وائـــــي
نارائڻ ”شيام“
(1)
ڪوئل جي ڪونجار، |
|
مون نه جوانيءَ ۾ لکي! |
هير ڀني جي اوٽ ۾، |
|
|
آئي جا هٻڪار |
|
مون نه جوانيءَ ۾ لکي! |
پوپٽ نچندا ٿي رهيا، |
|
|
رنگ رتي جهنڪار |
|
مون نه جوانيءَ ۾ لکي! |
وڻج نجوئي نور جو |
|
|
تـــارن جـــــي بـــازار |
|
مون نه جوانيءَ ۾ لکي |
ڪــهڙيءَ ڌن ۾ڌوڪبي |
|
|
ويـئـــي ڪيـئن ڄمار |
|
مون نه جوانيءَ ۾ لکي! |
(2)
تنهنجو ناتو، راڻا! مومل ڪاڻ نصيحت !
کير ڀريا جي هٿڙا، اڄ سي هنجن هاڻي
مومل ڪاڻ نصيحت!
ڀونئر ڀنڀوليا، جن تي، سي ته ڪنور ڪوماڻا
مومل ڪاڻ نصيحت!
سانگ ڏسي سومل جو ڳهريا نيڻ نماڻا
مومل ڪاڻ نصيحت!
ماڻن جي ماڳن تي، ورهه وسايا ڀاڻا
مومل ڪاڻ نصيحت!
ڪالهه پڇايو جن ٿي، اڄ تن لاءِ پڇاڻا
مومل ڪاڻ نصيحت!
هري دلگير
(1)
ڳاءِ ڪوي! تون ڳاءِ پيو، ڪير ٻڌي يا ڪو نه ٻڌي!
واهه وڻن ۾ ڪنهن لئه ڳائي
ڪير ٻڌي يا ڪو نه ٻڌي!
ڪوئل ڪنهن جي دل بهلائي؟
ڪير ٻڌي يا ڪو نه ٻڌي!
ساري گم سارنگ سڻائي
ڪير ٻڌي يا ڪو نه ٻڌي!
جهرڻو ٿو جهر جهر ۾ ڳائي
ڪير ٻڌي يا ڪو نه ٻڌي
ساگر ويٺو ساز وڄائي
ڪير ٻڌي يا ڪو نه ٻڌي.
(2)
پريتم ڏي هلجي، اوسائين، پريتم ڏي هلجي!
ڪو نه ويهڻ مان ورڻو آهي، پنڌ اٿي پئجي_اوسائين،...
پنڌ گهڻو ۽ جيون ٿورو، پنڇي ٿي پڄجي_اوسائين،...
پريت بنا ٿئي پنڌ نه پورو، خيالن کي کڻجي_اوسائين،...
چپ چپ چاهه سدا چمڪائي، چنڊ جيان چلجي_اوسائين،...
هير جيان ٿي هلڪو هلجي، پاڻ هتي ڇڏي جي_اوسائين،...
عبدالڪريم پلي
هڪ پل تان نه جٽي، جڏڙو جيءُ پرين ري.
رڙهنديس راٻي سامهين، سانگا سڀئي سٽي...
ڪين ٿي ڄاڻان ڪوهه ويو، منهڙو محب مٽي...
ڊوهي ڊوهيان ڪيترو، هنئڙو هڏ نه هٽي...
ڏکيا سکيا ڏينهڙا، وڃبا نيٺ ڪٽي...
شال ”ڪريم“ ڪٺيءَ جو، لالڻ لوڙهه لٽي...
الطاف عباسي
ندي ڪناري آهه، اسان کيڄڻ ته ازل جي آس
اجهي نه پنهنجي پياس
سهڻن سهڻن گلڙن اندر رهيو نه ڪوئي واس
اجهي نه پنهنجي پياس.
آزاديءَ جي ڌوتي پويان لڳي ٿياسين داس
اجهي نه پنهنجي پياس
امن سندا پوڄاري کائن آدمين جو ماس
اجهي نه پنهنجي پياس
سڃ سڄي ٿي سنڌڙيءَ ۾، ڄڻ گهمي ويو راڪاس
اجهي نه پنهنجي پياس
گــــيـــت
نياز همايوني
تــنــهــنـجـي دنـيـا سـڀ رنـگ سـانـول!
تنهنجي دنيا سڀ رنگ سانول،
مون وٽ روپ نڪو ٻهروپ، الا!
