سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1984ع (2)

 

صفحو :15

عزيز الله”عزيز“ بروھي

براھوي قوم- زبان ۽ ادب تي سرسري نظر

 

انگريزن برصغير پاڪ و ھند ۾ پنھنجا قدم ڄمائڻ لاءِ گھڻائي حيلا وسيلا ھلايا ۽ طاقت جو به استعمال ڪيو، ليڪن مايوسيءَ جو منھن ڏسڻو پين. غيرتمند سورھيه سنڌين، بھادر بلوچن ۽ بروھين کين ڪٿي به ٽڪاءُ ڪرڻ نه پئي ڏنو. ھتان جو ڪوبه باشندو کين پنھنجو نه پيو ڪري. سوچيائون ته اھڙن وطن دوست سورھين کي تيستائين غلاميءَ جي زنجيرن ۾ جڪڙڻ مشڪل آھي، جيستائين منجھن ھڪ ٻئي لاءِ نفرت جو زھر نه پکيڙيووڃي. ان ڪري پنھنجي ھڪ رٿيل پاليسيءَ ھيٺ ھتان جي قومن ۽ زبانن متعلق معلومات گڏ ڪري، پوءِ ان کي مروڙي سروڙي منافقانه انداز ۾ پيش ڪرڻ لڳا ته جيئن طبقاتي نفرت کي ڦھلجڻ لاءِ راھه ھموار ٿي ملي. سنڌ ۾ پنھنجي گرفت مضبوط ڪرڻ لاءِ سنڌ واسين کي مختلف طبقن ۽ اوچ نيچ ۾ ورھايائون. وڏيرن، سردارن ۽ پڳدارن کي خدمتون ۽ لقب توڙي ٻيا اختيارات ڏنا ويا. ڪن کي ”سر“ (Sir) جو لقب ته ڪن کي وظيفا ۽ جاگيرون ”ويڙھايو ۽ حڪومت ڪريو“ سندن پاليسي ھئي. بلوچستان ۾ قدم پختا ڪرڻ لاءِ وري بلوچن ۽ بروھين ۾ اوچ نيچ جو فرق پيدا ڪيو ويو. جيتوڻيڪ ھنن ھتان جي مقامي ادب متعلق ڪافي معلومات يڪجا ڪئي ۽ اھڙو ڪارگر سرمايو ڏنو، جيڪو اسان کان مشڪل ھو، ليڪن قومن کي ھميشه لاءِ ويڙھائي ويا. ان ھوندي به سندن ئي تحريرن مان حقيقت جو بخوبي اندازو لڳائي سگھجي ٿو.

شاطران يورپ کي پنھنجي سفيد چمڙي، صنعت ۽ حرفت تي ناز آھي. سندن نظر ۾ دنيا جون سڀئي سياھه  فام قومون، پوءِ توڙي اھي آرين ھجن يا سيماطيقي، سموريون جاھل ۽ غلام آھن. انھن مبالغه آميز بيان شايع ڪري، شيطاني موشگافين ذريعي پاڻ کي افضل سڏائڻ جون ناڪام ڪوششون ڪيون آھن. بروھي، بلوچ، ۽ افغان ھڪڙي ئي نسل سام بن نوح عليه السلام جو اولاد آھن، مگر يورپ وارا ڪن لساني شاھدين سبب بروھي جھڙي ممتاز قوم کي دراوڙ سڏڻ جي ڪوشش ڪئي آهي (ڏسو تمدن ھند، ڊاڪٽر گستاؤلي بان: مترجم سيد علي بلگرامي، ذڪر سنڌي راجپوتانا جون قومون). بروھين کي دراوڙ سڏڻ جو واحد بھانو، ھن زبان ۾ دراوڙي ٻوليءَ جي ڪن لفظن جي موجودگي آھي. جيترن به ھن خيال جي مورخن جا رايا پڙھبا، انھن ۾ اھوئي تاثر نظر ايندو.

