سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1984ع (2)

 

صفحو :19

۽ تڏھن اوچتو ياد اچي ٿي ھن کي ٽيون ڏينھن واري اھا رات،جڏھن ڪي نامعلوم شخص ھن جي سؤٽ پٺيان ڪھاڙيون کڻي ڊڪيا ھئا ۽ ھراس واري ان ساڳي ئي رات، جڏھن وقفي وقفي سان ھن جي در جو ڪڙو کڙڪڻ لڳو ۽ ھو جڏھن رات جي گھري خاموشيءَ ۾ ھن جو نالو ورتو ويو ھو ته ھن کي پنھنجي جسم تي ھزارھا ڪولين جھڙي چرپر محسوس ٿي ھئي. ھو جنھن جي ھڪ مائٽ کي اھڙي ئي ھڪ رات گھران سڏي، ڪھاڙين سان ماريو ويو ھو، تنھن جڏھن در جي ٻاھران اوپرن ماڻھن جو چوٻول ٻڌو، ته ھيسجي ويو ھو. تنھن گھڙيءَ ھن جي زال پنھنجو ڪمزور ھٿ ھنجي ڪلھي ۾ وجھي، ھن کي زور ڏنو ھو. ھن جي انڌي ماءُ ٽپ  ڏئي اٿي ويٺي ھئي- ۽ پنھنجي بي نور اکين کي مسلسل ڇنڀيو ھئائين، ”ھن ويلي رات جو ڪير ٿي سگھي ٿو ٻاھر.... نه نڪرجانءِ“ شديد خوف وچان ھن جي ماءُ چيو ھو.... ”نه وڃجانءِ منير، ٻاھر نه وڃجانءِ..... ڪنھن تي ڪھڙو ڀروسو آھي ابا.....! “

پوءِ جڏھن ان واقعي کي گھڻي دير گذري وئي ھئي- ۽ جڏھن در تي وقفي وقفي سان ٺڪ ٺڪ جو آواز اچڻ بند ٿي ويو، تڏھن ھو ڊڄندو ڊڄندو ٻاھر آيو ھو.... ۽ ان لمحي خالي خالي گھٽي ۾ جڏھن ڪوبه ماڻھو نه ڏٺو ھئائين، ته سک جو ساھ کنيو ھئائين.

ھو ھڪ ڊگھو شاھ کڻي ٿو ۽ ان رات  گھر کان ٻاھر نھ اچڻ واري ڊپ کي لڪائي- ھڪ بھانو گھڙي وٺي ٿو.

”سائين اصل ۾ ان رات، مان گھر ۾ ھيس ئي ڪونه.... نه ته ڀلا گھر ۾ ويھي ٻاھر نه اچان ھا...... سو به توھان جي ايندي.... منھنجو مطلب آھي ته مان گھر ۾ ڪونه ھيس- يقين ڪريو مون پنھنجي سڄي زندگيءَ ۾ ڪڏھن به ائين ناهي ڪيو...... “

”اڙي ڀائو.... منھنجو مطلب به ھروڀرو اھو ڪونه آھي... بھرحال ڇڏيو ان ڳالھه کي... ھا، اھو ٻڌايو ته ڪڏھن ٿا ٽائيٽل ٺاھيو.....؟ “ اوچتو ھن جي دوست جي نظر ڪائونٽر تي بيٺل ھڪ ھندو شخص تي پوي ٿي، جنھن کي ململ جي ڪپڙي جي ڌوتي پھريل آھي- تڏھن ھن جي چھري تي ڪنھن ڳالھه جي ياد اچڻ جا ڀاوَ اڀرن ٿا- ۽ ھو ٽائيٽل وارو موضوع اڌ ۾ئي ڇڏي ڏئي ٿو- ”ڙي يار ھا!..... واسو مل جي مانڊڻي وٽ اڄ جيڪو خون ٿيو آھي، ان جي به خبر اٿوَ نه !!؟ “

منير کان وري ڇرڪ نڪري وڃي ٿو- وڏي مشڪل سان فقط ھڪڙوئي لفظ ڳالھائي سگھي ٿو ”ھا...! “

”ڀائو، ايترو سو چئبو، ته فوتي نه ڪنھن جي ٻن ۾ ھو نه ٽن ۾.... ھو غريب ته رڳو ھڪ ذات مان ھئڻ ڪري ئي ماريو ويو... ڀائي مارجي ان کي جيڪو ڏوھي ھجي... باقي اھو ڪھڙو انصاف چئبو- چوري ڪري مڇن وارو، پڪڙيو وڃي ڏاڙھيءَ وارو....!!؟؟ “

منير کي ھڪدم ڪاوڙ اچي وڃي ٿي. ھٿ ڏڪڻ لڳنس ٿا- جوش کان ڏند ڪرٽي وڏا وڏا ساھه کڻي ٿو.

