ٿئي.
ڪڏهن يا ڪٿ ساڻس پهرين ملڻ جو موقعو مليو، سو هينئر ياد ڪو نه
اٿم، پر ايترو ياد اٿم ته ننڍڙائيءَ کان ئي آءٌ
سندس نيازمندن ۾ شامل ٿي چڪو هوس، سندس عمر ڪافي
هئي، منهنجي منهن تي اڃا ريهه به ڪا نه لٿي هئي،
پاڻ عالم ڪامل هو، آءٌ اڇا محض طالب علم، پاڻ
اسلامي تهذيب ۽ سنڌي تمدن جو نمونو هو ۽ منهنجي
سرتي انگريز بت سوار پاڻ اسوه رسول (صلعم) جو پيڪر
هو ۽ آءٌ ٻانه ٻڌي کڙيءُ کڻڻ تي تيار، پاڻ ڌارئي
راڄ جو پيدائشي دشمن هو ۽ مون لاءِ بندوق جو
پروانو نهشت جو پروانو! پاڻ ۾ ڪا به مناسبت ڪا به
هئي، ڪشش جو ڪو ظاهري ڪارڻ ڪو نه هو، پر ان هوندي
به ڪا شي هئي، ڪا ڇڪ هئي، بجليءَ جي شاڪ هئي، يا
بنهه ازل جو ڪو انتظام، جو دل جو ڪاڍو هر دم قمبر
ڏانهن ٿي رهيو، را هجي يا روهه، جهڙ هجي يا مينهن،
ڏينهن هجي يا شينهن، پير ان پاسي ئي ٿي پيو، اها
ويڌن ڇڙو مون ساڻ واڻيل ڪا نه هئي، مون نه ڏٺو ته
ڪنهن ماڻهوءَ شاهه سائين (احترامن کين شاهه سائين
چوندا هئاسين، سڄو نالو نه وٺڻ ۾ ايندو هو) کي هڪ
دفعو ڏٺو ۽ پوءِ ڀيرو ڀڳو، هڪ ڀيري آءٌ آڌريءَ رات
اچي سندس خدمت ۾ حاضر ٿيس، حيران ٿي پڇيائين ”خير
ته آهي؟“ جواب ۾ مون حضرت مولوي عبدالغفور صاحب
همايوني عليه الرحمته جي ڪافي چئي ٻڌايس:
تنهنجي زلفن بند ڪمند وڌا،
زنـــدان هـــزاريـــن مـــان نــه رڳـــو.
سچ به ائين هو، پاڻ پنهنجي ڳوٺ (علي خان) قمبر ۾ هجي يا سفر ۾،
پروانا شمع کان پري رهي ڪو نه ٿي سگهيا، جيڏانهن
ويندو هو، ساري انجمن ساڻس گڏ هوندي هئي،
سرمائيدار نه هو، وٽس نه حڪومتي اقتدار هو، نه
دنياداريءَ جو دٻدٻو نه سجاده جو سوال هو، نه
پيراڻا گهنڊ گهڙيال نه دنيوي بهتري جو دلاس ٿي
مليو، نه آخرت ۾ سفارش جو آسرو نه ڏيک هو، نه ويک،
کدر يا ڪوري بافتي جو چولو، گيڙو يا اڇي گوڏ، ڪلهي
۾ دلائل الخيرات ۽ ڪلام مجيد، هٿ ۾ نيٽ جو لڪڻ يا
ڪهاڙي، پيرن ۾ ڳؤرو بلوچستاني جوتو، اهو هو سندس
ظاهري لباس پر پوءِ به ماڻهن جا ڳاهٽ لڳا پيا
هوندا هئا، ديسي توڙي پرديسي ڪن ته هڪ دفعو وٽس
پهچڻ ۽ کين ڏسڻ پڄاڻا مري وٽانئس موڪلايو، مولانا
بخاري نالي هڪ بزرگ تاشقند يا بخارا مان ڪهي اچي
وٽس پهتو هو، هن سنڌي پير جي پريت ۾ اڳيان پويان
وساري ويهي رهيو، مئو به سندس در تي ۽ علي خان
واريءَ وڏيءَ مسجد جي دروازي ٻاهران دفن ٿيو، هڪ
ٻيو شخص ”ملنگ“ نالي وٽس رهندو ڏٺم، ڪٿان جو هو،
اصل نسل ڇا هوس، سو معلوم ڪو نه ٿيو، ساري زندگي
شاهه سائين جي خدمت ۾گذاريائين. ملنگ جي مسرتن ۽
ڪامرانين جو معراج اهو هوندو هو ته شاهه سائين
ساڻس ٻه اکر ڳالهائي يا کيس ڪنهن ڪم ڪار لاءِ حڪم
ڏئي، اهڙا ٻيا به ڪيئي مثال ٿي گذريا.