ھيءَ ھڪ مڃيل حقيقت آھي ته واديءَ مھراڻ ۾ بروھين کان اڳ سماٽ قوم اچي آباد ٿي ھئي. حقيقتن مان معلوم ٿيو آھي ته ان جا ڪلداني، بابلي ۽ اشوري تھذيب وارن سان گھرا ناتا ھئا. فرق صرف  اھو آھي ته ھو بروھين کان اول سنڌ ۾ آيا ۽ بروھي وري بلوچن کان پھريائين جا آيل سڏجن ٿا، ان ڪري بلوچي جي مقابلي ۾بروھڪي زبان اندر ھتان جي لفظن جي آميزش نسبتاَ وڌيڪ رھڻ، ھڪ قدرتي ڳالھه آھي. زبان تي علائقي جو اثر ضرور پوي ٿو. ھن وقت جوئي مثال وٺو، سنڌ ۾ آباد بروھي ۽ بلوچ پنھنجي ٻوليءَ ۾ اڌ کان به وڌيڪ سنڌي لفظ ملائين ٿا. گھڻا ته پنھنجي اصل ٻولي به وساري ويٺا آھن. سنڌي زبان جو اثر ۽ ميٺاڄ وڌيڪ تيز آھي، ان ڪري ھرڪو ان کي جلدي قبوليو وٺي. سندس چاشني، ٻوليءَ کي وڌيڪ وسعت ۽ خوبصورتي بخشي ٿي. ٻولين ۾ ادبي اھڃاڻ جو اھوئي سبب آھي. جيئن ته ٻولين ۾ لفظن جي ڏي وٺ وارو اصول اول کان ئي عمل ۾ ايندو رھيو آھي، ان ڪري محترم عبدالرزاق چنيسراڻي لاسي صاحب، جناب جسٽس خدابخش مري صاحب جي حوالي سان لکي ٿو ته جڏھن ”ڪوج“ قبيلن يعني بروھين ڪرمان مان قلات ۽ خصدار ڏانھن ھجرت ڪئي ۽ اتي رھيا ته سندن اصل زبان بگڙي ويئي ۽ ھتان جي قديم ٻولين جا لفظ پنھنجي زبان ۾ ملائي ڇڏيائون.

       بروھين ۽ بلوچن جو ايرانين، تورانين، تاتارين ۽ ھندوستان جي ٻين جاٽ، راجپوت ۽ ڊرويڊين سان ملي وڃڻ ڪري سندن زبرن ۽ ڌاريا لفظ گڏجي ويا، ان ڪري سندن اصلي ساخت ۽ صورت ۾ اقلاب اچي ويو.  ھن وقت تائين يورپي محققن جيڪي رايا ڏنا آھن تن مطابق براھوئي ۽ بلوچي زبانون انڊو يورپين زبانن جي ملاوت سبب نئون رنگ اختيار ڪري چڪيون آھن. ھنن ۾ اگرين (Ugrain)، فش (Finish) ۽ آرمي ٻولين جا لفظ ملي ويا آھن. اھڙيءَ طرح ”ميڊ“ (Med)، جن جي طاقتور حڪومت 216 ق. م  نينويءِ جي پُر شوڪت حڪومت کي صفحئه ھستيءَ تان ھٽايو ھو، اھا به انڊو يورپين شمار ٿئي ٿي. ايران ۽ بلوچستان به انھن جي ماتحت ھئا. اھي ميڊ اڄ به بلوچستان ۾ موجود آھن. (جي – بي ميلس: اي ھسٽاريڪل اسڪيچ آف دي نيو اسٽيشن آف انڊيا، لنڊن 1875). براھوئن جي وجود جو ذڪر يونانين به ڪيو آھي. مغربي محقق ”سر ڊينس بري“ پنھنجي ڪتاب ”دي براھوئي لئنگيج“ ۾ لکي ٿو ته اھي واديءَ ھيلمند ۾ رھندا ھئا، جن کي يونانين برويا (Biroea) نالو ڏنو. سر چارلس ماسن مطابق ”بروھي“  ٻن لفظن جو مرڪب آھي يا (Ba) ۽ روھي (Rohi) يعني جابلو ماڻھو، مسٽر اي. ڊبليو، ھگس جي ڪتاب ”بلوچستان“ ۾ براھوئي ۽ ناھروئي (Nahroi) ساڳيا  لفظ آھن. در حقيقت ان ۾ به سندن غلطي چئجي ڇاڪاڻ ته ناھروئي به بروھن جي ھڪ خاص شاخ آھي، جيڪي ھيلمند وارن ميدانن کي ڇڏڻ کانپوءِ بروھن بريڪا (Paricanoi) علائقي مڪران ۾ وسايو، جيڪو ھنگول نديءَ مٿان لاتار جبل جو مشرقي حصو ھو.

