سنه 1901ع واري آدمشماري، جنھن جو تذڪرو اڳ ۾ اچي چڪو آھي، ان
جو سمورو ڪم سرڊينس بري جي حوالي ھو، جيڪو
بلوچستان جي سول ۽ پوليٽيڪل کاتن ۾ به رھي چڪو ھو.
کيس مرزا شر محمد جھڙو منشي مليل ھو جيڪو بلوچستان
جو رھاڪو، زھري خاندان مان ھو. سنڌ مدرسة الاسلام
ڪراچي جو فارغ التحصيل ۽ پھريون براھوئي تعليم
يافته فرد ھو، جنھن انگريزي ملامزت ۾ ترقي ڪري سنه
1932ع ۾نائب وزير قلات جي عھدي تي رسيو ۽ انگريزن
خانبھادر جو خطاب ڏنو. مسٽر ڊينس بري ماھر لسانيات
ھو، ان ڪري مرزا شير محمد کان سولائيءَ سان بروھڪي
سکي، پنھنجو ڪتاب ”دي براھوئي لئنگويج، پارٽ فرسٽ“
نالي تيار ڪيو جيڪو سنه 1909ع ۾ گورنمينٽ پريس
ڪلڪتي مان شايع ٿيو. کائنس اڳ جيڪي براھوئي گرامر
جا ڪتاب تيار ھئا ھئا، تن کان ھي بھترين ۽ آسان
نسخو رومن براھوئي زبان ۾ ھو.
جرمن محقق ليسن جي ڪتاب کان وٺي ويندي جميعت راءِ جي ڪتاب تائين
اڻويھين صديءَ ۾ جيڪي به ڪتاب شايع ٿيا ھئا، تن
سڀني تان به ھن صاحب مدد ورتي ھئي، وري مرزا صاحب
جھڙو مددگار به مليس، ان ڪري سندس نسخي جي ھاڪ
پئجي ويئي، ڊينس بري صاحب کي براھوئيت سان گھڻي
دلچسپي ھئي ڇاڪاڻ ته ھي مشرق جي وسريل زبان ھئي،
ان بعد لنڊن ۾ يورپ توڙي آمريڪا جي مستشرقين کي به
ھن ٻوليءَ سان زيادهه لڳاءُ پيدا ٿيو. اھي يورپ
جون اورينٽل ڪانفرنسون ھيون، جن براھوئيت جي مسئلي
کي علمي محفلن ۾ بساط تي آندو. بلوچستان ڇڏڻ
کانپوءِ مسٽر ڊينس بري ”سر
“Sir
جي لقب سان انڊيا جو فارين سيڪريٽري مقر رٿيو.
براھوئيت تي سندس ٻيو ڪتاب ”دي براھوئي پرابلم“
سنه 1934ع ۾ نئين دھلي گورنمينٽ پريس مان شايع
ٿيو.
(Denys Bra Sir: The Brahui Problem Part II New
Delhi 1934. Modern Review July 1918
Calcutta)
ڪتاب براھوئي پرابلم در حقيقت ھڪ گرامي آھي، مگر
سندس اھم ترين خوبي ھيءَ به آھي ته ھن جي پھرين
باب ۾ احمد زئي خاندان (رياست قلات جو حڪمران
براھوئي قبيلو) جي مختصر تاريخ به ڏنل آھي ھن
ڪتاب جي اشاعت بعد محقق جي نظر ۾ بروھي ڊويڊي شمار
ٿيڻ لڳا.
قديم براھوئي نثر ۽ نظم
نثر جي بنسبت نظم ۾ براھوئي زبان جا ڪتاب زياده ملن ٿا پر اھوئي
اھل قلم حضرات نثر جي مقابلي ۾ نظم کي وڌيڪ پسند
رکيو. علماءِ ڪرام جا ڪيترائي ديني، تبليغي ۽
تعميري ڪتاب به نظم ۾ گھڻا آھن، شايد ان ڪري جو
شاعرانه انداز بيان کي وڌيڪ پسند ڪيو ٿو وڃي ۽ زود
اثر آھي. خاص ڳالھه ته قديم زماني ۾ شاعريءَ جي
قدرداني زياده ھئي. بدلجندڙحالات سبب نثر کي به
اھميت ملندي ويئي. نثر ۾ قديم ترين براھوئي ڪتاب
”خدمت دين“ آھي سنه 709ھه ۾ تحرير ٿيل آھي ان بعد
نثر جو ٻيو ڪتاب ”تحفه شي ميچڙ“ سنه 809ھ نوشڪي ۾
لکيوويو. ھن ڪتاب ۾ اڪثر تعويذن جو بيان آھي. ٻيئي
ڪتاب تقريبان ھڪ ھڪ سؤ صفحن تي مشتمل آھن. سيني
بسيني شاعري ته ھلندي رھي، ليڪن ان جي ڪا ڪتابي
صورت ھٿ نه اچي سگھي آھي (ڊاڪٽر عبدالرحمان
براھوئي، ماھوار اولس ڊسمبر 1974ع قومن جي قديم
ادب ۽ زبان جو پتو سندن شاعري مان لڳائي سگھبو
آھي. براھوئي ھڪ قديم قوام آھي، مگر بلوچي شاعري
وانگر ھن جو ابتدائي زمانو به قطعي اونداھي ۾
آھي.اونداھي ۾ آھي. عربن جي شاعري قدرتي نظارن کان
ٿي ڪٿي نخلستان ته ڪٿي وري ريگستان، بلڪل ائين
بلوچستان ۾ به ڪئين قدرتي نظارا ملن ٿا، ڏکڻ-
اولھه تي سمنڊ ڇوليون ٿو ھڻي ته ڪٿي جبلن جا نظارا
برپٽ ميدان ته ڪنھن ھنڌ باغات ۽ ميوا وغيره گويا
براھوئي قومي جي مٽيءَ ۾ شاعري جو خمير اوسل کان
شامل آھي.
