تو وحشم و جاه سکندري
من ورسم و راه قلندري
اگر آن خوش است تو در خوري
اگر اين بداست مرا سزا
(تون ۽ سڪندر وارو رعب تاب
مان ۽ قلندر وارو ھي فقيري نمونو
جي اھو سٺو آھي ته شال توکي نيبھه ھجي
جي ھيءَءُ برو آھي ته اھو منھنجو نصيب!)
قرت العين اھا ڳالھه وساري ويٺي ته ”نازڪ مزاج شاھان تاب سخن
ندارند“.
سو، بادشاھ سندس جواب ٻڌي، ڪاوڙجي، کيس مارائي ڇڏيو. پر قرت
العين جي ڪوس ايران جي ڌرتيءَ کي ڌوڏي ڇڏيو! ھر
شھيدجي خون وانگر، سندس خون جي قطري قطري مان ڪيئي
شمعون روشن ٿي ويون.
ايران جي شاعرن پنھنجي عقيدي ۽ محبت جي اظهار ڪرڻ لاءِ کيس ”صبح
ازل“ جو خطاب ڏنو. ھاڻي، روءِ زمينجا اھل دل انسان
قرت العين صبح ازل سڏيندا آھن.
”صبح ازل“ ڪھڙي نه پياري تشبيهه آھي ۽ تنھنجي حسن جي جمال ۽
جلال سان ڪيڏي نه ٺھڪي اچي ٿي! ھونئن به وڏي ذات
ھميشه پنھنجي صفتن سان سڃاپندي آھي، ان ڪري ھن خط
۾ مون تنھنجي حقيقي نالي وٺڻ بدران ”صبح ازل“ جي
صفت جي اوٽ ورتي آھي.
خبر ناھي ته ان نالي سان، جڏھن ھي خط تنھنجي نرم ۽ نازڪ ھٿن
تائين پھچندو تون ڪيئن محسوس ڪندينءَ؟ خوش ٿي، زير
لب مسڪرائيندينءَ، يا ٿڌو ساھه ڀري مون وانگر
اُداس ٿي ويندينءَ.
صبح ازل مان صبح جو سوير جڏھن اٿندو آھيان، تڏھن رات جا اڃا
پويان پاڇا ھوندا آهن. اھڙي سمي تون مون کي اڪثر
ياد ايندي آھين. سو، ڪڏھن ڪڏھن تنھنجو مٺو آواز
ٻڌڻ لاءِ، توکي ننڊ مان جاڳائيندو آھيان. تون
ننڍاکڙي آواز ۾ پڇندي آھين: ”تون ڪير آھين؟“
تنھنجو اھو سوال مون کي منجھائي ڇڏيندو آھي. ”مان
ڪير آھيان؟“ ان سوال جي جواب لاءِ مان سالن کان
وٺي نگر نگر ڀٽڪندو رھيو آھيان. ھو اھل دل انسان ۽
عالم جي دروازي تي دستڪ ڏني اٿم، پر ڪٿان به جواب
ڪونه ٿو مليم.
ڪڏھن ڪڏھن سوچيندو آھيان ته تخليق آدم وقت،جڏھن کيس سڀني شين جا
نالا ٻڌايا ويا ھئا، تڏھن کيس اھو به ته ٻڌايو ويو
ھوندو ته خود آدم ڇا جو ۽ ڪنھن جو نالو آھي؟ ڀر
ڀائنجي ٿو ته آدم کان پنھنجي اصليت وسري ويئي ۽
ھاڻي اسان واٽ وڃائي ويٺل مسافرن وانگر صحرا ۾
صدائون ڏيئي رھيا آھيون.
