سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1984ع (2)

 

صفحو :10

مرزا مغل بيگ جو اصل نالو لالا بيگ ھو. علامه دائودپوٽي مرحوم جڏھن مسٽر سائودي (12) جي انگريزي مقالي جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو ھو ته ان وقت لالا بيگ نالي پوئتان سوال (؟) جو نشان ڏنو ھئائين، ته جيئن اھا شڪ گاڏڙ ڳالهه تن مان اھا ڳالھ صاف ظاھر ٿئي ٿي ته مرزا مغل بيگ جو اصل گھرو نالو ”لاله بيگ“ ھو. مگر اڪثر ماڻھو کيس مرزا مغل بيگ ڪري چوندا ھئا.

مرزا مغل بيگ وڏي اثر رسوخ وارو شخص ھو. شروع ۾ ڪوٽڙيءَ جي مغلن جا تعلقات سيدن سان ڏاڍا عقيدتمنديءَ وارا ھئا. مرزا مغل بيگ کي ھڪ نھايت ئي خوبصورت ۽ پاڪدامن نياڻي ھئي. ان وقت ڪوٽڙيءَ جي مغلن جو اھو دستور ھوندو ھو ته جڏھن به سندن خاندان جو ڪو فرد بيماريءَ ۾ مبتلا ٿيندو ھو، ته شاھه حبيب کي دعا ۽ ڦيڻي ڇنڊي لاءِ وٺي ويندا ھئا. ساڳئي وقت مغل پردي جا به سخت پابند ھئا ۽ پنھنجي زناني عالم کي ڌارين جي مُنھن تي چڙھڻ نه ڏيندا ھئا. چون ٿا ته ھڪ دفعي مرزا مغل بيگ جي نياڻي سخت بيمار ٿي پئي. ڦيڻي ڇنڊي لاءِ شاھه حبيب ڏانھن ماڻھو موڪليائون، مگر ان ڏينھن ھن جي طبيعت ٺيڪ نه ھئي. شاھه حبيب پنھنجي پاران پنھنجي نوجوان پٽ شاھه عبداللطيف کي مغلن جي حوالي ڏانھن موڪلي ڏنو. جنھن وقت شاھه عبداللطيف مغلن جي حويلي ۾ اندر داخل ٿيو ته ان وقت نينگري چادر ويڙھي سيڙھي پلنگ تي ليٽي پئي ھئي. شاھ صاحب ايندي شرط نينگريءَ جي چيچ ھٿ ۾ جھلي چيو؛

”جنھن جي چيچ سيد جي ھٿ ۾، تنھن کي لھر نه لوڏو. “

اھڙيءَ طرح سان شاھه صاحب ڀرپور جوانيءَ ۾ عشق مجاز جي چڪڻ ۾ گپي پيو. (13). اھي لفظ ٻڌي مرزا مغل بيگ ۽ سندس عزيزن کي ڏاڍو ناگوار گذريو، ڇاڪاڻ ته شاھ صاحب جي انھن اکرن جو مطلب درپردي اھو ھو ته شاھ صاحب، مغلن کي نينگريءَ کي نڪاح ۾ آڻڻ جو پيغام ڏيئي چڪو ھو.  انھي ڳالھه تان مغلن ۽ سيدن جو اچي پاڻ ۾ نفاق پيدا ٿيو. شاھه صاحب جي انھيءَ مجازي واقعي کي سنڌ جي ھڪ شاعر مير عبدالحسين ٽالپر ”سانگي“ پنھنجي فارسي نظم ۾ ڏاڍي دلڪش انداز ۾ بيان ڪيو آھي.

شاھه لطيف جي اڪثر سڀني مقدمين انھي مجازي محبت جو ذڪر، مرزا مغل بيگ جي نياڻي جي چيچ ھٿ ۾ وٺڻ ۽ موھت ٿيڻ سان بيان ڪيو آھي. ان کانپوءِ سنڌ جي ھر عالم ۽ اديب ان ساڳئي ڳالھه تي پئي ورجايو آھي. ليڪن اسان جي خيال موجب اھا ڳالھه شاھه صاحب جھڙي صوفي شاعر ۽ درويش جي شان وٽان نه آھي. اھا روايت صرف شاھه صاحب جي مريدن ۽ عقيدتمندن ڏانھن منسوب ڪئي ويئي آھي، ان باري ۾ مرحوم مولانا غلام محمد گرامي پنھنجي خيالن جوا ظھار ھيٺينءَ طرح ڪري ٿو ته:

”مغل جي نياڻي جي چيچ وٺي چوڻ” جنھن جي آڱر سيد ھٿ ۾ تنھن کي لھر نه ڪو لوڏو“. اھا روايت به آھي، روايت جي اصولن موجب صحيح نه آھي. شاھه صاحب جي اخلاقي عظمت ان مان داغدار ٿئي ٿي. ھڪ پاڪيزه شخص اھڙو غير محتاط نٿو ٿي سگھي، نڪو پرائي گھر ۾ ايترو آزاد ٿي ڳالھائڻ جي گنجائش ئي ٿي سگھي ٿي. خاص ڪري دعا ڪرڻ وقت. ٻيءَ طرح جيڪڏھن ائين ھجي به کڻي، ته پوءِ به اھڙين روايتن جي دھرئڻ ۽ ڦھلائڻ ۾ ڪوبه افادي پھلو نظر نٿو اچي. “ (14)