اسلام جي اچڻ بعد جنهن قوم ۾ جيتري اهليت هئي ان پنهنجي زبان کي
اوتري زياده ترقي ڏني، قومن جي شاعري مان نه صرف
ان سماجي مذهبي معاشرتي ۽ نفسياتي انداز معلوم ٿئي
ٿو بلڪه روحاني افسانا جن ۾ عشق محبت جو عنصر خوب
ڀريل آهي ان جو به پتو پوي ٿو هر ڪنهن زبان وٽ
پنهنجو قومي شاعر ضرور آهي، يونان ”هومر“ کي ۽
هندستان مهاڪوي ڪاليداس جي شڪنتلا کي پيش ڪري ٿو،
عربستان قيس عامر ۽ وامق عذرا کي پيش ڪري ٿو.
ايرانين وٽ فردوسي ۽ سنڌين وٽ سداحيات سائين حضرت
شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه شاعري جو مثالي نمونو
آهن، ڀٽائي صاحب جي رسالي نه صرف سنڌي زبان کي
تونگر بنائي ڇڏيو آهي بلڪه منجهس هر ڪنهن لاءِ
روحاني راز پوشيده آهي براهوئي زبان جو قومي شاعر
حضرت مولانا علامه محمد عمر دين پوري رحه آهي،
سوين براهوئي ڪتاب نثر ۽ نظم ۾ لکي هن ٻوليءَ کي
صرف جيئاري بلڪه جوان بنائي ويو.
براھوئي شاعريءَ جا مختلف دؤر:
براھوئي شاعريءَ جو اوائلي دؤر سنه 11 عيسوي صدي کان شروع ٿئي
ٿو. 11 صدي جو مشھور رومانوي افسانو سسئي پنھون
آھي. عيسوي تيرھن صدي يعني 1223ع ۾ تاتاري مغلن،
چغتائي خان جي سرڪدرگيءَ ۾ بلوچستان تي حملو ڪيو ۽
ھتان جي رھاڪن تي المناڪ ظلم برپا ڪيا. ايتري
تائين جو سندن اثر صدين تائين شاعرن تي حاوي رھيو،
بلڪه اھي شعر ڄڻ لوڪ گيت بنجي ويا. افسوس جو
قلمبند نه ھئڻ سبب ايام جاھليت وانگر شاعرن جي
سيني ۾ محفوظ رھيا ۽ سندن وفات بعد ھي علمي ذخيرو
گم ٿيندو ويو، اڄ قطعي ناپيد آھن. پندرھين صدي
عيسويءَ ۾ ھڪ عظيم تاريخي واقعو نمودار ٿيو، جيڪو
تاريخ ۾ ”براھوئي- بعد غال جنگ“ جي نالي سان مشھور
آھي. ان جنگ ۾ ٻين سان گڏ ٻن براھوئي جان نثارن
بھادريءَ سان وڙھندي سر ڏنو. سندن نالا آھن (1)
توھو، (2) ھاله. ھن جنگ ۾ براھوئن جي فتح ٿي ۽
جھلاوان جي مشڪي ۽ سھراب ۾ پھرين براھوئي حڪومت
قائم ٿي. مغربي محققن مطابق ٻنھي جان جانثارن
متعلق جنگي شعر جوڙيا ويا ھئا، جيڪي اڄ نٿا ملن.
تحريري ادب ۾ جيڪومواد ھٿ آيو آھي ان مطابق محترم ملڪداد قلاتي،
براھوئي زبان جو پھريون شاعر ليکيو وڃي ٿو. ڪوئـٽا
مان شايع ڪيل ڪتاب ”ثقافت اور ادب وادي بولان
مين“، تنھن ۾ به براھوئي شاعريءَ جا ٽي دور مقرر
ڪيا ويا آھن، ليڪن جيڪا شاعري پيش ڪئي ويئي آھي سا
ارڙھين ۽ اوڻويھين صديءَ جي آھي. ان ۾ مضمون
نگارجو ڪوبه قصور نه آھي، ڇاڪاڻ ته حالتون ئي
اھڙيون آهن. قوم اھائي زنده رھي سگھي ٿي جنھن جي
زبان زندهه رھي، مگر براھوئي زبان، قوم جي اتفاقي
۽ جھالت سبب صفحهء ھستيءَ تان غائب رھي. ان جا
پھريان ٻه دؤر قطعي غائب آھن.