مون وٽ ڪانڀو خان نالي ھڪ ٻروچ چوڪيدا رآھي. ڪڏھن ڪڏھن رات جو
مون سان ڪچھري ڪندو آھي. ھڪ رات پڇيومانس: ”ڪانڀو
خام، ڪر خبر، آدم ڪير ھو؟“
ڪانڀو خان وراڻيو: ”سائين، آدم ھو ’آ-دم‛
آيو ته آدم؛ دم نه آيو، نه مُردو. کڏ کوٽي، وڃي
پوري اچوس- متان ڍپ ڪري! “
ڪانڀو خان جي ڳالھ ٻڌي، منھنجي ته ننڊ ڦٽي ويئي. کائنس موڪلائي،
سمھڻ جي ڪمري ۾ بدران، سڌو ڊرائنگ روم ۾ وڃي
آئنسٽائين جي تصوير اڳيان بيٺس ۽ پڇيومانس ته:
”آدم ڪير ھو؟“ اول ته حيرت مان مون کي ڏسڻ لڳو،
پوءِ چيائين: ”ڇو ٿو پڇين؟ توکي به آمريڪي اخبار
نويسن وانگر مون ۾ ڪو شڪ آھي ڇا؟ منھنجو ڪوبه ڏوھه
ڪونھي. حقيقت ائين آھي ته ھٽلر ائٽم بم پئي
ٺھرايو، مون کي ڊپ ٿيو ته مٿان ھي نالائق، انسان
ذات کي ئي تباھه ڪري ڇڏي، سو کيس ڊيڄارڻ لاءِ،
آمريڪي سائسندانن جي مدد ڪري کائن اڳواٽ ائٽم بم
ٺهرائي ورتم ته جيئن هٽلر کي دڙڪو هجي ته نالائقي
ڪندين ته اسان وٽ جواب اڳيئي ئي تيار اٿئي. ساڳئي
وقت، آمريڪا جي صدر روزويلٽ کي ليٽر لکي موڪليم،
ته ھي اوزار فقط دشمن کي اولارڻ ۽ ڊيڄارڻ لاءِ
آھي، ھڻن لاءِ ناھي.
”پر آدم تي اعتبار اجايو آھي. ويھه ورھيه کير ۽ کنڊون پياريس،
مکڻ ۽ ماکي کارائيس، پير ڪري پيرين پئيس، پوءِ به
ڏنگ ھڻي ڪڍندو.
”سو آمريڪي نه مڙيا، ھيرو شيما ۽ ناگاساڪيءَ تي به ائٽم بم
اڇلايائون. ھزارين ٻار، ٻڍا، مرد ۽ زالون جھٽ پلڪ
۾ اجل جو لقمون ٿي ويا.
اخبار نويسن اچي مون کي ورايو. چيه ھي ڪھڙو ڪيس ڪيئه! ھزارن
انسانن جو قتل تنھنجي ئي گردن تي آھي.
مون کين سڄي روئداد ٻڌائي ۽ روز ويلٽ ڏانھن لکيل ليٽر ڏيکاريو.
تڏھن وڃي ٿڌا ٿيا. پر پوءِ به مايوس ٿي چيائون ته
جي سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ جا اھي ھاڃا جاري رھيا، ته
ھڪ ڏينھن انسان ذات جو وجود ئي ڌرتيءَ تان مٽجي
ويندو.
آئنسٽائين چيو: ”مون ان تي کين چٽي طرح ذھن نشين ڪرايو ته:
انسانذات جي ترقي ۽ روشن مستقبل جو دارو مدار سائنس ۽ ٽيڪنالاجي
جي ليول تي منحضر نه آھي. ان جو انحصار معاشري جي
اخلاقي قدرن تي آھي.
آئنسٽائين جي ڳالھه ٻڌي، مون کان ڇرڪ نڪري ويو ۽ ياد آيو ته
قرآن ۾ اخلاقي قدرن جي بالادستيءَ جو بار بار
تاڪيد ڪيل آھي.
”پوءِ جنھن ذرڙي جيتري نيڪي ڪئي ھوندي، اھو ان کي ڏسندو ۽ جنھن
ذرڙي جيتري بدي ڪئي ھوندي، اُھو ان کي ڏسندو.
