ڀنڀور جي کوٽائيءَ مان مليل ٺڪرين تي لکيل اکرن جي
وڌيڪ اڀياس کان پوءِ ھن نتيجي تي پھچجي ٿو ته ابن
نديم ۽ البرونيءَ جيڪا راءِ ڏني ھئي، سا سچي ۽
صحيح ھئي، ان سلسلي ۾ پھرين 1968ع ۾، پوءِ 1976ع ۾
ان کانپوءِ 1979ع ۾ ڪڍيل نتيجن ۾ اھو عرض ڪيو ويو
ھو ته ھتان لاڙي يا لوھاڻڪي ۽ ارڌناگري رسم الخط
جا ثبوت ۽ نمونا مليا آھن. تازو ڊاڪٽر محمد رفيق
مغل صاحب طرفان منصوره ۾ ڪل کوٽائيءَ مان مليل ڪن
ٺڪرين تي به لوھاڻڪي يعني لاڙي خط جا ثبوت مليا
آھن.
جڳ مشھور ماھر قديم آثار ڊاڪٽر داني پنھنجي
Indian Paleography
۾ برصغير جي ھندستان واري اڪثر حصن ۾ رسم الخط جي
مختلف نمونن جو مطالعو ڪيو آھي ۽ ان سلسلي ۾ حوالا
به ڏنا آھن، پر ڊاڪٽر صاحب کي سنڌ جي باري ۾ شايد
ڪا معلومات ملي ڪانه سگھي، جيتوڻيڪ عرب سياحن سنڌي
رسم الخط ۾ سنڌ ۾ مروج رسم الخط طرف واضح طور
اشارا ڪيا ھئا ۽ انھن جا نالا پڻ ڏنا ھئا، ڊاڪٽر
داني صاحب پنھنجي مذڪوره ڪتاب ۾ پرانتڪ يعني
صوبائي لپين جو پڻ ذڪر ڪيو آھي ۽ انھن ۾ ھندستان
جي مشرقي مغربي، اتر، اتر- اولھ، ڏکڻ وارن صوبن جي
لپين جو ذڪر ڪيو آھي، پر ڊاڪٽر صاحب جو ڪتاب صرف
سنڌ جي ذڪر کان خالي آھي. ڊاڪٽر صاحب پنھنجي ڪتاب
XVIa Plate
۽
XVIb تي ”ملوالي“ رسم الخط جا مثال ۽ حوالا ڏنا آھن، پر ھي خط سنڌ ۾
ڳولڻ جي تڪليف ڪانه ورتي اٿن، جنھن جو ذڪر
البيروني به ڪيو آھي.
منھنجي خيال ۾ جنھن رسم الخط کي سرگريئرسن ڪراچي ضلعي جو رسم
الخط ٿو سڏي، سو اصل ۾ لاڙي يا لوھاڻڪو رسم الخط
آھي.
ھن کان اڳ ھڪ ٺڪريءَ تي لکيل لاڙي يا لوھاڻڪي اکرن جي پڙھڻ جي
ڪوشش ڪئي ويئي ھئي ۽ باقي رھيل ٻن ٺڪرين تي لکيل
اکرن جي پڙھڻي لاءِ ڪوشش ڪرڻي ھئم. ھن ڪانفرنس
[ڀنڀور سيمينار- 1983 ع ] لاءِ اھو مناسب سمجھيم
ته ڀنڀور وارين انھن باقي ٻن ٺڪرين جي پڙھڻيءَ جي
باري ۾ ڪجھه عرض ڪريان. اڳ ۾ جاحظ جي حوالي سان
بيان ڪيو اٿم ته سنڌ جا ماڻھو عام رياضي، علم نجوم
۽ حسابن ۾ ڪافي اڳتي ھئا. جاحظ جي ھن دعو جو دليل
ڀنڀور مان لڌل ھڪ ٺڪريءَ تي لکيل اکرن مان ملي ٿو.
ھن ٺڪري جي اڀياس مان ھڪ ته اُن دور جي انگن لکڻ جي خبر پوي ٿي.
انگن جي لکيل صورت مان پتو پوي ٿو ته ان زماني ۾
به سنڌ ۾ علم رياضيءَ جو عام رواج ھو. ماڻھن کي
انگن ۽ انھن جي ڳاڻيٽن ۽ حساب ڪتاب رکڻ جي پوري
ڄاڻ ھئي. ھو نه فقط انگن جي سڄي صورت مان واقف ھئا
۽ ان جي لکڻ جو وٽن رواج ھو پر ماپ ۽ تور ۾ وڌيڪ
آسانيءَ لاءِ انگن جي ڀاڱن ۽ جزن جي به کين نه فقط
زباني طور ڄاڻ ۽ خبر ھئي پر ان جو لکت ۾ به اظھار
ڪري سگھندا ھئا. ڪنھن به قوم وٽ اھڙي ترقي يافته
طريقي جو ھجڻ ان قوم جي ذھانت جو ثبوت آھي. ھن
ٺڪريءَ (نمبر پھرين ص 15) جي ٻي سٽ ۾ ” “
اکر دراصل سڄي لفظ جي ”لنڊي“ ڇوٽي يا مخفن صورت
آھي، جنھن جي مراد آھي ”ماپ“. سنڌ ۾ اڄ به واپارين
وٽ ائين لکڻ جو رواج آھي. ھن سٽ ۾
” “ اکر مان
مراد آھي سوا ھڪ پاءُ، سڄي سٽ جي پڙھڻي ٿيندي ”ماپ
سوا ھڪ پاءُ“ ھن مان ھي ٿو اندازو لڳائي سگھجي ته
دڪاندار پنھنجي وقت بچائڻ لاءِ ڪنھن شيءِ جون سوا
ھڪ پاءٌ جون تور جيتريون پڙيون يا ويڙھيون اڳواٽ
ئي ٻڌي تيار ڪري رکندا ھئا ته جيئن دڪاندار ۽
خريدار جو وقت ضايع نه ٿئي.
