سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1984ع (2)

 

صفحو :7

 مقالا

غلام مصطفيٰ قاسمي

رسالو غلام محمد خانزئي جو

 

اڄ کان ويھه سال اڳ جي ڳالهه آھي ته مرحوم مغفور شمس العلماء عمر بن محمد دائود پوٽي جي ذاتي ڪتبخاني ۾ شاھه جي مختلف قلمي رسالن کي ڏسندي مولوي غلام محمد خانزئي جي رسالي تي به نظر پيئي. سُرن جي رٿا ۽ بيتن جي بيھڪ مان ھر ڏسندڙ کي اھو گمان ٿيندو، اهو به ڪو شاهه جي رسالي جو قلمي نسخو آهي جنهن کي غلام محمد خانزئي تيار ڪيو آهي، پر جڏھن اندران ڪي بيت پڙھي ڏٺم ته معلوم ٿيو ته اھو رسالو مولوي غلام محمد جو پنھنجو جوڙيل آھي، جنھن ۾ ڀٽائي صاحب جي پوئلڳيءَ ۾ انھن سرودن تي ڪلام چيو اٿس جن تي ڀٽائي صاحب ڪلام چيو آھي.

مولوي غلام محمد خانزئي، چوٽياريءَ واري بزرگ ميان عبدالحڪيم جو شاگرد آھي ۽ ان جو سندس استاد وانگر راشدي طريقت جي پير جھنڊي وارن جي شاخ سان لاڳاپو آھي. اھا معلومات اسان کي مولانا پير وھب الله صاحب العلم کان ملي. ھن وقت ساڳي نالي سان وڏي ميان عبدالحڪيم جي اولاد مان ميان عبدالحڪيم موجود آھي، جيڪو ڪيترن سالن کان ھجرت ڪري مديني منوره عربستان ۾ رھي ٿو ۽ ڪيترا ڀيرا ساڻن نواب نور احمد خان مرحوم جي بنگلي تي علمي ۽ ادبي ملاقاتون ٿيون آھن.

ھن رسالي بابت مرحوم ڊاڪٽر دائوپوٽي صاحب زباني طرح بھ مون کي ٻڌايو ھو ته اھو رسالو ۽ ڪجھه ٻيا رسالا جيڪي پڻ مولوي غلام محمد خانزئي جا جوڙيل آهن سي کين پير جھنڊي (درگاھ شريف) مان عاريت طور مليا ھئا. اھڙي خبر مولانا پير محب الله شاھه ، درگاھه شريف وارن پڻ مون سان ڪئي ھئي. تحقيق اھو مجموعو اھوئي آھي جنھن جي مرحوم ڊاڪٽر ڄاڻ ڪئي ھئي.

ھن رسالي جي سرورق تي گولائي جھڙن گلن جي وچ تي سُرن جي ھن طرح وچور آيل آھي:

ڪلياڻ                 بروء سنڌي             ھير             ڪيڏارو امامن جو

4                      165                    214           273

جمن           برو ھندي              پورب          ليلان

14             173                   218           281

سر راگ                سارنگ                        ڪاموڏ         ڏھر

29             180                   225           289

سامونڊي              آسا                    ڪاريھل               ڪاپائتي

38             190                   232           300

سھڻي                 سورٺ                  کاھوڙي                گاتو

53             199                   240           308

آبڙي           پرڀاتي                 رپ             رنون

69             208                   250           315

معذوري                                        رامڪلي               ماروئي

93                                     257           326

دھناسري               شينه ڪيڏارو          بسنت         ڍول مارئي

343           348                   354           360

ھيءُ رسالو فلسڪيپ سائيز جي پنن تي لکيل آھي ۽ ھن طرح ٿئي ٿو؛

شروع ڪلياڻ جو ٽري داستانا آھي. جملي بيت ٽيھٺ آھن

داستان پھرو ھن داستاني ۾ پنجويھه بيت آھن:

رب يسرو تمم بالخير

 

بسم الله

بيت (1) سو ساراھهِ سچو ڌڻي صاحب ربُ ستار

جوڙي جوڙ جھان جي، ھاديءَ رئي آڌار

لڪو آلو ھٿ ۾، نڪا ڪسيرت ڪار- نفي مان ائبات ڪري ساروٿي سيار پاڻھي اپڻھار، پاڙھورو پاڻ ڪري.