مرحوم گراميءَ جو اھو مٿيو رايو اسان جي واسطي گھڻي غور ۽ فڪر جو مقام رکي ٿو. گرامي صاحب اھو واقعي سچ لکيو آھي ته اھڙين ڳالھين بيان ڪرڻ مان شاهه صاحب جي عظمت ۽ وڏائيءَ ۾ ڪوبه واڌارو ڪونه اچي سگھندو، اٽلندو نقصان پوڻ جو انديشو آھي. اتان جي مقامي روايتن مان اھا ڳالھه ايتري ته صحيح معلوم  نٿي ٿئي. باقي شاھ صاحب جي انھيءَ مجازي محبت جي باري ۾ مقامي ٻيون ڪيتريون ئي عجيب و غريب روايتون بيان ڪن ٿا. اھڙي ساڳئي قسم جون روايتون سائودي صاحب پڻ پنھنجي انگريزي مضمون ۾ ڏنيون آھن. (15)

مقامي روايتن مان صرف ايترو معلوم ٿئي ٿو ته شاھه صاحب  مرزا بيگ جي نياڻيءَ جي سونھن ۽ سوڀيا جو ٻڌي مٿس مهت ٿي پيو ھو. شاھه صاحب پنھنجي محبوب جي سڪ ۾ ”ڪوٽڙي مغل“ جون گليون ۽ جايون گھمنديو ڦرندو رھندو ھو. چون ٿا ته ڪوٽڙيءَ ۾ مغلن جي حويليءَ جي ماڙي جي سامھون ھڪ وڏو واريءَ جو دڙو ھو، جتي شاھه صاحب اڪثر اچي ويھندو ھو. ان دڙي جا نشان مغلن جي ان ويران حويليءَ جي سامھون موجود آھن. ان زماني ۾ ”ڪوٽڙي مغل“ جي ڀرسان ”سانڱرو واھه“ وھندو ھو، جنھن جي ڪناري تي گدامڙيءَ جو ھڪ وڏو وڻ ھو، جنھن ۾ شاھه صاحب ھڪ واڍي کان پور ڪڍرايو ھو. پاڻ گھڻو وقت ان پور ۾ ويھي اڪيلائيءَ ۾ پنھنجي محبوب حقيقيءَ جي يادگيريءَ ۾ گذاريندو ھو.

انھيءَ طرح سان شاھ صاحبجي ان مجازي عشق جي ھاڪ ساري ”ڪوٽڙي مغل“ ۾ ڦھلجي ويئي. مرزا مغل بيگ، شاھه حبيب ۽ سندس پٽ جو سخت دشمن ٿي پيو. شاھه حبيب کي جيڪو اڳ ۾ مان ۽ مرتبو ڏيندا ھئا، سو ھاڻ نه ڏيڻ لڳا. مغلن ا يتريقدر سيدن کي آزاريو، جو ھو سندن حويليءَ وٽان لنگھي به نه سگھندا ھئا. نه صرف ڪوٽڙيءَ جي مغلن سيدن کان منھن موڙيو، پر ھتان جي ڀٽي قوم ۽ ٻين رھواسين پڻ پنھنجي جاگيردار کي خوش ڪرڻ لاءِ کانئن پاسيرو رخ اختيار ڪيو. مرزا مغل بيگ پنھنجي خواريءَ ۽ دنيا طعنن ۽ تنڪن کان تنگ اچي شاھه صاحب کي ڪنھن نموني سان مارائڻ جا منصوبا سٽيا، مگر ان ۾ ڪامياب نه ٿيو. آخر ۾ نيٺ شاهه حبيب مغلن جي انھيءَ روش کان بيزار ٿي ”ڪوٽڙي مغل“ کان ٿورو پرڀرو پنھنجو الڳ ڳوٺ ٻڌي ويٺو. سيدن جي انھيءَ ڳوٺ جا ڦٽل نشان اڄ تائين باقي آھن.

شاھه صاحب جا سوانح نگار لکن ٿا ته ڪي دل قوم جا ماڻھو وجھه وٺي مرزا مغل بيگ جي حويليءَ تي ڌاڙي لاءِ ڪاھي آيا ۽ سمورو مال متاع، ٽپڙ ٽاڙي لُٽي ويا. چون ٿا ته شاھه لطيف انھيءَ واقعي کان ٿورو اڳ ۾ چيو ھو ته:

”بيگ تنھنجي بيگي، ڪوٽڙيءَ ۾ ڪان،

اٿم آس الله ۾، دَل ماريني مان! (12)