”ماڻھو جو وحشيپڻواڃا به ڪو ٻيو ٿي سگھي ٿو ڇا؟“ ھو ڳالھائڻ لڳي ٿو ” ته ڪنھن شخص سان دشمني کي ڇڪي تاڻي ان سطح تي آندو وڃي جو ان کي  ماريو وڃي، ان جي ھستيءَ کي نابود ڪيو وڃي. اھو سوچڻ بنا ته اھو شخص جو زنده رھي ٿو، اھو رڳو پنھنجي ذات لاءِ ئي نٿو جيئي- انھن رشتن لاءِ به ھن کي جيئڻو پوي ٿو، جن ۾ ھو ورھائجي ويل آھي. ھاڻ، مون کي ڪو ماڻھو جيڪڏھن اوچتو ماري ڇڏي ته ان سان ڇا ملندو تن کي، سواءِ ان جي ته مون اڪيلي جو موت انھن سڀني جو موت بڻجي سگھي ٿو، جن سان منھنجي رت جون تندون جڙيل ھونديون- جذباتي وابستگيون ھونديون جن سان، ٻڌايو ھيڏي وڏي دنيا ۾ ڪوٻيو به ٿي سگھي ٿو، جو انھن جي زنده رھڻ لاءِ مون جيان ورھائي ڇڏي پاڻ کي. “ جذبات ۾ اچي ھو ڳاڙھو ٿي وڃي ٿو. چپ ڦڙڪڻ لڳنس ٿا- اکين ۾ چرين جھڙي چمڪ اچي وڃيس ٿي. ھڪ ماڻھوءَ جي موت سان، جيترا به فرد زنده مريو وڃن ٿا، اوترائي ڀيرا اُن خونيءَ کي، انسانيت  جي دشمن کي، اذيتون ڏئي ڦاھيءَ تي لڙڪايو وڃي ۽ ۽ فائرنگ اسڪواڊ آڏو بيھاري، گولين سان اڏايو وڃيس ته به جيڪر ان وحشيپڻي جي تلافي ٿي نه سگھندي. “

”ھونئن! اھا خبر ته اٿو نه، ته اھو خون ڪنھن ڪيو آھي؟“ منير ھن ڏانھن فقط خاموشيءَ وچان ڏسندو رھي ٿو، جنھن منجھان اھو صاف ظاھر ٿئي ٿو ته ھو انھي مري ويل شخص جي باري ۾ ڪجھه نٿو ڄاڻي- نه ان جي ماريندڙ جي باري ۾ ڪا معلومات رکي ٿو. ھو ڪنڌ سان نھنڪر ڪري ٿو.

تڏھن ڏاڍي رازداراڻي نوع ۾، ھن جو دوست چوي ٿو:

”ڀائو.... مون کان ٿا لڪائڻ چاھيو ڇا.....!؟ “

”ڇا مطلب؟؟!“ خوف کان ھن جي چيٽ نڪري وڃي ٿي.

”ته چئبو توھان کي واقعي اھا خبر ڪانھي-؟“

منير فقط ڌڙڪندڙ دل سان ايندڙ لمحن جو وڏي اڻ تڻ سان انتظار ڪري ٿو.

”ڀائو....... حد درجي جو ڪو ساڌو آھين..... “ ھن جو دوست ڳالھائڻ لڳي ٿو.

”تنھنجي مائٽن پلئه ڪري وڌو آ.... ڏيھه سڄي کي ڄاڻ پئجي ويئي، پر تون آھين جو...!! “

”ڇا!!؟؟ “ ڄڻ ته ھن جي ڀر ۾ ڪو زوردار ڌماڪو ٿيو ھجي. ھن جون وايون بتال ٿي وڃن ٿيون. شديد خوف وچان ھن جو چھرو ھيڊو ٿي وڃي ٿو. ”سائين...... معاف ڪجو...... مون کي ھڪ تمام ضروري ڪم ياد اچي ويو آھي.... مان.... “ ھو، جملي کي اڌ ۾ ڇڏي اٿي ٿو، ۽ دوست جي ڪنھن به جواب جو انتظار ڪرڻ بنان ھوٽل مان ٻاھر نڪري اچي ٿو.

ڀوائتين اکين واري شخص بابت ھن جو خدشو ھاڻ يقين ۾ بدلجي وڃي ٿو، جو ڪنھن کي ڳولھڻ واري انداز ۾ رستي ڏانھن ڏاڍيءَ وحشت وچان گھوري رھيو ھو. ھن جي وکن ۾ ان لمحي بيحد تيزي اچي وڃي ٿي، جڏھن امالڪ ٻانھن ۾ ٻڌل واچ ڏانھن نظر وڃيس ٿي. ”ٻارھن“ ھرو ڀرو ايڏو اويلو ٽائيم به ڪونھي. پر اڄ اھو ٽائيم ھن کي محسوس ٿئي ٿو،ڪنھن گجگاھه رات جي اويري وقت جيان ڏاڍو ڀوائتو.