بروھي،بلوچن ۽ افغانن جي جسماني توڙي لساني ساخت متعلق ويھين صديءَ جي شروعات ۾ مغربي مؤرخن قلم کنيا، مسٽر ايل. ڊيس جي تحقيق موجب بلوچ ۽ بروھي قومون ترڪي ايراني آھن. ڪن محققن جي خيال مطابق براھوئي لفظ برده (Barada) مان نڪتل آھي.  برده شام ۾ ھڪڙي ندي آھي جيڪا جبل لبيان کان نڪري عتبـﮧ جي ڍنڍ ۾ ڇوڙ ڪري ٿي. سندس ھڪڙي شاخ الباناتي دمشق ۾ آھي (تاريخ بلوچستان مصنف راءِ بھادر ھيتورام،. لفظ ”برده“). ڪرنل سر ٿامس ھالڊچ براھوئن جو وطن ڪلده (Caldia) ڏيکاري ٿو، جيڪو فرات جي ڏکڻ ۽ اتر طرف ايراني نار کان وٺي بابل تائين ھو. انھن شام کان نڪري ڪلده ۾ سڪونت اختيار ڪئي. اھا حڪومت 1000 ق . م. کان 600 ق م تائين قائم رھي، ان بعد اشور جي ماتحت ٿي ويئي. ڪرنل صاحب جي راءِ موجب بلوچن توڙي براھوئن جي جسماني بيھڪ  ھوبھو تجد جي عربن سان مشھابھت رکي ٿي. بروھين جا زيتوتي چھرا، ڊگھا قد، طويل ۽ سڌا يا باز جي چھنب وانگر سڙيل نڪ ۽ ڊگھا وار پاڻمرادو سندن حسن وقامت کي ظاھر ڪندي ڏيکارين ٿا ته اھي عرب آھن يا ترڪ، براھوئن جو سراسري قد ساڍا پنج يا ڇھن فوٽن کان گھٽ ڪونه آھي.  سفيد ۽ سرخي مائل رنگت سبب سنڌ، پنجاب، راجپوتانا ۽ ھندستان ۾  ولائتي يعني ٻاھريان سڏجن ٿا (ماڊرن رويو جولاءِ 1918ع، بلوچستان ص 47-46 ڪلڪته)

مٿين ڳالھين جي ابتڙ دراوڙ جن ۾ ڪول، ڀيل، گابڙي ۽ مينگھواڙ وغيره اچي وڃن ٿا، قد جا بندرا، نڪ ننڍو ۽ ڦٽل، سياھه فام ڪوجھا آھن. سندن جسماني بناوت ۽ شڪل شبيھه ڪنھن به نموني بروھين يا بلوچن سان متشابھه نه آھي. جڏھن ته ٽنھي قومن بلوچ، براھوئي ۽ افغان جي پاڻ ۾ ڳوڙھي تھذيبي يڪسانيت نظر اچي ٿي. سندن ثقافت تقريباَ ھڪ جھڙي آھي ٽنھي جون عورتون گھگو پائينديون آھن. شادي غمي جي رسومات ۾ به ھڪجھڙائي اٿن. سرداري ۽ قبائلي نظام جا پيروڪار آھن. ٽنھي ذاتين پٺيان ”آئي يا آني ۽ زئي“ لفظ ڪم اچي ٿو. مثلا پنڊاڻي، جکراڻي، شھواڻي، عمراڻي، دراني، اچڪزئي، زرڪزئي، بنگل زئي، قنبراڻي ۽ شھداداڻي وغيره. ھر بلوچ، براھوئي يا پٺاڻ پنھنجي نالي پٺيان ”خان“ لفظ ڪم آڻي ٿو جيڪو دراصل ترڪي لفظ آھن. افغان ”جان“ لفظ به استعمال ڪندا آھن جيڪو خان جو مونث آھي. مثلاَ بي بي ناز، ناز خاتون، ۽ در خاتون وغيره. مردن توڙي عورتن جا نالا اڪثر ايراني طرز جا آھن. پاڻ کي عزت ڏيڻ خاطر نالن اڳيان ”مير“ لقب ڪم آڻين ٿا. مرحوم مير رحميداد خان مولائي شيدائي صاحب مطابق انھن ٽنھي قومن جرگه سسٽم وارو رواج به ترڪن کان نقل ڪيو آھي، ترڪ پنھنجا خارجي توڙي داخلي مسئله جرگن ذريعي طئي ڪندا ھئا.

ڪي مورخ لکن ٿا ته بروھي يعني برزڪوھي، معنيٰ جابلو ماڻھو، بروھين جا قبيلا گھڻي عرصي تائين ايران ۾ پکڙيل ھئا. ان ڪري ايران جي جبل ايل برز تي رھڻ سبب مٿن اھو نالو پيو. شاھي دفتري رڪارڊ ۾ لکيل آھي ته فقط ”بروھي“ ھن قوم تي ان ڪري پيو جو حلب جي ھڪ ھنز تي رھندا ھئا (ڏسو ميونسپل گزيٽئر: تاريخ تاجپوشي دربار قلات، لاھور). سر ڊينس بري لکي ٿو ته بروھي پنھنجي ڏاڏي مير براھوي (ابراھيم) جي نالي سان براھوئي سڏجن ٿا. مير براھو جو نالو بلوچي شجري ۾ به ڏيکاريل آھي. شاعر احمد بن شوران قنبراڻي براھوئن کي حضرت علي ڪرم الله وجهه جي غلام قنبر جواولاد بيان ڪري ٿو (لانگورٿ ڊينس، پاپولر پوئٽري آف دي بلوچس). در حقيقت براھوئي لفظ جي معنيٰ پڻ ساڳي يعني ”جابلو قوم“ لفظ پشتو جي رھو (Rohu) مان نڪتل آھي، جنھن جي معنيٰ پڻ ساڳي آھي ”جابلو قوم“  آھي. مشرقي افغانستان جا علائقا، سوات ۽ باجوڙ کان ويندي ديره جات تائين اھو علائقو ”روھه“ جينالي سان سڏبو ھو.  بھاولپور جو اڀرندو حصو جيڪو بيڪانير سان لاڳو آھي ۽ منجھس ٽڪريون ۽ واريءَ جا دڙا آھن، تنھن کي به اتان جا رھاڪو روھي سڏين ٿا.

