سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1984ع (2)

 

صفحو :3

 

 

 

 

گذارش

مستند ھي ميرا فرمايا ھوا.

برصغير جي ھاڪاري عالم ۽ ڏکڻ ايشيا جي جڳ- مشھور علمي اداري دارلمصنفين شبلي اڪيڊمي، اعظم ڳڙھه، يوپي، ڀارت، جي ناظم ۽ روح روان، جناب سيد صباح الدين عبدالرحمان، چيو آھي ته سنڌي ادبي بورڊ، علمي ۽ تحقيقي خدمت جو جيڪو عظيم الشان ڪم ڪيو آھي اُن کان ھُو بيحد متاثر ٿيو آھي.

سنڌ جي سپوت، عظيم محقق ۽ دانمشند جناب پير حسام الدين راشديءَ جي علمي خدمتن جي موضوع تي ليڪچر ڏيڻ کان اڳ، سيد صاحب چيو ته پير صاحب مرحوم پنھنجي حياتيءَ ۾ مون کي سنڌي ادبي بورڊ گُھمڻ جي بار بار دعوت ڏني هئي، پر مصروفيتن سبب آءٌ اڳ حيدرآباد اچي نه سگھيو ھوس. اڄ بورڊ ۾ علمي ڪم جي معائني کانپوءِ مون کي ائين چوندي ڪابه ھٻڪ محسوس ڪانه ٿي ٿئي ته

”اڄوڪي ڏينھن کي آءٌ پنھنجي زندگيءَ جي بھترين ڏينھن ۾ ڳڻي سگھان ٿو.

سيد صباح الدين عبدالرحمان صاحب، بورڊ جي ٿيل ڪم تي تحسين ۽ حيرت ظاھر ڪندي چيو ته اعظم ڳڙهه علم ۽ فضل جو مرڪز مڃيو ويو آھي. يو. پي کان ٻاھر نڪرندي، آءٌ محسوس ڪندو ھوس ته علمي ۽ تھذيبي بيت الحڪمت کان ٻاھر نڪري رھيو آھيان، پر اڄ سنڌي ادبي بورڊ جي ڪارڪردگي معلوم ڪرڻ کانپوءِ آءٌ ان نتيجي تي پھتو آھيان ته اعظم ڳڙهه جي بيت الحڪمت ۽ قرطبه ھجڻ متعلق اسان ذھن ۾ جيڪو مفروضو قائم ڪيو ھو، اھو ھاڻي کنڊھر بنجي چڪو آھي. بورڊ، ھڪ علائقائي سنڌي زبان ۾ جيڪو علمي ڪم ڪيو آھي. مثلاَ لوڪ ادب جي اشاعت، اھڙو شاندار ڪارنامو تھ ڀارت ۾ قومي ٻولي ھنديءَ ۾ به سرانجام نه ڏنو ويو آھي.

پير صاحب مرحوم کي سندس علمي خدمتن بابت زبردست خراج عقيدت پيش ڪندي، سيد صباح الدين کيس ”پرنس اسڪالرسڏيو ۽ فرمايو ته ھو علمي تحقيق ۽ تصنيف جي ميدان ۾ ھڪ خوبصورت يوناني مجسمي وانگر باڪمال ۽ حسين آھي.

پير صاحب کي دارالمصنفين اعظم ڳڙهه جو محسن قرار ڏيندي، سيد صاحب چيو ته اسان جي اداري تي به پير صاحب مرحوم جا احسان آھن، جو اُن جي ڏکين ڏينھن ۾ واھر ڪري مرحوم اداري کي مالي پريشانين کان بچائي ورتو. ھن چيو ته مون پير صاحب کي ويجھڙو ڏٺو آھي، کيس سمجھيو آھي ۽ سڃاتو آھي، ان ڪري مان چئي سگھان ٿو ته پير صاحب جھڙو شريف الطبع ۽ فياض، علم دوست شخص ٻيو ڪير به ڪونھي.