انھيءَ دلن جي ويڙھه ۾ مرزا مغل بيگ مارجي ويو. پر حقيقت ۾ دل ڌاڙيل ڪونه ھئا. ”دَلي ڳوٺ “جي دَلن جو ھڪ  دَل، جي مخدوم نوح رحه جا مريد ھئا. (17) ، سي واٽ ويندي مخدوم صاحب جي مقبري جي زيارت خاطر اچي ڪوٽڙيءَ کان نڪتا، اتفاق سان انھن جو ڪوٽڙيءَ جي واڻئي سان تڪرار ٿي پيو. اھو اطلاع جڏھن مرزا مغل بيگ کي مليو ته ھو انھي جاءِ تي پنھنجي ساٿين سميت ھلي آيو. ڌرين جي وچ ۾ ويڙھ ٿي، جنھن ۾ ھو سندس ساٿين سميت مارجي ويو. (18)

مٿيون پٽ پاراتي وارو بيت پڻ شاھه لطيف ڏانھن موقعي جي مناسبت سان منسوب ڪيو ويو آھي. حالانڪه شاھه صاحب جھڙي عظيم بي داغ شخصيت ۽ انسان دوست شاعر لاءِ اھو نٿو سونھين ته ھو ڪو ڪنھن کي پٽ پاراتو ڏئي. شاھه صاحب انھيءَ پٽ پارائي کان مٿانھون ھو. پاڻ ته ”نھائينءَ کان نينھن، سک منھنجا سپرين، سڙي سارو ڏينھن، ٻاھر ٻاُڦ نه نڪري“ جو قائل ھو.

مقامي روايتن مان وري ھيءَ ڳالھه به ظاھر ٿئي ٿي ته دل ڌاڙيل ڪونه ھئا. ھو امن پسند ھئا. دل قوم جا ڪي ماڻھو مغلن جا ھاري ھئا ۽ ھو مٿن طرحين طرحين جا ظلم ڪندا رھندا ھئا. آخر ”تنگ آيد به جنگ آيد“ جي مصداق مغلن جي خلاف دلن ويڙھه ڪئي، جنھن ۾ مغلن جو سردار پنھنجن ڪيترن ساٿين سميت مارجي ويو.

مٿين ٻنھي روايتن کي جڏھن درايت تي ڪسوٽي تي پرکجي ٿو ته ٻنھي روايتن ۾ ڪجھه تضاد نظر اچي ٿو. پر ان مان ڳالھ صاف واضح ٿئي ٿي ته دل ڌاڙيل نه ھئا ۽ نه وري انھن ارادي سان مغلن جي حويليءَ تي حملو ڪيو ھو. انھيءَ موقعي تي ڪنھن دل جلئي شاعر اھو مٿيون بيت چيو ھجي، جو پوءِ شاھه صاحب ڏانھن منسوب ٿي ويو آھي.

بھرحال مرزا مغل بيگ جي موت جو اھو حادثو سن 1124ھه -1713ع ۾ واقع ٿيو. ”مقالات الشعراء“ ۾ مير علي شير ”قانع“ ٺٽوي لکي ٿو ته مرزا مغل بيگ جي مرڻ تي شاھه صاحب  ”يک مغل يوده“ 1124ھه جو فقرو چيو ھو، جنھن مان وفات جي تاريخ جو سن نڪري ٿو. ”يود خبيث“ مان به تاريخ وفات نڪري ٿي. مرزا مغل بيگ جي مزار ترڪيءَ جي قديم قبرستان (ميون ونھيون جو قبرستان) ۾ سلطان ابوالقاسم ۽ شاھه قاسم خان زمان بيگلار جي ڀرسان پيلي رنگ جي پٿر جي جُڙيل آھي. مرزا جي ٽنھي پاسن کان تباڪ الذي قرآني آيت نھايت ئي سھڻي ۽ نفيس خط ۾ اڪريل آھي. مزار جي لوڙھي جي الھندي پاسي چوڪڙيءَ تي ڪتبو نقش ڪندڙ ڪاتب جو نالو ”ڪتبه حبيب الله تتھ“ لکيل آھي. مزار جي چوڌاري ڪاشيءِ جي سرن جو ٿلھو ٻڌل آھي. بالين لوه تي ڪلمه طيبه ۽ پائين تي ھيٺين عبارت ۾ تاريخي ڪتبو تحرير ٿيل آھي:

”بتاريخ روز جمعه بيست و چھارم صفر

مرزا مرحوم ابن مرزا جان بيگ ارغون وفات يافت سن 1124هه. “ (19)

مرزا بيگ ۽ سندن عزيزن جي انھيءَ دلن واري ويڙھه ۾ مارجي وڃڻ کانپوءِ فقط ھڪ ڇوڪر گولي نالي زندهه رھيو. گولو مرزا مغل بيگ جو صغير پٽ ھو. مغلن جي عورتن کي اچي اھو وھم ويٺو ته ھيءَ ھيڏي ساري جيڪا آفت خاندان جي مٿان آئي آھي، تنھن جو ڪارڻ سيدن کي رنجائڻ ٿي سگھي ٿو. پوءِ سڀني اچي سيدن کان معافي ورتي ۽ مرزا مغل بيگ جي نياڻيءَ جي شادي شاهه صاحب سان ڪرايائون. شاھه صاحب شاديءَ کانپوءِ گولو به جلدي وفات ڪري ويو. چون ٿا ته گولي جي مرڻ کانپوءِ شاھه صاحب فرمايو ته ”مئو گولو، لٿو ڀولو. “ اھو پھاڪو اڃا تائين ان طرح مروج آھي.