انسان ريجهائڻ نانگ ريجهائڻ کان ڏکيو آهي، ڪتو ٽڪر وٺي پڇ
لٽڪائيندو آهي، مرون چوڻ کائي پنهنجو مٿو وڃائيندو
آهي، پر انسان ئي اها آفت آهي، جنهن جي ڀڀ ڀرڻ ۽
مٿس ٿورن ٿڦڻ کان پوءِ به منجهس شرم ۽ شڪر گذاريءَ
جو آسرو رکڻ ڄڻ جوا کيڏڻي آهي.
پر پير تراب عليءَ جي نوڙي جنهن نڪ ۾ پئجي ويل هئي، تنهن جو ڇڄڻ
يا ان ماڻهوءَ جو ناڪيلي ڇنائي ڀڄڻ ناممڪن هوندو
هو.
سندس حلقه احباب ۾ امير به هوندا هئا ۽ غريب به، پر سندس لطف
جو لاڙو زياده تر غريب دوستن طرف هوندو هو، سندس
خيال هو ته امير بنسبت غريب جو ضمير زياده صاف ۽
غريب جي دوستي زياده بيغرض ۽ زياده پائدار ٿئي ٿي.
سعد الله نالي هڪ پوڙهو پٺاڻ نانوائي، لاڙڪاڻي جي سيئو بازار ۾،
ونگن واري چئوسول وٽ کٽ رکي، ديڳڙو چاڙهيو، ويٺو
هوندو هو، پير صاحب جي ساڻس ڪڏهن کان ۽ ڪيئن دوستي
ٿي، تنهن جو پتو ڪو نه اٿم، پر مون کي ياد نه آهي
ته ڪڏهن پير صاحب لاڙڪاڻي آيو هجي يا لاڙڪاڻي مان
لانگهائو ٿيو هجي ۽ پهرين سعد الله جو سلام نه ڪيو
هجيس، سعد الله جا رڌل نان، پاوا کائڻ، پيٽ ۾
باروت ڀرڻو هوندو هو، پر سعد الله سان پير صاحب جي
دوستيءَ ڪري اها ڪسٽي، پير صاحب سان گڏ، اسان کي
به ڪاٽڻي پوندي هئي. آءٌ قدري گستاخ هوس. ڪڏهن
ڪڏهن سعد الله جي غليظ رهڻي ڪهڻي ۽ سندس مغلظ نان-
پاون تي ٽيڪا ٽپڻي ڪري ويهندو هوس. پاڻ کلي
فرمائيندو هو.
