آخر ۾ موصوف مختلف فنڪارن ۽ فن سان محبت رکندڙن ڏانهن اشارو
ڪندي چيو ته ”ڪو زمانو هو، جڏهن عام طور اهو خيال
ڪيو ويندو هو ته فنڪاره خوبيون قدرت طرفان ڪن خاص
ماڻهن کي عطا ٿينديون آهن، جن کي سندن ميرن ڪپڙن ۾
ئي ڊگهين، اڻتراشيل، ڏاڙهين وسيلي سڃاڻي سگهبو
آهي، فنڪار جو تصور هڪ اهڙي بکايل ماڻهو جو تصور
هوندو هو، جنهن جو صحيح قدر سندس مرڻ پڄاڻا محسوس
ڪري سگهجي ٿو، ماضي ۾ اهڙا خيال فن ۽ فنڪارن لاءِ
انتهائي مضر ثابت ٿيا، پر خوشيءَ جي ڳالهه آهي جو
اڄ جي فنڪارن معاشري ۾ پنهنجي صحيح مقام حاصل ڪرڻ
لاءِ ڪوشش شروع ڪئي آهي“.
ان کان پوءِ ”ميوزيمس ائسوسيئيشن آف پاڪستان“ جي صدر جناب ممتاز
حسن پنهنجي صدارتي خطبي جي شروعات ۾ دستوري طور
حاضرين جي خوش آمديد ڪرڻ بعد لاهور شهر جي قدامت ۽
ان جي رنگارنگي ۽ انقلابي زندگيءَ جو بيان ڪندي
ٻڌايو ته هي اهو ئي شهر آهي، جنهن آرايا قوم جي
هندستان تي چڙهائي، يونانين جي ڪاهه، هندو ۽ ٻڌ
ڌرم جي هڪٻئي تي فوقيت، مسلمانن جو هزاري سالن
تائين شان ۽ شوڪت سئو سالن تائين برطانوي تسلط ۽
آخرڪار اڄ کان 17 سال اڳ، اسان جي هن آزاد ۽
خودمختيارمملڪت پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ جو تماشو
ڏٺو آهي.
صاحب موصوف لاهور شهر جي بنياد پوڻ ۽ ان جي شروعاتي تاريخ تي
روشني وجهندي فرمايو ته ”ان باري ۾ ڪا به قطعي
معلومات موجود ڪا نه آهي، ڪن جو خيال آهي ته هن
شهر جو بنيار رامائڻ جي مشهور هيري ”رام چند“ جي
پٽ لوهه يا لاوا وڌو هو، جنهن ڪري هن تي موجود
نالو پيو، حالانڪه اهو اعتقاد گهڻي ڀاڱي هڪ بي
مالا يا ڏندڪٿا جي بنياد تي بيٺل آهي، هن شهر جو
نالو مختلف زمانن ۾ مختلف صورتن ۾ هن طرح ملي ٿو،
لوهاور، لهاور، لاهاوور، لاهنور، لاهانور، پر آخر
۾ انهيءَ نالي اها صورت اختيار ڪئي، جنهن سان اڄ
اسين سوشناس آهيون لاهور آثار قديمه کاتي طرفان
لاهور قلعي ۾ جيڪي تازه ترين کوٽايون ٿيون آهن، تن
مان جيڪي آثار مليا آهن، تن مان لاهور شهر جي
قدامت گپتا گهراڻي جي دور تائين ثابت ٿي آهي، جو
چوٿين صديءَ عيسوي ۾ هو، بهرحال، لاهور شهر جي
قيامت خواهه ڪيتري به هجي پر هي حقيقت پنهنجي جاءِ
تي صحيح آهي ته جيتوڻيڪ لاهور برصغير هند_ پاڪ
۾پهريون مسلم داراالخلافه نه هو،ان جي باوجود
هندستاني مسلمانن جي ثقافت سڀ کان اول هتي ئي جنم
ورتو، اڄ به مسعود سعد السليمان جو دردانگيز آواز،
نيشانپور مان، پنهنجي محبوب شهر لاءِ لاءِ
نغمهسرائي ڪندي هن طرح ٻڌڻ ۾اچي ٿو:
نگار من به لهاوور و من به نيشاپور.