بورڊ جي سيڪريٽري جناب غلام رباني سيد صاحب کي جواب ڏيندي سندس فياضانه قدر شناسيءَ جي تعريف ڪئي ۽ چيو ته اوھان برصغير ۾ جنھن اعليٰ علمي حيثيت جا صاحب آھيو، ان جي بنياد تي اسان اوھان جي راءِ جو پنھنجي ڪم لاءِ سند طور حوالوڏينداسون.

تقريب ۾ صدر مجلس جناب ڊاڪٽر ايس. ايم، قريشيءَ سان گڏ، نامور عالمن- جناب ڊاڪٽر نجم الاسلام، جناب ڊاڪٽر امجد بيگ، جناب ڊاڪٽر فرمان فتحپوري ۽ پير امجد حسين جيلاني خطاب ڪيو ۽ جناب غلام رباني سيڪريٽري سنڌي ادبي بورڊ، مھمانن جي شڪريه ادائي ڪئي. سامعين ۾ عالمن ۽ اديبن سان گڏ پير صاحب مرحوم جي خاندان مان جناب حسين شاھه راشدي، جناب سيد پير شاھه (شمن شاھه) ۽ ننڍڙي علي رضا پڻ شرڪت ڪئي.

سنڌي ادبي بورڊ جي مخلصانه خدمتن بابت، ڏکڻ ايشيا جي ھڪ برک ۽ ممتاز عالم جي تحسين کي، اسان سموري سنڌ لاءِ باعث اعزاز تصور ڪريون ٿا، جنھن ۾ خود اسان جي پنھنجي عزت افزائي ۽ قدر شناسي موجود آھي.

سنڌي ادبي بورڊ، پنھنجي قيام کان وٺي، مختلف مسئلن، مشڪلاتن ۽ گھربل مالي وسيلن جي اڻھوند جي باوجود، پنھنجن مقصدن جي پوئواريءَ ۾ سنڌ جي جيڪا خدمت ڪئي آھي، سا اھل سنڌ کان پوشيده ناھي. ھن کان اڳ مختلف موقعن تي، دنيا جي علمي مرڪزن ۽ ثقافتي حلقن ۾ مڃيل بين الاقوامي علمي شخصيتن ۽ ھستين، بورڊ جي جيڪا قدر شناسي ڪئي آھي، سا پڻ ڪنھن کان مخفي نه آھي. دراصل اسان بورڊ جي ڪم جي قدر شناسي کي سنڌ جي عزت افزائي تصور ڪريون ٿا.

جناب سيد صباح الدين عبدالرحمان جي ھن راءِ سان بورڊ کي مخلصانه خدمت لاءِ ھڪ نئون اُمنگ، ھڪ نئون جذبو، ھڪ نئون ولولو فراھم ٿيو آھي. اسان رب العزت اڳيان سر بسجود آھيون، جيئن اسان کي علمي خدمت جي جدوجھد ۾ اڃا به وڌيڪ توفيق عطا ٿئي. (آمين).

مھراڻ جي ليکڪن لاءِ انعام.

مھراڻ، جديد سنڌي تخليقي ادب جي جيڪا خدمت ڪئي آھي، سا اھل ذوق کان ڳجھي ناھي. سنڌي ٻوليءَ جي محترم ۽ مانائتن ليکڪن ۽ سڄاڻ پڙھندڙن جي ڀرپور تعاون ۽ محبت سان، ھي رسالو پنھنجون روايتون جاري رکندو اچي ٿو. اسان کي ان ڳالھه تي بجا طور تي فخر حاصل آھي ته ويجھڙائيءَ جي ڪجھه سالن کان، مھراڻ کي لکندڙن ۽ پڙھندڙن وٽان خاص تعاون ۽ محبت حاصل رھي آھي، جا باالخصوص 1989ع کان وٺي شايع ٿيل پرچن مان عيان آھي.