شھر جون حدون لتاڙي ھو جڏھن ڊگھن ۽ گھاٽن وڻن وٽ پھچي ٿو ته خوف وچان ھن کان رڙيون نڪري وڃن ٿيون. دور دور تائين ڦھليل گھاٽن وڻن جي وچ مان گذرندڙ اونداھين ۽ خاموش رستي مٿان ھلڻ جو خيال ھن جي سرير ۾ خوف ڦھلائي ڇڏي ٿو. ڊنل من سان جيئن جيئن اڳيان وڌي ٿو، تيئن تيئن زندگيءَ جي چرپر ۾ ٺاپر ايندي وڃي ٿي. چؤدشائن ۾ فقط سانت جون صدائون رھجي وڃن ٿيون. اوچتو ھو وري ڇرڪجي وڃي ٿو. موت جا سرد ھٿ ھن کي پنھنجي جسم تي ڦرندي محسوس ٿين ٿا. بي پناھه خوف وچان ھن جا پير ڌرتيءَ کي چنبڙي پون ٿا. اوندھه ۾ ھو اکيون ڦاڙي ڏسڻ لڳي ٿو. سامھون موري تي ڪي اونداھا پاڇا نظر اچنس ٿا، جيڪي ھيڏانھن ھوڏانھن ٿي رھيا آھن. ھن جي دل زور زور سان اڇلون کائڻ لڳي ٿي. انھن ئي لمحن ۾ کيس لڳي ٿو ته، اھي پاڇا ھن کي ڏسي ھڪ ھنڌ ساڪت ٿي ويا آھن. ھن کي مارڻ لاءِ ھنن جي چرپر رڪجي وئي آھي. ’ضرور انھن مون کي ڏسي ورتو آھي.... ھاڻ ته ڀڄڻ جي به ڪا واھه نه رھي رھي آھي... جي ڏٺو اٿئون ته ڪٿي ڇڏيندا. ڏاڍي ويچارپ سان ، جيئن ئي پٺتي ڇڏي آيل رستي ڏانھن ڏسي ٿو، ته ھن جي جسم جا وار ھڪدم ڪانڊارجي وڃن ٿا. جنھن رستي تان ھلندو ھو ھيستائين پھتو آھي ان رستي جي ھڪ ڪُنڊ ۾، ڪنھن شخص جو اونداھو پاڇو بيٺل محسوس ٿئيس ٿو. ذهن ۾ گونجندڙ خطري جو سائرن تيز ٿي وڃيس ٿو. کيس شدت سان محسوس ٿئي ٿو ته رستي بيٺل اھو شخص به، انھن جو ئي ونگاري آھي، جو شھر ڏانھن ويندڙ گھٽ جھلي بيٺو آھي موت جھڙي انھيءَ سانت ۾ خوني چھرا ڦري وڃن ٿا ھن آڏو. ڪھاڙين جا اوندھه ۾ چمڪاٽ ۽ ھن جون آزيون نيزاريون مُڏن ھٿيارن جيان انھن آڏو بي اثر، تيز ڪھاڙين جا چيچلائيندڙ وار، گھٽيل گھٽيل رڙيون،ا کيون ٻاھر نڪري آيل، ھو پاڻ کي پنھنجي ئي رت ۾ ليٿڙيل محسوس ڪري ٿو. ھڪ گھڙيءَ ته ھن جون رڙيون نڪرندي نڪرندي رھجي وڃن ٿيون. جڏھن پاسي کان آيل ھڪ آواره ڪتو، اوندھه جو سينو چيري ڪمند جي گھاٽي پوک ۾ ڇوھه منجھان گھڙي وڃي ٿو. تڏھن ھن جو سڄو جسم لرزي اٿي ٿو، ڊپ وچان ھن جا ساھه پاڻ ۾ وچڙڻ لڳن ٿا ۽ ھاڻ جڏھن ٿورو ٿورو سامت ۾ اچي ٿو ته وري روڊ جي ھڪ پاسي کان بيٺل پاڇي ڏانھن ڏسي سوچي ٿو. ھي شخص جڏھن منھنجي مارڻ لاءِ موڪليو ويو آھي ته ھيترو وقت  بيھي ڇو رھيو آھي اتي چُري پُري به نٿو ٿي سگھي ٿو ته اھو ڪنھن ماڻھوءَ جو پاڇو نه ھجي، ڪنھن وڻ جو ڪٽيل ٿڙ ھجي. اھو ڪنھن جو وھم به ته ٿي سگھي ٿو نه. مسلسل خوف جي دٻاءُ مان نڪرڻ لاءِ ھو پاڻ کي آٿت ڏئي ٿو ۽ موريءَ تي نظر ايندڙ پاڇن لاءِ  به ھو اھڙي قسم جو دل کي ڏڍ ڏيندڙ رايو قائم ڪري ٿو. ’ھي ته مون کي سرن جا ڪي ٻوڙا ٿا نظاًر اچن، جيڪي اڳھڻو ھوا جي ڪري شايد لڏيا ھئا. ھن کي پنھنجو پاڻ تي کل اچي وڃي ٿي. ’مان به ڪيترو نه ڊڄڻو آھيان، اجايو ھيترو ٽائيم پاڻ کي رستي تي بيھاري ڇڏيم. ۽ ھاڻ ھن جي اندر جي شڪتي وري موٽي اچي ٿي. ھو ھاڻ بنا ڪنھن ڊپ جي موريءَ ڏانھن وڌڻ لڳي ٿو. پر جيئن جيئن موري ويجھي ايندي وڃي ٿي، ھن جي اميد جي ابتڙ، موريءَ تي نظر ايندڙ پاڇا ماڻھن جو روپ وٺندا وڃن ٿا. انھن بابت سرن ھجڻ وارو ھن جو شڪ جڏھن چئن ماڻھن جي ڀوائتي حقيقت ۾ بدلجي وڃي ٿو، تڏھن ڀوَ کان ھن جا پير ايترا ته ساڻا ٿي وڃن ٿا، جو اڳتي ھلڻ جو ساھس ئي وڃائي ويھن ٿا. ھو ڏڪندڙ قدمن سان بنھين انھن جي ويجھو اچي وڃي ٿو. تڏھن شڪست کاڌل ان سپاھيءَ جيان، جيڪو زندگيءَ ۽ موت جي ڇتي جنگ ۾، ھٿيار ڦٽا ڪري، زندگيءَ جي خيرات لاءِ ٻئي ھٿ مٿي کڻندو آھي. ٺيڪ اھڙي طرح خوف وچان ڦاٽي ويل آواز ۾ ھو ويٺلن کي سلام ڪري ٿو، ۽ ان لمحي ته جسم منجھان ساھه ئي ڇڏائجي وڃيس ٿو. ھو بنھه ڪرڻ وارو ٿئي ٿو. جڏھن موريءَ تي ويٺل ماڻھن منجھان ھڪ ڄڻو پنھنجي ساٿيءَ کي، ڏاڍي آھستيءَ ۾ ڪجھه چوي ٿو، تڏھن بي پناھه خوف وچان ھن جي منھن تي پگھر جا ڦڙا نڪري اچن ٿا. ھو وڏي مشڪل سان ساھه کڻڻ لڳي ٿو، ڄڻ ته ساھه جي نليءَ ۾ ڪجھه ڦاسي پيو ھجيس. ساھن جي انھيءَ بي ترتيبيءَ سان لڙکڙائيندو، ڀنواٽيون کائيندو، ھو جڏھن ڏھن قدمن جيترو مفاصلو طئي ڪري وڃي ٿو، تڏھن امالڪ ئي موت کان زندگي ڏانھن رڙھندڙ ماڻھوءَ جيان، جسم جي سموري سگھ سان چرين جيان ڊوڙڻ لڳي ٿو.