علم رياضيءَ سان دلچسپي رکندڙ ماھرن لاءِ وڌيڪ دلچسپي وارو نقطو
ھي آھي ته ڀنڀور جا ماڻھو ڪنھن به شيءِ جي ننڍن
جزن مان به چڱي طرح واقف ھئا، ٻين لفظن ۾ ھيئن
چئبو ته سڄو، اڌ، پاءُ ۽ مُنو وغيره جھڙا جزا، ان
وقت به سنڌ ۾ روز مره جي زندگيءَ ۾ استعمال ٿيندا
ھئا.
ھن لفظ کان ھيٺ، ٽينءَ سٽ ۾ لکيل آھي ” “ جنھن
جي پڙھي آھي سوا ٻه، يعني ته ڀنڀور جو رھاڪو نه
فقط انگ اکر لکي سگھندا ھئا، پر جزن جي ڄاڻ کان
سواءِ انھن جزن جي لکڻ جو به وٽن رواج ھو. يعني ھو
وڏا حسابدان ۽ رياضيدان ھئا، جنھن جو ذهر جاحظ پڻ
ڪيو آھي.
اھڙي نموني صفحي 15 تي شڪل نمبر 3 ۾ ڏنل ٺڪريءَ تي جيڪي اکر
لکيل آھن تن جي پڙھڻ جي پڻ ڪوشش ڪئي ويئي آھي،
جيتوڻيڪ انھيءَ ٺڪريءَ جي پڙھڻيءَ مان آئون اڃا
مطمئن نه آھيان ۽ اھا دعويٰ نٿو ڪريان ته جيڪا
پڙھڻي مون مقرر ڪئي آھي اھا آخري ۽ بلڪل درست آھي،
پر ماھرن جي ڌيان ۽ سوچ فڪر لاءِ آءٌ پنھنجا رايا
پيش ڪريان ٿو ۽ ٻين ماھرن کي پڻ دعوت ٿو ڏيان ته
ھو به ھن ڏس ۾ ڪوشش ڪن. انھيءَ ٺڪريءَ تي پھرين سٽ
۾ جيڪي اکر لکيل آھن، اھي آھن:
ان جي پڙھڻي آھي (رمڊريھا پٽ) ”پٽ“ مان مراد ته ريشم آھي، پر
رمڊريھا ڇا آھي ان تي سوچڻو پوندو. ممڪن آھي ته ڪو
ريشم جو قسم ھجي.
ٻي سٽ ھن ريت لکيل آھي:
ان جي پڙھڻي آھي ”ڍيرو ھئڊرو“.
ٽينءَ سٽ ۾ ھي اکر لکيل آھن:
ان جي پڙھڻي آھي ”ننڍو“.
انھن ٺڪرين جي پڙھڻيءَ مان خبر پوي ٿي، ته ان وقت ڪھڙو ڪھڙو
ڪپڙو يا ٻيو سامان عام طور وڪامندو ھو. ڪھڙين
ڪھڙين شين جو واپار ھلندو ھو، ڪھڙا ڪھڙا رنگ
استعمال ٿيندا ھئا. ھنن ٺڪرين جي اڀياس کانپوءِ
سنڌ جي معاشي ۽ سماجي حالت ۽ ماڻھن جي نفسيات،
سندن طبيعت جي لاڙن، تھذيب ۽ تمدن جي باري ۾ ڪافي
ڪجھه چئي سگھجي ٿو[1].
(1)
(ڀنڀور نئشنل سيمينار 1983ع ۾ پڙھيل)
ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي
سنڌ ۾ ڪپڙي جي صنعت
سنڌ ۾ زراعت سان گڏ صنعت ۽ حرفت به قديم زماني کان موجود رھي
آھي. تمام قديم زماني ۾ به سنڌ جي ماڻھن ڪپڙي جي
صنعت، ٺڪر جي ٿانون، چمڙي جي ھنر ۽ ڪاٺ جي
ڪاريگريءَ ۾ وڏي ترڪي ڪئي ھئي. نه فقط ايترو، پر
چٽساليءَ جا به ماھر ھئا. ھو وڻن جي ڇوڏن، پَنن،
گلن ۽ ٻين شين مان رنگ جوڙي، ڪپڙو ۽ سٽ به رنڱيندا
ھئا، ته مٽيءَ جي ٿانون تي چٽسالي به ڪندا ھئا.
وونئڻن جي پوک ٿيندي ھئي، جنھن جي ڦٽين مان سٽ
ڪَتي، ڪپڙو اُڻيو ويندو ھو. اھو ڪپڙو پري پري
تائين ويندو ھو. موھن جي دڙي جي کوٽائيءَ مان
معلوم ٿئي ٿو، ته ان زماني ۾ سٽ ڪَتڻ جو ڪم گھر
گھر ٿيندو ھو، ڇاڪاڻ ته ڪيترائي ڪَتڻ جا ائٽ ھٿ
لڳا آھن. اھي ائٽ ٺڪر، سپ ۽ ٻين ڪن شين مان ٺھيل
آھن. اھو رواڪ لاڳيتو ھليو اچي، ويندي ماضي قريب
تائين موجود ھو. شاھ جي رسالي ۾ ”سر ڪاپائتي“
موجود آھي، جنھن مان معلوم ٿئي ٿو ته ھر گھر ۾
عورتون سُٽ ڪتينديون ھيون، اھو سُٽ ڏيئي ڪپڙا
ٺھرائينديون ھيون، مثال طور ھڪ بيت ڏجي ٿو:
ڪتڻ جي ڪانه ڪرين، سُتي ساھين ھڏ؛
صبح ايندءِ اوچتي، عيد اُگھاڙن گڏ.