اسان دعويٰ سان چئي سگھون ٿا ته ان عرصي دوران، مھراڻ ۾ گروھه بنديءَ کي رد ڪيو ويو آھي ۽ مھراڻ جا صفحا ھر لکندڙ لاءِ کليل رکيا آھن. مھراڻ ھر مڪتبِ فڪر کي، فقط ۽ فقط، ڏات ۽ ڏانو- جي بنياد، سان، قبول ڪيو آھي ۽ اھڙن ليکڪن کي، خاص طور، ھمٿايو آھي، جيڪي ھڪ وڏي عرصي کان اشاعتي دنيا ۾ محروميءَ جا شاڪي رھيا ھئا.

اسان کي ان ڳالھ تي اڃا به وڌيڪ فخر حاصل آھي، جو مھراڻ، سنڌي ادب ۾ ديني اشاعت لاءِ خاص توجھه ڪيو ، جنھن جو اھم ثبوت 1980ع ۾ شايع ٿيل ”سيرت نمبر آھي. الحمدلله، اسان جي مھربان پڙھندڙن ان کي سنڌي ٻوليءَ ۾ اولين معياري ۽ ممتاز ”سيرت نمبر ڪوٺيو آھي.

مھراڻ جي ان مثبت ۽ معقول پاليسيءَ جي حمايت ۽ قدر شناسيءَ ۾ لکندڙن ۽ پڙھندڙن وٽان پھتل سوين خط اسان انڪري ڪڏھن شايع نه ڪيا آھن، جو اسان کي پاڻ پڏائڻ کان سخت نفرت آھي. مھراڻ متعلق، اھا وضاحت اڄ انڪري ضروري محسوس ٿي آھي، جو اسان جي ڪن ڪرمفرما ليکڪن، پنھنجي ذاتي پسند ۽ ناپسند جي زاويه کان، مھراڻ کي پرکڻ جي ڪوشش ڪئي آھي.

بھرحال، ”مھراڻ ۾ لکندڙن جي حوصله افزائي لاءِ اسان اھو به فيصلو ڪيو آھي ته مھراڻ ۾ شايع ٿيندڙ مواد تي سالانه نقد انعام ڏنا وڃن. اعلان موجب، ھڪ ھڪ هزار روپين جا ٽي انعام بھترين مضمون، بھترين ڪھاڻي ۽ بھترين شعر تي ڏنا ويندا ۽ ترجمن کي ھمٿائڻ لاءِ ساڳيءَ ريت، پنجن پنجن سَون رپين جا ٽي انعام، مذڪور صنفن ۾ مترجمن لاءِ مخصوص ڪيا ويا آھن. اھا انعامي اسڪيم سال 1983ع جي شايع ٿيل پرچن کان عمل ۾ آندي ويئي آھي.

اھو پڻ طئه ڪيو ويو آھي ته بورڊ جي ڪنھن به عھديدار ۽ ملازم جي تحريرن کي انھيءَ انعامي مقابلي ۾ شامل نه ڪيو ويندو. انعامن جو فيصلو سنڌي زبان جا ٽي ممتاز عالم، اديب ۽ شاعر ڪندا، جن ۾ پڻ بورڊ جو ڪو عھديدار شامل نه ھوندو.

جيئن ته ھلندڙ سال ختم ٿي رھيو آھي، 1983ع جي مواد تي انعام جو اعلان، سُتت ئي ڪيو ويندو. اسان کي توقع آھي ته بورڊ جي ھن اعلان کي، جديد سنڌي ادب جي ترقيءَ ۽ ھمت افزائيءَ لاءِ ھڪ نيڪ قدم تصور ڪري، اُن کي پسند ڪيو ويندو.

ماءُ! ڏٺم اڄ مان مڙھين ۾....!

