انعامن ورھائڻ جي تقريب، ھونءَ ته عام دلچسپيءَ جو سبب ھئي، پر
خاص طرح سان علائقائي ٻولين جي لکندڙن ان ۾ وڏي
ڪشش ۽ جاذبيت محسوس ڪئي، جو ملڪي تاريخ ۾ قومي سطح
تي، علائقائي ٻولين جي پھريون ڀيرو آبرومندانه
طريقي سان، مڃتا ٿي آھي.
صدر مملڪت جو خطاب
آخر ۾ صدر مملڪت جنرل محمد ضياءَ الحق پنھنجي خطاب ۾ فرمايو ته
قوم جي فڪري قيادت اھل اقتدار وٽ نه، پر اھل قلم
وٽ آھي، ان ڪري اديبن کي کپي ته وطن عزيز ۾ اتحاد
۽ بيدينيءَ جي قوتن کي مات ڪرڻ لاءِ سينه سپر ٿي
وڃن، ڇو ته ھن وقت عصري ادب، فڪري انتشار جو شڪار
آھي، جيڪو اسان جي قومي صفن ۾ نقصان جو سبب ٿي
سگھي ٿو. موصوف فرمايو ته عصري ادب ۾ متضاد فڪري
ڌارائون نظر اچن ٿيون، ھڪ جو سرچشمو اسلام، نظريه
اسلامي ۽ اقدار آھن ۽ ٻئي جو ممبع ھڪ اھڙو ضابطه
حيات آھي،جيڪو لادينيت کي بنياد بنائي، اقتصادي
عدل ۽ سماجي انصاف جي پروپئگنڊا ڪري رھيو آھي.
اسلام جي وسعت نظريءَ کي داد ڏجي، جنھن ۾ توبھه
جا دروازا ڪڏھن به بند نه ٿيا آھن ھن صاحب اميد
ظاھر ڪئي ته ھدايت جو نور، ھڪ نه ھڪ ڏينھن ڪارن
سينن کي منور ڪندو.
صدر صاحب اديبن کي صلاح ڏني ته:
”.... اوھان جيئن چاھيو، تيئن لکو: توھان کي مڪمل آزادي آھي،
مگر ھن ڳالھه جو خيال رکو ته جنھن ڌرتيءَ تي توھان
ھلو ٿا، جنھن ملڪ جي چار ديواريءَ ۾ توھان رھو ٿا،
جنھن آزاديءَ ۾ توھان ساھه کڻو ٿا، انھن جا پڻ
توھان تي حق آھن. ان جو ھڪ نظريو آھي ۽ ان نظريي
جا ڪجھه فرض آھن. توھان ان نظريي جي تقاضائن جو
صرف خيال رکو، مان ان کان وڌيڪ توھان کان ڪنھن
وفاداريءَ جي طلب نٿو رکان.
موصوف اديبن بابت حڪومت جي موجوده پاليسيءَ بابت ذڪر ڪندي
فرمايو.
”...... جيستائين حڪومت جو تعلق آھي، ته انھي ھميشه فراخدليءَ
واري پاليسيءَ تي عمل ڪيو آھي. توھان منھنجي ھن
اظھار کي عملي ڪسوٽيءَ تي پرکي ڏسو اسان گذريل ڇھن
سالن دوران ڪنھن کان به متاع لوح و قلم ڪونه ڇنو
آھي، ڪنھن جي به سوچ تي تالا ڪونه ھنيا آھن، ڪنھن
به منحرف کان منحرف اديب يا شاعر تي مقدمو ڪونه
ھلايو آھي، ڪنھن به اديب يا شاعر کي پابند سلاسل
ڪونه بنايو آھي؛ البته، ڪو اھل قلم محسوس ڪري ته
’گوشي مين قفس ڪي مجھي آرام بھت ھي‛
واري پاليسي فائمديمند آھي، ۽ ھُو سرڪاري خرچ تي
آرام ڪرڻ پٺيان ھجي ته پوءِ ان جو رستو روڪڻ، اسان
لاءِ مشڪل ٿي پوي ٿو..... “
صدر مملڪت جي خطاب کانپوءِ ڪانفرنس اختتام تي پھتي. مجلس شوريٰ
ھال جي مسجد ۾ نماز مغرب باجماعت ادا ڪئي ويئي،
جنھن ۾ صدر صاحب سان گڏ وفاقي ورزاءَ اعليٰ عملدار
۽ مندوبين شامل ھئا. ان کانپوءِ صدر صاحب، ڪيفي
ٽيريا ۾ اديبن سان گڏ چانھه پيتي ۽ ساڻن ملاقات
ڪئي.