شاھه صاحب ”ڪوٽڙي مغل“ مان لڏي نون ھالن کان ٻن ڪوھن جي مفاصلي تي ”ڪراڙ ڍنڍ“ جي ويجھو واريءَ جو دڙو صاف ڪرائي پنھنجي فقيرن سميت اچي رھيو، جنھن کي ھن وقت ”ڀٽ شاھه“ سڏجي ٿو. ان باري ۾ چون ٿا ته شاھه صاحب جوانيءَ ۾ به ڪڏھن ڪڏھن ڀٽ تي راتين جون راتيون اچي جاڳندو ھو ۽ رياضت ۽ ذڪر قلبي ۾ وقت گذاريندو ھو. شاھه صاحب جڏھن ڪوٽڙي جو ڳوٺ ڇڏيو، ته پوءِ آھستي آھستي ٿي سمورو ڳوٺ ڦٽڻ شروع ٿيو ۽ ھن وقت اجڙيو ويران ٿيو پيو آھي. ”ڪوٽڙي مغل“ ۾ ھڪ ھندو صوفي ”مدن“ نالي رھندو ھو، جنھن سان شاھه صاحب جي گھري دوستي ھوندي ھئي. مدن ڀڳت ھو ۽ سنڌي ۾ شعر چوندو ھو. چون ٿا ته ھڪ دفعي شاھه صاحب، مدن کي مذاق ڪندي چيو ته!

حشر ويل حساب ۾، ڪافر ڪيئن ڪندا؟

ان جي جواب ۾ صوفي مدن، شاھه کي چيو:

ھٿ جنين جو ھيئن، سي پھرئين پتڻ پار پيا.

يعني ته جن جو ھٿ ڊگھو آھي ۽ سخي مرد آھن، يا جن جا پلؤ گناھن کان ڇُٽل آھي ۽ رب کي راضي ڪندا رھن ٿا، تن جو حشر ويل حساب ڪتاب سولو ٿيندو ۽ ڪوبه فڪر نه آھي. اھڙيءَ طرح سان دنيا جي فاني ھجڻ ۽ آخرت جي حساب تي ھڪ ھندو صوفي جا ڪافي بيت ملن ٿا. مدن چوي ٿو ته:

ڪالھه پڻ ڪالھه ھئي، اڄ پڻ ڏينھن ٻيو،

مڙھيءَ ۾ ”مدن“ چوي، ويھي ڪانگ ويو،

جنھن ۾ ماڻ پيو، سا راھه رھندي ڪيترو. (20)

 

حوالا ۽ واڌارا

مرزا قليج بيگ! ”احوال شاهه عبداللطيف ڀٽائي“، شاهه عبداللطيف ثقافتي مرڪز ڀٽ شاھه، ڇاپو چوٿون، 1972ع، ص 9

گربخشاڻي ڊاڪٽر ھوتچند: ”مقدمه لطيفي“، ايڊيوڪيشنل پبلشنگ ڪمپني ڪراچي، 1936ع، ص 15-16

ڪلياڻ آڏواڻي؛ ”شاھه“، 1951ع، ص 1.

وفائي مولانا دين محمد: ”لطف اللطيف“، وفائي پبلشنگ ھائوس ڪراچي، 1951، ص 10

ڊاڪٽر ٽرمپ صاحب جو قول آھي ته شاھه صاحب 1680ع ۾ ڄائو ھو.

اھا روايت اسان کي نصرپور شھر جي مشھور شاعر محمد يوسف ”شاڪر“ صاحب جي معرفت ملي. جناب ”شاڪر“ صاحب انھي طرف جو قديم رھاڪو آھي ۽ سندس روايتون مشاھدي جي بناءَ تي وڌيڪ صحيح ۽ درست معلوم ٿين ٿيون.

(الف) مرزا قليج بيگ ”احوال شاهه عبداللطيف ڀٽائي“ ص 14 (ب) وفائي: لطف اللطيف“ ص 13 (ج) ڊاڪٽر گربخشاڻي: ”مقدمه لطيفي“  ص 19 (د) ڪلياڻ آڏواڻي: ”شاھه“ ص 3

ھن روايت جو راوي محترم محمد يوسف ”شاڪر“ نصرپوري آھي.

ڏسو حوالو نمبر 7.

مير علي شير ”قانع“ ٺٽوي: ”تحفة الڪرام“ (سنڌي)، سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد، ص 400.

اھا روايت اسان کي نصرپور شھر جي نوجوان دوست محترم مرزا خير محمد مغل کان ملي. پاڻ ھن وقت علامه دائوپوٽا لائبريري حيدرآباد ۾ لائبررين آھي. مرزا غلام محمد مغل انھيءَ خاندان سان تعلق رکي ٿو. پاڻ اصل ۾ ”ڪوٽڙي مغل“ جو ويٺل آھي. سندس چاچي وٽ اصل خانداني شجرو پڻ موجود آھي، جيڪو اسان نه ڏٺو آھي. اسان کي مذڪوره روايت ڪنھن به تاريخ ۾ ڏسڻ ۾ ڪانه ٿي اچي. انھي سلسلي ۾ تحقيق ۽ جستجو جاري رھي.