مغل هندستان جي خوبصورت ملڪه نور جهان، جنهن جو خاڪي جسم هن
ئيشهر ۾ دفن آهي، پنهنجي محبوب شهر کي هنن غير
فاني لفظن ۾ خراب عقيدت پيش ڪيو آهي.
لاهور را به جان برابر خريده ايم،
جان داده ايم، جنت ديگر خريده آيم.
لاهور صدين تائين صوفي بزرگن جو مرڪز پڻ رهيو آهي، جنهن لاءِ
علي هجويريءَ جي مزار زنده ثبوت آهي ، ساڳئي شهر
اوڻهين صدي عيسويءَ جي اوائلي سالن دوران رنجيت
سنگهه جي اقتدارکي اڀرندي ڏٺو، جنهن جي اخلاق،
ڪاميابين، ۽ ڪارنامن متعلق هن وقت تائين تاريخ
نويس پورو اندازو نه ڪري سگهيا آهن، اسان جي
زماني ۾ لاهور اسان جي عظيم ترين فيلسوف شاعر
”اقبال“ جو شهر بڻيو، جو پاڪستان جي نظريي جو ابو
۽ ان جو وڏي ۾ وڏو حامي هو، اهو لاهور شهر جي
مئڪلوڊ روڊ تي واقع سندس گهر هو، جنهن ۾ ويهي
اقبال سڀ کان اول هلندڙ ويهين صدي جي ٻئي ڏهاڪي
دوران پاڪستان جو خواب ڏٺو هو، جنهن کي بعد ۾ هن
30 ڊسمبر 1930ع تي الهه آباد ۾ منعقد ٿيل مسلم ليگ
جي ڪانفرنس ۾ پنهنجي صدارتي خطبي ۾ پيش ڪيو، اهو
وري به لاهور کي شرف مليو، جو 23 مارچ 1940ع تي
پاڪستان جي تاريخي ٺهراءَ هتي منظور ڪيو ويو“.
مسٽر ممتاز حسن وڌيڪ فرمايو ته ”ميوزيمس ائسوسيئيشن جي صدر جي
حيثيت ۾ آءُ ساليانين ڪانفرنسن وقت پنهنجي صدارتي
تقريرن ۾ پاڪستان جي مختلف عجائب خانن جي صورتحال
۽ عجائب خانن لاءِ تيار ڪيل رٿائن جو تفصيلوار
جائزووٺندو آهيان، ان طرح ڄڻ ته آئون پاڻ کي ۽
پنهنجن دوستن کي ملڪ جي عجائب گهرن جي دوري تي وٺي
ويندو آهيان ۽ ان جي نتيجي ۾ مون کي وڏي خوشي حاصل
ٿيندي رهي آهي، ڇو جو مون کي اڪثر حالتن ۾ ترقي
جون ئي رپورٽون پيش ڪرڻيون پيون آهن ۽ نه پٺ تي
رهجي وڃڻ جون هن سال مون پنهنجي گذريل دستور ۾
ڪجهه ترميم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي ته جيئن پاڻ ۽
پنهنجي دوستن کي ڪم از ڪم اهڙين نااميدن کان بچائي
وجهان جن کي ٽاري سگهجي ٿو، مون کي ائين ڪرڻ جي
همت خاص طرح ان ڪري ٿي آهي جو هن وقت اهڙي صورتحال
اسان جي آڏوآهي، جنهن موجب هن ملڪ جي عجائب گهرن ۽
آثار قديمه جي متعلق ڪن عام ڳالهين ڪرڻ جي ضرورت
آءٌ محسوس ڪري رهيو آهيان، ڪجهه وقت کان وٺي مون
کي ڪن اهڙن حلقن کان آثار قديمه جي بيفائدي هئڻ
جون ڳالهيون پئي ٻڌيون آهن، جن کي واقعي بهتر طرح
باخبر هئڻ گهرجي، تنهن ڪري آءٌ پاڻ کان هڪڙي هن
سوال پڇڻ لاءِ مجبور آهيان ته ڇا عجائب گهر ۽ آثار
قديمه واقعي ئي وقت جو زيان آهن.