مان آئنسٽائن وٽان اٿي اچي سمھڻ جي ڪمري ۾ بستري تي ليٽيس،
ريڊيو کوليم تھران تان، ڪو مغني: حافظ جو شغر
دلسوز آواز ۾ ڳائي رھيو ھو:
تانگردي آشنا زين پرده رمزي مشوي
گوش نامحرم نه باشد جاي پيغام شروش
(جيسين ھن پردي جي رمز سان آشنا نه ٿيندين، تيسين ٻڌي نه
سگھندي. (موسيقي جو پيغام ٻڌڻ لاءِ گهڻا نامحرم جو
ڪن موضوع جاءِ ناهي) ٻئي ڏينھن، صبح جو سوير، ننڊ
مان اٿيس، ته پاڻ کي تازو توانو محسوس ڪيم. حسب
معمول، سئر- پسار ڪرڻ لاءِ ٻاھر نڪتس ته، ڏٺم ته
سبزه زار جي چوڌاري گلاب جي ٻوٽن مٿان، برسات جا
قطرا چمڪي رھيا ھئا. غالبن سڄي رات برسات وسندي
رھي ھئي. آسمان ۾ ڪٿي ڪٿي ڪارا ڪڪر اڃا تائين
موجود ھئا.
توکي معلوم آھي ته اھڙي سمي تون مون کي ڪيڏي نه ياد ايندي آھين!
سو، ڪارن ڪڪرن جي ڇيڙي وٽ روشن لڪير
(Silver- Lining) ڏسي، مون پنھنجو پاڻ کان سواءِ ڪيو: مجاز جون سرحدون ڪٿي ختم
ٿين ٿيون۽ حقيقت جون سرحدون ڪٿان شروع ٿين ٿيون؟
گذريل عيد جي اڳئين ڏينھن تون خوبصورت نفيس ساڙھي ۽ منھنجي اڱڻ
تي جلوه افروز ٿي ھئينءَ. شام جي ھوا جا ھلڪا ھلڪا
جھونڪا تنھنجن زلن سان کيڏي رھيا ھئا ۽ لھندڙ سج
جا ڪرڻا، ھوا جي انھن جھونڪن سان جھيڙو ڪري،
تنھنجي سينڌ سنواري رھيا ھئا.
تو چيو ھو: ”ٻڌم ته ڏاڍو مذھبي ٿي ويو آھين، سو، تولاءِ مديني
جي تسبيح عيد جو تحفو ڪري کڻي آئي آھيان. ھيءَ
تسبيح صندل مان ٺھيل آھي. ڏاڍي خوشبودار آھي. “
مون توکان تسبيح وٺي چمي ھئي. ان ۾ تنھنجي ھٿن جي خوشبوءِ ھئي،
صندل جي سرھاڻ ھئي ۽ مديني جي مھڪ ھئي. مان جڏھن
اھا تسبيح پڙھندو آھيان، تڏھن ڪڏھن ڪڏھن مونکي
سفيد موتين جو اھو ھار به ياد ايندو آھي، جو ان
ڏينھن تون گلي ۾ پائي آئي ھئينءَ، ۽ مان سوچڻ
لڳندو آھيان: ”مجاز جون سرحدون ڪٿي ختم ٿين ٿيون ۽
حقيقت جون سرحدون ڪٿان شروع ٿين ٿيون؟
تنھنجي اھا ملاقات منھنجي دل تي ائين نقش ٿيل آھي، جيئن تاج محل
جي ديوارن تي سنگ مر مر جا گل، خاص طرح، اھا ساعت،
جڏھن موڪلائڻ مھل، ڪار ۾ ويھي، تو ناز ڀريا نيڻ
کڻي، مٺيءَ مُرڪ سان مون ڏي نھاريو ھو.
تنھنجي اھا ناز واري نظر ۽ مٺي مُرڪ مون کان ڪڏھن ڪانه وسرندي.
مان ايڏي انعام جو لائق ته ڪونه ھوس. اھا ته سچل
کي سلطاني ملڻ واري ڳالھه ھئي. توکي ڪھڙي خبر ته
مان توکي ڪٿي ڪٿي ۽ ڪيڏو ياد ڪندو آھيان.
ھيڪر مان ايران ۾ نواب نور احمد خان لغاري سان گڏ اصفھان جا
تاريخي گلاب ڏسڻ ويس. اصفھان جو عالم ھنوفر گڏھو.
اسان چھار باغ وياسون، جتي اصفھاني گلاب جي گلن جو
خرمن ھو. تو ڦلڙيءَ وارا سنڌي اجرڪ ته ڏٺا ھوندا.