”سعد الله جي ڪپڙن ۽ ڇنوڙي کٽولي ڏانهن نه نهاريو، سعد الله جي
انسان لڇڻ تي نظر ڪريو، سندس غريباڻا نان_پارا پيٽ
لاءِ ثقيل سهي، پر اميرن جي دم المساڪين ۾ دم ٿيل
ديڳڙن وانگر، روح تي گران گذرڻ وارا نه
آهن......وقت ايندو، جڏهن سعد الله جي سچائيءَ
وارا ماڻهو ڳولئي به ڪو نه لڀندا......ميان علي
محمد! ٻڌو ٿا؟ اها ڳالهه ياد رکجو!“
پر شاهه سائين جي صحبت ۾ رهندي محسوس ئي ڪو نه ٿي ٿيو ته ڪو
اهڙو سمو به ڏسڻو پوندو، جنهن ۾ ماڻهو موجود
هوندا، پر صحيح ماڻهو موڪلائي ويل هوندو.
سعد الله کان سواءِ هڪ ٻي مصيبت به هوندي هئي، اهو هو هڪ تمام
پوڙهو، نيم نابينا، ٽانگي وارو، ڀڳوڙيءَ ٻگهيءَ ۾
سڪل ۽ چٽر ٽٽون جوٽيو وتندو هو، ٽٽون ٿڪبو هو ته
وچ رستي ۾، حوائج ضروري پوري ڪرڻ جي بهاني سان،
بيهي رهندو هو، چهبوڪ هڻوس ته اٽو هڻندو، واڳ مان
وٺي ٻه قدم اڳتي ڇڪيوس ته چار پير پئتي هٽي ويندو،
ڪجهه ٿڪ، ڪجهه ضد، ڪجهه موڊ جو معاملو، سواريءَ
کي همشه ٽٽونءِ جي مرضيءَ تي هلڻو پوندو هو، شاهه
سائين جڏهن به لاڙڪاڻي ايندو هو ته گهڻُ ڪري ان
ٽانگي ۾ ئي سواري ڪندو هو، ڇو ته ٽانگي واري سان
پراڻي دوستي هيس!
هڪ ڏينهن شاهه سائين ۽ آءٌ ان ٽانگي ۾ سوار هئاسون، دستور موجب،
گهوڙو هلندي هلندي اڌ پنڌ تي بيهي رهيو، شاهه
سائين حڪم ڪيو ته ”ٽانگي مان لهي بيهي رهو،
جيستائين گهوڙو وري هلڻ جو خيال ڪري“ حڪم جي تعميل
ته ٿي، پر ٽٽونءَ جي شان ۾ منهنجي واتان چند
ناگفته به ”ورڊ“ ادا ٿي ويا، شاهه سائين مشڪندو
رهيو، اهو ڏينهن ڪليڪٽر صاحب سان وڏيرن جي ملاقات
جو هو، وڏيرن سان ڀريل ٽانگن جا ٽانگا ڪليڪٽريءَ
ڏانهن وهندا ٿي رهيا، اهي قافلا ڏسي، شاهه سائين
فرمايو:
”ڇا ٿا ڀانيو، مستر راشدي! اسان جن دوستن وڏيرن کان ته هيءُ
ٽٽون وڌيڪ خود دار آهي، پنهنجي مرضيءَ کان سواءِ
ڪو نه ٿو هلي ۽ زور زبردستيءَ کي بنهه ڪو نه ٿو
ليکي، پر اسان جن وڏيرن دوستن کي جيڪڏهن ڪليڪٽر
وٽان حڪم ملي ته ٽانگن ۾ جوٽجي سرڪاري سواريون
ڇڪيو ته ٿيندي کين مجال جو هن ٽٽونءَ وانگر وچ
رستي ۾ بيهي سرڪاري سوارين کي اٽون هڻن؟ اوهان
انگريزي پيا پڙهو، ٿورو انصاف ڪري ڏسو! ڪير وڌيڪ