 

واجد

ٽٽل ڀرم جا ڀور

 

آصف جي پرشان چھري مان سندس اندر جي ويراني پڌري آحي. لڳي ٿو ته ھو ڪنھن ويچار جي وڙھوٽي ۾ ويڙھبو پيو وڃي. سندس نرڙ تي فڪر جون انيڪ ريکائون مڙي آيون آھن. سگريٽ سندس ھٿ ۾ ئي سڙي رک ٿي ويو آھي، سندس اڳيان ذوالفقار راشدي جو ڪتاب ”سوچ کي لوچ“ کليو رکيو آھي، جنھن جا ورق، ٽيبل فين جي تيز ھوا ۾ ھيڏي ھوڏي ٿي رھيا آھن. سوچيندي سوچيندي سوچون سندس زبان تي لھي اچن ٿيون ٿيون ۽ ھو پاڻ سان ڳالھائڻ لڳي ٿو: ”اڳتي رياض سان ڳالھائڻ بلڪل بند، اصل باءِ ڪاٽ ننڍپڻ جو يار ھُيو، مون زندگيءَ جي اُس ڇانو ۾ وس آھر پئي ساڻس ساٿ ڏنو، پاڻ کي بکيو ڏکيو رکي به سندس سھائتا ڪندو آيس ۽ اڄ جڏھن مون تي ڏکيو وقت آيو آھي، ته آرسيءَ جي اولڙي جيئان ھٿ ئي نٿو اچي. جڏھن وڃ تڏھن ھڪ ئي جواب: ”رياض گھر ڪونھي. “

صبح سندس سھري ڪيترو نه ڳالھايم! ڪھڙا لفظ بچيا ھئا، جيڪي ھن نه ڳالھايا ھوندم. رياض جو خيال رکي ڪجھه نه چيومانس، نه ته ٻڌايانس ھا ته مون کي واندو، بي روزگار ۽ ڪنگلو ڪوٺيندڙ پوڙھا، تنھنجو ماضي ڇا ھو،  تو پنھنجي ماضيءَ کي ڪڏھن ياد ڪيو آھي، ڇا ھُئين تون؟ چور، رشوتي! ماڻھن جا حق ڦٻائيندڙ، ھڪ معمولي دارغوئي ته ھئين، سمورو تڪبر توري ڏيانس ھا پاڙي آڏو، انسانيت کي تارازيءَ ۾ ٿو توري، وياج خور مَڇُ! پر ھاڻي پئسا ڪنهن کان گهرجن جي سال به فارم نه ڀريوته پوءِ منهنجي تعليم جو ڇا ٿيندو، فارم ڀرائڻ جون به ته آخري تاريخون آھن، اُف! غربت به ڪيڏي نه بُري بلا آھي، خوديءَ جو جنازوئي ڪڍيو ٿي ڇڏي! نه ھيل به فارم ڪونه ڀرائبو، اصل ڪونه ڀرائبو، مون کان ڪونه پڄندوائين اڻ ھوند جو اشتھار بڻجڻ. پر، جي اڳتي نه پڙھيم، ته پوءِ زندگي گذارڻ جا ٻيا ڪھڙا وسيلا اٿم، ھيءَ جبل جيڏي جيوت ڪيئن گذرندي؟ مون کي پنھنجي آئيندي لاءِ ڪجھه ڪرڻ گھرجي، اوچتو سندس ذھن ۾ اعجاز جو خيال اچي وڃي ٿو.