قديم براھوئي خط:
قديم براھوئي خط جو نمونو ڪيئن ھو ۽ ان ۾ شامل دراوڙي اکر ڪيئن
لکيا ويندا ھئا، تنھن جو ابتدائي پتو ته ڪونه ٿو
پوي، البته ايترو ضرور چئبو ته ان جو نمونو
تقريباَ سنڌيءَ وانگر ھوندو. سندس ارتقاء به سنڌي
زبان وانگر آھي، ڇاڪاڻ ته ھيءَ قوم گھڻو اڳ کان ھن
علائقي سان منسلڪ آھي. گڏوگڏ پشتو ۽ فارسيءَ جو
اثر به مٿس غالب نظر اچي ٿو. براھوئي زبان جو
ابتدائي ادب انھن ٽنھي ٻولين جي رسم الخط تي مبني
آھي. مرحوم مولانا ملڪداد قلاتي رحه جو ”تحفة
العجائب“ نالي شاعريءَ جو ڪتاب جنھن کي مولانا
نبوجان سنه 1324ھ ۾ لاھورمان ڇپايو، سو به ھن ئي
قسم جي رسم الخط تي جوڙيل آھي، جيئن سنڌي ۽ عربي
وغيره. دراوڙي اکر جنھن جو آواز سنڌي زبان جي ’ل‛
۽ ”ه“ جي گڏيل آواز وانگر يا ڪجهه قدر مٽيل آهي
تنهن کي پشتو جيئان ”ل“ هيٺيان انگوڙو ’،‛
ڏيڻ سان ”ل“ ذريعي ظاھر ڪيو ويو. اڄ کان ھڪ سؤ سال
کن اڳ ”ڍاڍر“ ضلع ڪڇي بلوچستان ۾ قائم ڪيل ’مدرسه
درخاني‛
۾ ديني تعليم سان گڏوگڏ براھوئي تحريري ادب جو
سلسلو به شروع ڪيو ويو. اتان ھن زبان ۾ رسالو
”معلم“ جاري ٿيو. تلفظ سمجھڻ جو طريقو ڪجھه مشڪل
ھو، جيئن اڄ پشتو آھي. تاھم قابل تعريف ديني ۽
ادبي خدمتون سرانجام ڏنائين. ان طرز تحرير کي جديد
۽ آسان بنائڻ لاءِ تجربيڪار ۽ ماھر صحافي جناب نور
محمد پروانو صاحب قلم کنيو. فارسي ۽ اردو جي مشترڪ
رسم الخط جو اھڙو ته سولو طريقو اختيار ڪيائين،
جنھن کي براھوئي ته ڇا غير براھوئي به سولائي سان
لکي پڙھي سگھن ٿا ان رسم الخط ۾ سندس ھفت روزه
براھوئي اخبار ”ايلم“ تاريخ 28- فيبروري 1960ع کان
بنا ناغي جي اٺن صفحن تي مشتمل اڄ به جاري آھي.
مستونگ ضلع قلات بلوچستان مان ڇپجي رھي آھي. سندس
علمي ادبي خدمتون لائق تحسين آھن. سياسي گروھه
بندي کان بالاتر نج علمي ادبي اخبار آھي. منجھس
اردو شھپارن کي به فراخدليءَ سان جڳھه ملي ٿي.
محقق و مدبر حضرت پروانه صاحب براھوئي قبيلي جي
پندراڻي شاخ سان تعلق رکي ٿو. ھن زبان جي لغت ۽
انسائيڪلو پيڊيا بنائڻ جو ڪم تسلي بخش نموني ھلي
رھيو آھي. انھن ڳالھين جي باوجود براھوئي زبان جي
ابتدا ۽ ارتقا جو دارومدار ۽ شھر ودرخاني مدرسي تي
آھي، جنھن جي علماء، ادباء ۽ شاعر حضرات ھن ٻوليءَ
کي ادبي زبان جي حيثيت ڏياري. رسم الخط مقرر ڪري
تحريري ادب ۽ اضافو ڪيو. براھوئي زبان جي خدمت جي
سلسلي ۾ سر زمين سنڌ کان اڳڀري رھي آھي. جن بروھي
علماء، ادباء ۽ شعرءِ حضرات وڏي پيماني تي ھن زبان
جي خدمت ڪئي ۽ سَون جي تعداد ۾ ڪتاب لکي ھن ٻوليءَ
کي تسليم ڪرائڻ لائق بنايو، تن ۾ سنڌ سان متعلقه
سڄڻ سر فھرست آھن. ھينئر سڌي طرز تحرير مطابق سال
1981ع جي اول کان محترم جوھر بروھي صاحب ھڪ
براھوئي رسالو ”سنگت“ فريد آباد تحصيل ميھڙ ضلع
دادو مان جاري ڪيو آھي. سٺو علمي مواد پيش ڪري ٿو.
ان کي بلوچستان يا ٻين صوبن ۾ قابل فھم بنائڻ لاءِ
اردو انداز کي به قبول ڪيوويو آھي. مدينه پرنٽنگ
پريس لاڙڪاڻي مان ڇپجي ٿو. معياري لکڻيون ڏيئي
رھيو آھي.