بيت (2) جامع سڀ جھان، ھو حقيقت ھيڪڙي، نڪو نالو نفعي جو نه اثباتي سبحان،

نڪو ڏوھه صواب ھو، نڪو غير گمان، شھودي جو شان نفئي معمورت مي.

بيت (3) نڪو انت عقل کي نڪا نھايت، نڪا ڪمي ڪَنزَ جي نڪا ڪفايت، ويلو ولايت، ھيڪڙائي ھيڪ ھو.

ھن کانپوءِ حضرت رسول ڪريم صه جي ھن طرح ثنا ۽ واکاڻ ڪري ٿو:

بيت (4): مبتدا محمد ھاشمي خبر مخلوقات، خيمون خلافت، افلاڪي طبقات، مصابيح مسيح جا نوري نجومات، يحي العظام عظيم تي باري جي بشرات، مٿي ته صلوات، پڙھو پڙھي پاڻ ڌڻي.

ٽي بيت ٻيا به حضور جن جي واکاڻ ۾ چوندي پوءِ ڪاريگر جي قدرت ۽ ڪم جو نقشو ڪھڙن مٺڙن ۽ سلوڻن ٻولن ۾ اُچاري ٿو:

بيت: ڪکين پني پڌرو، ڪاريگر جو ڪم، اصل ”ڪل“ ڪثرت جو پردو اه عدم،

سوئي سور اَلَم، سوئي صحت سُک جي.

بيت: ڪکين پني پڌرو ڪاريگر جو ڪار، ڪينا ڪري ڪيترا نمونا نروار،

پرکي پرکڻھار، رمي انھيءَ رَمزَ کي.

ڪکين پَني پڌرو جانب جو جمال، ڪاريگر جي ڪم ري، ڪچو ڪارَ ڪمال،

اي سڀوئي حال، پرکارن پڌرو.

بيتِ: پاڻ پروڙي پاڻ کي، پھجو منجھان پاڻ—سائي صورت سڪ جي سائي صورت ساڻُ،

سائي صورت ماپ جي، سائي ميو ماڻ—اھوئي اھڃاڻجھ واحد جي وصال جو،

ھن داستان ۾ پويون بيت ھيءَ آھي:

بيتِ: ھڪل ھاڪي ھيڪڙو سامع سڀيئي، وحدت جي وصال جي ٻڏي ويا ٻيئي،

تئين ۾ تيئي وڃائج وجود کي.

ھن کانپوءِ ھڪ وائي آندل آھي جا ھيءَ آھي:

عشق تيڏي مجنون، ڪيتا منون ماھي وي،

مئي گداگر در تيڏي، شان تيڏا ھي شاھي،

ڪيتا مينون ماھي وي.

ظاھر باطن ماھي ميڏا، ھي ته وسيلا واھي- - ڪيتا مينون ماھي وي،

سر عشاقين بيشڪ مارين—سخت صحي سرواھي، ڪيتا مينون—

تون شهنشاھ شاھي والا—مين تان غلام سپاھي—ڪيتا مينون.

ھن رسالي جو خط چٽو ۽ چڱيرو آھي. سائيز ويھه- ٽيھه ڀاڱي چار پڇاڙي ۾ ڪلمي کانپوءِ ھن طرح عبارت لکي وئي آھي:

پورو ٿيو رسالو مولوي غلام محمد جو تاريخ ستين مھيني صفر جي وقت صبح جو ڏينھن سومار جي سن تيره سؤ ٽي وره.

رسالي جو اختتام ھن بيت تي ٿئي ٿو:

ڊوليو ڊڪي کل ڏيئي وگا ويس-- من طلب شيشا جدوجد،

سوئي ستت ڏئيس، جيھو جتي ويس، تيھو تتي تنگي.