(George Macmum SIR: Afganistan the Rohillas P.45 London1929)

طبعي لحاظ کان بلوچستان اندر بروھي ٻن حصن ۾ ورھايل آھن:

(1) سراواني، يعني مٿانھين علائقي وارا جھڙوڪ رئيساڻي، شھواڻي، محمد حسني، بنگلزئي، ڪرد، لھڙي ۽ سريره ھن علائقي ۾ بلوچستان جو شمار مشرقي حصو اچي وڃي ٿو.

(2) جهلاواني، يعني هيٺائين حصي وارا انهن ۾ ميرواڙي، زهري، برنجو، مينگل، نيچاري ۽ پندراڻي اچي وڃن ٿا.

بندراڻي سراوان ۾ به گھڻي تعداد ۾ رھن ٿا. لانگو ۽ محمد شھي سميت مٿيا سمورا قبيلا براھوئي ڪنفيڊريسي جا فولادي بازو آھن. ياد رھي ته بلوچستان جي مقابلي ۾ سنڌ اندر بروھين جو تعداد وڌيڪ آھي، جيتوڻيڪ صدين کان سنڌ اقتدار جو مرڪز قلات بلوچستان رھيو آھي. سنه 1901ع جي آدمشماريءَ وقت خان خداداد خان آف قلات، برطانوي عملدارن کي مطلع ڪري ڇڏيو ھو ته بروھين جا ھيٺيان ست قبيلا خالص عرب آھن. (1) قنبراڻي (2) احمد زئي. (شاھي قبيلو، خواتين قلات جو خاندان). (3) ميرواڙي. (4) قلندراڻي. (5) سمالاڙي (6) گرگناڙي (7) زگر مينگل. خانصاحب جيتوڻيڪ ان وقت ”بوري“ ۾ نظر بند ھو تاھم اھا تاريخي ڳالھه نوٽ ڪرائي ڇڏيائين ڇاڪاڻ ته کيس خبر ھئي ته انگريز، ممتاز براھوئي بلوچ قوم ۾ فتني برپا ڪرڻ لاءِ ضرور ڪانه ڪا لُچائي ڪندا. تفصيل لاءِ ڏسو.

(Denys Bray: The Brahui Language, Introduction P.4 Part (I)

مير رحميداد خان مولائي شيدائي صاحب لکي ٿو ته خانصاحب جي چتاءُ جي باوجود برطانوي عملدارن آفيشل رڪارڊ ۾ بروھين جو ورھاڱو ھيئن ڪيو آھي:

خالص عرب: ميرواڙي، قنبراڻي، گرگناڙي، قلندراڻي

رند: بنگلزئي، نھڙي، لانگو ۽ پندراڻي

افغان: رئيساڻي، شھاڻي، سرپره

ترڪ – ايرانيِ ڪرد ۽ محمد شھي ياد رھي ته ڪُرد بروھي آھن، مگر مزارين جو ھڪڙو ٽولو به ڪُرد سڏجي ٿو.

جاٽ: بيزنجو، ساجدي، زھري ۽ مينگل، مولائي شيدائي صاحب اھو تفصيل فرنٽيئر اينڊ اوورسيز ايڪسپيڊيشنس فرام انڊيا تان ورتو آھي، جيڪو سندن حوالي سان محترم ظفر مرزا جي اردو ڪتاب ”براھوئي گريمر“ ۾ به درج آھي. ان جو حوالو محترم جوھر بروھي جي بروھڪي رسالي ”سنگت“ ۾ به ملي ٿو.