براھوئي ادب ۽ اديبن جو تفصيل
ملڪداد قلاتي: جيئن ته مٿي ذڪر ڪيو ويو آھي، براھوئي زبان جو
پھريون شاعر آھي جنھن جو تحريري مواد ملي ٿو. ڏھين
عيسوي صديءَ ۾ سندس خاندان قنڌار افغانستان سان
منسلڪ ھو. سندن پويان رياست قلات منتقل ٿيا. مڪمل
ديني ڄاڻ رکندڙ شاعرانه فطرت جو صاحب ھو. خان نصير
خان اول جي زماني ۾ قلات درٻار سان وابسته ٿيو.
براھوئي، بلوچي ۽ پشتو زبانن ۾ حيرت انگيز روانيءَ
سان شعر چوندو ھو. شعرن ۾ به اشاعت اسلام کي اوليت
ڏنائين ٿي، خانصاحب به طبعا ديندار ۽ علم دوست ھو
ان ڪري سندس قدر داني سبب براھوئي علماءَ ۽ شعرا
ڪرام جي تعداد ۾ قابل قدر اضافو اچي ويو. سندس
پھرين تصنيف ”تحفة العجائب“ ۾ نظم جي ھر صنف تي
طبع آزمائي ٿيل آھي. ترتيب مطابق پھريائين حمد،
پوءِ نعت ۽ منقب آھي. جملي 375 عنوانن تي مشتمل ھن
ڪتاب ۾ فقه جا مسئلا به بيان ٿيل آھن. ارڪان دين
تي به طبع آزمائي ڪئي اٿس، زڪوات متعلق ھيئن رقم
طراز آھي.
ھرا مومن ڪه تس مالان زڪوات
خنوئي، برڪتي تن تا حياتلآ
حضرت مولانا ملڪ داد خود دار ضرور رھيو، مگر تڪبر کان صفا پري.
بزرگان دين لاءِ بيحد محبت ھيس، ھڪ ھنڌ ھيئن لکي
ٿو:
ملڪ داد عالما تا خاڪپائلآ
خدا غان خواھڪ ايمان نا عطائلآ
آخر ۾ ٻين کي به پنھنجي حق ۾ دعا گھرڻ لاءِ ھيئن گذارش ڪئي اٿس:
ھرا مومن ڪه خوانا دا ڪتابلآ
دعا عاجز ڪه دا ھم بر توابلآ
ترجمو: جنھن مومن ھي ڪتاب پڙھيو، ھن عاجز لاءِ دعا خير گھري،
الله پاڪ اجو عظيم عطا ڪندس.
تحفة العجائب جو نسخو سنه 1133ھه ۾ تيار ٿي چڪو ھو، مگر سندس
وفات بعد ڪنھن به ھن طرف ڌيان نه ڏنو، ان ڪري
اشاعت ۾ به دير ٿي. ملڪ صاحب جو وڌيڪ ڪلام دستياب
نه ٿي سگھيو آھي. تاھم ھي ڪتاب انتھائي ضخيم 1275
شعرن تي مشتمل آھي ڪتاب جي آخر ۾ سندس سوانح حيات
به ڏنل آھي. ھن ڪتاب جا ڪيترائي ڇاپا ميدان تي اچي
چڪا آھن.
ريڪيِ: براھوئي شاعرن ۾ ريگستان نوشڪي (بلوچستان) جي قديم شاعر
”ريڪي“جي شعرن کي ڪڏھن به وساري نٿو سگھجي. ان
زماني ۾ شاعري ڪئي اٿس، جڏھن انگريز بلوچستان ۾
پنھنجا پير پختا ڪرڻ ۾ مصروف ھئا. خان محراب خان
شھيد ٿي چڪو ھو ۽ ھرڪو افراتفري جي عالم ۾ مبتلا
ھو. شڪست ۽ ذلت قومن جي حوصلي کي پست ۽ قوت جھاد
يا جذبهء سرفروشيءَ کي سلب ڪريو ڇڏي ۽ اھڙي فضا
پيدا ٿيو وڃي، جو قوم ٻيھر پنھنجو وڃايل وقار حاصل
ڪرڻ جي ھمت ئي نه ڪري سگھي. ان نازڪ مرحلي تي
تلميح ۽ تشبيح جي پردي ۾ شاعر ”ريڪي“ خوبصورت
انداز ۾ نصير خان اول کي پڪاري ٿو. ياد رھي ته خان
نصير خان اول پاڻيپٽ جي ٽين جنگ ۾ احمد شاھه
ابدالي جو ساٿ ڏيندي، سکن ۽ مرھٽن خلاف لڙيو ھو.
ان جنگ ۾ راقم جو تَڙَ ڏاڏو محمد خان عر ف ”روھو“
به دليري جو ثبوت ڏيندي، جام شھادت نوش ڪيو ھو.