صدر مملڪت طرفان دعوت
رات جو صدر مملڪت ڪانفرنس جي مندوبين جي اعزاز ۾ ”ايوان صدر“ ۾
ھڪ پروقار ڊنر ڏني، جنھن ۾ وزير دفاع مير علي احمد
خان ٽالپر، وفاقي وزير تعليم جناب ڊاڪٽر محمد
افضل، وفاقي وزير اطلاعات ۽ نشرياست جناب راجه
محمد ظفر الحق، وفاقي وزير پاڻي ۽ بجلي جناب راجه
سڪندر زمان، وفاقي وزير زراعت ۽ خوراڪ وائيس
ائڊمرل محمد فاضل جنجوعه ۽ سينيئر اعليٰ عملدارن
پڻ شرڪت ڪئي.
دعوت طعام کان اڳ، صدر موصوف، سڀني مندوبين سان ملاقات دوران
ساڻن خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ڪيترن ئي لکندڙن صدر
صاحب کي پنھنجا پنھنجا ڪتاب ۽ رسالا سوکڙي طور
ڏنا.
ٻئي ڏينھن تي، مندوبين جي واپسي ٿي. اڪيڊميءَ جي ڊئريڪٽر جنرل
جناب سميع الدين احمد صديقي ۽ سندس رفيقن: جناب
انعام الحق جاويد ڊپٽي ڊائريڪٽر، محترم نسيم محمود
ريسرچ آفيسر ۽ ڪارڪن، نگھت سليم، فريد احمد، شير
محمد، شفقت حسين انجم، محمد اجمل، عاصم محمود ۽
طارق محمود، مھمانن کي گرمجوشيءَ سان خدا حافظ
چيو.
اڪادمي ادبيات پاڪستان
بنگلو نمبر 36، اسٽريٽ نمبر 48
ايف 8/4- اسلام آباد
اولين ڪتاب پروگرام
اڪادمي ادبيات پاڪستان، ”اولين ڪتاب پروگرام“ ھيٺ، ھلندڙ سال
(1983) جي لاءِ نوجوان نون لکندڙن جا ٻه مسودا
چونڊ ڪندي.
اھو پروگرام انھن باصلاحيت نو عمر اھل قلم جي حوصله افزائيءَ جي
لاءِ شروع ڪيوويو آھي، جن جو اڄ تائين ڪو ڪتاب
شايع نه ٿيو آھي ۽ جيڪي بعض مشڪلاتن جي سبب پنھنجو
ڪتاب شايع ڪرڻ جي توفيق نٿا رکن.
ان پروگرام ھيٺ، اُنھن نون لکندڙن کان سندن پھرين تصنيف جا
مسودا گھرائجن ٿا، جن جي عمر ٽيھن ورھين کان نه
مٿي آھي.
اڪادمي جي پبليڪيشن ڪميٽي- جنھن ۾ ملڪ جا برک اديب شامل آھن-
انھن مسودن مان ٻن کي چونڊيندي، جن مان ھڪ شاعري ۽
ھڪ نثر جي ڪنھن مروج صنف ۾ ھوندا.
پبليڪيشن ڪميٽيءَ جي سفارش تي اڪادمي چونڊيل مسودن جي ڇپائيءَ
جا خرچ، مصنفن کي ادا ڪندي.
ان پروگرام ھيٺ، صرف انھن مسودن کي ويچار ھيٺ آڻي سگھجي ٿو، جي
اردو ادب جي مروج صنفن- نظم ۽ نثر- ۾ ھجن. غير
ادبي نوعيت جا مسودا ان پروگرام لاءِ قبول نه ڪيا
ويندا.
مسودا، ڪاغذ جي ھڪ طرف ۽ سٺن لفظن ۾ لکيل ھجڻ کپن. مسوده موڪلڻ
کان اڳ، مصنف کي ان جو نقل پاڻ وٽ رکڻ گھرجي، ڇو
ته اڻ چونڊيل مسودا واپس ڪونه موڪلي سگھبا.