جت سرتيون ڪندءِ سڏ، ات سڪندينءَ سينگار کي.
نه فقط ايترو، پر موھن جي دڙي مان ڪپڙي جو ثبوت به مليو آھي.
موھن جي دڙي جي کوٽائي دوران ڪپھه مان ٺھيل ڪپڙي
جو ھڪ ٽڪر مليو آھي، جنھن ۾ ٽامي ۽ چانديءَ جا
زيور ويڙھيل ھئا.ماھرن جو رايو آھي ته اھا ڪپڙي ۽
ڪپھ جي قديم ترين دريافت آھي. ان مان معلوم ٿئي ٿو
ته اڄ کان پنج ھزار سال اڳ صرف سنڌ ۾ ڪپھ جي پوک
ٿيندي ھئي، ۽ ڪپڙو ٺھندو ھو. ھيرو ڊوٽس عيسوي سن
کان 450 سال اڳ سنڌ ۾ وونئڻ جا وڻ ڏٺا ھئا، ان مان
واضح ٿيندو، ته سنڌ ۾ ڪپھ ٿيندي ھ.ئي ۽ ڪپڙو ٺھندو
ھو. ان کانسواءِ يوناني زبان ۾ ڪپھه ۽ ڪپڙي لاءِ
لفظ ”سنڌن“ يا ”سندن“ ملي ٿو. بابلي زبان ۾ ان
لاءِ لفظ ”سنڌو“ آيو آھي. اھو صاف ڏيکاري ٿو ته
سنڌ مان ڪپھ يا ان مان ٺھيل ڪپڙو دنياجي مختلف
ملڪن ڏانھن ويندو ھو.
سنڌڻ: عيسوي سن کان پنج صديون ا ڳ جي يوناني مورخ ھيرو ڊوٽس،
”سنڊن“ نالي ھڪ ڪپڙي جو ذڪر ڪيو آھي، جيڪو مصر،
بابل ۽ ڀونوچ سمنڊ جي ڪناري وارن ملڪن ۾ استعمال
ٿيندو ھو. انھيءَ ڪپڙي جو ذڪر اشور بانيپال جي
لائبريري لاءِ تيار ڪرايل بابلي الواح ۾ چار ڀيرا
ڪيل آھي. ستين صدي عيسويءَ ۾ بابل جا بادشاھه جيڪي
سوٽي پوشاڪون پھريندا ھئا، اھي ”سندن“ مان ٺھيل
ھونديون ھيون. روم جا بادشاھه آگٽوس کان وٺي ويندي
ھيدرٿائن تائين باريڪ ڪپڙو ”سنڊن“ گھرائيندا ھئا.
قسطنطنيه ۽ روم جون نفاست پسند شھزاديون سنھو ڪپڙو
”سنڊن“ ڏاڏڍي شوق سان پائينديون ھيون. ان کانسواءِ
اصطخر جي محلات جون خوبصورت عورتون، نيل جي ڪناري
جون فائلي
(Phile)
رقاصائون ۽ ڊيلغيءَ جون حسين زائرين عورتون سنھي
ململ ”سنڊن“ ڏاڍي شوق سان پھرينديون ھيون. مصر ۾
لاشن کي ممي ڪرڻ وقت ”سنڊن“ ڪپڙي جون پٽيون، مسالن
۾ ٻوڙي ويڙھيون وينديون ھيون.
سنڌ جي سنھي ڪپڙي ”سنڊن“ جو نالو توريت ۾ آيل آھي. عھدنامه جديد
۾ به آيو آھي ته يسوع مسيح کي صليب تي چاڙھڻ
کانپوءِ ”سنڊن“ ۾ ويڙھي، ھڪ پيتيءَ ۾ وڌو ويو ھو.
نئين عھد نامي جي يوناني متن ۾ لفظ ”سنڊن“ ٽن ھنڌن
تي استعمال ٿيل آھي: (1) متي 27- 59 (2) مرقص، 14،
51 (3) لوقا، 23، 53.
ھن مان صاف ظاھر ٿئي ٿو ته سنڌ جي سنھي ململ دنيا جي مختلف
ملڪن ڏانھن ويندي ھئي، ۽ ان کي وڏي اھميت حاصل
ھئي. سنڌ جي نسبت سان ان کي ”سنڌڻ“سڏيو ويندو ھو،
جيڪڏھن بدلجي ”سندن“ يا ”سنڊن“ ٿيو. جرمني ٻوليءَ
۾ ھي لفظ بدلجي ”زينڊل“ ٿي ويو. يوناني، جرمني ۽
بابلي لغتن مان ثابت ٿئي ٿو ته ”سنڊن“ جو تعلق سنڌ
سان آھي. قرآن شريف ۾ آيل لفظ ”سندس“ به ”سنڌڻ“ جي
عربي صورت ٿي آيو آھي: (1) الڪھف 31 (2) الدخان:
53 (3) الدھر؛ 20-2.
مخدوم محمد ھاشم ٺٽوي پنھنجي ڪتاب ”بذل القوه “ ۾ آندو آھي ته
”بلقاء“ جي عامل اسلم فروه بن عمر الجذامي جڏھن
اسلام قبول ڪيو، ته ھن نبي ڪريم صلي الله عليھ
وسلم کي تحفا موڪليا، جي پاڻ سڳورن قبول فرمايا.
انھن ۾ ”سندس“ جي قبا به ھئي. ان مان معلوم ٿيو ته
پاڻ ڪريمن به سنڌ جو ڪپڙو پھرڻ فرمايو.
سنڌ جو ڪپڙو آرين دور ۾: ھندن جي ڌرمي ڪتابن ۾ به سنڌ جي عمدي
ڪپڙي جي ساراھه ملي ٿي. آرين جي قديم ترين ڪتاب
”رگويد“۾ سنڌ جي نفيس ڪپڙي جي ساراھه ٿيل آھي.