اصل ۾ شاھه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي زندگيءَ جو احوال ڪنھن سرڪاري ملازم جو سنڌيءَ ۾ لکيل ھو. ان جو انگريزيءَ ۾ ترجمو سنڌ سرڪار جي ترجمان ڊبليو سائودي (W.Southe) نالي، سر بارٽل فريئر، ڪمشنر سنڌ جي نياڻيءَ جي وندر لاءِ 7- نومبر 1870ع ۾ ڪيو. سائودي جي انگريزي ترجمي جو ھڪ پراڻو نسخو علامه ڊاڪٽر دائود پوٽي کي نواب عبدالحميد خان ولد نواب خدا داد خان مولف ”لب تاريخ سنڌ“ پراڻي سکر واري کان مليو ھو. علامه صاحب ان جو سنڌي ترجمو ”شيخ عبداللطيف جو احوال“ جي عنوان سان ماھوار رسالي ”نئين زندگيءَ“ ۾ ڇپايو ھو. اھو ساڳيو مضمون ڊاڪٽر دائودپوٽي جي ڪتاب ”مضمون ۽ مقالا“ (مرتب بيگم خديجه دائود پوٽو) ۾ ص 97 کان 109 تائين ڏنل آھي.

(الف) قليچ؛ ”شاھ عبداللطيف جو احوال“ ص 23. (ب) گربخشاڻي: ”مقدمه لطيفي ص 24-25. (ج) ڪلياڻ آڏواڻي: ”شاھه“ ص 14. (د) وفائي: ”لطف اللطيف“ ص 92-93.

گرامي مولانا غلام محمد: ”شاھه- ڪلياڻ آڏواڻي“ (تبصرو)، ٽماھي ”مھراڻ“ نمبر 3 سال 1958ع، ص 222.

سائودي؛ ”شيخ عبداللطيف جو احوال“، سنڌي ترجمو از ڊاڪٽر دائودپوٽو، ڏسو ”شاعرن جو سرتاج“، مرتب بيگم خديجه دائود پوٽو، پاڪستان پبليڪيشن ڪراچي ص 3-4.

ڊاڪٽر گربخشاڻي: ”مقدمه لطيفي“، ص 35-36.

ان دور ۾ مخدوم نوح رحه جو پنجون گادي نشين مخدوم محمد زمان پڳ تي ھو.

سائودي : ”شيخ عبداللطيف جو احوال“، ص 8.

مرزا مغل بيگ جي مزار واري ڪتبي ۾ ”ارغون“ لفظ لکيل آھي، جنھن مان مراد بخش جي اولاد واري روايت ۾ شڪ ۽ گمان پوي ٿو. نصرپور شھرجا رھندڙ مغل ”ارغون“ آھن. وٽن خانداني شجرو پڻ موجود آھي. سن 1093ھه ۾ مراد علي خان سيوھڻ جو حاڪم ھو. کيس معزول ڪيو ويو. ھن سنڌ کي پنھنجو اصلي وطن بڻايو. اھو لڏي اچي نصرپور ۾ رھيو. سندس ڀاءُ مرزا غازي ثاني به ساڻس گڏ نصرپور آيو. ٻنھي جون مزارون نصرپور جي ”مغل محلي“ ۾ ھيون، جي وقت گذرندي ھن وقت ڊھي ويون آھن. سن 1225ھه کانپوءِ وري ھن خاندان جو احوال وري ملي ٿو. سيوھڻ جا قريشي به مغلن سان گڏ لڏي اچي نصرپور ۾ رضوي سيدن جي پاڙي ۾ رھيا ۽ ڪاغذ سازيءَ جو ڪم ڪندا ھئا. انھن مان مغلن مائٽيون ڪيون. لال محمد قريشي آحرين سمجھندار ماڻھو ھو، جو تازو وفات ڪري ويو. (بروايت محترم خير محمد مغل نصرپور)

مير علي شيخ ”قانع“ ٺٽوي: ”تحفة الڪرام“ (سنڌي) ص 400.

 

غلام محمد لاکو

يارھين ھجريءَ جي سنڌ

 

[يارھين صدي ھجريءَ جي وچ ڌاري، مرڪزي ايشيا جي ھڪ سياح، محمود بن امير والي بلخي، ننڍي کنڊ جي سياٽ ڪئي. وطن واپس ٿيڻ بعد، ھن ”بحر الاسرار“ نالي ھڪ ڪتاب لکيو. ھي ڪتاب تازو ڪراچيءَ ۾ ڇپيو آھي، جنھن مان سنڌ بابت مواد، ھيٺ ترجمي ۽ حاشين سان پيش ڪجي ٿو.]