برٽس ڊپلوميسي

انگريز حڪومت ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي زماني ۾ ملڪ گيريءَ لاءِ جيڪا فاروڊ پاليسي اختيار ڪئي ھئي، ان ۾ ڪامياب ٿيڻ بعد پسمانده قومن جي تعليم ڏانھن ڪوبه توجه نه ڏنو، ان ڪري ھتان جي قومن خاص طور بروھين ۽ بلوچن کي گھڻو نقصان رسيو. ويتر رياست قلات ۾ برٽش پوليٽيڪل ايجنٽن جي مقرريءَ بعد بلوچ ڪانفيڊريسي بلڪل ڪمزور ٿي ويئي. سردارن ۽ بيگلر بيگي (خان) جو جيڪو پاڻ ۾ اتحاد ھو سو ٽٽي پيو. ھونئن به قومن جي زندگيءَ جو دارومدار سندن مجموعي طاقت تي ھوندو آھي. انتشار پھريائين کين ڪمزور ۽ تباھه ڪريو ڇڏي. اھڙيءَ طرح رياست قلات جو پوليٽيڪل ايجنٽ مسٽر ڊينس بري دراوڙي لفظن جي آڙ ۾ جيڪو حربو استعمال ڪيو سو برٽش ڊپلوميسيءَ جو قرب ڪاري ھو جيئن ھميشـﮧ ھميشـﮧ لاءِ بروھين ۽ بلوچن ۾ ھڪ ٻئي لاءِ نفرت پيدا ٿئي. مغربي محققن جو جيڪو طبقو بروھين کي سيما طبقي Semtic يعني عربي نسل شمار ڪري ٿو، تنھن ۾ ھيٺيان شامل آھن.

(1) ڪرنل ٿامس ھنگر فورڊ ھالڊچ (2) ايل ڊيمس  (3) آر ھگس بُلر (4) اي ڊبليو ھگس (5) ڊاڪٽر گسٽاؤلي بان (6) روسي محقق خانيڪاف (Khanikoff) ھي صاحب بروھين کي ڪرغستان جا ترڪمان شمار ڪري ٿو. (7) مسٽر زرلي بروھن کي سندن جسماني بناوت ۽ رنگت مطابق ترڪي ايراني سڏي ٿو. (8) ڊاڪٽر ڪانڊوئل Candwell جنھن دراوڙي زبانن جي لسٽ تيار ڪئي ھئي. سو ھن زبان کي دراوڙي شمار نه ٿو ڪري، البت ايترو ضرور تسليم ڪيو اٿس ته منجھس دراوڙي آميزش آھي.

(مختصر تاريخ بلوچستان: مير رحميداد خان مولائي شيدائي، ص 9)

ٻيو طبقو جيڪو بروھن کي دراوڙ قرار ڏئي ٿو، تنھن ۾ ھي محقق اچي وڃن ٿا:

(1) سر ڊينس بري (2) ڊاڪتر ار نيسٽ ٽرمپ (3) ڊاڪٽر گريئرس (4) سورلي. ھن طبقي وارا جيڪي بروھين کي ڊرويڊين سڏين ٿا، اڪثر زبان دان ۽ لسانيت سان تعلق رکندڙ آھن، تنھن ڪري سندن وزن پھرين طبقي وارن کان جيڪي اڪثر مورخ آھن، وڌيڪ زور وارو نظر اچي ٿو. اھوئي سبب آھي، جو ڊڪشنرين يا انسائيڪلو پيڊيا تائين اوھان براھوئي لاءِ لغتون ڳوليو، ھن ممتاز عربي نسل قوم کي دراوڙ شمار ڪيل ڏسندا، ڇاڪاڻ ته ڪرد گالي يعني کريل زبان ۾ ڪي تامل، ڪيتري، تليگو ۽ ملائم ٻولين جا لفظ شامل آھن.

اھڙا مغربي محقق پنھنجي غلط دعويٰ کي سچو ثابت ڪرڻ لاءِ کڻي ڪھڙا به دليل ڏين، سراسر فريب آھي. جنھن جي وسيلي برٽش شاطرن بلوچ ۽ براھوئي قوم کي وڍي ڌار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آھي. ان ۾ ڪوبه شڪ نه آھي ته بروھڪي زبان ۾ ڪي لفظ اھڙا آھن جيڪي خالص درواڙي آهن جهڙوڪ پاڪ يا پالم (کير) بئي (گاهه) تيل يا نلية (وڇون) خيسن (ڳاڙھو) اسٽ (ھڪ) ۽ اوٽ (ٻه) وغيره جيتوڻيڪ قومن جي ميل ميلاپ سبب انھن جي ثقافت ۽ زبان تي ڪجھه اثر پوي ٿو، ليڪن سندس نسل وري به اصل سان منسوب رھندو آھي. موھن جي دڙي مان ڪول، سنٿال ۽ دراوڙن جا جيڪي لاش ھٿ آيا آھن، انھن ۾ اھڙا به ماڻھو آھن، جن تي تحقيق بعد ثابت ٿيو آھي ته سندن تھذيب عراقي يا مصري آھي. حوالي لاءِ ڏسو:

(Sir Johan Marshall: Mohen- jo- Daro and Indus Civilization Vol. I, Preface P.5)