يجرويد ۾ ھنرن جي فھرست ۽ مختلف ڪاريگرن جي ڌنڌن
جو بيان آيل آھي. اتي ٻين ڪاريگرن سان گڏ ”ڪوري“
جو نالو به اچي ٿو.
ٻڌ ڌرم واري دور ۾: ٻڌڌرم واري دؤر ۾ به سنڌ جي سنھي ململ ٻاھر
ويندي ھئي. خاص طرح ھالا جي ململ راجا جي مھر
لڳائڻ کانسواءِ ٻاھر وڃي نه سگھندي ھئي.
موريا خاندان: موريا خاندان جي حڪومت جي ڏينھن ۾ رعيت سورھن
طبقن ۾ ورھايل ھئي، ۽ ھڪ ڌنڌو ڇڏي ٻي ڌنڌي ڪرڻ جي
اجازت نه ھئي. انھن سورنھن ڌنڌن مان ھڪ ڌنڌو ڪورين
جو به ھو. ڪورين جي ڪپڙي اُڻڻ جو رواج اڄ به
موجود آھي. انھن کي ”وانڍ“ سڏيو ويندو آھي. وانڍ
نه فقط ڪوري قوم جا ھوندا آھن، پر ٻين ذاتين وارا
به ھوندا آھن، جن جو اھو ڪم سکيل ھوندو آھي.
عرب دؤر: عربن جي ڏينھن ۾ ھن ھنر اڃا به وڌيڪ ترقي ڪئي، ۽ سنڌ
جو نالو اڃا به پري پري تائين پھتو. سنڌ جي ائٽ کي
عربن اسپين تائين پھچايو. سندن نظر ۾ ھيءَ ھڪ مفيد
ايجاد ھئي. عربن ائٽ کي ”ناعورھه“ سڏيو، جيڪو
اسپين ۾ بدلجي ”نوريا“ ٿيو. ائٽ تي سُٽ ڪتڻ کان
سواءِ ڪپڙي اُڻڻ لاءِ نڙا به ڀريا ويندا آهن، جيڪي
”نار“ ۾ وجھي، ڪپڙو اُڻيو ويندو آھي. ڀائنجي ٿو،
ته عربن لفظ ”نڙو“ کي ”ناعورھه“بنايو آھي. ائٽ
کانسواءِ سنڌ جي ڪپھ به عرب پري پري پوکائڻ لڳا،
خاص طرح سان خليفي ھارون رشيد جي ڏينھن ۾ سنڌ جي
ڪپھ عراق ۾ پوکائي ويندي ھئي، عرب سياحن ۽ تاجرن
به سنڌ جي عمدي باريڪ ڪپڙي جي تعريف ڪئي آھي.
نائين صدي عيوسيءَ جو عرب سياح سليمان تاجر پنھنجي
سفرنامي ۾ لکي ٿو:
”ھن ملڪ کان سنھو ڪپڙو ڪٿي به نه ٺھندو آھي. سوٽي ڪپڙو ايترو ته
نفيس ۽ نازڪ ٿيندو آھي، جو سولائيءَ سان منڊيءَ ۾
اچي سگھي ٿو. “
ڏھين صدي عيوسيءَ جي عرب مورخ بشاري مقدسي بڪ لکيو آھي ته سنڌ
مان وڏي تعداد مان سٺو ڪپڙو ٻاھر ويندو ھو.
سنڌي ڪپڙو ۽ يورپي واپاريِ: يورپي واپارين ۽ تاجرن جي بيانن مان
معلوم ٿئي ٿو ته سنڌ ۾ ڪيترن ئي قسمن جو عمدو ڪپڙو
تيار ٿيندو ھو، ۽ پري پري تائين ويندو ھو. سنڌي
ڪوري نه فقط سٽ مان ڪپڙو تيار ڪندا ھئا، پر ڪشمير
۽ خراسان کان ڪچو ريشم گھرائي نھايت نفيس ڪپڙو
تيار ڪندا ھئا. ٺٽي جو نفيس گلبدن، اجرڪون ۽ بسترن
جون چادرون ڏورانھن ڏيھن تائين مشهور ھيون. سنڌي
ڪاريگر، ڪرمان جي نرم پشم مان خوبصورت شالون تيار
ڪندا ھئا. روھڙيءَ جي ”تسر“، جنھن کي ”دريائي“
سڏيندا ھئا، ايراني واپاري وڏي شوق سان خريد ڪندا
ھئا. ”جوزف ساليبنڪ“ ايران کان روھڙي پھتو. سندس
بيان موجب سکر ۽ روھڙيءَ ۾ ڪورين جو وڏو تعداد
رھندو ھو. ھو ڪپڙو به تيار ڪندا ھئا، ڪپڙي ۽ نير
جو واپار به ڪندا ھئا ھو سندن ڏيتي ليتي ۽ وھنوار
جي ڏاڍي تعريف ڪري ٿو.
ان کانپوءِ نڪولس وٿنگٽن سن 13- 1614ع ۾ سنڌ ۾ آيو. ھو پڻ سنڌ
جي ڪپڙي ۽ ٻين شين جي تعريف ڪري ٿو. مطلب ته مغل
دؤر ۾ سنڌ، ڪپڙي جو اھم مرڪز ۽ وڏي تجارتي منڊي
ھئي. پورپي واپاري ھتان ڪپڙو خريد ڪري، يورپ ۾ سٺ
سيڪڙو نفعي سان نيڪال ڪندا ھئا. 1631ع ۾ ڊچن ٺٽي ۾
واپار شروع ڪيو، ۽ ٺٽي جي ڪورين کي ڇيٽن کان واقف
ڪيائون.
سن 1635ع ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ ٺٽي ۾ سنڌ جي واپار لاءِ پھريون
ڀيرو ڪوٺي قائم ڪئي، ۽ ڪپڙي جي خريداري شروع ڪئي.