محمود بن امير والي بلخي

محمود 1004هه/ 1595ع ۾ بلخ ۾ ڄائو ۽ اعليٰ تعليم بخارا ۾ ورتائين. ابتدا ۾ سڄو ڌيان شاعريءَ ڏي ڏنائين، جنھن ۾ مختصر ڄمار ۾ ڇھه ڪتاب (محبت نامه، گلڪده، نجم الثاقب، نزھت الارواح، اخلاق حسني ۽ ديوان ھڪ عدد) ترتيب ڏئي سگھيو. ليڪن شاعر جي حيثيت ۾، کيس ڪو خاص رتبو حاصل نھ ٿيو. ان بعد تصوف ڏي ڌيان ٿيس، جنھن ۾ پڻ ھڪ ڪتاب ”روح الطيبه“ نالي لکيائين. افسوس جو سندس مرشد ميرڪ شاھه الحسيني ستت ئي فوت ٿيو، جنھن سبب مورڳو زندگيءَ مان نراس ٿي پيو ۽ مختصر مدت بعد ننڍي کنڊ جي سفر تي روانو ٿيو.

محمود بلخ مان 1034ھه -5- 1624ع ۾ روانو ٿيو ۽ پھرين محرم 1035ھه (سيپٽمبر 1625ع) تي لاھور پھتو، جتان ھو ھلال آباد آگري پھتو. ھي سياح ھتان کان پٽنا ۽ ڪن ٻين شھرن مان ٿيندو، وچ ذوالقعد 1035 ھه برابر جولاءِ 1626ع ۾، حيدرآباد (گولڪنڊو) پھتو. محمود پوءِ ڏکڻ انڊيا جي ڪجھه شھرن مان گھمي ڦري، سيلون جي سفر تي روانو ٿيو.

ھي سياح سيلون جي سفر کانپوءِ، سوماترا جي سفر لاءِ اسھيو، بقسمتيءَ سان اھا ٻيڙي، جنھن ۾ محمود پڻ سفر ڪري رھيو ھو، طوفان جي ور چڙھي وئي، ان ڪري سفر ڪندڙن جو قافلو محمود سميت، اچي اوڙيسا جي ڪناري ڀيڙو ٿيو. محمود والي پوءِ اوڙيسا جي تختگاھه ڪٽڪ پھتو، ھي صاحب، ھتي جي گورنر محمد باقر جي دوست ۽ مھمان جي حيثيت ۾ اوڙيسا ۾ ٻه سال وڏي ٺٺ سان رھيو. ھتي ھڪ ھندوءَ سان دوستي ٿيس، جيڪو ھڪ ڏينھن اوچتو گم ٿي ويو. ھڪ سال بعد کيس پنھنجي گم ٿيل دوست جو پتو، مانڪ پور (ماڻڪ پور) ۾ پيو ۽ محمود ڪٽڪ مان ڪھي اچي ساڻس مليو. وچ ايشيا جو ھي سياح اوڙيسا ۾ ٻه سال (رجب 1036 ھه- مارچ 1627ع جمادي الثاني 1038ھ- جنوري 1629ع) رھيو ٿو ڏسجي. ان بعد پاڻ اوڙيسا جي گورنر جي ڀاءُ مرزا حسين (مرزا حسيني) سان گڏ، ذوالحج 1038ھه 1629ع ۾ ھندي دارالحڪومت آگري پھتو.

محمود ھڪ سال آگري ۾ عيش ۽ آرام سان رھيو. ھن جڏھن ذوالحج 1039ھ جولاءِ 1631ع ۾ آگرو ڇڏيو، تڏھن مرزا حسيني پڻ، ساڻس گڏ بکر جي نئين فوجدار جي حيثيت م سفر ڪري رھيو ھو. فتح پور، اجمير ۽ جيسلمير کان ٿي، سياح ۽ حاڪمن جوھي قافلو شعبان 1040 ھه مارچ 1631 ع ڌاري بکر پھتو. سنڌ ۾ ٻه سال رھڻ بعد محمود 20 محرم 1041 ھه-8 آگسٽ 1631ع تي واپس بلخ پھتو؛ جتي اتان جي حاڪم نظر محمد (1) کيس شاھي ڪتبخاني جو منتظم مقرر ڪيو ۽ ساڳئي وقت کيس حڪم ٿيو ته، ھو (محمود) ڪائنات متعلق ھڪ ضخيم ڪتاب تيار ڪري. حاڪم ھن ڪتاب جو نالو پاڻ ”بحر الاسرار“ تجويز ڪيو. ليکڪ باقي سموري زندگي بلخ ۾ گذاري.

بحر الاسرار (جنھنجو نالو ”بحر الاسرار في مناقب الاخيار“ آھي). ھڪ ضخيم ڪتاب ھو، جيڪو ستن جلدن تي مشتمل ھو. ھر جلد وري چئن (رڪن) ۾ پکڙيل آھي، ليڪن ڇھين جلد جي شروع ۾ (فاتح) ۽ پڄاڻيءَ تي ھڪ خاتمو ۽ پڻ ستين جلد جي آخر ۾ ھڪ خاتمو ڏيندي ليکڪ ھن ڪتاب کي ايڪٽيھن حصن ۾ منقسم ڪيو ٿو ڏسجي. ھن وقت دنيا ۾ صرف پھرئين ۽ ڇھين جلد جو اڌ وڃي بچيو آھي. ھن حصي ۾ سنڌ جي ڪجھه شھرن جو احوال پڻ ملي ٿو (ھي مواد اسين پنھنجي مقالي جي ٻئي ڀاڱي ۾ ڏينداسين). ڇھين جلد جي خاتمي تي ڪجهه ترڪ قبيلن جي ذڪر بعد، ليکڪ پنھنجي ھنڌ- سنڌ جي سفر جي روئداد ڏني آھي. (ھن مقالي ۾ اسين، سنڌ جي سفر جو احوال، پھرئين ڀاڱي ۾ ڏينداسين.).