تنهنجي دنيا انڊلٺ ريکا
منهنجي دنيا گدلا بادل...
تنهنجي دنيا سج جا پاڇا
منهنجي دنيا چنڊ جان گهايل...
تنهنجي دنيا لهريون لوڏا
منهنجي دنيا اجڙيل ساحل...
تنهنجي دنيا چيٽ جا ميلا
منهنجي دنيا هيڪل وياڪل...
تنهنجي دنيا سندر سپنا،
منهنجي دنيا اکڙيون اوجاڳيل...
منهنجي دنيا مرگهه ترشنا
تنهنجي دنيا رمندا بادل...
قيوم ”طرزا“
ڀـــيـــڄ، ســـنـــڌڙي!
ڇيڄ وجهڻ اڄ آئي ڇپرين،
ڪـــــاري ســـــاوڻ ڪـــڪــــري:
ڀيڄ!
ڀـــلا جــيـئــيـن سنڌڙي!
پک پکيڙا سيهي سنڀري،
نـــاچ ڪــنــدا ســـڀ نـــڪــري:
ڀيڄ!
ڀــلا جــيـئــيــن سنڌڙي!
کيتن تي اڄ ڪڻيون ڪرنديون،
ســـــــــلا ٿــــــيـــــنـــــدا ســـــــاوا،
وڻن جا مک ڌوپي ٿيندا
اجــــرا، اڄ جــيــئــن ڄـــاوا
خاڪ منجهان پڻ خوشبو ايندي،
مــشــڪ عــنـبـر کــســتــوري
ڀيڄ!
ڀلا جيئين سنڌڙي!
دڳ تي جيڪي دٻڙا ٿيندا،
ســنــوت ۾ هــونــدا ســڀ!
جهرڻا سمجهي جهرڪيون اينديون،
پـــر پـــســائــيـنــديــون ســـڀ،
پاڻ ۾ ويهي رانديون رمنديون،
چاهه ڏيئي سي چڪري:
ڀيڄ!
ڀلا جيئين سنڌڙي!
ٻار سمورا سانگ ڇڏي ۽
اوڍي هـــيــــٺ آنـــگـــوڇــــا،
ڪنول گل جيئن ٽڙندا ايندا،
ڇــــر جــــر ڇــــاڇـــولـــيـــنـــدا،
سرڳ جي سا سڪ لاهيندي.
جنت جي هيءُ ٺڪري؛
ڀيڄ!
ڀلا جيئين سنڌڙي!
وڏڙن جا پڻ ٽهڪ ٻڌبا،
چهڪ پائيندا چڪ،
تن تنور جيان تپي ويندو،
منهن تي هوندي مرڪ،
تون جو هوندين دور، پرين،
مون لئه ڪهڙي ڪڪڙي؟
ڀيڄ!
ڀلا جيئين سنڌڙي!
ايشور چند
اوســـيــئـــڙو
سانوڻ آيو، پر نه پرين پرڏيهي واپس آيو!
اوسيڙي ۾ منهنجون اکڙيون ويٺيون آس لڳائي،
ٿي برساتي بوند به منهنجي من ۾ آگ لڳائي،
ويٺي آهيان، باهه برهه جي سيني ساڻ لڳايو،
سانوڻ آيو...
پنهنجي سهڻل سوڍل کي مان ويٺي هر هر ساريان،
هاءِ، سڄڻ جي خاطر ويٺي پل پل واٽ نهاريان،
ڪانگل ! کيس تون چئج وڃي، ڪر هاڻ ورڻ جو سعيو.
سانوڻ آيو...
ساريون راتيون ساري ساري، اکڙين نير وهايو،
هاءِ، پرينءَ جو مون مئيءُ لئه ڪو نه نياپو آيو،
مون مومل جيان جاڳي پنهنجي راڻي لئه واجهايو.
سانوڻ آيو...
راز ناٿن
شاهي
او منهنجا ميت !
اچ تون مون وٽ منهنجا ميت ! تو کي پڪارن منهنجا گيت.
او منهنجا ميت !
هلڪي هلڪي بوندا باري، موسم آهي، پياري پياري ٿيون
ڪــڪريون ڪـــارونــڀـار:
ڇڏ تون رسڻ جي ريت، او منهنجا ميت !
ويري هي سنسار، پيارا، زور ڏئي ٿو طعنا نيارا،
دل کــــي نـــاهـــه قــــرار،
آ ته ٿئي ڪا پنهنجي جيت، او منهنجا ميت!