لاڙ ۾ ٺٽو، حيدرآباد ۽ نصرپور، وچولي ۾ سيوھڻ،
ھالا، ڪنڊيارو ۽ سري ۾ گمبٽ، روھڙي، سکر ۽ شڪارپور
ڪپڙي جا وڏا واپاري مرڪز ھئا. انھيءَ ڪري ايسٽ
انڊيا ڪمپني نصرپور ۽ سيوھڻ ۾ ننڍا مرڪز به قائم
ڪيا. ٺٽي جي ڪوٺيءَ جي منتظمين 62- 1635ع جي رھائش
دوران ٺٽي بابت لکيو آھي: ”ٺٽي ۾ ڪورين جا اٽڪل ٽي
ھزار خاندان آهن. انھن مان گھڻو حصو چونڪڙي تي
(کيس) ڪپڙو تيار ڪري ٿو، جو ترڪي ۽ ايران ۾ گھڻو
وڪامي ٿو. ھتي جا واپاري اھو ڪپڙو گھڻي تعداد ۾
ڪانگو (ايران) جو ڪانگن بندر) ۽ بصري جي بندرن
ڏانھن موڪليندا آھن. “ نصرپور جي ڪوٺيءَ وارا لکن
ٿا:
”ٺٽي جي ويجھو ٻيو شهر نصرپور آھي، جو ڪپڙي تيار ڪرڻ جو اھم
ترين مرڪز آھي. رپورٽن موجب منجھس 3 ھزار ڪورين جا
خاندان آباد آھن. “
ان زماني ۾ نصرپور جو بافتو گھڻو مشھور ھو، جنھن جو برُ ٻه وال
ھوندو ھو. ڏيساور ۾ ان جي تمام گھڻي گھر ھوندي
ھئي. انھيءَ ڪري ڪمپنيءَ جي نمائندن ھڪ ڀيري
نصرپور مان بافتي جا ڇھه ھزار وال خريد ڪيا. سيوھڻ
بابت لکن ٿا ته سيوھڻ ۾ اٽڪل ھڪ ھزار ڪٽنب ڪورين
جا رھن ٿا، جي بھترين قسم جو ڪپڙو تيار ڪن ٿا.
ڪمپنيءَ جي ايجنٽن کي درٻيلي (ڊڀڙو) جون جوڙيون
گھڻو پسند ھونديون ھيون، ۽ اھي شوق سان خريد ڪندا
ھئا. گمبٽ جو ڪپڙو کين ڪنڊياري کان به بھتر نظر
ايندو ھو. سنڌ ۾ انھن ڏينھن ۾ مختلف ھنڌن تي ڪيترن
ئي قسمن جو ڪپڙو اُڄندو ھو، جن مان ھيٺيان قسم
گھڻو مقبول ھئا.
”ھرک سادو ۽ ڇُريل، ۽ سنھو ٿلھو، بافتو، ڇيٽ، ململ، سوسي ۽
گربي،
لونگيون، گيگم، حلواڻ، کيس، چنيون، تسر، سوڙيون، پٿراڻيون ۽
اجرڪ“
انھن نمونن جو ذڪر انگريز واپارين ۽ سياحن ڪيو آھي. ململ ۽
غاليچن جا ڪيترائي قسم ھوندا ھئا. ”جوزف ساليبنڪ“
ڪيترن ئي قسمن جا ململ ۽ غاليچن جو ذڪر ڪيو آھي،
”والٽر پيٽان“ به ململ جا ڪيترائي قسم ڄاڻايا آھن.
”وٿنگٽن“ بافتن جون خوبيون بيان ڪيون آھن،
”اليگزينڊر ھئملٽن“سنڌ جي جوڙين کي نرم، عمدو ۽
مضبوط سڏيو آھي.
انھن ڳالھين مان بخوبي اندازو لڳائي سگھجي ٿو ته ڪپڙي جي صنعت ۾
سنڌ جو ڪيڏو نه وڏو ناماچار ھو، ۽ دنيا ۾ ان جو
ڪيڏو نه ڌاڪو ھو. سترھين صديءَ کان ارڙھين صديءَ
جي ٽين چوٿائي تائين سنڌ جي ڪپڙي جي صنعت دنيا جي
مارڪيٽ تي ڇائني رھي. سنڌ جي ڪلھوڙي حاڪم غلام
شاھه جي ڏينھن ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ 1758ع ۾ ٺٽي ۾
ٻيهر ڪوٺي قائم ڪئي، جيڪا سياسي سببن ڪري 1662ع ۾
بند ڪئي ويئي ھئي، ھنن ڏينھن ۾ ڪمپنيءَ ٻئي ڪپڙي
سان گڏ شڪارپور مان پٽ جو شالون به خريد ڪندي ھئي.
انھن ڏينھن ۾ ٻين شھرن سان گڏ لاڙڪاڻو ۽ حيدرآباد
۾ به ريشمي ڪپڙو تيار ٿيندو ھو. ايشيا ۾ شھزادن
لاءِ شالون، لونگيون، ڇُرَ جو ڪپڙو ۽ اجرڪ سنڌ مان
روانا ٿيندا ھئا. ٺٽي شھر جي اڌ آبادي ڪپڙي اُڻڻ
جي ڪم ۾ رُڌل رھندي ھئي.
ڪپڙي جي واپار مان وڏو فائدو ڏسي ڪمپنيءَ غلام شاھه ڪلھوڙي کان
تمام گھڻيون سھوليتون ورتيون، ۽ واپار وڏي ترڪي
ڪئي. 1761ع واري پرواني موجب انگريزن کانسواءِ ٻين
يورپي قومن کي سنڌ ۾ اچڻ تي بندش ھئي. 1771ع ۾
ميان غلام شاھه ڪلھوڙي وفات ڪئي.