اعجاز کان پئسا گھرڻ کپن. ھو مون سان پرخلوص آھي. ھن ڏکئي ويلي ضرور ھليپا ڪندو منھنجي. ٽين وڳي ايندو ته، اچي ته سموري حقيقت ڪريانس. اعجاز مايوس ڪرڻ جھڙو ماڻھو ناھي. (پنھنجي گھڙيءَ ۾ڏسي) پر ھينئر ته چار ٿي رھيا آھن. ھاڻي تائين ته اچي وڃڻ گھربو ھئس. (ايتري ۾ اعجاز کليل در مان ٽپي اندر اچي ٿو).

”گوڊ ايوننگ، ماءِ ڊيئر فلاسافر. “

”آءٌ ياي، مسين ٿو ظاھر ٿئي- خبر اٿئي، ڪيڏو اوسيئڙو ڪيو اٿم تنھنجو! “

”نه يار، اھڙي ڪا ڳالھه ڪانھي، آءٌ ٺيڪ ٽين وڳي پھتو آھيان، واعدو به ته ٽين جو ھو نه جاني! “ اعجاز پنھنجي گولڊن راڊو واچ ڏانھن گھوريندي چيو.

”پر، مون وٽ ته ڪڏھوڪجو چار ٿيا آھن. “

”ڀليو آھين ڀلا ماڻھو، ھڪ ڀيرو وري نھار پنھنجي ان ڪونج گھڙي ڏي. ڪٿي ڊاٻو نه ڪيو ھجيائين! “ اعجاز چاٻين جو ڇلو آڱر ۾ ڦيرائيندي چيو.

اڙي! ھائو يار، ھي ته ڪا رات چئين وڳي کان بند ٿي ويئي آھي! “ آصف پنھنجي پراڻي گھڙيءَ کي ڏسندي چيو.

”يار منھنجي مڃين نه، ته اھا نالي چرچل واري نشاني ھاڻي برٽش ميوزم ڏانھن ڏياري موڪل. يا وري ھيئن ڪر، جو ان کي ڪنھن بس ھيٺان......... نه جائي، ريل جو بند ويجھو اٿئي نه، ڏھين واري ايڪسپريس ھيٺان ڏيئي ڇڏينس، الله سنھن جندئي ڇٽي پوندءِ ان روز روز جي آزار مان! “

”آزار گھڙي ئي نه، تون به ٿيندو پيو وڃين عجُو! “

”جي- اھا ڳالھه آھي، ته پوءِ آءٌ  ئي ٿو بند تي سمھان- پر ٻيلي گھڙي تو واري ٻڌي سمھندس، جيئن ھڪ ڌڪ سان ٻئي آزار فنش ٿي وڃن! “

”يار، ھٿ ٿو جوڙيانءِ، ھاڻي سنجيده ٿيءَ- مون کي تو سان ھڪ خاص ڳالھه ڪرڻي آھي. “ آصف سندس مسلسل بڪ کان عاجز ٿيندي چيو.

اوچتو اعجاز خاموشي اختيار ڪري ٿو. ”ٻڌاءِ اعجاز، آءٌ ڪالھه ڪاليج ويو ھئس-ڪلارڪ ٻڌايو پئي ته فارم ڀرائڻ  جون آخري تاريخون آھن. “

”پوءِ ان ۾ ايڏي فڪر مند ٿيڻ ڪھڙي ڳالھ آھي، ڀراءِ نه فارم، ھيءَ سال به وڃائيندين ڇا پنھنجو، ٿڌا ٿانھير!؟ جن کي صلاحون ڏيندو ھئين پڙھڻ جون، سي به ايم اي ڪيو وتن ٿا نوڪرين لاءِ انٽرويو ڏيندا. “

”يار، اھائي ته ڳالھه آھي نه، ھينئر ته آءٌ ان پوزيشن ۾ آھيان جو فارم ڀرائڻ ته ٺھيو، مون لاءِ فرم لاءِ فوٽو ڇڪائڻ لاءِ مسئلو آھي. ٻڌ، اعجاز، تون منھنجو گھرودوست آھين، تو وٽ پئسو به آھي، تون منھنجي ھن سلسلي ۾ ھيلپ ڪري سگھين ٿو. ڏکي ويلي يار ئي ڪما يندا آھن. آءٌ سروس جي ڳولا ۾ آھيان، نوڪري ملندي ئي پھرين تنھنجو قرض لاھيندس. “

يار آصف! توکي شايد خبر ناھي ته    بابا اڄڪلھه مون کان ڪيڏو الرجڪ آھي. جيڪو مھيني ۾ ھزار ڏيڍ ڏيئي ڇڏيندو ھو، اھو ھاڻي ٻه سؤ رپيا ڏيڻ لاءِ به تيار ڪونھي. ڪالھه ڪاليج ۾ دوستن ڪجهه قلر فوٽو ڇڪرايا، صفائي جو خرچ منھنجي مٿان رکيائون ۽ آءٌ 20 روپين لاءِ سمورو ڏينھن ليلائيندو رھيس، پر بابا لفٽ ئي ڪانه ملائي، نيٺ امڙ کان ڏٽا سٽا ڏيئي پئسا ورتم، نه ته دوستن آڏو ساري فوشر ٿڌي ٿي وڃيم ھا! “ (ٿڌو ڇوڪارو ڀري) ”يار، پاڻ به ڪيڏا نه مجبور آھيون. دوستن کي محرومين جي ڌٻڻ ۾ ويندي ڏسي به کين بچائي نٿا سگھون! آصف، مون کي تولاءِ بيحد عزت آھي. منھنجي وس ۾ ھُجي نه، ته خدا جو سُنھن ھڪ ئي ڏينھن ۾ تنھنجي تقدير بدلائي ڇڏيا! “ اوچتو چاٻين جو ڇلو سندس آڱرين مان ڇڏائجي پٽ تي ڪري پوي ٿو ۽ ھو جيئن ئي ھيٺ جُھڪي کڻڻ لڳي ٿو، تيئن سندس اڳئين کيسي مان سوَ سوَ جا ڪئين نوٽ ڪري پٽ تي وکري وڃن ٿا). اھو منظر آصف جي ھردي ۾ ٻاڻ جيئان کپي وڃي ٿو، پر ھو پنھنجي منھن اھڙيءَ طرح ٻي پاسي ڪري ڇڏي ٿو، جن اھو ننگو عمل ھن ڏٺوئي ڪين ھو.