ويجھڙائيءَ ۾ سنڌي ادب ۽ صحافت جي ميدان ۾، ڪن محترم شخصيتن جي جُدائي کي گھڻي رنج سان ٻڌو ويو آھي:

ميرپورخاص مان، 48 سال ساندھه ھفتيوار ”ھمدرد وسيلي ٿر جي ماروئڙن جي خدمت ڪندڙ، ڄاتل سڃاتل ۽ بي باڪ صحافي حاجي محمود ھالائي، تازو وفات ڪئي آھي.

پُراڻو ڪھاڻيڪار، اھل قلم، صحافي ۽ جديد سنڌي ادب جو مخلص ڪارڪن عبدالخالق ”آزاد گذر ڪري ويو آھي.

ٺٽي جي ديني نشر و اشاعت وارين روايتن جي آخري امين، حاجي عبدالرحسين وينجھر، تازو ڪراچيءَ ۾ رحلت ڪئي.

مڃيل۽ معروف اديب، شاعر،نقاد ۽ تعليمي خدمتگار شيخ عبدالرزاق ”راز اسان کا جدا ٿي ويو آھي.

سنڌي ادبي سنگت ڪراچيءَ جي پراڻي ميمبر ۽ سماجي ورڪر، پوھومل، وفات ڪئي آھي.

سنڌ جي نامور ديني عالم ۽ جرات مند صحافي شيخ السنڌ مولانا عبدالحق رباني جي وفات تي اھل سنڌ کي گھڻو ڏک پھتو آھي.

اردو زبان جو برک محقق ۽ عالم ۽ سنڌي ادب ۽ ثقافت سان بيحد دلچسپي رکندڙ فاضل، پروفيسر ڊاڪٽر محمد ايوب قادري، تازو ڪراچيءَ ۾ گذاري ويو.

”اسان مرحومين جي جُداين تي گھري ڏک جو اظهار ڪندي، سندن پوين سان ھمدردي ڪريون ٿا.

نفيس احمد شيخ

4- 1983ع

 

 

شاعري

 

مخدوم محمد زمان ”طالب الموليٰ

غزل

 

جنون عشق ۾ ھر دم گريبان شاھديون ڏيندا،

سندم صحرا نوردي جون بيابان شاھديون ڏيندا.

فراق و ھجر ۾ ڇا ٿو ٿئي، ڇا ڇا ٿو ڪرڻو پئي،

انھي حالت جون آشفته حالان شاھديون ڏيندا.

اسان الفت ڪئي ۽ پوءِ اسان جي سرتي ڇا گذري،

سفر آشفته جا زلف، پريشان شاھديون ڏيندا.

اھي بي وصل ھم آغوشيون رئنديون ويون آخر،

ھزارين انجم و ماه درخشان شاھديون ڏيندا.

گل اميد کي حاصل ڪرڻ جي ڪاڻ، اي يارو!

اٿي ڇاڇا ٿئي ٿو چاڪ دامان شاھديون ڏيندا.

جھان ۾ يار نيڪي جي بدي ٿيندي گوءِ آھي،

اسان مستن جي دانائي جون نادان شاھديون ڏيندا.

اسان دنيا ۾ ڇا ڇا گڏ ڪيو اي ”طالب الموليٰ،

انھيءَ جا ثابتي ۾ منھنجا سامان شاھديون ڏيندا.

*

قدم دنيا جي رسمن کان مان بدلائڻ لڳو آھيان،

وري اسلاف جي رمزن کي ورجائڻ لڳو آھيان.

جڏھن معلوم ٿيو مون کي ته دلبر آھه بي پرواھه،

تڏھن مغموم دل تي سور سھسائڻ لڳو آھيان.

ڏنيون جوش محبت مان جُتي تنھنجي کي مون چُميون،

سڄڻ اھڙي به گستاخي کان پڇائڻ لڳو آھيان.

جبين عقل کي سنگ در جانان تني ورھن کان،

جھڪائي انڪساري ساڻ ٻاڏائڻ لڳو آھيان.

اميد آهي ته رحم آڻيندو دلبر پنهنجي عاشق تي،

در دلبر کي ورهن کان ئي کڙڪائڻ لڳو آهيان.