ميان سرفراز ڪلھوڙي ڪمپنيءَ جي وڌندڙ طاقت ۽ سياسي چالبازين کي
ڏسي سن 1775ع ۾ ڪوٺيون بند ڪيون.
مغل ۽ ڪلھوڙا دؤر ۾ سنڌ جي سٽ ۽ ڪپڙي جون خوبيون
سٽ: سنڌ ۾ ٿلھي ۽ سنھي تند وارو سٽ وڏي ڪاريگريءَ سان ڪتيون
ويندو ھو، انھيءَ ڪري تند ھڪ ڪري ھوندي ھئي. سنڌ ۾
عاليشان ڪپھه تيار ٿيندي ھئي، ۽ ھينئر به پيدا ٿئي
ٿي، ان ھوندي به اھا پوري ڪانه پوندي ھئي، ۽ ڪافي
انداز ۾ ڪپھه ڪڇ ۽ نگنا مان گھرائي ويندي ھئي.
ڪپڙي جي مختلف رنگن لاءِ ڪم ايندڙ رنگ خاص طرح سان
نير سنڌ ۾ ئي پيدا ڪيو ويندو ھو.
ڪپڙي جون خوبيون: واپارين ۽ سياحن جي بيانن مان معلوم ٿئي ٿو
ته سنڌ جو ڪپڙو گھاٽو ۽ عمدو اُڄيل ھوندو ھو. انھي
ڪري سڄي مشرق ۾ تيار ٿيندڙ مال جو ”گل“ سمجھيو
ويندو ھو، ۽ ان کي ٻين ملڪن جي ڪپڙي تي ترجيح ڏني
ويندي ھئي، نه فقط ايترو، پر سنڌ جو ڪپڙو سستو به
ھوندو ھو. انھن خوبين جي ڪري سنڌ جو ڪپڙو ڪيترن ئي
ملڪن ڏانھن ويندو ھو. ھندوستان، اولھه ايشيا، ۽
يورپ ۾ ڏاڍو مقبول ھوندو ھو. ھن کانسواءِ بصري،
اوڀر آفريڪا، يمن، ايراني نار ۽ ايران ۾ به وڏي
قيمت تي وڪامندو ھو. ايسٽ انڊيا ڪمپني سنڌ مان
ڪپڙو خريد ڪري، مختلف ملڪن ڏانھن موڪليندي ھئي، ۽
وڏو ناڻو ڪمائيندي ھئي. سندن خريداريءَ جو اندازو
ھن مان لڳائي سگھجي ٿو، جو سن 1656ع ۾ ھنن ويھه
ھزار ٿان ٺٽي مان خريد ڪري سورت روانا ڪيا. فائدي
جي مدنظر ڪمپنيءَ جو سنڌ وارن ايجنٽن کي حڪم مليل
ھو ته سڄي صوبي جي مال جي رسد کي ھٿ ڪن، ۽ فوري
طلب جي خيال کان پاڻ وٽ مال جو ڪافي ذخيرو گڏ ڪري
رکن. ھنن کي پنھنجي بالا آفيسرن کان اھا به خاطري
مليل ھئي، ته جيئن ته سنڌ جا بافتا انگلينڊ ۾ گھڻي
۾ گھڻا وڪامندا ھئا، ان ڪري ھو ٻين ھنڌن جي مالن ۾
ڪتر وجھي به سنڌ جي آرڊر جو انداز وڌائين. سنڌ جي
ڪپڙي جي واپار جي سٺي رپورٽ پنھنجي عملدارن کان
ڏيندا ھئا. ھو لکن ٿا:
”سوٽي ڪپڙي جي لحاظ کان ٻين سڀني ڪوٺين کان سنڌ جي ڪوٺي وڌيڪ
اطمينان جوڳي ۽ جاري رکڻ جھڙي آھي. “
ڪپڙي جو مقدار: سنڌ ۾ نه فقط عمدو ۽ ڪيترن ئي قسمن جو ڪپڙو
اُڄندو ھو، پر گھڻي تعداد ۾ به تيار ٿيندو ھو.
”ائنٽونيو بوڪارو“ 1631ع جو بيان آھي ته ٺٽي ۾
ٽيھه ھزار آڏاڻا ھئا. ڪپڙي آڻڻ وارن ڪورين جو
تعداد ڏينھون ڏينھن وڌندو رھيو. ڪيئن ھئملٽن 1696ع
لکي ٿو ته اٽڪل اسي ھزار ڪوري ٺٽي ۾ پليهه جو شڪار
ٿي ويا.
ريشمي ڪپڙو: سوٽي ڪپڙي کانسواءِ ريشمي ڪپڙو به تيار ٿيندو ھو،
روھڙي جي تسر ۽ ٺٽي جون لونگيون ملڪان ملڪ مشھور
ھيون. سنڌ توڙي ھند جا امير ماڻھو لونگيون مٿي سان
به ٻڌندا ھئا، ته گلوبند ۽ واسڪوٽ طور به ڪتب
آڻيندا ھئا. ان کانسواءِ پرڏيھي مارڪيٽ ۾ به سنڌ
جي لونگين جو کاپو ھوندو ھو. لونگين جي تائي ريشمي
۽ پيٽو سوٽي ھوندو ھو. ريشمي ڪپڙي لاءِ ريشم چين،
ايران ۽ ترڪستان مان گھرايو ويندو ھو.
اوني ڪپڙو: سنڌ ۾ اوني ڪپڙو به ٺھندو ھو. اوني مال ۾ گھڻو ڪري
غاليچا، ڪمبل، کٿا، دوھران، فراسيون، لويون ۽
خرزينون اچي ٿي ويئون.