تفصيلي تذڪرو حڪيم گلاب خان ”مھجور“ صاحب جي ڪتاب
”وطن جو سپاھي“ ۾ آيل آھي. خانصاحب جيڪو تاريخ ۾
”نوري نصير خان“ جي نالي سان مشھور آھي، مذڪوره
جنگ ۾ براھوئي ۽ بلوچ توڙي ھن علائقي جي ٻين قومن
جي نمائندگي ٿي ڪيائين، براھوئين لاءِ فتح و نصرت
جو نشان ھو. سندس عرصهء حڪومت ۾ بلوچستان جون
سرحدون وسيع ٿيون ۽ دنيا ۾ براھوئي قوم جو چرچو
ٿيو. اھوئي سبب آھي جو شاعر ”ريڪي“ جذبهء حميت جي
ڀڙڪڻ سان نصير خان کي پڪاريندي چوي ٿو:
وختي نصير خاني ولي
ھُلي نيا مان تره ڪري
اينو نن دلآ ديگرلآ
پھگه نلآ واس برلآ.
ريڪي جو مٿيون شعر جنگي اشعار جي سلسلي ۾ ضرب المثل جي صورت
اختيار ڪري ويو آھي.
مولانا محمد فاضل درخاني: براھوئي ادب جو ٻيو دؤر حضرت مولانا
محمد فاضل جي علمي ڪوشش جي مرھون منت آھي. مولانا
موصوف ديوبند جو فارغ التحصيل ۽ عالم فاضل ھو.
ڍاڊر (ضلعي ڪڇي جي ضلعي ھيڊڪوارٽر) ويجھو ھڪ ڳوٺ
”دُرخان“ ۾ ھڪ مدرسي جو بنياد وڌو، جنھن تمام ٿوري
وقت ۾ علمي، ادبي ۽ مذھبي تحريڪ جي صورت اختيار
ڪئي سندس آڏو خدمت علم ادب، اشاعت دين، اصلاح
معاشره، اقتصادي ترقي، فلاح عام ۽ ان زماني جي
وڌندڙ لادينيت کي روڪڻ جھڙا عظيم مقصد ھئا. وڌندڙ
نصرانيت جو سد باب ڪرڻ لاءِ درس و تدريس سان گڏوگڏ
براهوئي زبان ۾ وڏي پئماني تي اشاعتي ادارو قائم
ڪيائين.
سن 1900ع جو زمانو آھي جڏھن بلوچستان ۾ انگريزن جا پير پختا ٿي
چڪا ھئا. سياسي، اخلاقي ۽ اقتصادي اثرات سان گڏوگڏ
عيسائي مشنرين کي وڏي تعداد ۾ ھن علائقي تي مسلط
ڪيو ويو. سندن خيال ھو ته بلوچستان جي اڻ پڙھيل
عوام کي عيسائيت ڏانھن مائل ڪرڻ آسان آھي. لھٰذا
انھن مسيحيت جي تبليغ لاءِ نه صرف وعظ ۽ تبليغ و
تلقين کان ڪم ورتو پر براھوئي ۽ بلوچيءَ ۾ پمفليٽ
۽ ڪتابچا به ڇپايا. ايتري تائين جو انھن بائيبل
جون ٽي اشاعتون براھوئي زبان ۾ آنديون. پھريون
ڇاپو سنه 1905ع ٻيو 1906ع ۾ ٽيون 1907ع ۾ ميدان تي
آڻي بروھين ۾ تقسيم ڪيا ويا. ان تشويشناڪ صورتحال
کي منھن ڏيڻ لاءِ قوم نواز اھل دل ۽ صاحب بصيرت
علماء ادبا براھوئي زبان ۾ اشاعتي ڪم کي تيز
بنايو. درخاني مڪتبهءِ فڪر جي انھن براھوئي محب
وطنن حيرت انگريز حصو ورتو. سردارن ۽ صاحب حيثيت
شخصن به ڪا ڪسر نه رھائي. حضرت مولانا محمد فاضل
درخالي صاحب حال بزرگ ھو. دائره عمل نھايت وسيع
ھيس. واعظ، ڪتابت ۽ تصنيف و تاليف ۽ درس و تدريس ۾
ذريعي نور ھدايت کي عام ڪيائون. سندن شخصيت نگاه
ڪيميا صفت جو اندازو ان جي شاگردن مان ئي لڳائي
سگھجي ٿو جن ۾ مولانا نبو جان، مولانا حاجي
عبدالمجيد چوتوي، مولانا عبدالحئي ۽ حضرت مولانا
محمد عمر دين پوري وغيره اچي وڃن ٿا. علامه صاحب
مبلغ مدرس ۽ سماجي رھنما جي حيثيت سان گھڻو معروف
آھي، بلوچستان توڙي سنڌ اندر سندس عقيدتمندن جو
وڏو تعداد آھي. سندس پوٽي مولانا عبدالباقي ۽
درخاني جي چوڻ موجب نام و نمودجا قائل نه ھئا، ان
ڪري ئي سندن نالي سان گھڻيون تصنيفون عام وٽ نه
پھتيون آھن. پنھنجون سموريون تصنيفون شاگردن جي
نالي سان لکرايائون. ڏسو ڪتاب (ثقافت اور ادب
واديءَ بولا مين: محڪمه ثقافت بلوچستان ڪوئٽه).