ڇم ڇم پيا ٿا نيڻ وهن، دامن تي ٿا داغ ٺهن،
دور نه رهه تون، يار !
اچ ته نباهيون پريت، او منهنجا ميت !
غــــزل
امداد حسيني
موتي ائين نه رول، تون موتي ائين نه رول،
آءَ جهليان ٿو جهول، تون موتي ائين نه رول،
بازار ۾ هٽن تي خريدار سڀ سڃا،
موتين جي مٽ نه مول، تون موتي ائين نه رول
ڇا لئه ٿا نيري ڍنڍ ۾ ترندڙ ڪنول ٻڏن،
ڪجهه ٻول، ڪجهه ته ٻول، تون موتي ائين نه رول
هر لڙڪ پٽ پئي ٿو ڳجهي ڳالهڙي سلي،
دل کي ائين نه کول، تون موتي ائين نه رول
تون ٻار وانگي روئي پئين ٿي، اي منهنجي دل
مون وٽ نه شي نه ٽول، تون موتي ائين نه رول
ٻاهر گهٽيءَ ۾ آهه ڪو جوڳيءَ جي ويس ۾،
دروازي کي ته کول، تون موتي ائين نه رول
اٿ اٿ اڱڻ تي آءُ ۽ سرهي هوا ۾ بيهه،
اچ اچ ۽ سچ کي کول، تون موتي ائين نه رول،
مان تو تان اول گهول، تون موتي ائين نه رول
من آهه ڊانواڊول، تون موتي ائين نه رول
آوارا بادلن جي پٺيان ڪهڙو ڊوڙبو،
امداد آهه رول، تون موتي ائين نه رول.
هري دلگير
وڻي ٿي اڃان زندگي ڪجهه نه ڪجهه
زماني ۾ آ دلڪشي ڪجهه نه ڪجهه
ورهايون جي پنهنجي خوشي ڪجهه نه ڪجهه،
ته بيشڪ سا ويندي وڌي ڪجهه نه ڪجهه
ڪو سائين ڪو ساٿي، سڄڻ ڪو اثم،
مڙن سان اٿم دوستي ڪجهه نه ڪجهه
سراسر برو ڪو ته ٿيڻو نه آهه،
منجهس بات هوندي چڱي ڪجهه نه ڪجهه
وري تنهنجا ڳوڙها پيئڻ ٿو گهران
وري تلخ مي ڇڪ ڪئي ڪجهه نه ڪجهه
پگهارڻ گهريم سخت پٿر وري،
وٺي ويئي ديوانگي ڪجهه نه ڪجهه
ٻڌڻ جي گهرن ٿا، سي ٻڌندا ضرور،
ڪري بات ٿي خامشي ڪجهه نه ڪجهه
ڏيئي ساز، دل، گيت چاهيئي ٻڌڻ،
ته ڪرڻي پئي شاعري ڪجهه نه ڪجهه
جڏهن ناهه ”دلگير“ سان دلربا،
ته هر چيز ۾ آ ڪمي ڪجهه نه ڪجهه
ذوالفقار راشدي
اسين جنهن کي به چاهيون ٿا ته پوڄڻ لاءِ چاهيون ٿا،
نه آ مهڻو اسان وٽ هي مگر دستور آ، سائين!
نوازش جي نظر آهي ته ڄڻ دنيا اسان جي آ،
اسان لئه قرب سکڻو ڀي نسورو نور آ، سائين !
هٻڇ ڪانهي، مليو جيڪي، عطا آهي، سخا آهي،
مليو جيڪو چڪو تو کان، اهو منظور آ، سائين!
اڻانگا پيچرا، ڏاڍا ڏکيا رستا ئي رندن جا،
سڻائو زهد آهي، رند پنجڻ سور آ، سائين!
پيئون ٿا بس، بلا نوشي وئي فطرت ۾ ٿي داخل،
ننڍي لاڪون پيئڻ جو ٿي پيو ناسور آ، سائين!
وري ڪا ياد تي دل کي ستائي، خيال کي رولي،
الائي ڪهڙو اڄ مون کي ويو پئجي پور آ، سائين!