يقين آهي، سڀيئي اهنج ٿيندا سهنج اي يارو!

ڪري آه و فغان، محبوب پرچائڻ لڳو آهيان.

محبت ۾ نه ڏسجي نفع ۽ نقصان کي يارو،

غمِ سود و زيان کي هاڻ مان کائڻ لڳو آهيان.

 

حافظ محمد احسن چنا

غزل

 

گهڻي مدت کان پوءِ مون وٽ جڏهن هو منهنجو يار آيو

ته منهنجي باغ اجڙيل ۾ وري جشنِ بهار آيو

هزارين بار نااميدين ۽ ”لَن تِرانِي“ بعد

بحمد لله ڪوهِ طور تي هو جلوه بار آيو

سَوَن سالن کان پوءِ مون کي دلاسو وصل جو پهتو

زمانو هي وري ساڳيوئي مون لئي خوشگوار آيو

خطائون در گذر منهنجون ڪيون محبوب سڀ هاڻي

ٻڌي منهنجي علالت جو پڇڻ اڄ حالِ زار آيو

ٻڌان ٿو تنهنجي دَر تان ڪوبه خالي ڪونه واپس ٿيو

تڏهن هي سائلِ ديدار ٿي اميدوار آيو

حياتي ختم ٿي ساري محبت عشق جنهنجي ۾

اهو محبوب مشفق نيٺ منهنجي بر مزار آيو

اٿم اُميد تا تنهنجي ٿئي قدمن تي دم پورو

هيءَ احسن آرزو دل ۾ رکي اڄ جان نثار آيو

 

تنوير عباسي

*

موتي ڇو ٿي پائين-

تنهنجي اکين ۾ موتين کان وڌ جرڪو

موتين کي ڇو ٿي شرمائين

موتي ڇو ٿي پائين-

 

سرخي ڇو ٿي لائين-

تنهنجي لبن تي سرخيءَ کان وڌ لالي

سرخيءَ کي ڇو ٿي شرمائين

سرخي ڇو ٿي لائين-

 

*

ٿوري وقت جي لاءِ مان جڳ ۾ آهيان آيو ڄاڻان ٿو،

جيڪو وقت گذاريم هت، مان اهو سجايو ڄاڻان ٿو.

 

مون جيون جي هڪ به گهڙي ته اجائي ڪين گذاري آ،

پنهنجي دل ۽ پراون جي دل هردم پئي اُجاري آ.

 

دشمن، دوست، پرائو، پنهنجو سڀ کي گلي لڳايو آ،

جيڪو وقت رهيو آهيان هت مون پئي پيار وڌايو آ.

 

جڏهين جڏهين ڳايم گيت ته پيار محبت وارا گيت،

نفرت منهنجي نيت نه آهي، نفرت ناهي منهنجي نيت.

 

 

سليم سرھندي

غزل

 

خواب ۾ مُکڙو پسائي چنڊ چڪمائي ويا،

زلف جي خوشبوءَ سان راتيون منھنجو مھڪائي ويا.

درد جو جون ڏئي دولتون بخشي غمن جون خلعتون،

ويا ھليا ۽ مون کي ساري عمر ورسائي ويا.

پئي نچي اڄ دل جي ڌڙڪن ساڻ ساري ڪائنات،

رات ھو منھنجي اڱڻ تي ڇير ڇمڪائي ويا.

جڳ ڏٺو منھنجي اڱڻ آيا پرين عيدون ٿيون،

پر ڏئي ڪنھن ڪانه منھنجي جيءَ کي جالائي ويا.

اڄ به لنؤ لنؤ تال پئي ڏي جُھولي جھولي روح پيو،

سال ٿيا ھُو ساز، دل تي گيت ڪو ڳائي ويا.

ھڪ نظر جي بيک توکان دل جي جھوليءَ ۾ وٺي،

پيار جا پينو سڄي دنيا کي ٺُڪرائي ويا.