”جيستائين منهنجو شخصي تعلق آهي، منهنجي آثار قديمه ۾شوقيا
دلچسپي ٻن ڳالهين تي مبني آهي، هڪ ته آثار قديمه
تاريخ ۾ رهيل خال کي پر ڪن ٿا، قديم زماني جا
تاريخ نويس ايتريقدر سست يا بي خبر هئا، جن انهن
بادشاهن، راڻين، وزيرن ۽ فوجي سپهه سالارن کان
سواءِ اسان کي ٻيو ڪجهه به ڪو ٻڌايو، هاڻي اهو
آثار قديمه جي ماهر جو فرض وڃي رهيو آهي ته هو
قديم زماني جي عام ماڻهو جي غريباڻي گهر کي کوٽي
ڪڍي ۽ سندس روزمرده جي قديم زندگي جي هڪ جهلڪ اسان
کي ڏيکاري، ٻيو ته جيئن وڌيڪ اوهين کوٽيندا تيئن
وڌيڪ اوهان کي ماڻهن، قومن، ثقافتن ۽ تهذيبن جي
درميان تعلق نظر ايندو، اها ڄاڻ اسان کي هڪ ٻئي جي
وڌيڪ قريب آڻي ٿي، جا ڳالهه پنهنجي ليکي اسانجي هن
مصيبت زده دنيا ۾ جا اڪثر وقتن تي ايٽمي جنگ ڇڙڻ
جي سايي ۾ رهي ٿي، امن جي راهه ۾ هڪ زبردست حقيقت
جي حيثيت رکي ٿي“.
”شخصي سمجهاڻين ۽ وضاحتن کان طئي نظر ڇا آسارا قديمه تاريخ جي
شاخ ناهي، جنهن جي لکڻ ۽ پڙهڻ ۾ اسان مسلمانن
هميشه کان خاص فخر محسوس ڪيو آهي، بقول اقبال قرآن
بار بار اسان جو ڌيان قدر ۽ تاريخ فرف ڇڪائي ٿو،
تاريخ مان اسان کي ماضي جا سبق ملن ٿا، ان مان
اسان کي معلوم ٿئي ٿو ته اڳئي زماني جا ماڻهو ۽
قومون ڪيئن گذاريندا هئا، ڪهڙين ڳالهين تي سندن
ڪاميابين ۽ تباهين جو مدار هوندو هو، اسين هن لاءِ
تاريخ جو مطالعو ڪندا آهيون ته جيئن خبر پوي ته
اسان کي ڪهڙيون ڳالهيون اختيار ڪرڻ گهرجن ۽ ڪهڙين
کان پاسو ڪرڻ جڳائي هي ڳالهه بهرحال ياد رکڻ ضروري
آهي ته گذريل زماني جو مطالعو پنهنجي سر اصل مقصد
ناهي، ان جي اهميت فقط هيتري قدر آهي جو اهو هلندڙ
دور ۾ اسان جي رهبري ڪرڻ ۾ مدد ڪري ٿو، ماضي کان
حال ۽ حال کان مستقبل وڌيڪ اهميت رکي ٿو، ساڳئي
وقت اها به حقيقت آهي ته حال ماضي جي پيداوار آهي
۽ مستقبل حال جي چناچي تاريخي ڇنڊڇاڻ ۽ آثار قديمه
جي کوٽائي کي جا تاريخ جو هڪ حصو آهي، اسان وٽ
اهميت هئڻ گهرجي“.