چيو وڃي ٿو ته براھوئي زبان جي لغوي بناوت دراوڙي زبانن وانگر آھي. اڄ به راجپوتن ۽ جاٽن جو خون، براھوئن بلوچن جي رڳن ۾ موجزن آھي ته زبان جو اثر ڪيئن نه پئجي سگھندو! اھو اھڙو گناھه ناھي، جنھن لاءِ براھوئي مفت دراوڙي سڏجي بدنام  ٿين وليم ھنٽر صاحب به پنھنجي تاريخ ۾ غير آريائي زبانن جي فھرست ڏني آھي، جيڪا مسٽر برئنڊ رٿ رائل ايشياٽڪ سوسائتي وارن لاءِ تيار ڪئي ھئي. مسٽر رابرٽ ڪسٽ ھر ھڪ ملڪ متعلق ان فھرست جو وھاڱو ڪيو، تنھن به براھوئي جو نالو نشان ڪونھي. وري لطف اھو جو ساڳي براھوئي زبانن ۾ اھڙا لفظ آھن، جيڪي ھوبھو انگريزي زبان زبان ۾ رائج آهن، حالانڪه اھي نج براھوئي ليکجن ٿا. ڇا، اھڙي ثابتيءَ سبب بروھي به دعويٰ ڪري سگھن ٿا ته انگريزي زبان براھوئي مان نڪتل آھي شايد مسٽر ڊينس بري صاحب ۽ سندس رفيق مرزا شير محمد (جنھن جو ذڪر اڳتي ايندو) جي نظر کان اھڙا لفظ ترڪي ويا ھوندا. ڪجھ لفظ دلچسپيءَ ۽ زبان دانيءَ خاطر ھيٺ ڏجن.

بروھڪي لفظ                                 معنيٰ                             انگريزي لفظ

  پشي                                         ٻلي                            Pussy

 اساتر                                  ستارو                          Star

        مسڪ                                 مُشڪ                         Musk

دي                             ڏينھن                                  Day

بروانڪ                                 ڀرونءَ                                   Brown

براھوئي زبان، ڌاريا لفظ پاڻ ۾ شامل نه ڪرڻ جي صورت ۾ اڄ به زنده نه رھي سگھي ھا. انگريزن جي اچڻ بعد ڪيترائي انگريزي لفظ ھن ٻوليءَ ۾ شامل ٿي ويا، جي اڃا سوڌو رائج آھن. مثلا: گلاس، ٽڪيٽ، ريل،، اسٽيشن، ڪوپ، ٽيبل، بسڪوٽ، ڪوٽ ۽ بوٽ وغيره نه صرف ايترو، پر اھو اثر ھتان جي ٻين مقامي ٻولين تي به پيو. سنڌي يا فارسي وانگر براھوئي زبان ۾ به بيشمار عربي لفظ رائج آھن. مثلا: رب، انسان، قلم، ورق، صيف، قصر، صباح، طاس، طوق ۽ قلب وغيره. ھن زبان تي فارسي جو ته گھڻو اثر غالب نظر اچي ٿو. سندس ڪئين لفظ براھوئي ۾ شامل آھن. جھڙوڪ تونگر، رڪاب، سامان، تمن، بالش، ابريشم، پش، گبر، گورستان وغيره. ادبي زبان جي اھم ترين خوبي اھا آھي ته پنھنجي اصليت برقرار رکندي، ٻين زبانن سان ڪلھوڪلھي ۾ ملائي، ترقيءَ جون منزلون طئي ڪرڻ خاطر ٻين ٻولين جا لفظ پاڻ ۾ جذب ڪري پنھنجي جامعت ۽ علمي حيثيت وڌائي ٻين ڌارين لفظن شامل ڪرڻ سان زبان ۽ جاذبيت، رنگيني ۽  آساني پيدا ٿئي ٿي. ٻي صورت ۾ اھا ٻين لاءِ سمجھڻ جي قابل نه رھندي.