ميڪدي ۾ زلزلا آيا جي مستانا سندءِ،

ساري تنھنجا نيڻ ڇلڪيل جام اڇلائي ويا

دين ۽ دنيا کٽي ويا سي کُٽل ھڪ داءَ ۾،

دل جي بازي جيڪي توکان ھوت ھارائي ويا.

جڳ ٺريو بادل وٺا، پر تنھنجي يادن جا ڪَڪَر،

وڄڙيون چمڪائي ٻيڻين باھه ڀڙڪائي ويا.

داغ ٻھڪيا دردَ مھڪيا گھاءَ گُل ٿي پيا ”سليم،

ھڪ نظر سان دل جو اُجڙيل باغ برسائي ويا.

 

محبوب سروري

غزل

 

زندگي سان عشق جو آزار ڏاڍو ٿو ٺھي،

تن ٻنھي جو پاڻ ۾ تڪرار ڏاڍو ٿو ٺھي.

مان ته چوندس گل سان شامل خار ڏاڍو ٿو ٺھي،

رخ تي اٽڪل ڪاڪل، خمدار ڏاڍو ٿو ٺھي.

پھرين گڏجاڻي، اڪيلائي ۽ موسم دل بھار،

عشق جو ان وقت تي اظھار ڏاڍو ٿو ٺھي.

جئن ته تارن ۾ چڱو ٿو چنڊ چوڏھين جو لڳي،

تئن سڀن سھڻن ۾ منھنجو يار ڏاڍو ٿو ٺھي.

سڀ رضائي يار لئي ٿا سر ڏئي سختيون وٺن،

ورھه وارن جو اھو واپار ڏاڍو ٿو ٿو ٺھي.

جنھن گھڙي پرچن ٿا پيارا، پنھنجي ڪاوڙ کي ڇڏي،

پوءِ ميارن جو مٿان وسڪارو ڏاڍو ٿو ٿو ٺھي.

هڪ وڏي فرقت پڄاڻا يار جي گاڏي مٿي،

ڪو وڇوڙيل پرهه جو بيمار ڏاڍو ٿو ٺهي.

مون کي اي ”محبوب“ ڏاڍو ٿو وڻي ”هالا“ جو لفظ،

هڪ جڳ اقرار سان انڪار ڏاڍو ٿو ٺهي.

 

عنايت بلوچ

وائي

بَرسي بُوند بھار-

تن مَن جيون جرڪي پوندو.

سونھن توکي مَنڙا مٺڙا، سورنھن سينگار.

تنھنجي درشن سان اي دلبر! ٿيندا گل گلزار،

ياد جا آگم برسيا دل تي، واھهَ ڪري وسڪار.

تنھنجي تانگھه طلب ۾ تڙپان، مِل مٺا منٺار.

توکي پسڻ لئه جيئان جڳ ۾، آس انھيءَ آڌار.

لحظي اندر لائون لھندا، نينھن ۾ جي نروار.

 

سليم ڳاڙھوي

(1)

زخم ڏياٽيون بڻجي ويندا،

لاٽ به اُڀري ويندي!

ڪارو پردو ڦاٽي پوندو،

اوندھه اُڏري ويندي!

گذرڻ ويلي ڏينھن چيو،

ھيءَ رات به گذري ويندي!

(2)

عزم جي تازن گھوڙن تي،

آسان سفر ٿي پوندا!

نيھن جو امرت نوش ڪري،

حيوان بشر ٿي پوندا!

گذرڻ ويلي ڏينھن چيو،

ھيءَ رات به گذري ويندي!

(3)

تنھنجي ڏک ۾ منھنجي ڏک ۾،

فرق نه ڪوئي رھندو!

ھڪڙو بازو ٻي بازوءَ جو،

سور نه ھرگز سھندو!

گذرڻ ويلي ڏينھن چيو،

ھيءَ رات به گذري ويندي!