افسوس جو ھاڻي دنيا ۾ صرف، ھن ڪتاب جي پھرئين جلد جو اڌ ۽ پڻ ڇھين جلد جو اڌ وڃي بچيو آھي؛ جنھنجا ھاڻي صرف ٻه قلمي نسخا (انڊيا آفيس لائبريري ايٿي نمبر 575، ۽ تاشڪندر نمبر 1375) وڃي بچيا آھن. ھنن ٻنھي نسخن جي آڌار نسخن جي آڌار تي ”بحرالاسرار“ جي سفر نامي وارو حصو، ڊاڪٽر رياض السلام صاحب ايڊٽ ڪري جامع انگريزي مقدمي سان، ڪراچي يونيورسٽيءَ جي ”ويسٽرن اينڊ سينٽرل ايشن انسٽيٽيوٽ“ پاران سال 1980ع ۾ ڇپيو آھي (2)

بحر الاسرار ۽ سنڌ

بدقسمتيءَ سان محمود بنا مير واليءَ جو، سفر دوران سڄو ڌيان بيڪار ڳالھين ڏي ويو، ان ڪري سندس سفرنامي ۾ ڪم جو مواد تمام گھٽ آھي.  سونھن سندس خاص ڪمزوري ھئي. سيلون جي سونھن جو پاڻ خاص طرح مداح ڏسجي ٿو. سفر متعلق سندس راءِ آھي ته: ”در تمامت  آن سير و سفر محض مشاھدت و خالص تماشا منظور بود“. [مشاھدو، ديدار بازي ۽ تفريح]. ان جي باوجود به، محمود جو ھي ڪتاب سيلون سميت ننڍي کنڊ جي سماجي ڄاڻ لاءِ، سٺي مددي ڪتاب جي حيثيت رکي ٿو.

سنڌ ۽ وچ ايشيا جو ڏھين يارھين صدي ھجريءَ ۾، گھرو ادبي لاڳاپو ڏسجي ٿو. (3). ان دور ۾ ھي ملڪ، مرڪزي ايشيا جي رولو توڙي ڏتڙيل اديبن ۽ سياحن لاءِ، اھم پناھه گاھه ۽ پيٽ قوت جو مکيه وسيلو ھو. ان قسم جا ليکڪ سنڌ ۾ پھچي، مملڪت جي ذميدارين ۽ پاليسين ۾ حصيدار ٿي، ڏاڍي عيش ۽ آرام جي زندگي پڻ گذاريندا ھئا. (4) پر بدقسمتي اھا آھي جو، جڏھن ھي اديب وطن واپس ٿيندا ھئا، تڏھن سنڌ جو پنھنجي تصنيفن ۾ بلڪل گھٽ ذڪر ڪندا ھئا. بھرحال جن چند سياحن ۽ اديبن پنھنجي پنھنجي وطن موٽي، سنڌ متعلق لکت ۾ ڪجھه نه ڪجھه مواد ڇڏيو، محمود بن امير والي به انھن مان ھڪ آھي، ان ڪري سندس سفر نامي ”بحر الاسرار] کي اسان جي تاريخي ادب ۾، تمام گھڻي اھميت حاصل آھي. بلخ جي ھن سياح جي سفري ڪيفيت مان، ٿلھي ليکي سنڌ متعلق اسان کي ھيءَ ڄاڻ ملي ٿي:

مغل سنڌ جي سماجي حالتن جي پروڙ پوي ٿي.

سنڌ جي وصعت ۽ انتظامي حدن جي ڄاڻ ملي ٿي.

حڪمرانن ۽ اجنبي ليکڪن جي خبر پوي ٿي ( ۽ انھن لاڳاپن ذريعي، حڪمرانن جو سڌي ٻوليءَ جي اديبن ڏي، سندن رويو معلوم ڪري سگھجي ٿو).

مغل دؤر ۾ مورخن ۽ ليکڪن جو سنڌ لاءِ، جيڪو دشنام طرازي ۽ بھتان بازيءَ وارو رويو ڏسجي ٿو، افسوس جو ان وھڪري ۾ محمود والي به لڙھي ويل ڏسجي ٿو.

سنڌ واسين، سمن جي سلطنت جي خاتمي (1520ع) تي، ارغونن خلاف، جنھن جدوجھد جو آغاز ڪيو، ڏسجي ٿو ته ھي تحريڪ سنڌ مان مغل راڄ جي خاتمي تائين برابر جاري رھي، جنھن جي شاھدي محمود والي پڻ، پنھنجي شھرن جي مذڪور ۾ ”ٺٽي“ جو ذڪر ڪندي ڏني آھي.