مولانا حاجي نبو جان: حضرت مولانا محمد فاضل درخاني رحه
(رئيساڻي بروھي) جي ھم عصرن ۾ حاجي نبو خان کي وڏي
اھميت حاصل آھي. پاڻ نه صرف ملڪ داد قلاتي جي
منظوم ڪتاب ”تحفة العجائب“ جي ترتيب، تدوين ۽
اشاعت فرمائي پر ان نموني جا ٻه ضخيم ڪتاب ”ناصح
البلوچ“ ۽ ”تحفة الغرائب“ منظور ڪيا. براھوئي زبان
جي نشو نما، ارتقا ۽ قدرتي صلاحيتن جو اندازو
لڳائڻ لاءِ سندس ھي ڪتاب سنگ ميل جي حيثيت رکن ٿا.
اعليَ ۽ حقيقي شاعريءَ جو نمونو آھن. بيانيه ۽
موضوعي شاعري ۾ جيتوڻيڪ گھڻو زور واقعات جي صحت تي
ڏبو آھي ۽ قوت متخيله جي طلسم بازي لاءِ موقعا گھٽ
ملن ٿا پوءِ به حاجي نبو جان پنھنجي شاعريءَ ۾ ھر
قسم جا جوھر ڏيکاريا آھن. سندس وفات سنه 1325ھه ۾
ٿي.
”ناصح البلوچ“ حاجي نبنو جان جي وفات بعد سنه 1355 ۾ ڇپيو. ڪن
جو خيال آھي ته سندس تصنيفون ان جي زندگيءَ ۾ ئي
ڇبيون رھيون، ان ڪري ھيءَ اشاعت طبع ثاني معلوم
ٿئي ٿي. اڪثر عنوانن ۾ نصيحت ۽ عقائد اسلامي موضوع
سخن آھن. آخر ۾ مولانا محمد عمر دين پوري رحه چئن
صفحن تي مشتمل مضمون بعنوان ”اعلان واجب الاذعان“
لکيو آھي جنھن ۾ براھوئي زبان کي ترقي ڏيارڻ جي
تلقين ڪئي اٿس. سندس ٻي تصنيف ”تحفة الغرائب“ 24
صفحن تي مشتمل موضوع سخن دينيات آھي. سنه 1355ھه
جي اشاعت طبع ثاني معلوم ٿئي ٿي. آخري چئن صفحن
مان ٻن تي ”سي 30 حرفي“ ۽ باقي ٻن صفحن تي حضرت
ابوبڪر صديق رضه جو مشهور عربي قصيدو آھي. حاجي
صاحب جي ٽين اھم ۽ آخري نصنيف ”عمدة البيان“ آھي.
سندس وفات واري سال يعني سنه 1325ھه ۾ چپيو. 269
شعرن تي مشتمل ھن ڪتاب ۾ حاجي نبو جان متعلق ھڪ
مرثيه به شامل آھي جنھن مان خبر پوي ٿي ته
بلوچستان جو ھي بلند پايه شاعر ۽ عالم، طاعون جي
وبا سنه 1325ھه ۾ وفات ڪري ويو.
مولانا عبدالحئي: مولانا محمد فاضل رحه درخاني جي وفات بعد سندس
مدرسه درخاني جو انتظام ۽ اھتمام مولانا عبدالحئي
جي حوالي ٿيو. پنھنجي بزرگن جي نقش قدم تي گامزن
رھندي تبليغ ۽ ارشاد سان گڏوگڏ ڪتابن جي اشاعت جو
سلسلو به جاري رکيائين. سندس حلقه شعراء ۽ ادباء ۾
جناب تاج محمد شاھواڻي، محمد عمر دين پوري، ملا
گھرام، حاجي عبدالمجيد چوتوي، صوفي گل محمد،
مولانا روشن دين، مولانا عبدالڪريم مينگل ۽ مولانا
محمد اشرف اچي وڃن ٿا.
مولانا عبدالباقي درخاني: درخاني مدرسي جي پايي وجھندڙ مولانا
محمد فاضل جو پوٽو آھي. سڄي زندگي علم ادب ۽ تبليغ
و ارشاد ۾ صرف ڪيائين. براھوئي زبان ۾ سندس تعويذن
جو ڪتاب ”تاج التعويذات“ حصو اول سنه 1932ع ۾
ڇپيو. سندس ٻيو ڪتاب ”خطبات درخاني“ سنه 1940ع ۾
شايع ٿيو، ھي براھوئي نثر تي مشتمل بھترين تبيلي
ڪتاب آھي. سندس ڪتاب ”شروط الصلوات“ 1946ع ۽
”مجربات نوشڪوي“ 1958ع ۾ ڇپيو. براھوئيات متعلق
مولانا عبدالغفور درخاني جون خدمتون به ناقابل
فراموش آھن. نثر ۾ سندس مذھبي ڪتاب ”سراسر نوُر“
سنه 1963ع ۽ ”براھوئي بول چال“ ٻن حصن تي مشتمل
سنه 1968ع ۾ ڇپيو. مولانا عبدالله درخاني به
مذڪوره مڪتبه فڪر جو برگزيده عالم ٿي گذريو آھي.