(4)

ڪنڊا ڪٽجي کيتيون ٿينديون،

جھنگل منگل ٿيندا

سانول ايندو ڇيڄان ساري،

ٿر ۾ جل ٿل ٿيندا-

گذرڻ ويلي ڏينھن چيو،

ھيءَ رات به گذري ويندي!

(5)

اُلھڻ کانپوءِ اُڀرڻ ڄاڻي،

سورج سورج آھي-

صبح جي تاري کان ئي پڇجو،

تنھنجي من ۾ ڇاھي-

گذرڻ ويلي ڏينھن چيو،

ھيءَ رات به گذري ويندي!

(6)

چيخ چٻنَ جي چٻجي ويندي،

گم شم ٿيندا چمڙا!

صبح جا نغما ڳائي ڳائي،

مورَ ڇنڊيندا پرڙا!

گذرڻ ويلي ڏينھن چيو،

ھيءَ رات به گذري ويندي!

(7)

ڪوڙ جي قلعي کولڻ خاطر،

سچ جا ساٿي ايندا

گمراھن کي راھه ڏيکارڻ،

حق جا ھادي ايندا.

گذرڻ ويلي ڏينھن چيو،

ھيءَ رات به گذري ويندي!

(8)

اوندھه پويان چوڏس آھي،

روزن پويان عيد!

مستيءَ پويان چُستي سُونھين،

حسرت پويان اميد-!

گذرڻ ويلي ڏينھن چيو،

ھيءَ رات به گذري ويندي!

(9)

پنڌ ڪرڻ سان کٽندو آھي،

پنڌ ڪندو ھل پانڌي!

تنھنجا پير چمڻ جي خاطر،

ھرھڪ منزل ماندي!

گذرڻ ويلي ڏينھن چيو،

ھيءَ رات به گذري ويندي!

 

بردو سنڌي

لڙي ڇو نه آئين؟

 

سڏيندي رھي توکي دلڙي نماڻي، لنوائي ھليو وئي، لڙي ڇو نه آئين؟

سڙيو ساھه سڪ ۾، ٻري پيئڙو پاڻي، لنوائي ھليو وئين، لڙي ڇو نه آئين؟

رچيل روح ۾ تنھنجي ساھن جي خوشبو

کِڙي،. ماڪَ پي ڄڻ، اڱڻ ”رات راڻي، لنوائي ھليو وئي، لڙي ڇو نه آئين.

زھر ۾ به ايڏو زھر ڪونه ھوندو،

سَندءِ ۾ ويڻ جي وھهُ نه اڄ تئين اُجھاڻي، لنوائي ھليو وئين، لڙي ڇو نه آئين؟

جتان ڀي لنگھا ٿو، اٿن آڱريون ٿيون،

پرين پيت پنھنجي آ، پاڙي ھُلاڻي، لنوائي ھليو وئين، لڙي ڇو نه آئين؟

تنھنجي روپ جو رنڱ جھڙي اُفق آ،

جوانيءَ جي جوتي شفق جيئن سيباڻي، لنوائي ھليو وئين، لڙي ڇو نه آئين؟

نه ويندي وداءِ تو ڪئي خواب وانگي،

چوي جيئن نه جوڀن چڱو، موڪلاڻي! لنوائي ھليو وئين، لڙي ڇو نه آئين؟

وَسن نيڻ ٿا، نت چرئي مينھن وانگر،

ھيءَ سالن کان بردي جي عادت پراڻي، لنوائي ھليو وئين، لڙي ڇو نه آئين؟

 

انور هالائي

غزل

 

غم ھجران ۾ اڪثر پيار جا افسانا ياد آيا،

اوھان جا ناز ۽ انداز محبوبانا ياد آيا.

ٿيون دشت و بيابان ۾ جنون کي غلطيون حاصل،

اتي ڀٽڪيل اڪابر عاقل و فرزانا ياد آيا.

رکي پير مغان سان محتسب آھي نئين ياري،

جڏھن پنھنجا نه پنھنجا ٿيا، تڏھن بيگانا ياد آيا.