عبدالڪريم پلي
ڪريان ڪوشش ٿو ڪافي پنهنجي پر ۾،
ســـڪـــون خـــاطــــر تـــلاش بــيـــخـبــــر ۾
بجز ويرانگي ناهي ٻيو ڪجهه،
ڀلي جاچي ڏسي ڪو چشم، تر ۾،
طبيبن وس ڪيا پنهنجا وڏا پر
نه آئي ڪا ڪمي درد جگر ۾،
بري کي بد ورائي ڪين چئو جو
چڱائي آهه، پنهان درگذر ۾
نگاهن ۾ سڄڻ جيڪا رکي ٿو،
ڪٿي سا دلڪشي شمس و قمر ۾،
ڪريم افسرده، ڇو ٿو ٿين اجايو،
نه آهي دير ڪا باقي سحر ۾.
نديم انصاري
ڪنهن سان همدردي ڪندو هي، آسمان مفله مزاج،
ظرف اونڌو ڇا ڪندو پورو ڪنهين جو احتجاج؟
حسن وارن جو سراسر سخت تر آهي، مزاج،
عشق وارن وٽ وفا، صبر و رضا جو ٿيو رواج،
ڪهڙي ڪم جي دل هجي جا درد کان ناآشنا
درد ڪهڙو درد، جنهن جو ٿي وڃي جهٽ پٽ علاج!
هر خوشي غم کان سواءِ ڄڻ ساز بي آواز آهه،
خار ريءَ گل، آهه گويا بي حفاظت تخت و تاج،
هر قدم منزل کي آڻي ٿو سگهي، تنهنجي قريب،
تنهنجي هر مشڪل جو همت ئي فقط آهي، علاج.
شرط آهي سوز، دل، آه رسا جي واسطي،
ساز ٿئي پرسوز، پر مضراب جو آ احتجاج.
هن چمن ۾ مسڪرائڻ تي به قميت ٿي لڳي،
صبحدم گل ڪيو ادا مالهيءَ کي ڳوڙهن جو خراج.
تون سخي آهين، سڄڻ، پر منهنجي قسمت جو قصور،
تنهنجي در تائين اچڻ ڏئي ٿو نه دربان بدمزاج
آسمان ڇا تنهنجي بگڙي کي بنائيندو نديم
پنهنجي محفل منتشر جو هن ڪيو ڪهڙو علاج؟
رشيد ”ارشد“
نهادرن جيان ”ارشد“ ڪو جي ته ڏيکاري!
فراز دار کي ڪوئي ڇهي ته ڏيکاري!
نشيب وقت جي درياهه ۾ ترڻ سولو،
خلاف وهڪ مگر ڪو تري ته ڏيکاري!
شڪم جي آتش سوزان، ۾ ٿا جلن انسان
غم جيب ۾ ڀي ڪو جلي ته ڏيکاري!
جهان فردا و امروز کي دوام ملي،
ڪو عهد رفته جي ديوانگي ته ڏيکاري!
گريبان چاڪ ڪري ٿو، جنون ۾ فرزانو
مگر بهار ۾ ان کي سبي ته ڏيکاري!
محسن ڪڪڙائي
ڪوئي منهنجي دنيا ۾ ڪچڪول کڻي آيو،
جنت جو سڄو آن ۾ ماحول کڻي آيو!
رسمن جا ٽڳا ٽوڙي، دنيا کان ڇني ناتا،
آزاد محبت جو ڄڻ جهول کڻي آيو،
انجام کان بيپر وا، جذبن جي سهاري تي،
دنيا کان بچي، الفت انمول کڻي آيو.
خاموش تماشائي رهجي يا مڃي وٺجي،
پيغام وفا آهي، اڄ ڍول کڻي آيو.
محسن ڏي نگاهن جي دامن ۾ لڪائيندو،
جوڀن جي تقاضائن جي ٻول کڻي آيو.
جان محمد عباس فدا
با وفا هي جهان به آهي ڪٿ!
هت وفا جو نشان به آهي ڪٿ!
ڇو رکين دام، واسطي عنقا
هن جو هٿ آشيان به آهي، ڪٿ
اي صبا، ڪر خبر ته دلبر جي،
دلربا دلستان به آهي ڪٿ؟
ساقيا، دل گهري ٿي باده ناب،
ڄام مسي ارغوان به آهي ڪٿ
ڪر مدد، پهچان تنهنجي منزل تي،
بي نشان جو نشان به آهي، ڪٿ؟
آءٌ چمندس، اکين تي لائيندس،
يار جو آستان به آهي ڪٿ
ٿيو، ”فدا“ ورد، نام دلبر جو،
ذڪر ٻيو بر زبان به آهي ڪٿ.
|