ھن کان پوءِ ھڪ وائي سنڌي  زبان ۾ آيل آھي، جنھن جي شروع جي مصراع ھي آھي؛

منھنجا عيب ڍڪيا سڀ ڍول، ڏيئي پاند پناھه جو.

مقطع ھن طرح آھي؛

غلام محمد ملڪ مان، ڏرت ويا ڏک ڏول- ڏيئي پاند پناھه جو.

رسالي کانپوءِ مصنف جون ڪافيون گڏ ڪيل آھن، جي منفرد حيثيت رکن ٿيون، ۽ انھن ۾ چڱو رس سمايل آھي. پڇاڙيءَ ۾ مصنف جو منھاج العاشقين فارسي رسالوقلمي آھي جنھن جو ترجمو سنڌي ۾ به پاڻ لکيو اٿن.

نوٽ: منھاج العاشقين فارسي رسالو آھي، جنھن ۾ مولوي غلام محمد خانزئي، شاھه جي رسالي جي سرودن جي معنوي رنگ وانگر اسرار بيان ٿيل آھي ھن فارسي رسالي جو سنڌي ترجمو به پاڻ لکيو اٿن. مرحوم ڊاڪٽر دائود پوٽي صاحب منھاج العاشقين فارسي جو سنڌي ۾ ترجمو ڪري ڇپايو آھي، ان جو ڇاپي نسخو مون وٽ به موجود آھي، پر سنڌي ترجمو پاڻ مؤلف مولوي غلام محمد خانزئي ڪيو آھي، جنھن تان ئي ان کي لکي صاف ڪري مرحوم ڊاڪٽر دائودپوٽي صاحب ڇپايو آھي ۽ عبادت کي سڌاريو آھي.

ھن مجموعي ۾ ھڪ رسالو خليفي محمود صاحب ڪڙئي وارن جو جوڙيل پڻ ٽن صفحن ۾ آندو ويو آھي. خليفي صاحب سان عقيدتمندي جو اظھار ھنن لقبن مان پڌرو ٿئي ٿو:

ھي رسالو غوث الحق قطب الزمان رسيده دوران زبدة المحققين امام المتقين سراج الولايت في دارڪ الڪرامت مقبول بارگاھه رب الودود سائين خليفي محمود صاحب ڪڙئي وارو رحمته الله عليھ جو.

بسم الله

اسم ساڻ الله جي سڀئي ٿوڪ ٿيا، آگو خالص ازل کان آجو انتھا

فعال لما يريد قادر قيد ڪيا، جيئي ڪيئي گھر ئي مون ڌڻي اصل اونھي آه

فيقول لھ کن فيکون، لٺ اڳيون انڌن لاءِ الخ.

آخر ۾ مولوي غلام محمد خانزئي جي تاليف ڪتاب مناصح المومنين مؤلف مولوي خانزئي صاحب جي پنھنجي ھٿ اکريل آيل آھي. مصنف جو خط نھايت عمدو آھي. ھيءُ پنجن ورقن ۾ لکيل آهي جنھن جي ابتدا ھن طرح آھي؛

اي غلام محمد شروع ڪر ھي ڪتاب، امر ٿيو تصنيف سنڌي جو شتاب

امر ڪيو مون کي ميان ڪارڻ ڪريم، سو ميان استاذ مون عبدالحڪيم

ملڪ ريگستان ناري جي ڪنار، شھر چوٽياري چُوان اي ھوشيارَ

لقب تھ ناري سندو ڪارو لکن، سو ٿيو استاذ منھجي جو وطن

ھن کانپوءِ ڏڻي سڳوري جي واکاڻ ڪئي وئي آھي ۽ سندس پياري پيغمبر جي وصف ڪئي وئي آھي. پوءِ ھلي پرھيزگاريءَ جو بيان ٿو ڪري. ڪتاب جو خاتمو ھن طرح ٿئي ٿو.