آزاد طبيعت ۽ تنهن ڪري وڌيڪ عزت جو لائق آهي؟ هي
ٽٽون، يا هو اشرف المخلوقات؟“
شاهه سائينءَ جي انگريزن سان قطعا ڪا نه پوندي هئي، سندس سياسي
نظرين ۽ ڪارگذارين جو قصو اڳتي ايندو، هت ايترو
چوڻ ڪافي ٿيندو ته انگريزن جي گورن خواهه ڪارن
اهلڪارن کان سخت نفرت هوندي هيس، منجهانئن ڪنهن
سان به ملاقات ڪا نه ڪندو هو، انگريز ڏسندو هو ته
منهن پاسي ڪري ڇڏيندو هو، فرمائيندا هو ”بيوس
آهيون، پر جي ويريءَ تائين هٿ رسي نٿو سگهي ته گهٽ
۾ گهٽ اکين جي غيرت ته قائم رکون“
هڪ دفعي جو قصو آهي، شاهه سائين4 جي بلوچستان وڃڻ تي سرڪار
طرفان بندشت پيل هئي، سندس ارادو ٿيو ته بلوچستان
وڃي، مون پنهنجي ڏاڏي مرحوم کي عرض ڪيو ته سنڌ جي
ڪمشنر کي چئي، شاهه سائينءَ تان اها بندش لهرائي،
ان زماني ۾ سنڌ جو ڪمشنر ريو صاحب هوندو هو، ڏاڏو
مرحوم شاهه سائين ۽ آءُ ڪراچي ۾ هئاسون، ڏاڏي
مرحوم ڪمشنر سان ڳالهه ڪئي، ڪمشنر صاحب چيس ته
”شاهه صاحب کي مون وٽ وٺي اچو، مون کي ساڻس ملڻ جو
شوق آهي، بندش لهي ويندي“ ڏاڏو مرحوم ڏاڍو خوش
ٿيو، موٽي اچي شاهه سائينءَ کي ڪمشنر ڏانهن هلڻ
لاءِ چيائين، شاهه سائين وراڻي ڏنس.
”سائين منهنجا! اهڙا ڪم اسان کان ٿي سگهن ها ته اها بندش ئي ڇو
پوي ها؟ ٻن پئي بلوچستان جو اهڙو سير، جنهن خاطر
آءٌ پنهنجو اصول ٽوڙيان“
ڏاڏو مرحوم ڪمشنر سان وعدو ڪري آيو هو ته هو شاهه سائين کي وٽس
وٺي ويندو، شاهه سائين جي انڪار بعد موٽي وڃي نرم۽
مناسب اکرن ۾ کيس ٻڌايائين ته شاهه صاحب اچڻ کان
معذور آهي، ڪمشنر زور ڀريس ته شاهه صاحب جي جواب
جا اصلي اکر ٻڌائي، ڏاڏي مرحوم لفظ بلفظ شاهه صاحب
جو جواب چئي ٻڌايس، غصي ۾ اچڻ بدران، انگريز ڪمشنر
جي چهري تي رونق اچي وئي، چيائين”
”اهڙي اصول واري ماڻهوءَ لاءِ اسان کي عزت هجڻ گهرجي، پير تراب
علي شاهه کي اسان جا سلام ڏيو، کيس ٻڌايو ته اسان
بندش لاهي ڇڏي، پاڻ ڪنهن به وقت بلوچستان وڃي سگهي
ٿو، افسوس آهي جو اسين کيس ڏسي نٿا سگهون“.
شاهه سائين بلوچستان هليو ويو آءٌ به سندس خدمت ۾ گڏ ويس، ايترا
ڏينهن کانئس پري رهڻ ناممڪن هو، سندس پهتي،
بلوچستان ۾ به سندس چوڌاري ساڳيو ميلو لڳي ويو.