براھوئي زبان جا گرامر

عيسوي اوڻھين صديءَ جو زمانو، بلوچستان جي تاريخ ۾ غير معمولي اھميت رکي ٿو، ڇاڪاڻ ته برٽش شھنشاھيت جون سرحدون سنڌ ۽ ستلج ندين تائين پھچي چڪيون ھيون. برٽش فارورڊ پاليسيءَ متعلق سنڌ، پنجاب، بلوچستان ۽ افغانستان فرنگي فوجن اڳيان جو لانگاھه بنجي چڪا ھئا. انگريز سياحن مٿين ملڪن جي سياحت شروع ڪئي ھئي. تجارت جي بھاني سان انھن جا حالت گڏ ڪرڻ لڳا. آنربل ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جا فوجي عملدار سمورا عالم فاضل ھئا. جن جن ملڪن تي سندن قدم پيو، تن جا حالت قلمبند ڪيائون. سر جان مالڪولم، مانسٽيورٽ ايلفسٽن، وليم ڪائي، اليگزينڊر برنس ۽ سر ھينري پاٽينجر جي تاريخن ۾ سفرنامن پڙھڻ سان سندن علمي مذاق جي خبر پئجي سگھجي ٿي. سنه 1838ع ۾ برطانوي وزير اعظم لارڊ پامرسٽن وائيسراءِ ھند لارڊ آڪلنڊ کي افعانستان تي فوج ڪشي ڪرڻ لاءِ منظوري ڏني. ھن ناڪام مھم سبب دنيا جي اخبارن ۾بلوچستان متعلق چرچو شروع ٿيو. خاص ڪري لنڊن جي ڏهين نمبر ڊاؤننگ اسٽريٽ جي سياستدانن انگلئنڊ جي يونيورسٽين شاگرد افغان جنگ لڳڻ ڪري، بلوچستان مان واقفيت رکڻ لاءِ منتظر ھئا، پر بدقسمتيءَ سان بلوچ قوم جي بي علميءَ سبب ڪو اھڙو ڪتاب نه پئي مليو، جنھن تان مغربي سياستدان ۽ شاگردڪا روشني وٺي سگھن. اھڙي ضرورت پوري ڪرڻ لاءِ لارڊ پامرسٽن برطانوي فوجي عملدارن کي حڪم ڏنو ته ھو جتان به: لنگھن جيڪي به ڏسن، سو قلمبند ڪن. سندن قلمي ڪاوشن کي انڊيا آفيس شايع ڪرائن لڳي. پھرين افغان جنگ ۾ انگريزن ذلت آميز شڪست کاڌي. سندن سڄي دنيا ۾ بي عزتي ٿي ۽ فوجي وقار کي سخت ڌڪ لڳن. ھن رسوائي کي مٽائڻ ۽ فوجي وقار ٻيھر بحال ڪرڻ لاءِ وري سنڌ ۽ بلوچستان تي قبضو ڪيو. براھوئن ۽ بلوچن جي آزاديءَ جو خاتمو ٿيو. سنڌي به محڪوم ٿي چڪا ھئا. براھوئن کي ان سياسي انقلاب ۾ جيتوڻيڪ سخت نقصان رسيو، مگر ھڪڙو فائدو ضرور پھتو. لٽريچر ۽ تاريخ، جيڪي اڳ صفحهءَ ھستي تان غائب ھئا، تن کي مغربي نڪته سنج ماھرن جي دقيق ٻين نگاھن ۽ قلمي موشگافين صفحه  ھستي تي نمودار ڪيو، تاھم ھن جو مطلب اھو نه سمجھڻ گھرجي ته براھوئن ڪوبه ڪم نه ڪيو آھي. اڄ کان تقريبن ڇھ سؤ سال اڳ ھي زبان تحريري صورت ۾ آھي جنھن جو تفصيلي تذڪرو انگريزي تحقيق کانپوءِ ايندو.

جيئن ته براھوئي رياست قلات سترھين عيسوي ۾ براعظم جي نقشي تي ظاھر ٿي، کيس بلوچن جي به نمائندگي حاصل ھئي. وري حڪومت جي زبان فارسي ھئي ان ڪري دنيا براھوئي زبان کان بي خبر رھي. بلوچستان خانه بدوش قومن جو مجموعو آھي جن جو اڪثر حصو ھر سال آب ھوا جي لحاظ کان سياري جي موسم ۾ گرم علائقن خصوصاَ سنڌ ڏانھن ڪوچ ڪندا ھئا. سر زمين سنڌ اول کان سرسبز ۽ شاداب ھئڻ سبب ھو قوم جو مرغوب علائقو رھي آھي، لھٰذا ٻين قومن وانگر براھوئي به چند ڪجهه مھينا ھتي گھاري ويندا ھئا. ھيءُ سلسلو ڪجهه قدر اڄ به موجود آهي ان ڪري اتي نه مدرسا هئا ۽ نه وري حڪومت طرفان تعليم جو ڪو انتظام ڪيو ويو. تعليم جو دائرو چند مولوين تائين محدود ھيو ۽ بيروني دنيا ھن زبان جي وجود کان قطعي بي خبر رھي. وري مزيدار ڳالھه ته تاريخ ۾ براھوئن کي بلوچ جي نالي سان ڄاڻايو ويو ھو. خود خوانين، قلات به شاھي مرحوم ۾ بلوچي زبان ڳالھائيندا ھئا، مگر پھرين افغان جنگ بعد لازمي ھو ته مغربي محقق بروھن متعلق تحقيق ۽ تجسس ڪن.