سنڌ ۾ ڪپڙي جي صنعت جو زوالِ: سنڌ 1764ع ۾ پھريون ڀيرو انگلينڊ
۾ ٻاڦ جي وسيلي ڪپڙي اُڻڻ جي مشين جو رواج پيو. ان
کانپوءِ انگلينڊ ۾ گھڻو ڪپڙو تيار ٿيڻ لڳو، ۽
ڏيساور ۾ موڪلڻ لڳا. انگريز واپارين مخمل، گرم
ڪپڙو ۽ رنگين ڇيٽون سنڌ ۾ به آنديون، جنھن ڪري سنڌ
جي لونگين ۽ سوسي جي ھنر کي ڪاپاري ڌڪ لڳو. انھيءَ
ڪري ارڙھين صدي جي پوئين چوٿائيءَ ۾ سنڌ ۾ ڪپڙي جي
صنعت جو زوال شروع ٿيو. سن 1843ع ۾ انگريزن سنڌ
فتح ڪئي. ان کانپوءِ ھنن سنڌ جي عاليشان صنعت کي
نه فقط نظر انداز ڪيو، بلڪه تباھه ۽ برباد ڪرڻ جي
پوري ڪوشش ڪئي. ولائتي ڪپڙو سستي اگھه تي مارڪيٽ ۾
مھيا ڪري، سنڌ جي ڏيھي ھنر کي وڏو ڇيھو رسايائون.
وڌيڪ مصيبت اھا ٿي، جو ڪپڙي جو واپار سنڌ جي ھندن جي ھٿ ۾ اچي
ويو، جن مسلمان ڪورين کي ڏاڍا ڏنجھا ڏنا. ھو پاڻ ۾
ٻڌي ڪري تمام سستي اگھه تي ڪورين کان ڪپڙو خريد
ڪندا ھئا، ۽ کين وڏي اگھه تي سُٽ وڪڻندا ھئا.
نتيجو اھو نڪتو، جو سنڌ جو ڪوري، جو ڪنھن زماني ۾
تمام خوشحال ھوندو ھو، بدحالي ۽ بي روزگاريءَ جو
شڪار ٿي ويو.
اھڙين حالتن ۾ به سنڌ جا ڪوري ھن صنعت کي جياريندا رھيا.
ايتريقدر جو سنڌ جي گزيٽيئر مان معلوم ٿئي ٿو ته
اوڻويھين صديءَ ۾ لاڙڪاڻي جو سوٽي ڪپڙو ۽ ريشمي
ڪپڙو مشھور ھو. ٺٽي جي لونگين جو وڏو ناماچار ھو.
روھڙيءَ جي تسر جي ھنڌين ماڳين ھاڪ ھئي. ھالا جي
سوسيءَ جي ساک سلامت ھئي، ۽ اتي پنج سؤ اَڏاڻا
سوسي اُڻڻ ۾ رڌل رھندا ھئا. سانگھڙ ۾ سوسيون، کيسَ
۽ اڳٺ اُڄندا ھئا، ۽ چار سؤ ڪاريگر ڪم ۾ مشغول
رھندا ھئا. ٿرپارڪر جي شھر کپرو ۾ غاليچا، لويون ۽
خرزينون ٺھنديون ھيون.
آزاديءَ جي تحريڪ ۾ ڪپڙي جي صنعت: برصغير پاڪ و ھند ۾ جڏھن
آزاديءَ جي تحريڪ شروع ٿي، ته آزاديءَ جي
علمبردارن محسوس ڪيو ته انگريزن برصغير جي ڪپڙي جي
صنعت کي تباھه ڪري، اسان کي اقتصادي طرح پست
بنائي، اسانکي غلاميءَ جي زنجيرن ۾ گرفتار ڪري
ڇڏيو آھي. انھيءَ ڪري ھنن ”ائٽ“ کي آزادي جي علامت
طور اختيار ڪيو، ۽ ولائتي ڪپڙي جو بائيڪاٽ ڪري،
ديسي ڪپڙي واپرائڻ جي ترغيب ڏني. اھڙي اھم ۽ نازڪ
صورتحال ۾ ڪپڙي ٺاھيندڙن وڏو ڪردار ادا ڪيو. ھنن
ڏينھن رات ڪم ڪري ڪپڙي جي پيداوار کي وڌايو. نه
فقط ايترو، پر اھو ھنر جيڪو ھو ٻين کي نه
سيکاريندا ھئا، اھو عام سيکارڻ شروع ڪيائون. نتيجو
اھو نڪتو، جو لکين ماڻھو ھي ھنر سکي ويا، ۽
ڪيترائي ڪارخانا ڪنڊ ڪڙڇ ۾ قائم ٿي ويا. اھڙيءَ
طرح ھنن آزاديءَ جي تحريڪ ۾ اھم ڪردار ادا ڪيو،
جنھن کي آزاديءَ جي تحريڪ جي تاريخ ۾ نظر انداز
ڪري نٿو سگھجي.
ھنرمند ۽ واپاري: ھن ھنر سان وابسته ٻه طبقا ھوندا آھن. ھڪڙا
ڪارخانيدار ۽ ٻيا مزور، ھنرمند ڪپڙو اُڻندڙ مزدورن
کي ”وانڍ“ ۽ سيٺ کي ”اُستو“ سڏيو ويندو آھي. ھي
رواج قديم زماني کان ھليو اچي. قديم زماني ۾ ھر
گھر ۾ ائٽ ھوندو ھو، جن تي عورتون سُٽ ڪتينديون
ھيون. سيٺيون انھن کان تيار ٿيل سٽ خريد ڪري ويندا
ھئا. شاھه لطيف جو سر ڪاپائتي انھيءَ تھذيب ۽ تمدن
جي ترجماني ڪري ٿو. ھنري انقلاب کانپوءِ سُٽ ملن ۾
تيار ٿيڻ لڳو. ورھاڱي کان اڳ موجوده پاڪستان واري
ايراضي ۾ سٽ جو ڪوبه ڪارخانو ڪونه ھو. احمد آباد ۽
ڪلڪتي ۾ سُٽ ٺھڻ جون ملون ھونديون ھيون. جتان سٽ
ايندو ھو.