اعجاز ان اوچتي حادثي جي ڪري ڏاڍي ڦڪائي محسوس ڪندي، آصف ڏانھن چور نظرن سان ڏٺو. پر، اھو ڏسي ته آصف جو ھن ڏانھن ڌيان ئي ڪونھي. جلدي ۾ نوٽ ميڙي کيسي ۾ وجھي ڇڏي ٿو، ۽ ضمير جي اکڙيل ڀت کي لفظن جو ليپو لائيندي چوي ٿو! ”آصف، تون پريشان نه ٿيءُ، ھڪ دوست نظر ۾ اٿم، جي ان کان پئسا ملي ويا، ته پوءِ رات تائين به اچي ڏيئي ويندو سانءَ، ٺيڪ! ھاڻي آءٌ ھلان؟ اوڪي، گڊ باءِ! “

اعجاز جي ان ڪريل حرڪت آصف جي ڀرم کي ڀور ڪري وڌو ھو بيحد اداس ٿي ويو، سندس اکين ۾ لڙڪ ڀرجي آيا، نرڙ تي فڪر جون ڪجھه وڌيڪ ريکائون مڙي آيس. ھن کي ائين لڳو، ڄڻ ڀت تي لڳل سموريون تصويرون مٿس چٿرون ڪنديون ھجن. ھن اھا سموري رات اکين ۾ ڪاٽي ھئي. سڄي رات جاڳڻ ڪري سندس اکيون سرخ ٿي ويون، ۽ رنگ ۾ پڻ ڪافي پيلاڻ اچي ويئي ھئس. صبح جو سورج وري ھن لاءِ سوچن جي سُوري سجائي آيو. ھو سوچي سوچي بيزار ٿي پيو، کيس ھر طرف کان ٻاٽ اوندھه وڌندي نظر اچڻ لڳي. (اوچتو ڀيڻس جو خيال سندس ذھن جي اونداھي ايوان ۾ ٽانڊاڻي جيان ٽمڪي اُٿيو، جا شھر کان 15 جي مفاصلي تي ھڪ ڳوٺ ۾ رھندي آھي ۽ سندس مڙس 16 گريڊ جو آفيسر آھي.)

ھن پيتي کولي، ٻه ڪتاب ڪڍيا ۽ پوءِ دروازي کي تالو ھڻي اڳيان وڌيو. پوءِ ڪجھه سوچي، پٽ تان ڪوئلو کڻي دروازي تي لکڻ لڳو:

دوستو! آءٌ ٻاھر وڃي رھيو آھيان، شايد پرينھن تائين واپس اچان. (آصف) ھو سڌو ھلندو ويگن جي اسٽاپ تائين آيو. اھا ھن جي خوش قسمتي ھئي، جو ويگن نه صرف ھلڻ لاءِ تيار ھئي، پر ھن کي انھيءَ ۾ جاءِ به ملي ويئي، شايد ھوئي آخري مسافر ھو. ويگن روڊ تي ڊوڙڻ لڳي، ۽ آصف روڊ جي ڪنارن تي بيٺل وڻڻ  کي تيزيءَ سان گذرندو ڏسي رھيو . ھن جي ذھن ۾ تيزي سان گذرندڙ وڻن کان وڌيڪ سوچيون ھيون. سوچون، هن جي مستقبل جون.

ھُو ويگن تان لھي، آھستي آھستي ھلندو ھڪ دروازي آڏو بيھي رھيو. ڪجھه سوچي پوءِ در کڙڪايائين.

”ڪير آھي ادا؟ نظير، ٻاھر ته وڃي ڏس، ڪير آھي؟“ (گھران آيل آواز ھو سڃاڻي ويو. اھو سندس ڀيڻ جو آواز ھو.)

”اڙي، ماماٰ ماما ھلو نه گھر، ٻاھر ڇو بيٺا آھيو؟“ نظير کيس سڃاڻي سندس ٻانھن جھلي گھر ھلڻ لاءِ چيو. ”ادا، ڀينرن جا در کڙڪائڻ جو دستور ڪڏھن کان  نڪتو آھي؟“ آصف گھر ۾ گھڙيو، ته ڀيڻس ميار ڏيندي چيو.