۽ سنڌ جي طبي تاريخ جو اھم ۽ گم ٿيل ڪردار، مولانا صلاح الدين سيوھاڻي، پھريون ڀيرو ”بحر الاسرار“ ذريعي نروار ٿئي ٿو.

سال 1981ع ۾، بنده کي محترم سيد حسام الدين شاھه راشدي صاحب وٽان ”بحرالاسرار“ جي ڇپيل ڪاپي عنايت ٿي ۽ خود سندن خواھش تي ھي مقالو تيار ڪيو پئي ويو، ليڪن افسوس جو ھي ڪم سندن زندگيءَ ۾ پورو ٿي نه سگھيو. ڊاڪٽر رياض الاسلام صاحب، ھن موضوع تي پنھنجي ڇپيل مضمونن جون ڪاپيون فراھم ڪيون، جنھن لاءِ آءٌ سندن ٿورائتو آھيان ۽ پڻ لاکي رحيم بخش قمر ۽ عبدالرسول مگسي صاحب، فارسي مواد کي سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري ڏنو، ان ڪري سندن شڪر ادائي پڻ واجب آھي.

 

غلام محمد لاکو

6- جون 1983ع

(الف) اُتر سنڌ جو احوال

جيئن مٿي آيو آھي، سياح ذوالحج 1039 ھه- جولاءِ 1631ع ۾، آگرو ڇڏيو، ان وقت بکر لاءِ نئون مغل فوجدار، مرزا حسيني پڻ ساڻس گڏ سفر ڪري رھيو ھو. محمود بن امير فتح پور، اجمير ۽ جيسلمير کانپوءِ، سنڌ جي سرحدي ۽ تاريخي شھر اروڙ ۾ داخل ٿيو. پاڻ سنڌ متعلق اسان جي ڄاڻ ۾ ھن ريت واڌارو ڪري ٿو.

جڏھن لشڪر جيسلمير جھڙي عصمت سوز علائقي ۾، چوڏھن ڏينھن رھيو ۽ پنھنجي تنظيم ۽ ترتيب لاءِ ڪي رعايتون حاصل ڪيون، تڏھن پندرھينءَ واري رات (پندرھين ڏينھن) قافلي جي ڪوچ ٿيڻ جو گھنڊ وڳو. ستين ڏينھن الور (5) پھتو، جيڪي بکر جي قابع آھي (6) ھڪ ڏينھن اتي خوش خورم گذري، ٻئي ڏينھن سنڌو درياءَ ٽپي، سکر جي شھر ۾ رھائش پذير ٿيا. جڏھن شھر ۾ ھر ڪنھن جو مقام مقرر ٿي ويو، تڏھن سڀڪو وڃي پنھنجي ڪم ۾ مشغول ٿيو ھن ملڪ جي ھيءَ عجيب و غريب رسم آھي ته زالون ۽ مرد بنا شرم ۽ حياءَ جي اگھاڙا ٿي نديءَ جي ڪناري تي ڪپڙا صاف ڪندا ھئا (غسل ڪندا ھئا؟) ص [95] ، پر پوءِ به تعجب آھي ته مردن کي لذت جو احساس نه ٿيندو ھو، توڙي جو سنڌجي ھن علائقي جون عورتون نھايت ئي خوبصورت ھيون. عجيب ته ھنن معاملن ھوندي به، اھي ماڻھو پاڻ کي مسلمان، نيڪ ۽ مذھب جو پابند سمجھندا ھئا ۽ مذھب جي پيرويءَ ۾ پاڻ کي منفرد مخصوص ڄاڻندا ھئا (7)  ان ملڪ ۾ انب، کجور، گدرو، ھنداڻو، انگور ۽ ڏاڙھون تمام بھترين قسم جو پيدا ٿئي ٿو. (8) ۽ ھتي جا ماڻھو مسافرن (پناھگيرن ۽ سياحن) لاءِ مھمان نواز آھن ۽ مذھب، خاص ڪري روزي نماز جي پابنديءَ ڏي مائل رھن ٿا.

سال جو ھڪ فصل ھن شھر ۾ گذريو (شايد ٽي مھينا) ۽ ٻئي فصل ۾ بکر جي واليءَ پاران سڀني کي اوڏي منتقل ٿيڻ لاءِ چيو ويو (9) بکر کي ھڪ مضبوط قلعو آھي، جنھن جون ديوارون مضبوط آھن. (10) اندرين فصيل ۽ ٻاھرين ڀت جي وچ ۾ سھڻيون عمارتون ۽ باغ اٿس. سنڌو درياءَ قلعي جي چوطرف رھي ٿو. قلعي جو احوال نقشن ۽ چارٽن سميت، سلطان جلال الدين خوارزم شاھه جي بيان ۾ ڏنو ويو آھي. (11)  غرض ته اھڙي سھڻي شھر ۾ به ڇھه مھينا رھيس (ص 96) ۽ منھنجي اميدن جي سڪل پوک تي ھميشه احسان ٿيندا رھيا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com