سندم سوچون نه ناقوس، جرس ٽوڙيون، نڪي ٻانگن،

مگر مستن جا ھر دم نعره مستانا ياد آيا.

شب مھجور ۾ ٻاريسون شمع، آرزو ليڪن،

”جڏھن قربان ٿيڻو پيو، تنهن پروانا ياد آيا

ڪجي ڪھڙو بيان برباديء دل جو سر محفل،

ڪڏھن خسخانه ياد آيا، ڪڏھن ويرانا ياد آيا

ڏسي برباد شھر آرزو، ماتم ڪرڻ چاھيم،

اجاڙيا ظالمن ڪئن در چمن ڪاشانا ياد آيا.

ستم جي حد ٿيندي آ، ھتي سھجي ته ڇا سَھجي،

سندم حساس دل کي درد بي تابان ياد آيا.

اسان موٽڻ مڙڻ ڄاتو ڪڏھن ڪونھي حياتيءَ ۾،

سر مقتل به دلبر جا ڪرم شڪرانا ياد آيا.

جڏھن واعظ جي مسجد ۾ ٻُڌم تقرير جوشيلي،

تڏھن رندن جا ھم صحبت ڪئين مولانا ياد آيا.

اسان قاتل جي خنجر جي رکي آ آبرو عزت،

لھو جي قطري قطري سان نوان نذرانا ياد آيا.

رکي آغوش ۾ سر، مُرڪ تنھنجي ڪئن به پي ورتم،

الا، ان مھل مستي ۾ لکين ميخانا ياد آيا.

جھڪي تنھنجي اڳيان دم، نھاريم نوري نيڻن ۾،

خدا جو سنھن ته مون کي مسٽڪن پيمانا ياد آيا.

جڏھن صحرا نوردي تنھنجي رائگان ٿي ويئي،

تڏھن چاڪ گريبان خسته رو ديوانا ياد آيا.

 

احمد خان آصف مصراڻي

غزل

 

ڪوچئه جانانءَ ۾  آيس اڄ مان دربادن کي ڏسي،

ڄڻ گھمي جنت منجھان آيو ھان رضوان کي ڏسي.

چَو پَچو حُورن ۾ پيئي حُسن جانان کي ڏسي،

دنگ رھجي ويون پريون پڻ شاھه خوبان کي ڏسي.

آھه مشڪل ھُن جي چھري ۾ چتائي ڪو ڏسي،

جوھهَ پائي ڪير سگھندو شمس تابان کي ڏسي.

سينڌ کي سھڻا! سنواريندين ته پوءِ ايندو سُڪون،

ٿيو پريشان جڳ سڄو زلفِ پريشان کي ڏسي.

ھر قدم تي پائبوسن جا ھجومن تي ھُجوم،

ڄڻ قيامت ٿي بنا رفتار جانان کي ڏسي.

جيئن جو ختم الانبيا آيو نبوت ختم ٿي،

سڀ صحيفا ٿي ويا منسوخ، قرآن کي ڏسي.

مون وڌايو دست خسته ھُن جي دامان کي ڏسي،

سائيه دامن ڪيائين پنھنجي ئي شان کي ڏسي.

غم نه ڪر آصف!  تون پنھنجي جرم و عصيان کي ڏسي،

رک مگر اُميد ڪافي، فضل يزدان کي ڏسي.

 

تاجل بيوس

*

منھنجي ننڊ ڦٽائڻ آئي آ،

تنھنجي ياد ستائڻ آئي آ.

منھنجي پرين جو روپ چورائي،

مون سان ڪيئن نڀائڻ آئي آ،

مون کي پنھنجو ساجن سمجھي،

مون سان دل وندرائڻ آئي آ.

روپ نگر جي راڻي بڻجي،

مون کان گيت لکائڻ آئي آ.

’بيوس ڄڻ ڪا مالھڻ آھي،

منھنجا گل چورائڻ آئي آ.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com