صاحب موصوف تقريب جو سلسلو جاري رکندي وڌيڪ فرمايو ته ”جيسين
قدرت جو تعلق آهي اسان مسلمانن کي ان جي خفيه رازن
کي خوجنا ذريعي معلوم ڪرڻ ۽ ان جي قوتن کي انسان
ذات تي خدمت لاءِ ڪتب آڻڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي،
قدرت مٿان اها نام نهاد فتح ئي آهي جا انسانذات کي
سندس ماحول مٿان قبضو ۽ اختيار ڏئي ٿي، انسانذات
جون طاقتور ئي قومون ٿين ٿيون، جن جا سائنسدان ۽
ٽيڪنيڪي ماهر نين ايجادن ڪرڻ ۽ نون نون هنرن ۽ فنن
جي تحقيقات ڪرڻ ۾ هر دم مصروف رهن ٿا ۽ انهن جي
بدخلاف جن قومن جا افراد مادي جي دنيا کان دور هن
ٿا ۽ فقط شاعرانه شغلن ۽ غير عملي تصورن ۾ وقت
وڃان ٿا، سي پٺ تي رهجيووڃن، اها فقط سائنسي ۽
ٽيڪنيڪي ترقي ئي آهي، جا انسانذات جي حال ۽ مستقبل
کي بنيادي طور سنوارڻ ۾ مدد ڏئي ٿي ۽ تاريخ جو
مطالعو خصوصن گذريل چئن، پنجن صدين جو اسان لاءِ
انتهائي وڏي اهميت ۽ قيمت رکي ٿو، ڇاڪاڻ ته اهو
مسلمانن مان جاچ ۽ خوج جي جذبي جي فنا ٿيڻ ۽ سندن
تباهي ۽ تنزل جي درميان باهمي تعلق کي ظاهر ڪري
ٿو، تنهن ڪري هي حقيقت ظاهر آهي ته اسان پاڪستانين
کي تاريخ جو اهو عظيم سبق خاص طور قدرت جي هن
مانڊاڻ جي سائنسي خوج جي قدر سڃاڻن وري ياد ڪرڻ
گهرجي جو هن دنيا ۾ طاقت جو وڏي ۾ وڏو ذريعو آهي.
هن دفعو جڏهن اها طاقت قبضي ۾ اچي وئي ته پوءِ ان
جو استعمال انهن احڪامن مطابق ٿيندو، جيڪي اسان
لاءِ اسلام مقرر ڪيا آهن، پر اسان کي سڀ کان اڳ ۾
انهيءَ طاقت تي قبضو حاصل ڪرڻو آهي.
”جيستائين عجائب گهرن جو سوال آهي، اسان کي نه فقط تاريخ ۽ آثار
قديمه جي عجائب گهرن جي گهرج آهي، پر اهڙن سائنسي
عجائب گهرن جي ضرورت به آهي، جن ۾ انساني ذهنن جي
کوجنا ۽ تحقيقات جي مختلف ميدانن مان ٿيل
پيشقدميءَ جي چٽي تصوير پيش ڪيل هجي، درحقيقت
سائنسي عجائب گهر تاريخ ۽ قديم آثارن جي عجائب
گهرن کان وڌيڪ اهم آهن ۽ اسان کي سڄي ملڪ ۾ اهڙن
عجائب گهرن جو هڪ وڏو سلسلو قائم ڪرڻ گهرجي، اهي
عجائب گهرن اسان کي پنهنجي ماڻهن کي انهيءَ عظيم
سائنسي ورثي بابت معلومات فراهم ڪرڻ ۾ مدد ڏيندا،
جو اسان خود پنهنجي بي احتياطيءَ ۽ بيپرواهيءَ سبب
غيرن جي هٿن ۾ وڃن ڏنو آهي، جي ان کي استعمال ڪرڻ
جا وڌيڪ لائق هئا، ڊريپر جو قول آهي ته جديد
سائنس جو وجود ئي مسلمانن جو مرهون منت آهي، هاڻي
اسان کي سائنس کي وري پنهنجو بنائڻو پوندو، جيڪڏهن
اسان کي پاڻ کي اسلام ۽ پاڪستان جي لائق ثابت ڪرڻو
آهي.