نوجوان مصنف، مٿين شرطن سان ٺهڪندڙ تصنيفن جا مڪمل مسودا ھيٺ
صحيح ڪندڙ کي 31 ڊسمبر 1983ع تائين موڪلي ڏين.
خالد اقبال ياسر
ڊپٽي ڊائريڪٽر
(پي. آءِ. ڊي. اسلام آباد 29/2540)
تبصرا
نفيس احمد شيخ
سنڌي ادبي بورڊ جا نوان ڪتاب
1- قرآن مجيد (مترجم فارسي)
بورڊ تازو قرآن شريف جو فارسي ترجمو شايع ڪيو آھي، جيڪو پاڪ-
ھند برصغير جو پھريون ترجمو چيو وڃي ٿو. ھي ترجمو
حضرت مخدوم نوح سرور رح ھالائي، ڏھين صدي ھجري ۾
ڪيو ھو ۽ سندس خليفي ميمڻ بھاء الدين کي گودڙئي ان
جي ڪتابت ڪئي ڪئي. بھاءَ الدين پاڻ به تمام وڏو
بزرگ ۽ درويش ٿي گذريو آھي. چون ٿا ته ڀٽائي صاحب
جو پڙ ڏاڏو شاھه عبدالڪريم بلڙي وارو سندس جتي کڻي
سندس اڳيان رکندو ھو.
قرآن شريف جو اھو نسخو حضرت مخدوم نوح جي خاندان ۾ صدين کان
سانڍيل ھو، جو بورڊ جي اڳئين چيئرمين ۽ موجوده
سجاده نشين درگاھه، حضرت مخدوم محمد زمان طالب
الموليٰ بورڊ کي اشاعت لاءِ ڏنو. ان جو شروعاتي
حصو مرحوم حبيب الله رشدي ۽ مرحوم محمد صديق مائر
اصل نسخي تان اشاعت لاءِ نقل ڪيو. بعد ۾ بورڊ جي
موجوده چيئرمين مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي صاحب ان
تي تقريبن پندرھن ورھيه محنت ڪري ان جي ايڊٽنگ جو
ڪم مڪمل ڪيو. جناب غلام رباني ان جي ڇپائي لاءِ
ورهين جا ورهيه ڪوشش وٺندو رھيو. خدا جي فضل سان
قرآن پاڪ جو ھي تاريخي نسخو سنه 1983ع ۾ شايع ٿيو.
منجھس ڊبل ڊيمي سائيز ۾ 610 صفحا آھن. ھڪ طرف قرآن
ڪريم جو اصل متن آھي ۽ ٻئي طرف فارسي ترجمو، منڍ ۾
مولانا قاسمي صاحب جو چيلھارو صفحن جو عالمانه
مقدمو آھي، جنھن ۾ قرآن ڪريم جي ترجمن ۽ فارسي
ترجمن جي روايت چٽي طرح بيان ٿيل آھي، ۽ پڻ مترجم
مخدوم نوح رح جا حالات زندگي کي ڏنل آھن.
قرآن شريف جي ھن فارسي ترجمي جون ھونءَ ته گھڻيون ئي خوبيون
آهن، پر انھن مان ھڪ اڌ نھايت منفرد آھن. مثلن ھر
صورت اڳيان بسم الله جو ترجمو مختلف لفظن ۾ آيل
آھي. اھڙيءَ ريت، ھن ترجمي ۾ حروف مقطعات جي معنيَ
پڻ ڏني ويئي آھي.
قرآڻ مجيد جي طباعت تي ڪافي خرچ آيو آھي. تاھم، بورڊ ان جي
اشاعت کي عام ڪرڻ لاءِ مٺائي فقط ھڪ سؤ روپيا رکي
آھي. قرآن مجيد بورڊ جي بوڪ اسٽال تان روبرو يا
ٽپال رستي حاصل ڪري سگھجي ٿو.
2- جامع سنڌي لغات (ڀاڱو 2)
سنڌي ادبي بورڊ ، سنڌي ٻوليءَ جي جامع لغات تيار ڪرائڻ جو فيصلو
1951ع ۾ ڪيو ھو ۽ محترم ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ کي
انھيءَ رٿا جو سربراھه مقرر ڪيو ھو. سنه 1960ع ۾
لغات جو پھريون جلد شايع ٿيو ھو. |