اسلامي عقيدن ۽ نصيحت و ھدايت تي مشتمل سندس ڪتاب
”افاذة المصلي“ سنه 1344ھه ۾ ڇپيو. نثر ۾ سٺو
براھوئي مواد پيش ڪري ٿو.
مولا محمد عمر دينپوري: حضرت مولانا محما فاضل ۽ مولانا
عبدالحمي رحه جي ھن ھونھار شاگرد جو سن پيدائش
1892ع ۾ وفات 1365ھه آھي. مڪاشفات ۽ مجاھده جو
دائرو نھايت وسيع ھيس. سندس پيدائش سنڌ ۾ ٿي،
براھوئي زبان جو قومي شاعر آھي، لکن جي تعداد ۾
شعر چيائين. ان ڇپيل مواد ته پنھنجي ماڳ، ليڪن
سندس اشاعت ھيٺ آيل شعر جا ڪتاب به پنجاھه کان مٿي
آھن. نثر کي به خوب مالا مال ڪيائين. ايوان
شاعريءَ ۾ پنھنجي قوت فڪر، فھم و فراست سان اھڙا
دل آواز ۽ پُربھار شعر جوڙيائين، جن جي خوشٻوءَ
سدا بھار گلن وانگر اڄ به براھوئي دنيا کي
واسيندي، شام جان کي تازگي ۽ روح کي باليدگي بخشي
ٿي، مولانا صاحب جو مقصد براھوئي زبان جي دامن کي
مختلف قسم جي گلن مان ڀرڻ ھو، لھٰذا نه فقط
براھوئي زبان جي قدرتي صلاحيتن کي بروءِ ڪار لائڻ
لاءِ ميدان ھموار ڪيائين، بلڪه فارسي ۽ عربي زبانن
جي ذخيرهء الفاظ، تشبيھه، استعارا ۽ انداز بيان
سان به براھوئي زبان جو سرمايو وڌايائين. خالص
براھوئي مزاج جا ڪيترائي غزل چيا اٿس. انھن ۾ به
رنگا رنگ سخن جي ڀرپور بارش ڪئي اٿس. “ مولانا
صاحب جو عظيم ترين ڪارنامو قرآن مقدس جو پاڪيزه
براھوئي ترجمو آهي. صاف، شست ۽ عام فھم زبان ۾
ڪلام پاڪ جو ترجمو ڪري، دنيا آڏو ثابت ڪيو اٿس ته
ھن زبان جي صلاحيت، نمو، عربي جي ھم پله ۽ دور
حاضر جي سڀني تقاضائن کي پوري ڪندڙ آھي. نه فقط
ايترو، پر ھن ٻوليءَ ۾ ڪمال درجي جي فصاحت ۽ بلاغت
آھي. مولانا صاحب جي ھيءَ پھرين علمي ڪوشش ھئي.
ڪلام پاڪ جو ھي ترجمو سنه 1330ھه ۾ چپيو. جديد
براھوئي رسم الخط ۾ ھن جي ٻي اشاعت جون تياريون
”براھوئي اڪيڊمي“ ڪوئٽه طرفان ھلي رھيون آهن، جيڪو
سنڌي ادبي بورڊ وانگر سرڪاري خرچ تي ھلندڙ علمي
ادارو آھي. 15- 20 سال اڳ قائم ٿيل ھن اداري،
ڪيترائي براھوئي ڪتاب مختلف موضوعن تي ڇڀايا آھن.
ياد رھي ته قرآن پاڪ جو ھي براھوئي بامحاوره ترجمو
محترم نور محمد پروانه صاحب جي ھفت روزه ”ايلم“
مستونگ ۾ به قسطوار ڇپجي رھيو آھي. ”گچينوھيت“
عنوان سان جديد فارسي رسم الخط ۾ ھن جو تقريبن
سمورو ترجمو ڇپجي چڪوآھي. مولانا صاحب بعد ۾ قرآن
پاڪ جي ڌار ڌار سيپارن جا براھوئي تفسير پڻ تيار
ڪيا، جيڪي اڪثر سنه 1928ع واري زماني ۾ ڇپيا. انھن
۾ ”مفتاح القرآن“ عنوان سان براھوئي تفسير پاره
”عم“ به آھي. پنھنجي قلم وسيلي ڌار ڌار قرآن شريف
جون سورتون به براھوئي تفسير سان ڇپايائين.