ائين سمجھه ته گلن جا اھڙا بيشمار اجرڪ حد نظر
تائين، وڇايل ھئا.
اصفحان جي گلابن جي انھيءَ خرمن ڏانھن ويندي، اسان کي صنوبر جي
وڻن جي ھڪ گھاٽي جھڳٽي ھيٺان لنگھڻو پيو. اتي سنگ
مرمر جي بينچ تي، ھڪ نوجوان ڇوڪري ۽ ڇوڪرو ويٺا
ھئا ۽ ھڪٻئي سان مٺين ڳالھين ۾ پيار محبت جون
ڳالھيون ٻوليون ڪري رھيا ھئا ۽ انھن ۾ ايڏو محو
ھئا جو اسان جي ڀرسان لنگھي وڃڻ جو کين احساس به
نه ٿيو.
نواب صاحب، ھنوفر ۽ مون خرمن مان گلاب جا گل پٽيا. واپسيءَ تي
ھنوفر سڀني جي اڳيان ھو ۽ سندس پٺيان نواب صاحب.
جڏھن ٻئي ڄڻا ڪافي مفاصلو اڳتي وڌي ويا، تڏھن مان
ان جوڙي جي قريب ويس ۽ گلاب جو گل، ڏانھن وڌائي
چيم، گل به تماشاي گُر. “
ڇوڪر ۽ ڇوڪري اول ايڏو ته ڇرڪ ڀريو، جو ڄڻ آسمان تان لھي زمين
تي آيا ھجن. پر پوءِ ٻنھي پاڻ سنڀاليو ۽ ڇوڪريءَ
گلاب جو گھل وٺي مُرڪي چيو: ”متشڪرم“.
سج لھڻ وارو ھو. آسمان تي شفق جا پاڇولا پئجي رھيا ھئا. ھنوفر
جي چوڻ تي، نواب صاحب ۽ مان چھار باغ جي اڳيان
پاڻي جي حوض ۾ پيلپائن جا پاڇول ڏسڻ لاءِ، ھڪ بينچ
تي وڃي ويٺاسين. ٿوريءَ دير کانپوءِ ساڳي ڇوڪري ۽
ڇوڪرو به سنگ مر مر جي بينچ تان اٿيا ۽ ھٿ ۾ ھٿ
ڏيئي باغ مان روانا ٿيا. ھو ايڏي ته ناز ۽ انداز
سان وکون کڻي رھيا ھئا، جو مون محسوس ڪيو ته ساري
ڪائنات سندن عشق جي مستيءَ ۾ رقص ڪري رھي ھئي.
جڏھن منھنجي اڳيان اچي لنگھيا، تڏھن ڇوڪريءَ مون
ڏي نھاريو ۽ نھايت پياري انداز سان وري مرڪي چيو:
”آقا، خيلي متشڪرم“.
ان کان اڳ جو مان کيس جواب ڏيان، ڇوڪر کلي چيو: ولي رامولي مي
شناسد“ ڇوڪري جي ڳالھه ٻڌي، ان مھل ۽ اتي تون مون
کي ڪيڏو ياد آئين، سو مان توکي ڪيئن ٻڌايان!
ان رات اسان جي اعزاز ۾، اصفھان يونيورسٽيءَ وارن دعوت ڏني ھئي.
آمريڪا جي ايمپائر اسٽيٽ بلڊنگ وانگر ھڪ فلڪ بوس
عمارت، جيڪا شيشي ۾ رڪ سان ٺھيل ھئي، جي مٿيئن ۽
ماڙيءَ تي دعوت جو انتظار ٿيل ھو. حد نظر تائين،
اصفھان- نصف جھان جون رنگبرنگي روشنيون، ھڪ دلفريب
منظر پيش ڪري رھيون ھيون.