”گذريل سالن دوران مون مختلف قسمن جا عجائب گهرن، جهڙوڪ تاريخي،
آثار قديمه، قومن جي سائنسي تحقيقات، لوڪ فن، ٻارن
جي عجائب گهرن ۽ ٻين جي قيام متعلق گهڻو ڪجهه پئي
ڳالهايو آهي، اهي عجائب گهر جيتوڻيڪ پنهنجيءَ
پنهنجيءَ جاءِ تي مفيد آهه پر ان جي باوجود،
منهنجي راءِ ۾ پاڪستان کي اڄ گهڻي کان گهڻي ضرورت
اهڙن عجائب گهرن جي آهي، جي سائنس جي مختلف شاخن،
جهڙوڪ طبعيات، ڪيميا، انجم شناسي، حياتيات ۽
نفسيات لاءِ مخصوص هجن، اهڙا ننڍا وڏا عجائب گهر
اسان جي يونيورسٽين جي مختلف شعبن ۾ آهن، پر اهي
ناڪافيآهن، اهڙ عجائب گهر عام شهرين لاءِ کليل هئڻ
گهرجن، جي سائنسي معلومات حاصل ڪرڻ ۾ ايتريقدر
دلچسپي رکن ٿا، جنهن جو اسين پورو انداز نٿا ڪري
سگهون. حڪومت جي ان ڏس ۾ ذميداري ضرور آهي، پر
عوام تي اڃا به وڌيڪ ذميداري آهي. درحقيقت اسان جي
مخير ۽ دولتمند حضرات لاءِ سندن پئسن جو ههڙو بهتر
مصرف ٻيو ڪو نه ٿي سگهندو، ڇا، آءٌ اميد ڪريان ته
هو انهيءَ تجويز تي ڪجهه سوچ ويچار ڪندا؟“
مسٽر ممتاز حسين وڌيڪ فرمايو ته ”اسان جي سڀني عجائب گهرن ۾
جيڪا يڪسان نموني جي ڪمي نظر اچي ٿي، سا اها ته
ڪنهن به عجائب گهر وٽ مڙني موجود شين، مسودن،
عجائبات ۽ نادرات جو ڪو مڪمل ڪئٽلاگ ٺهيل ڪونهي ۽
جيستائين اها ڪمي پوري نه ڪئي ويندي، تيستائين اهي
شيون عام ماڻهن، محققن ۽ طالبعلمن لاءِ بيسود ثابت
ٿينديون، تازو اسان جي قومي عجائب گهر ۾ ڪئٽلاگ
تيار ڪرڻو جو ڪم هٿ ۾ کنيو ويو آهي، پر اهو اڃا
ابتدائي مرحلن ۾ آهي، ضرورت آهي ته پاڪستان جا سڀ
عجائب گهر پنهنجين اهڙين شين جا باقاعدي ڪئٽلاگ
تيار ڪن ۽ جن اڳي ئي تيار ڪيا آهن، سي انهن کي وقت
بوقت مڪمل ڪندا رهن.“
صاحب موصوف وڌيڪ فرمايو ”بدقسمتيءَ سان اسان جي عجائب گهرن لاءِ
لئبارٽرين جي سهولت ڪونهي، آثار قديمه کاتي وٽ
جيڪا ننڍي لئبارٽري آهي، تنهن ۾ اضافي ڪرڻ ۽ ان کي
جديد بنائڻ جي ضرورت آبي، ته جيئن ان کي سڀني شين
جي قداتم ۽ تاريخ مقرر ڪرڻ،م تجزيي ڪرڻ ۽ آخرڪار
محفوظ ڪري رکڻ ۾ مدد ملي، ان لاءِ نه فقط وڌيڪ ساز
سامان گهرجي، بلڪي ان کي هلائڻ لاءِ تربيت يافته
عملي جي به ضرورت آهي، انهيءَ لئبارٽريءَ کي اهڙي
سطح تي آڻڻو پوندو جو اها ملڪ جي نه فقط سڀني
موجوده عجائب گهرن جي ضرورتن کي پورو ڪري سگهي،
بهتر ته ائين ٿيندو ته سڄي ملڪ لاءِ هڪ ليباٽريءَ
جي بجاءِ، هر هڪ عجائب گهر ۾ هڪ جدا ڪيميائي
لئبارٽري قائم ڪرڻ گهرهجي، هن باري ۾ جيڪڏهن وڌيڪ
تاخير کان ڪم ورتو ويو ته مون کي انديشوآهي ته
ڪيئي املهه ۽ نادر شيون اسان جي هٿان ضايع ٿي
وينديون، جنهن جو سلسلو اڳي ئي شروع ٿي چڪو آهي.