اڪثر درس تدريس ۽ تبليغ و ارشاد ۾ مصروف ٿي رھيا جو سندن ملاقات حضرت مولانا عبدالله سنڌيءَ سان ٿي. مولانا
سنڌيءَ کين دعوت عمل ڏني جيڪا قبول ڪيائون. ھي دؤر
نھايت ھنگامه خيز ھو، سڄو ھندستان
انقلابي نعرن سان گونجي پيو، ھوڏانھن انگريز
خلافت اسلاميه کي ختم ڪرڻ ٿي گھريو لھٰذا ھڪ طرف
علي برادران تحريڪ خلافت جو نعرو بلند ڪيو ته ٻئي
طرف مولانا عبدالله سنڌي ترڪ وطن ۽ موالات جي
تحريڪ شروع ڪئي. مولانا دين پوري رحه به گرما
گرميءَ سان ھجرت تحريڪ ۾ حصو ورتو ۽ جماعت سميت
افغانستان پھتو جيڪو ان عھد آفرين ۾ انقلابي حضرات
۽ اسلاميان ھند جو مسڪن بڻيو. ھو جڏھن ھجرت تحريڪ
ختم ٿي ته علامه دين پوري رحه جن واپس وري پنھنجي
ساڳئي آبائي ڳوٺ دين پور لڳ جاڳجھڻ تعلقو ۽ ضلعي
شڪارپور ۾ ھڪ علمي مدرسو قائم ڪيو ۽ حيات باقي اتي
ئي درس و تدريس، تبليغ و ارشاد ۽ تصنيف و تاليف ۾
گذارڻ جا خواھشمند ھئا پر قدرت کي ڪجھه ٻيوئي
منظور ھو. ڪافي وقت اتي گذارڻ بعد حالتن ڦيرو کاڌو
۽ دين پور کي الوداع ڪرڻ تي مجبور ٿيا، چنانچه
آخري عمر ۾ ڪوچ ڪري بلوچستان جي جھلاوان علائقي ۾
ڳوٺ ”نڙبينٽ“وڃي وسايائون. سندن باقي وقت اتي ئي
گذريو ان ھنڌ اڄ به سندن عقيدتمند ھزارن جي تعداد
۾ آهن. سندن ٻه فرزند ارجمند مولانا محمد شريف ۽
مولانا عبداللطيف ھئا، ليڪن جوانيءَ ۾ ئي مولانا
عبداللطيف جي اوچتي موت، دل تي ايترو اثر ڪين جو
ان غم ۾ پنھنجي جان، جان آفرين جي سپرد ڪيائون.
جيئن ته گھڻو عرصو زنده نه رھي سگھيو ان ڪري سندس
قائم ڪيل علمي ادبي مرڪز به ختم ٿي ويو. تاھم
مولانا صاحب جي صاحبزادي ، مولويه، عالم ۽ شاعره
محترم تاجبانو سندن مشن کي تصنيف و تاليف وسيلي
جاري رکيو جيڪا بقيد حيات ۽ ڪسمپرسيءَ جا ڏينھن
گھاري رھي آھي. سوين ڪتاب لکيا اٿس جن مان گھڻا
لاڙڪاڻي جي محترم عبدالڪريم ”تراب“صاحب وٽ آهن.
نثر ۾ محترم جو براھوئي ڪتاب ”تسويغ النسوا“ سنه
1354ھه ۾ ڇپيو. ٻن جلدن تي مشتمل ھن ڪتاب ۾ عورتن
کي ديني مسئلا سمجھايا ويا آھن. پھريون حصو 64
صفحن تي ۽ ٻيو ناياب آھي. ٻئي حصي ۾ نظم جا حصا پڻ
آھن. ماھوار ”اولس“ ڪوئٽه نومبر- ڊسمبر 1974ع جي
شماري ۾ ڊاڪتر عبدالرحمان براھوئي صاحب لکي ٿو ته
ھن جا نسخا انڊيا آفيس لئبرري لنڊن ۾ موجود آھن.
ياد رھي ته ڊاڪٽر براھوئي صاحب ديس پرديس
براھوئيات متعلق تحقيق ڪري ڊاڪٽريٽ جي ڊگري حاصل
ڪئي آھي. ھينئر براھوئي اڪيڊمي ڪوئٽا جو جنرل
سيڪريٽري آھي. مولانا محمد عمر دين پوري رحه جون
ڪجهه: وڌيڪ تصنيفون ھيٺين ريت آھن.
حفظ الايمان: ھي ڪتاب وڏي سائيز جي 168 صفحن تي مشتمل آھي،
تمھيدي شعرن مان معلوم ٿو ٿئي ته مولوي خرم علي جي
ڪنھن ڪتاب جو منظوم براھوئي ترجمو آھي. آخر ۾
فارسي مناجات به اٿس، 1332ھه ۾ ڇپيو.
سوداءِ خام: ھي ڪتاب عشقيھ غزليات، ڪافي، مولود شريف، مناجات،
سي حرفي ۽ بيتن تي مشتمل 136 صفحن جو جامع ڪتاب
آھي. سنه 1355ھه ۾ ڇپيو.
مسخ العباده: 112 صفحن تي جوڙيل هي نسخو سن 1355هه ۾ ڇپيو جنهن
جا 16 صفحا نثر جا به آهن. مباديات دين متعلق
روحاني طريقن تي ڪارگر مواد مهيا ڪري ٿو.
مشتاق مدينه: ھن ڪتاب جا ٻه حصا آهن. پھريون حصو
مولانا دين پوري ۽ ٻيو حصو مولانا عبدالڪريم مينگل
صاحب تيار ڪيو آھي، سنه 1355ھه ۾ ڇپيو. چاليھن
صفحن تي مشتمل ھن ڪتاب جي پھرين حصي ۾ پنجاھه غزل،
مولود شريف ۽ نعت وغيره آھن ٻئي حصي ۾ ساڳئي نوعيت
جا 10 شعر شامل
آهن
. گھڻو حصو نعت ۽ مولود شريف جو اٿس. |