ٿيو خدا جي مھر سان پورو ڪتاب، سؤ صلواتون مصطفيٰ تي چئو شتاب

جيڪڏھن ھن سال ھجرت جو پڇين، سن تيرھن سؤ ورھه ٻيو ٿا لکن (سن 1302)

ھي مھينو ٿا لکن ساري صفر، ٿي جھين تاريخ معنيٰ مستر.

بس پورو ٿيو ڪتاب مناصح المومنين تاريخ پندرھن مھيني رمضان مبارڪ سن تيره سؤ ٽري مي سن 1303 ھٿان غلام محمد جوڙيندڙ جي بس. ان طرح ھيءُ مجموعو پورو ٿئي ٿو.

 

ڊاڪٽر غلام علي الانا

ڀنڀور جا آثار- سنڌي ٻولي ۽ سنڌي سماج جو مطالعو

 

ڀنڀور جي کنڊرن ۽ قديم آثارن پنھنجي سيني ۾ واديءِ سنڌ جي تھذيب ۽ تمدن، ثقافتي ۽ سماجي تاريخ جا دفتر سانڍي رکيا آھن. جيتوڻيڪ آثار قديم جي ماھرن طرفان ھنن آثارن کي ديبل بندر جا آثار ثابت ڪيو ويو آھي، پر اڃا به ڪي عالم ۽ سڄاڻ انھيءَ راھه کي غور طلب راءِ سمجھن ٿا ۽ انھيءَ راءِ کي قطعي ۽ آخري راءِ تسليم نٿا ڪن.

57- 1956ع ۾ پنھنجي پي- ايڇ- ڊي واري ٿيسز تي تحقيق جي سلسلي ۾ مون ٺٽي طرف واري ساري مونڊي ساحل جو سفر ڪيو ھو. اُن زماني ۾ ڀنڀور جي اڃا کوٽائي ڪانه ٿي ھئي، اھا سڄي ايراضي دڙن جي صورت ۾ ھئي. البت قلعي واري ديوار جا ڪي آثار نظر اچي رھيا ھئا. ان وقت  جنھن جھوني مرد مون کي اھي دڙا گھمايا ھئا، اُن جي چوڻ موجب ھنن آثارن کانسواءِ سمنڊ اندر ٻيا به ڪيترائي آثار موجود ھئا. ان مان رتو ڪوٽ، جاکي بندر ۽ دٻو، مون وٽيجي ۽ ٻوھارن وٽان کارين ذريعي، ھُڙن وسيلي وڃي گھمي ڏٺا ھئا ۽ سر زمين تان سڪا ۽ ٻيو به ڪجھه سامان ھٿ ڪيو ھو.

ڀنڀور جي کوٽائيءَ سنڌ جي قديم تاريخ جا اھم باب کوليا آھن. ھن کوٽائيءَ مان اھو ثابت ٿيو آھي ته ھت اسلامي دور کان به اڳ ڪيترن ئي خاندانن جي حڪومت رھي آھي. ھنن دڙن جي کوٽائيءَ مان اھو پڻ ثابت ٿيو آھي ته ھن شھر ۾ مسلمانن اٺين صديءَ کان وٺي رھڻ شروع ڪيو ھو ۽ سڀ کان اول جن مسلمانن ھت رھڻ شروع ڪيو ھو، سي عرب ھئا، جيڪي تيرھين صديءَ عيسويءَ تائين ھت رھيا. انھن حقيقتن جو ثبوت اُموي دور جا اھي سڪا آھن، جيڪي آرڪيالاجي کاتي جي ماھرن کي کوٽائيءَ مان ھٿ آيا ھئا.