ڪپڙي اُڻڻ جا مرڪز: ماضي ۾ يا ماضي قريب ۾ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾
ڪپڙو ٺھندو ھو. خاص طرح سان ھيٺيان شھر ڪپڙي جي
صنعت جا وڏا مرڪز ھئا: ٺٽو، نصرپور، سيوھڻ،
مٽياري، ھالا نوان، ھالا پراڻا، راجي جو ڳوٺ،
اراضي (لڳ سيوھڻ)، ٽلٽي، وسي (ضلع حيدرآباد)،
حيدرآباد، ٽنڊوآدم، نوابشاھه، سڪرنڊ، کھڙا، گمبٽ،
راڻيپور، لقمان، پير جو ڳوٺ، خيرپور، پريالوء،
سکر، روھڙي، لکي، وزير آباد، ماڙي (تعلقو سکر)،
شڪارپور، ڳڙھي ياسين، لاھوري محلو لاڙڪاڻو، دوداڻي
(تعلقو لاڙڪاڻو)، عبدو، چڪ، ڀرڪڻ، طيب، رستم،
باگڙجي، گوسڙجي، وڏا مھيسر، ٽنڊو مستي خان،
راھوجا، ماڇي (لڳ پير جو ڳوٺ)، گڏيجي، سوڀوديرو،
نانگو دختري (لڳ سيٺارجا)، نئون ڳوٺ، سھڪبي،
ڪلواڙي، امروٽ، ٽينڊا، صدر جي (ضلعو خيرپور)، سن،
ڪراچي، وغيره.
موجوده دور ۾ ھن صنعت کي ڪاپاري ڌڪ لڳو آھي، انھيءَ ڪري ڪيترن
ئي شھرن مان ڪورڪو ڪم صفا ختم ٿي ويو آھي. لاڙڪاڻو
ضلعو ڪنھن زماني ۾ ڪپڙي جي صنعت جو وڏو مرڪز ھو.
لاڙڪاڻي جي گزيٽيئر ۾ آيو آھي ته قديم زماني ۾
لاڙڪاڻو سوٽي توڙي ريشمي ڪپڙي جي اوڄ جو وڏو مرڪز
ھو. ھينئر لاڙڪاڻي ضلعي جي ڪنھن به ڳوٺ ۾ ھڪ آڏاڻو
ڪونھي، ان کان سواءِ ٻين به ڪيترن ئي شھرن مان ھي
ھنر ختم ٿي ويو آھي. ڪن ڳوٺن ۾ سنڌي ڪورين
کانسواءِ ماڙيجا به ڪپڙو ٺاھين ٿا. اھي اصل سنڌ جا
نه آھن، پر مارواڙ کان لڏي آيا آھن. مذھب جي لحاظ
کان ھندو آھن. اتر سنڌ ۾ ماڙيچا گھڻو ڪري سکر شھر
۾ روھڙي ڊويزن جي ھيٺين ڳوٺن ۾ رھن ٿا. پنو عاقل،
سانگي، نور شاھه، ڀٽ، ڪنڌرا، ڊٻ ميھڙ شاھه،
سرتانپور، خانڳڙھه، گھوٽڪي ۽ ان جي پسگردائي،
ڏھرڪي، رھڙڪي، ۽ لاڙ ۾ ڏيپلي، ڇاڇري، وغيره، وغيره
ڳوٺن ۾ ڪپڙو ٺاھين ٿا.
لاڙ ۾ ماڙيچا گھڻو ڪري ”دھران“ ٺاھيندا آھن، جن کي ”ڏوڙا“ يا
”کٿا“ به چيو ويندو آھي. ھي ڪتيل ان مان ٺاھيا
ويندا آھن، ۽ سيءَ کان جسم کي ويڙھڻ جو ڪم ڏيندا
آھن. بَرُ ننڍو ٿيندو اٿن، انھيءَ ڪري ٻن ٽڪرن کي
سُئيءَ سان ڳنڍيو ويندو آھي. ”دھران“ نالو به
انھيءَ ڪري پيو اٿن، جو ٻن ٽڪرن ڳنڍڻ سان جڙندا
آھن. اتر ۾ رھندڙ ماڙيچا به ”دھران“ ٺاھيندا آھن،
پر ھو گھڻو ڪري انگوڇا ۽ پوتڙا ٺاھيندا آھن.
سنڌ ۾ ٺھندڙ ڪپڙو: سنڌي ڪوري گھڻن ئي قسمن جو ڪپڙو ٺاھين ٿا. ھن
ھيٺ انھن جو مختصر احوال ڏجي ٿو.
کيس: کيس ملتان طرف به ٺھندا آھن، پر سنڌي کيسَ جي رونق ئي
نرالي آھي. سنڌي کيسن تي اھڙيون تھ نفيس ڊزائينون
ھونديون آھن جو ڏسي دل بھار بھار ٿيو وڃي. سوٽي
کيسن سان گڏ ريشمي کيس به ٿيندا آھن. کيس، ٻن پيرن
کان وڌيڪ پيرن جي سٽا سان اُڄندو آھي. جيتري نفيس
۽ ڳوڙھي ڊزائين ھوندي اوترا گھڻا پير ھوندا، چئن
پيرن کان ٻٽيھن پيرن تائين کيس ٺھندا آھن. اوچا
کيس ٻن پيرن ۾ اُڄندا آھن، پوءِ گھر ۾ عورتون ٻن
پڙن کي ملائڻ لاءِ وچ ۾ پٽ يا سٽ جي کير يا ڪنڊڙو
ھڻنديون آھن. گمبٽ، ٺٽي ۽ نصرپور جا کيس مشھور
آھن.
|