”نه ادي، اھڙي ته ڪا ڳالھ ڪانھي. اصل ۾، گھڻي وقت کانپوءِ اچڻ ڪري ڪجھه اوپرائپ پئي محسوس ٿئيم، تڏھن دروازو کڙڪايوم. ھونئن به ڪنھن جي گھر ۾ گھڙڻ کان اڳ، کڙڪاءُ ڪرڻ لازمي آھي. “ آصف صفائي پيش ڪندي چيو.

”ڇڏ، ڙي ادا! اھي ڌارين واريون ڳالھيون پنھنجو رت اڃا ايڏو ڇڊو ناھي ٿيو ڀاءُ! “

ايتري ۾ سندس ڀاڻيجي ڪوثر سنداس مان تڙ ڪري، نڪري اچي ٿي ۽ آصف کي ڏسي حيرت جو اظھار ڪندي چوي ٿي؛ ”ھلو ماما! ڪھڙا حاصل آھن- نه مينھن اُٺو نه گاج ٿي. اوھان ڪيئن اچي نڪتا! ڪٿي، راھه ته نه ڀُلجي پيا آھيون؟“

(ماڻھنس ڳالھه بدلائڻ خاطر) ”ھاڻ ڇڏجان کڻي ويچاري جي، جج بڻجي ٿي پوين ماڻھو پويان- اُٿ، مامي لاءِ تڪڙ ۾ چانھه ٺاھي وٺ- ۽ ٻڌ، جي دٻي ۾ پتي نه ھجي ته مُرڪ کي سڏي گھرائي وٺ. “ (وھاڻو آصف ڏانھن سوريندي)، ”ادا، تون ٺھي ويھه نه—پر، منھنجي خيال ۾ پھريائين وھنجي وٺين ته پاڻ سٺو، سفر جو ٿڪ لھي پوءِ، اُٿ ڇورا نظير مامي کي ٽوال صابڻ کڻي ڏي، ته تڙ ڪري وٺي. “

آصف قميص لاھي کٽ تي رکي، سنداس ۾ ھليو وڃي ٿو. ڀيڻس سندس قميص کي اُٿلائي ڀٿلائي ڏسڻ لڳي ٿي. اوچتو سندس نگاھھ قميص جي ڳريلڪالر ۾ کُپي وڃي، ۽ ھو قميص کٽ تي رکي، اندران سلامي مشين کڻن وڃي. (ايتري ۾ پاڙي جي ڇوڪري مُرڪ، جا پتي وٺي آئي ھئي، کٽ تي ويھي رھي ۽ قميص جي ڳريل ڪالر ڏانھن گھورڻ لڳي ٿي) آصف جي ڀيڻ کي ڇوڪريءَ جو ائين ڀاءٌ جي ڳريل قميص ڏانھن گھوري گھوري ڏسڻ چڱو نه لڳو ۽ ھُن جلدي ۾ قميص کي ويڙھي ھڪ پاسي رکي ڇڏيو.

آصف تڙ ڪري ٽوال تار ۾ لڙڪائي، اچي کٽ تي ويٺو.

”ادي، ٻيا ته ڪُل خير آھن نه؟“

”ھا ادا، رب جون لک مھربانيون آھن. پر ادا، مون کي تنھنجو بيحد ڏک آھي، سڄو ورھيه وري آيو آھي، توکي آئي- نه اچڻ، نه وڃڻ- ائين ته ڪوئي مئن کي به نه وساريندو. “ (ٿڌو ساھه کڻي) ”ھائو ڙي ادا! ابي امڙ جي مرڻ پڄاڻان ڪير بڇندو ته ويچارڙي ڀينڙيءَ جي سار به لھو ٿا يا نه؟“

(ايتري ۾ ڪوثر چانھه ٺاهي آئي، ۽ ھڪ ڪوپ ماءُ کي ۽ ھڪ ڪوپ مامي کي ڏنائين)

”ادي، ادو ڪڏھن ورندو آھي ڊيوٽيءَ تان“ آصف کائنس پنھنجي ڀيڻويي بابت پڇيو.

”ادا ھونئن ته ٽين وڳي تائين اچي ويندو آھي، اڄ الائجي ڇو دير ڪئي اٿائين! بھرحال شام تائين اچي ويندو. “

آصف، چانهه پي ڪتاب کڻي اندر ڪمري ۾ اچي ليٽي ٿو. ڀيڻس اندر اچي ٿي ۽ پکو بند ڏسي، ڀاءُ کان پڇي ٿي: ڇو ادا، لائيٽ بند آھي ڇا؟“

”الائجي ادي! “ آصف وراڻيو، ۽ پوءِ ڀيڻس پکي جو بٽڻ آن ڪري ٿي ۽ پکو ڦرڻ لڳي ٿو. ھو ٿورو ليٽي پوي ٿو- ته ڀيڻس واپس وري ٿي. ھن جي ھڪ ھٿ ۾ مانيءَ وارا ٿانوَ آھن ۽ ٻئي ھٿ ۾ پاڻي جو گلاس پڪڙيل آھي.  ”اُٿ ادا، ماني کاءُ. “ ڀيڻس ھڪ ھٿ ۾ جھليل پاڻيءَ جو گلاس آصف کي ڏنو. ھو ھٿ ڌوئي ماني کائڻ لڳي ٿو، ڀيڻس سندس ڀر ۾ کٽ تي ويھي رھي ٿي.