منھنجي چؤطرف ڪوه قاف جي پرين جا ولر ۽ سندن مٺڙا مٺڙا ٽھڪڙا
ھئا. سندن ھٿن ۾ جام ھئا ۽ چپن تي حافظ، سعدي ۽
خيام جا سخن ھئا، پر منھنجي، بقول سچل سائين: ”جتي
ماڻھن ميڙ، تتي مان ٺاھيان“ جي مصداق، چار باغ ۾
اصفھاني گلابن جي خرمن وٽان ٿيندو، دور دور درياءَ
سنڌ جي مشرقي ڪناري تي، تنھنجي شھر ۾ گھاٽن وڻن
سان ڍڪيل انھيءَ بنگلي جي مٿان، چنڊ سان گڏ ليئا
پائي رھيو ھو، جنھن ۾ تون محو خواب ھئين.
ان رات دير دير سان، مان ننڍاکڙا نيڻ کڻي جڏھن ھوٽل شاھه عباس ۾
پنھنجي ڪمري ۾ موٽي آيس ته ميز جي خاني مان تنھنجي
تصوير ڪڍي اڳيان رکيم. شيشي جي درين تان ريشمي
پردن کي ھٽائي ڏٺم ته اصفحان جي جبلن تي چوڏھينءَ
جو چنڊ چمڪي رھيو ھو. چنڊ کي ايڏو سھڻو مون اڳي
ڪڏھن ڪونه ڏٺو آھي. چنڊ جي سونھن پسي وري جو
تنھنجي چھري تي نظر ڪيم ته ڪيئي چنڊ چمڪي اٿيا.
صبح ازل، ان رات منھنجون نگاھون دير دير تائين تنھنجي تصوير جو
طواف ڪنديون رھيون ۽ پوءِ عمر خيام جي ھڪ ربائي جا
ٻول منھنجي ڪنن ۾ ٻُرڻ لڳا.
ھر چنڊ که رنگ و بوي زيبا است مرا
چون لاله رخ و وچوسرو بالاست مرا
معلوم نشد که در طرب خانه خاک
نقاش ازل بھرچه آراست مرا.
[منھنجو رنگ ۽ خوشبوءِ وڻندڙ آھي، منھنجو چھرو گل لاله جھڙو
گلابي ۽ قدسرو وانگر بلند آھي، پر خبر ناھي ته ھن
مٽيءَ جي ماڳ ۾، نقاش ازل مون کي ڇو سينگاري آندو
آھي؟]
صبح ازل تون ڪيڏي نه خوبصورت، علم ۽ عقل جي نعمتن سان نوازيل
آھين! ھن مٽيءَ جي ماڳ ۾ نقاش ازل جو ڪيڏو نه وڏو
شاھڪار آھين! ٻڌاءِ ته مجاز جون سرحدون ڪٿي ختم
ٿين ٿيون ۽ حقيقت جون سرحدون ڪٿان شروع ٿين ٿيون؟
ذات ۽ صفت جي وچ ۾ ڪيترو سنڌو آھي؟ جيڪو شاھه جي
رڳن کان ويجھو آھي سو اکين کان اوجھل ڇو آھي؟ ائين
ڇو آھي ته ”پٺيان تان انڌيون، پوريون پرين بسن،
آھي اکڙين عجب پَر پسَڻ جي“.ويھارو ورھيه اڳ، مان
ھڪ يار جي دعوت تي، ڪن دوستن سان گڏ ڪوٽ لالو ويو
ھوس. اسان سنجھا ويل اتي پھتاسين. ريلوائي اسٽيشن
جي اوڀر طرف، ٿوري مفاصلي تي، ريلوائي گدامن جي
پاسي ۾، اسان جي يار جو اوتارو ھو. بس، ڪچين سرن
جو ھڪ ھڪ ڪوٺو ھو، جنھن جي گاري سان لنب ٿيل ڀتين
تي ڪکائين ڇت پيل ھئي. ڪوٺيءَ جي اڳيان وڏو
وارياسو ميدان ھو. اسان جي پھچڻ کانپوءِ ڪلاڪ کن
پوءِ سخت برسات اچي لٿي.