” عجائب گهرن جي عملي جي تربيت جو ڪم قومي عجائب گهر ڪري
سگهندو، پر ان کان علاوه يونيسڪو ۽ بن ٻين بين
الاقوامي ادارن جي پڻ امداد حاصل ڪري سگهبي، جي
اسان جي علمي جي ٻاهرين ملڪن ۾ تربيت لاءِ انتظام
ڪرڻ ۾ عملي دلچسپي وٺي سگهي، عجائب گهرن جي
ائسوسئيشن انهيءَ پروگرام جي انتظام ڪرڻ ۾ عملي
دلچسپي وٺي سگهي تي، جيتوڻيڪ اها بدقسمتيءَ سان
پئسي جي امداد ڪرڻ جي پوزيسن ۾ ناهي. عجائب گهرن
کي هلائڻ، انهن ۾ رکيل شين جي نمائش ۽ عام انتظام،
هر هڪ عجائب گهر جي حالت ۾ جدا جدا طريقي سان ڪيو
وڃي ٿو، بهتر ٿيندو، جيڪڏهن عجائب گهرن جي ميعادي
جانچ پڙتال ڪئي وڃي، جنهن لاءِ مرڪزي حڪومت کي
انسپيڪٽرن جي تربيت جو انتظام ڪرڻ کپي، عجائب گهرن
جي ڪارڪردگيءَ کي بهتر بنائڻ ۽ انهن جي اعليٰ
معيار کي قائم رکڻ لاءِ تمام ضروري آهي ته انهن جي
هميسه چڱي نظرداري ڪئي وڃي.
”آخر مون کي اهو چوڻو آهي ته پاڪستان ۾ اسان کي گهڻي کان گهڻا
عجائب گهر گهرجن، خاص طرح سائنس، تاريخ ۽ آثار
قديمه جا عجائب گهر. اهي عجائب گهر تعليم جو هڪ
اهم ذريعو آهن، جن کي ابتدائي ۽ ثانوي اسڪولن جي
تعليمي پروگرام جو حصو هجڻ گهرجي، اسان کي ڪن ٿورن
وڏن شهرن ۾ چند وڏن عجائب گهرن جي موجودگيءَ سان
مطمئن نه رهڻ گهرجي. عجائب گهرن جي معلومات کي ملڪ
جي هر هڪ ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ڦهلائڻ گهرجي ۽ عوام جي سڀني
طبقن ۾ ان کي اهڙيءَ طرح پهچائڻ گهرجي، جهڙيءَ طرح
اقتصادي فائدن کي سڀني طبقن جي عام ۽ خاص ماڻهن
تائين پهچائڻ ضروري آهي نه وري ڏهن لکن ماڻهن جي
پٺيان هڪ عجائب گهر کي ڪافي سمجهڻ گهرجي، بلڪ جيئن
جيئن وقت گذرندو ويندو، تيئن تيئن انهيءَ سلسلي ۾
اسانجين ضرورتن ۾اضافو ٿيندو ويندو.“
آخر ۾ صدر موصوف اميد ڪئي ته ٽينءَ پنجساله ترقياتي رٿا ۾ عجائب
گهرن جي ترقيءِ ۾ واڌاري لاءِ ڪافي گنجائڻ رکي
ويندي. هن چيوته ”ٻيءَ پنجساله ترقياتي رٿا ۾
عجائب گهرن جي ترقياتيءَ ۽ واڌاري لاءِ 32 لک
روپين جي جيڪا رقم رکي وئي هئي، تنهن بابت آءُ هن
وقت وڌيڪ ڪجهه چوڻ نٿو چاهيانم، پر ٽينءَ رٿا ۾
جيڪڏهن هڪ ڪروڙ روپين جي رقم کان گهڙ گنجائش رکي
وئي، جنهن ۾ اسلام آباد واري قومي عجائب گهر شامل
نه ڪيو وڃي ته پوءِ ملڪي عجائب گهرن جي جديد طرز
تي خاطر خواهه ترقي ۽ ترويج ٿي سگهڻ مشڪل آهي، آءُ
ايترو ضرور چوند سه عجائب گهر تعليمي مقصدن کي
پوري ڪرڻ سان گڏ غير ملڪي سياحن لاءِ پڻ ڪشش جا
مرڪز ٿين ٿا ۽ اهڙيءَ طرح اسان جو ملڪ ان مانغير
ملڪي ناڻو به ڪمائي سگهندو.“
ان کان پوءِ پاڪستان جي آثار قديمه کاتي جي ڊائريڪٽر جناب ايف