پر حقيقت ھيءَ آھي ته ھي شھر مسلمانن جي سنڌ تي فتح کان به گھڻو اڳ آباد ھو. ان سلسلي ۾ جيڪي ثبوت مليا آھن، انھن ۾ اھم ثبوت ھڪ ته اھي سڪا آھن، جيڪي اسلامي دور کان اڳ جا آھن ۽ ٻيا اھي برتن آھن، جن تي ارڌنا  گري ۽ لاڙي يعني لوھاڻڪي رسم الخط ۾ ان وقت جي ٻوليءَ جا لکت ۾ نشان ۽ آثار ملن ٿا(1) [1]. ھتان جيڪي بُٽ لڌا ويا ھئا، تن مان ھڪ تي ھڪ عورت جي چھري جا سڀ نقش چڱي طرح اڀريل آھن ۽ ان جي مٿي تي خاص قسم جو لباس آھي. ان کانسواءِ ھڪ برتن تي ھڪ نچندڙ جوڙي ۽ سورج مکيءَ جون تصويرون پڻ اُڪريل آھن.

انھن کانسواءِ ھتان مليل ٿانون تي جاميٽريءَ جي ڊزائن جون شڪليتون، نقش، چٽ، گل، انساني ۽ حيواني جن ۽ دريائي پکي، مڇي، نانگ، مور، ھاٿي، ھرڻ ۽ ڪن گلن ٻوٽن جون شڪليون، جن ۾ سورج مکيءَ جو گل ۽ ڪنول جو گل، اُن کانسواءِ سج  اڀرڻ ۽ وغيره اُڪريل نظر اچن ٿا. ان کانسواءِ مٽي جا برتن، رانديڪا، جانورن ۽ انسانن جون مورتيون ھتي جي فن ۽ فنڪاريءَ جو ثبوت ڏين ٿيون.(1)[2]

ڀنڀور مان لڌل سامان نه فقط ھن شھر جي تھذيب ۽ تمدن جي تاريخ بيان ڪري ٿو پر ان سامان جي مطالعي جي مدد سان، وادي سنڌ جي تھذيب ۽ ثقافت جي تاريخ تي چڙھيل پڙدا ھٽي وڃن ٿا ۽ ائين ٿو معلوم ٿئي ته ھن تھذيب جي تاريخ، آمري، ڪوٽڏيجي، موھن جي دڙي کان ھلندي، مختلف تھذيبن جا اثر تسليم ڪندي، ماضيءَ ۽ حال جي وچ ۾ رابطو رکندي، ڀنڀور واريءَ تھذيب سان پنھنجا ناتا جوڙيندي، اڳتي سفر جاري رکندي ھلي رھي آھي.

آرڪيالاجي کاتي جي ماھرن کي ڀنڀور مان جيڪي ڳاڙھا برتن مليا آھن سي پنھنجي ڪھاڻي ٻڌائيندي چون ٿا ته اھي ٿانوَ ڪاري سمنڊ جي اتر ۽ اوڀر واريءَ قديم تھذيب سان واسطو رکن ٿا. انھيءَ تھذيب جو زمانو ھڪ صدي ق. م کان شروع ٿئي ٿو ۽ ھڪ صدي ق. م ۾ ختم ٿئي ٿو. ڪاري سمنڊ جي اتر ۽ اوڀر جي قديم رھاڪن کي ساڪ يا سٿيا سڏيو ويو آھي. ساڪ يا سٿيا قوم ھڪ صدي ق. م ڌاري قديم ايران کان ھت آئي.

ماھرن جو خيال آھي ته ھن واديءَ ۾ ھڪ صديءَ عيسوي ڌاري ”پارٿيا“  قوم جي ماڻھن، ساڪن (سٿين) جي جاءِ واري. ھن قوم ٻڌ ڌرم اختيار ڪيو ھو، پر سندن تھذيب يوناني ھئي. ڪاري سمنڊ جي اوڀر ۾ اتر جي انھن قديم قومن يعني سٿين ۽ پارٿين جي تھذيب ۽ ثقافت جو جيڪو سامان ڀنڀور مان لڌو آھي، تنھن والاري سنڌ جي ثقافت جي تاريخ ۾ ھڪ نئون ۽ اھم باب کوليو آھي.(2) [3]