پنهنجي پيري_مريديءَ يا روحاني حيثيت جي شاهه سائين ڪا به نمائش
ڪا نه ڪندو هو، سندس نمونو ڪاروباري پيرن کان بلڪل
جدا هوندو هو، نزرو نياز وٺڻ بدران پاڻ ٻين جي
پرورش ڪندو هو، رات ڏينهن سندس ننگر پيو هلندو هو،
ننگر تي نالو ته ننگر جو هو، پر حقيقت ۾ اميراڻو
دسترخوان هوندو هو، سفر ۾ سمورن ساٿين جو ڪرايو
خرچ پاڻ ڀريندو هو، پاڻ حڪيم هو ۽ تمام وڏي پايي
جو، پر دوا درمل ڪندو هو ته پيسن خاطر نه، قيمتي
کان قيمتي دوائون مفت ۾ ڏئي ڇڏيندو هو، سندس
دواخانو هميشه خساري ۾ رهيو.
سندس پيري دڪانداري ڪا نه هئي، ان زماني ۾ ڪن دڪاندارن پير
صاحبن جا ٻيا نمونا هوندا هئا، مذهب جو ڏيک ويک،
تقدس جي تشهير، پرهيزگاريءَ جي نمائش، پاڻ کان گهٽ
رياڪارن تي ٺٺول ۽ تمسخر، عمل کان وڌيڪ ظاهريءَ تي
زور، رياءَ جي گريوزاري، سڻڀن مريدن سان
رازداريون، غريب مريدن کي مسجد ۾ وڃي مانجهادي ڪرڻ
جو ڏس، نذرانن ميڙڻ لاءِ گهر گهر گهمڻ، زيارتون،
دعوتون، گهمنڊ گهڙيال، مولود، مناجاتون_جتان گهمي
ويا ڄڻ ماڪڙ ڦيرو ڏئي وئي.
شاهه سائينءَ جو ان تجارت سان ڪو واسطو ڪو نه هو، سندس پنهنجي
زندگي اسوه رسول صلي الله عليه وسلم جو نمونو هئي
۽ بس. جنهن شخص تي ان نموني جو اثر پاڻهر تو نه
پيو، ان کان باز پرس ڪا نه ٿيندي هئي، ماڻهن سان
سندس هلت ۾ هڪ خاص قسم جي لطافت هوندي هئي، ساڻس
تقرب جو اثر آهستي آهستي اڳلي جي طبيعت ۾ سرايت
ڪندو رهندو هو، پيراڻي وٺ پڪڙ يا مولويانه مواخذي
جو سوال ڪو نه هوندو هو، پاڻ صبح جي نماز لاءِ
اٿندو هو مون کي ستل ڏسندو ته پري کان پنهنجو پاڻ
سان ڳالهائڻ شروع ڪندو ته جيئن آواز تي منهنجي اک
کلي وڃي، ڪڏهن ڪڏهن ويجهو اچي مشفقانه انداز ۾
سرٻاٽ ڪندو ”ميان صاحب! اتي به ٽڪر نماز جا هٽي
ڇڏيو ته هوند ڇا ٿي پوي!“ ڪنهن ڏينهن طبيعت تي خاص
انبساط جي ڪيفيت هوندس ته ٽنگ يا ٻانهن کان وٺي
ڌوڻيندو ”اٿ! شرم ڪو نه ٿو اچئي؟ اٿ وضو... ڪر
اٿ!، اٿ...اٿ!“ سندس اها بي تڪلفي وڏي اعزاز مانند
هئي ۽ اهو ڪن خوش نصيبن کي حاصل ٿيو.