اسان جي ميزبان، ڪڪڙ ڪھاڻي، گرم گرم ٻوڙ مانيون اسانجي اڳيان
آڻي رکيون. اسان ماني کائي ڍؤ ڪيو ۽ پوءِ سيءَ سبب
سوڙيون ويڙھي، ڪچھري ڪرڻ لڳاسين. ڪجهه دير ڪچھري
ڪرڻ کانپوءِ، راڳ شروع ٿيو. ڪوٽ لالوءَ جوئي ڪو
ڪلاونت ھو. ٻاھر وارياسي تي وڏ ڦڙو وسندو رھيو ۽
ڪچي ڪوٺي اندر، يڪتاري جي لرزندڙ تار تي، دل
دردمند جون صدائون بلندٿينديون رھيون.
جوڙي قلب بيت ربي، انسان ۾ سمايو
ڏسي ذات کي صفت ۾، ملڪن ٿي سر نمايو
جوڙي قلب بيت ربي ...............................
صبح ازل! مون کي گھڻين ئي وڏين ھوٽلن ۾ رھڻ جو موقعو مليو آھي.
راولپنڊيءَ جي انٽرڪانسٽيننٽل ھوٽل، اسلام آباد جي
اسلام آباد ھوٽل ۽ سيدو شريف جي سوات ھوٽل ۾ رھائش
جو لطف ورتو اٿم. اھي ھوٽلون ڄڻ محلاتون آھن. پر
اصفھان جي ھوٽل شاھه عباس اڳيان ڪجھه ڪونھن.
راڳ ۽ موسيقي جي به گھڻين ئي مجلس ۾ ويٺو آھيان.ا عليٰ کان
اعليٰ درجي جون مجلسون! پر، انھن مڙني محلاتن
۾ڪابه محلات ۽ راڳ جي مجلس ۾ ڪا به مجلس، ڪوٽ
لالوءَ جي ڪچي ڪوٺي ۽ راڳ جي مجلس کان مٿي ڪانه
ھئي.
اڄ رات سخت برسات وسي رھي آھي. بجلي بتيون وسامي ويون آهن. توکي
خط لکڻ لاءِ مون شمعدان کي روشن ڪيو آھي. ٿوري دير
اڳ، ريڊيو کوليم ڪوئي ڪلاونت ۽ دلسوز آواز ۾ ڳائي
رھيو. جيسين ھو ڳائيندو رھيو مان روئندو رھيس.
جوڙي قلب بيت ربي، انسان ۾ سمايو
ڏسي ذات کي صفت ۾، ملڪن ٿي سر نمايو
جوڙي قلب بيت ربي ...............................
اڪادمي ادبيات پاڪستان
بنگلو نمبر 36، اسٽريٽ نمبر48
ايف 8/4—اسلام آباد
اڪادمي ادبي نعامات- 1403 ھجري
اڪادمي ادبيات پاڪستان، 19 آڪٽوبر 1982ع کان وٺي 7- آڪٽوبر
1983ع تائين (1403 ھجري) واري عرصي دوران اردو،
پنجابي، سنڌي، بلوچي، پشتو، سرائڪي ۽ انگريزيءَ ۾
شايع ٿيل ادبي تنقيد، تحقيق، ناول، افساني،
انشائيه، سفر نامه، طنز و مزاح ۽ شاعري جي بھترين
ڪتابن تي انعام ڏيندي.
ادڪامي پنھنجي وسيلن ذريعي، انھن ڪتابن بابت، جيڪي ان عرصي
دوران شايع ٿيا آھن، معلومات جمع ڪري رھي آھي،
تاھم اديبن، شاعرن، نقادن، محققن ۽ ادب جي عام
پڙھندڙن کي پڻ درخواست ڪجي ٿي ته مٿينءَ عرصي
دوران شايع ٿيل ڪتابن جا نالا ۽ انھن جي ناشرن ۽
وڪڻندڙن جي ائڊريسن جي ڄاڻ، جلد ڏين، جيئن اڪادمي
کي گھربل تفصيل ۾ خاطر خواھه واڌارو ٿي سگھي.
اھي انعام، طبعزاد ڪتابن لاءِ آھن. ترجما ۽ ترتيب شده ڪتابن،
انعامن جي ھن پروگرام ۾ شامل نه آهن.
خالد اقبال ياسر
ڊپٽي ڊائريڪٽر
(پي. آءِ. ڊي، اسلام آباد، 29/2555 |