جيئن ته انگريزن جي بلوچستان ۾ وارد ٿيڻ وقت شاھي حڪمران قوم براھوئي ھئي تنھن ڪري ناممڪن ھو ته ھي زبان سندن محققن جي نظر کان غائب رھجي وڃي. ڪپتان آر ليڇ صاحب جرنل ايشياٽڪ سوسائٽي جي ستين جلد ۾ سن 1838ع ۾ براھوئي، بلوچي ۽ پنجابي زبانن جي گرامرن تي ھڪڙو بصيرت افروز مضمون پنھنجي قلم سان شايع ڪرايو، تنھن کانسواءِ ڪاشغري، لَماني، تيراھي ۽ دير علائقن جي اشعار ۽ لب و لھجي  کان دنيا کي واقف ڪرايو. براهوي، بلوچي ۽ افغاني زبانن ھڪڙي ئي وقت ۾ ترقي شروع ڪئي. ليچ صاحب جي مضمون علمي محفلن ۾ براھوئيت جي مسئلي جي نقاب ڪشائي ڪئي ۽ سندس ارتقا جاري آھي. سندس مضمون تي جرمن، اٽالين ۽ فرينچ زبان دان، براھوئي،  قوم، زبان ۽ ادب ۽ تاريخ ڏانھن متوجه ٿيا. سنه 1844ع ۾ جرمن محقق ليسن Lessen جي فلم سان ھندستان جي اولھندي وارين قومن متعلق ھڪڙو ضرب المثل مضمون جرمن زبان ۾ شايع ٿيو. منجھس ھڪ خلاصو باب”Die Brahuind Ihresprache”  جي عنوان سان شايع ٿيو. سنه 1870ع ۾  اٽلي جي ھڪڙي جاگرافيڪل رسالي ”بيليٽينوڊيلا جاگرافيا اٽاليسنا“ ۾ فنزي فلائيس جي قلم سان براھوئي زبان متعلق ھڪڙو مضمون “Brahui Studio Di Entologia Linguistica” جي عنوان سان شايع ٿيو. ڪپتان نڪالسن ڪيترائي براھوئي ڪتاب انگريزي رومن خط ۾لکيا. سنه 1877ع تائين براهوئي زبان ۾ ڪراچي مان ڪيترائي ڪتاب شايع ٿيا. ڪپتان صاحب جنگ مياڻي نيپئر جي ڪتاب فتح سنڌ تان اقتباسات ۽ گرانٽ ڊف جي مشهور تاريخ موهٽا تان ڪي مضمون براهوي زبان ۾ 1877 انگريزي رومن الخط ۾ ڪراچي مان شايع ڪرايا. ساڳئي سال مسٽر الله بخش ڪراچي مان ھڪڙوڪتاب براھوئي زبان متعلق شايع ڪرايو،جيڪو پڻ 1877ع ۾ شايع ٿيو. ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ صاحب جو ته سنڌين ۽ بلوچن کي شڪر گذار رھڻ گھرجي. ھن صاحب ته صرف سنڌي گرامر سنڌين لاءِ تيار ڪيو، پر بلوچن ۽ بروھين تي به احسان ڪيو آھي. سندس تيار ڪيل براھوئي زبان جو گرامر سنه 1880ع ۾ ميونخ مان شايع ٿيو. ٽرمپ صاحب جي مٿئين گرامر جي اشاعت بعد ھڪ ٻئي جرمن محقق ڊاڪٽر ڊيوڪا ٿيوڊور جو مضمون رائل ايشياٽڪ سوسائٽي لنڊن ۾ براھوئي گرامر متعلق سنه 1887ع ۾ شايع ٿيو.

ويھين صديءَ جي شروعات تائين دنيا جي ايشيائي مغربي محفلن تائين براھوئيت جو چرچو پکڙجي ويو، صحيح براھوئي زبان ڪيئن ڳالھائي ۽ لکجي تنھن کان دنيا کي ڪارگر معلومات ملي. سنه 1902ع ۾ مسٽر بيگ ”ودر (Bigg Wither) الله آباد مان براھوئي سکڻ لاءِ ھڪڙو ڪتاب ”اي گائيڊ ٽو دي اسٽڊي آف براھوئي“ جي نالي سان شايع ڪرايو تان جو مشنري پادرين کي به براھوئي زبان جي ڪتاب لکڻ جوشوق پيدا ٿيو. پادري ٽي- جي- ايل کي بلوچي ۽ براھوئي زبانن سان ازحد دلچسپي ھئي. ٻه پريسون آگره ۽ فرٽ منرو ۾ ھيون. سنه 1906ع ۾ سندس ڪتاب ”اي براهوئي ريڊنگ بوڪ پارٽ فرسٽ“ لڌيانه مان شايع ٿيو ان بعد سن 1907ع ۾ راءِ صاحب جمعيت راءِ جو ڪتاب ”نوٽس ان دي اسٽڊي آف براھوئي لئنگويج“ ڪوئٽا مان شايع ٿيو. اوھان سمجھي سگھندا ته براھوئي  زبان جنھن کي ڪُردي يا ڪردگاني زبان سڏين ٿا، تنھن جي متعلق ڪيترو نه ڪم ٿي رھيو ھو!

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com