رسول الله صلي الله عليه وسلم جو اهڙو عاشق مون ساريءَ زندگي ۾
ٻيو ڪو نه ڏٺو آهي، اسلامي دنيا جا گهڻا مرڪز ڏٺا
اٿم، گهڻين ئي خانقاهن، درگاهن ۽ سجادن جون
زيارتون ڪيون اٿم، پر سندس پايي جو ٻيوعاشق رسول
نظر ڪو نه پيو اٿم، حضور پاڪ جو نالو ايندو هو ته
چهرو مبارڪ سرخ ٿي ويندو هوس ۽ اکين ۾ غير معمولي
چمڪ اچي ويندي هيس، سندس ڪمري ۾ ڪاغذ جي پرزي تي
”الله“ تعاليٰ ۽ ”محمد“ صلعم لکيل، ديوار تي لڳو
پيو هوندو هو، تحرير سٺي ڪا نه هئي، سو مون عرض
ڪيو ته اهو ڪاغذ لاهي ان جي جاءِ تي ڪو سهڻو لکيل
۽ گلڪاريءَ سان سينگاريل قطعو ڇو نها هڻو؟ جواب
ڏنائين ”غرض ان مٺي نانءُ سان آهي، ڪنهن جي تحرير
سان نه آهي“ ويٺي ويٺي نظر ان ڪاغذ تي پوندي هيس
ته جسم ۾ ڌرڙي اڀري ويندي هيس، ڪڏهن ڪڏهن ڪلاڪن جا
ڪلاڪ تنهائي ۾ ويٺو ان ڪاغذ ڏانهن ڏسندو هو.
آل رسول صه جو بيحد احترام ڪندو هو، هڪ دفعي آءٌ نوابشاهه ضلعي
جي هڪ سيد کان سخت شاڪي ٿي پيس، ووٽن جي ڳالهه
هئي، سيد صاحب هڪ غلط اميدوار کان ”نذرانو“ وٺي ۽
ڪامورن جي دٻاءَ ۾ اچي، پنهنجي مريدن جا ووٽ ان
اميدوار کي ڏياريا هئا، شاهه سائين پاڻ به ان قسم
جي رشوتي ”مرشدن“ کي ڏاڍو ڌڪاريندو هو، چوندو هو
”پيسا وٺي، يا ڪامورن مان پنهنجن ڪمن ڪڍڻ خاطر،
ووٽ جهڙيءَ قومي امانت کي وڪڻڻ ايڏو گناهه آهي، جو
شايد الله تعاليٰ به معاف نه ڪري، ووٽ جو اثر حقوق
العباد تي پوي ٿي ۽ حقوق العباد جي سلسلي ۾ ٿيل
گناهه ۽ قصور معاف ٿيڻ مشڪل آهي، سندس انهن خيالن
جو فائدو وٺي، آءُ نوابشاهه واري سيد متعلق ڪجهه
ڪچا پڪا اکر چئي ويٺس، فرمايائين ”خبردار! سنڌي
چوڻي آهي، ڪتا تو نه لڄ، تنهنجي ڌڻين لڄ، ان سيد
جي پنهنجيءُ روش ڏانهن نه ڏس، سندس ناني ڏاڏي جو
لحاظ رک، ڏکيا اکر نه استعمال ڪر. ”ان موقعي تي
پاڻ پنهنجي استاد حضرت مولانا غلام صديق صاحب
شهداد ڪوٽيءَ رحته الله عليه جو هڪ قصو بيان
فرمايائين: ”چي، مولانا صاحب جن هڪ رات پنهنجيءَ
مسجد شريف جي صحن ۾ سمهيا پيا هئا، جنهن دم سندن
اک ٿي لڳي ته حضور صلعي الله عليه وسلم جن کي
پنهنجن پيرن ڏانهن بيٺل ٿي ڏٺائون، بي ادبيءَ جي
ڀؤ وچان، ڇرڪ ڀري اٿي ٿي کڙا ٿيا، ننڊ ڪرڻ جي
ڪيترا ڀيرا ڪوشش ڪيائون، مگر هر دفعي اها واردات
ڏسندا رهيا، کين ڏاڍي بي آرامي محسوس ٿي، آخر اٿي
مسجد جي صحن ۾ سمهيل مسافرن جو جائزو وٺڻ لڳا،