ايم خان ”سينٽو“ طرفان آثار قديمه تي ڪوٺايل
سمپوزيم کي خطاب ڪندي اهڙي قسم جي سمپوزيم کي
لاهور جهڙي قديم شهر ۾ ڪوٺائڻ جي موزنيت جي تعريف
ڪئي، هن چيو ته ”اهو ئي شهر آهي، جتي قديم زماني ۾
ترڪن ۽ ايرانين گڏجي هڪ نئينءَ ثقافت کي جنم، ڏنو،
جنهن کي اڄ اسين پنهنجي ثقافت سڏيون ٿا، لاهور ۽
ان جي آسپاس اسان جا قديم يادگار، اسان جون
عادتون، خوراڪ ۽ زندگيءَ جا طور طريقا انهيءَ
باهمي تعاون ۽ قريبي رشتي جا ثبوت فراهم ڪن ٿا، جو
ترڪ ۽ ايراني نسل جي ماڻهن سان اسان کي رهيو آهي.“
صاحب موصوف سينٽو طرفان منعقد ڪيل هن سمپوزيم جي تعريف ڪندي چيو
ته ”آثار قديمه ئي فقط هڪ اهڙوضابطو آهي، جنهن جي
وسيلي اسين پنهنجي ماضيءَ جي ڪهاڻيءَ کي نئين سر
لکي سگهون ٿا، آثار قديمه جي اڄ جي کوجنائن هيءَ
حقيقت ثابت ڪئي آهي ته قديم تهذيبن جو جنم محض
اتفاق يا حادثو نه هو، اهو هڪ اهڙو پيچيدو سلسلو
آهي، جنهن ۾ فڪر ۽ فنون جي ترقيءَن ۽ واڌاري ۾
انسان جدوجهد وڏو ڪردار ادا ڪيو آهي، انهيءَ راهه
۾ اسان جي انهن پيشروئن، جي هن خطي جا باشندا هئا،
جيڪو ڪردار ادا ڪيو آهي، سو اسان سڀني کي معلوم
آهي، دجله ۽ فرات جي واديءَ سان گڏوگڏ، هن علائقي
به انتهائي قديم تهذيبن کي پاڻ وٽ جنم ڏنو، تنهن
ڪري هن علائقي ۾ جيڪي قديم آثار ملن ٿا، تن مان
اسان کي پنهنجي قديم تهذيب ۽ ثقافت جي مسلسل ڪهاڻي
مرتب ڪرڻ لاءِ جيڪي ذميداريون عائد ٿين ٿيون، سي
نهايت اهم آهن، خوشيءَ جو مقام آهي جو اسان جا
آثار قديمه جا ماهر انهيءَ ذميداريءَ کي نباهڻ
لاءِ قابل قدر ڪم ڪري رهيا آهن، مون کي هيءَ حقيقت
تسليم ڪرڻي پوي ٿي ته تازو ترڪي، ايران ۽ پاڪستان
۾ جيڪي قديم آثار ڳولي لڌا ويا آهن، تن اسان جي
لظريهء حيات ۾ ئي وڏو ڦيرو آڻي ڇڏيو آهي، پاڪستان
جي علائقي اڄ کان پنج هزار سال اڳ هڪ اهڙو انقلاب
ڏٺو، جنهن کي اسين ”سنڌو سڀيتا“ سڏيون ٿا، پاڪستان
جي آثار قديمه ۾ ڪوٽ ڏجيءَ ۾ سنڌو سڀيتا کان
اوائلي دور جا آثار دستياب ٿيا آهن، جن جا ٻار هن
طبقا آهن، انهن مان مٿيان چار طبقا گڏيل سڏيل سنڌو
سڀيتا جا آهن ۽ ترقي هيٺيان آٺ يقيني طور ڪنهن
اوائلي تهذيب سان واسطو رکن ٿا، ڀمڀور جي کوٽائين
مان پڻ اهڙيون شيون مليون آهن، جي انهيءَ سڄي
علائقي جي مشترڪ تهذيب جي غمازي ڪن ٿا،ان کان
پوئين دور ۾ ترڪي، ايران ۽ پاڪستان جي علائقي کي
اسلام جي انقلابي تحريڪ، جا تاريخي دور جي
روشنائيءَ ۾ ٿي گذري، هڪ نئين تهذيب ۽ ثقافت بخشي،
جنهن با آثار منارن، مسجدن ۽ قبن جي اڏاوت،
گلڪاريءَ ۽ خوشخطيءَ جي نمونن مان ملن ٿا. |