”ادا! ڀلا تنھنجي نوڪريءَ جو ڪجھھ ٿيو يا نه؟“

ھُو ڄڻ انھن لفظن جو منتظر ھو، ھڪ دم ڳالھائڻ لڳي ٿو؛ ”نه ادي، نوڪري اڃا ناھي ملي. رائيس ملنگ ڪارپوريشن بند ٿيڻ کانپوءِ جھڙوڪر مون لاءِ سڀئي آفيسون بند ٿي ويون آھن. ھاڻ ته ادي، رکيل پئسا به ختم ٿي ويا آھن. تون ڀيڻ آھين، توسان ڪھڙو شان، ڪجھه ڏينھن کان سخت پريشان ٿو رھان فارم ڀرجن پيا، ۽ مون وٽ ٽيڊي پئسو به ڪونھي. جي ھن ڀيري به گذريل سال جيئان فارم نه ڀريو، ته تعليم جو سلسلو رڪجي ويندو. ۽ ادي، جي اھو آخري ڏيئو به اجھاڻو ته پوءِ مون وٽ جيئڻ جو ڪوبه وسيلو ڪونه رھندو! دوستن کان به بنھه مايوس ٿي موٽيو آھيان. ادي، آخري سال آھي پوءِ نوڪريون به جام ٿي پونديون. ھينئر ڪنھن آفيس ۾ اپلاءِ ڪجي ٿي، ته اول بي اي جو سرٽيفڪيٽ ٿا گھرن، پوءِ ٻيون ڳالھيون. ادي، جي تون اھو احسان ڪرين ۽ مون کي ٻه سؤ رپيا کن ڏين، ته منھنجي زندگي عذابن جي ڌٻڻ کان بچي پوندي.ٻي صورت ۾ تباھي منھنجو مقدر بڻجي پوندي ڀيڻ! “ ھو اھو سڀ ھڪ ساھي چئي ويو، پوءِ ڀيڻ ڏانھن اميد ڀريل اکين سان ڏسڻ لڳو.

”ادا، الله نه ڪري، جو منھنجي جيئري تون پريشان رھي. مان ڀاڻين سان رات جو ڳالھائينديس. خدا ڪندو مڙيوئي ڪم ٿي ويندو. تون ڀلا کائي وينديس ڇا پئسا؟- مالڪ مٺڙو نوڪري ڏياريئي ته ڏيئي ڇڏجائنس. “ ڀيڻس آٿت ڏيندي چيس. شام جو ڀيڻيوھنس جو آواز ڪن تي پيس ته آصف ڪتاب ويھاڻي ھيٺان رکي، ٻاھر نڪري آيو. ھو ساڻس ڀاڪر پائي مليو. آصف، ڪھڙا حال آھن؟ يار حيف ھجئي، آزاد منش ھوندي به، منھن مھانگو ڪري ڇڏيو اٿئي- اسان ڀاءُ اچ وڃ ۾ ئي پورا آھيون. ڊيلي آئوٽ بيڪ ھڻي ڀڃي رکيو آھي. ڇا ڪجي يار، مڙيوئي زندگيءَ سان ته منھن ڏيڻو ئي آھي نه! “

صبح جو سندس ڀيڻيويو ڊيوٽي تي وڃڻ لاءِ سنڀري رھيو آھي.ڪوثر نيرن جي ماني کڻي اچي ٿي ۽ ھو فائيل ٽيبل تي رکي، آصف سان کٽ تي ويھي ٿو.

ماني ٻئي گڏجي کائين ٿا ”آصف، تون ته اتي ئي آھين- شام جو وري گڏ آھيون. “ اھو چئي، ھو فائل ڪڇ ۾ ھڻي، ٻاھر ھليو وڃي ٿو.

آصف کي ھورا کورا آھي ته ڀيڻس مڙس کان پئسا ورتا الائي نه!

ڀيڻس نيرن کائي سگريٽ دکائي سندس ڀر ۾ ويٺي ته آصف کائنس پڇيو!

”ادي، ڀلا چئيه ادي کي پئسن لاءِ؟“

”ادا، پئسن لاءِ چيومانس، پر ھُن ته ڪن ئي ٽاري ڇڏيا. چوڻ لڳو، مان ته پاڻ ئي گذاري ۾ حيران آھيان. آخري تاريخون آھن. روزانو روز ڪنھن نه ڪنھن کان قرض ورتيون پيوڪم ھلايان. پھرين کانپوءِ کڻي گنجائس ڪڍي کيس پئسا ڏبا. “ ڀيڻس خاموش ٿي ڏانھن سواليه نظرن سان ڏٺو.

”نه ادي، پھرينءَ تائين ته داخلا جون آخري تاريخون به ختم ٿي وينديون. وقت وئي کانپوءِ آءٌ پيسا ڪيڏانھن ڪندس! “ آصيف بيحد نراسائي وچان چيو.”ادا، تون ئي چئه، ڀلا ھن صورت ۾ ڪري به ڇا ٿو سگھجي. پاڙي وارن ۾ ڪا مھر ئي ڪانھي- نه ته اُنھن کان ئي وٺي ڏيانءِ ھان! “

”بس، ادي! پنھنجا ڀاڳ ئي اھڙا آھن. پوءِ ادي آءٌ ڀلا ھلان؟“

”ڪيڏانھن ادا؟!“ ڀيڻس حيراني وچان چيو.

”واپس ڳوٺ! “

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com