ڏٺائون ته سندن پيرن واري پاسي ڏانهن، فاصلي تي هڪ
شخص سمهيو پيو آهي، ان کي اٿاري، کانئس سندس نالو
ذاتي پڇيائيون، معلوم ٿيو تين ته اهو شخص هڪ عريب
مسافر سيد آهن، کيس اتان اٿاري، پنهنجن مٿن ڏانهن
سمجهاريائون، ان کان پوءِ پهرين واري ڪيفيت نظر ڪا
نه آين ۽ سمهي آرام ڪيائون.“
مون شاهه سائينءَ کان پڇيو ته رات ڏينهن پيا سيد ڌڪا کائن ۽ خلق
جي پيرن ڏانهن ۽ پيرن ۾ سمهن، مگر ڪنهن کي به رسول
الله صلعي الله عليه وسلم جي زيارت نصيب ڪا نه پئي
ٿئي؟ فرمايائين ”ڏوراپا پنهنجن کي ڏبا آهن، غيرن
تي ڪهڙيون ميارون؟ اکين سڄي انسان جو پير غلط رستي
تي پوندو ته ڏک ٿيندو، پر اکين جي انڌي واٽهڙيءَ
کي جيڏانهن وڻي تيڏانهن پيو هلي، انڌي کي شرمائڻ
تي ڪير پنهنجو وقت ضايع ڪندو؟“
ان زماني جو هڪ امير ڏاڍو مغرور انسان هوندو هو، ڪجهه لکيل
پڙهيل ۽ جهانديدو به هو، ٽوڪباريءَ ۽ چٿرن ڪرڻ جو
شوق هوس، قدرت خدا جي، منجهس هڪ خاص قسم جي ڪمزوري
هئي، جيڪا ماڻهن ۾ عام مشهوري ٿي چڪي هئي، نتيجو
اهو نڪتو هو جو پاڻ ماڻهن کي کلون ڪندو وتندو هو ۽
ماڻهو کيس ڏسي پيا کلندا هئا، هڪ دفعي ريل جي
ساڳئي ئي گاڏي ۾ شاهه سائين کي ان ”امير“ سان گڏ
سفر ڪرڻو پيو، ٻه ٽي ٻيا ماڻهو به گاڏي ۾ هئا،
امير جي طبيعت ۾ چرپر پيدا ٿي، شاهه سائينءَ سان
مخاطب ٿي چوڻ لڳو.
”جناب پير صاحب! تاريخ جي مستند ڪتابن جي مطالعي مان معلوم
ٿيندو رهي ٿو ته اڳئين زماني جا پير صاحبان ڏاڍا
روشن ضمير، ڪامل امڪل ۽ ڪانيءَ ڪرامت جا صاحب
هوندا هئا. خبر نه آهي ته هن زماني ۾ اهڙي اعليٰ
درجي جا پير ڇو نٿا پيدا ٿين. هن زماني جا پير ته
فقط نذرانا وصول ڪرڻ لاءِ وتن جهٽيون هڻندا.“
شاهه سائينءَ وراڻي ڏنس.
”جناب والا! اڳئين زماني جا مريد به ته اعليٰ پايي جا انسان
هوندا هئا، اڄوڪي قسم جي مريدن خاطر الله تعاليٰ
ڇو اهڙا چڱا پير ضايع ڪري ها، جهڙا هاڻوڪا مريد،
تهڙا هاڻوڪا مرشد“
پت ڪڇي جي اڳلو ڪڇي.
پير تراب علي شاهه سائينءَ جي سياسي زندگيءَ جي بهار مون ڪا نه
ڏٺي، مون کان اڳ ٿي گذري هئي، جيتريقدر معلوم ٿيم،
سو هيءُ هو ته انگريز کي اسلام جو دشمن ۽ انگريز
راڄ هيٺ سنڌ ۽ هند کي دارالحرب سمجهندو هو، سنڌ جي
پنهنجيءَ تهذيب، روايتن ۽ طرز رندگيءَ تي کيس ڏاڍو
فخر هوندو هو، سندس خيالات تي ٽن ماڻهن جو خاص اثر
رهيو هو، |