پر ھن ڏس ۾ ڀنڀور جي کوٽائيءَ واري رپورٽ ۾ ڄاڻايل مواد کان اڳتي ڪابه تحقيق ڪانه ٿي اھي. خبر نه آھي ته اسان جي ماھرن ۽ مورخن ڀنڀور جي کوٽائيءَ واري رپورٽ کي آخري رپورٽ يا آخري تحقيق سمجھي ھن ڏس ۾ پنھنجو قلم ڇو رکي ڇڏيو آھي ۽ اڳتي سوچڻ لاءِ ويچار ڇو نه ڪيو آھي؟ ٿيڻ ته ھيئن کپندو ھو ته ڀنڀور واريءَ رپورٽ ۾ جن جن پھلوئن طرف ڊاڪٽر ايف. اي خان طرفان اشارا ڪيا ويا ھئا ۽ جن جن نقطن طرف ھن صاحب نشاندھي ڪئي ھئي، تن تي وڌيڪ سوچ ويچار، غور فڪر ۽ تحقيق ڪئي وڃي ھا. ھن ڏس ۾ آرڪيالاجيءَ جي ماھرن، فنون لطيفه جي ڄاڻن، فن تعميرات جي فاضلن، مختلف ھنرن تي ڄاڻ رکندڙن، رياضيدانن، علم الانسان (Anthropology) جي اڪابرن ۽ لسانيات جي شاگردن ۽ مورخن توڙي جاگرافيءَ جي استادن کي پنھنجن پنھنجن مضمونن جي لحاظ کان ھن ڏس ۾ سوچڻ گھرجي ۽ تحقيق ڪرڻ گھرجي.

ھن وقت تائين ڀنڀور جي کوٽائيءَ مان مليل مواد تي فقط ٻن نقطن جي لحاظ کان سوچيو ويو آھي ۽ ان سلسلي ۾ کوجنا ڪري نتيجا ڪڍيا ويا آھن. انھن مان ھڪ نقطو ھي آھي ته ھي آثار سنڌ جي قديم ۽ تاريخي شھر ديبل بندر جي ڦل شھر جا آثار ثابت ڪيو آھي. ٻيو نقطو ھي آھي ته ڀنڀور واري مسجد برصغير جي سڀ کان پھرين مسجد آھي، جيڪا ھن شھر جي فتح کانپوءِ فوراَ جوڙائي ويئي ھئي. ھن سلسلي ۾ ھن عمارت وٽان حاصل ٿيل پٿر تي اڪريل ڪتبا ھن دعويٰ لاءِ آخري دليل سمجھيا وڃن ٿا. اھڙيءَ طرح ھنن آثارن مان سنڌ ۽ اسلامي دؤر ۽ اسلام کان اڳ واري دور جا سڪا پڻ ھٿ آيا آھن، پر انھن تي به اڃا تائين ڪا تفصيلي تحقيق ڪانه ڪئي ويئي آھي.

منھنجي نظر ۾ مٿي ڄاڻايل ٻئي نقطا ڀنڀور واريءَ تھذيب لاءِ واقعي اھم نقطا آھن. ان ڳالھه کان ڪوبه انڪاري نه آھي ته جنھن جاءِ وٽان اھي ڪتبا لڌا ويا ھئا سا ڪا مسجد نه آھي. ڪنھن کي به اعتراض نه آھي ته ڪو ڀنڀور واريءَ تھذيب تي اسلامي تھذيب ۽ ثقافت جو اثر نمايان نه آھي. ڪوبه انڪار نٿو ڪري ته ھت عرب مسلمان اٺين صديءَ کان تيرھين صديءَ تائين آباد ھئا. سو الھي آھي ته آرڪيالاجي کاتي جي ماھرن، مورخن علم الانسان جي فاضلن ۽ علم السان جي شاگردن کي اھا ته چڱيءَ طرح ڄاڻ آھي ته ھن شھر جي آباد ھجڻ جا ثبوت سنڌ ۽ اسلام جي آمد کان ڪافي آڳاٽا، يعني ھڪ صدي ق. م ۾ ملن ٿا. ھتان لڌل سڪا، برتن ۽ ٻيو سامان اھڙي گواھي ڏئي ٿو. ھت ٻڌمت، ھندومت،  شو پنٿ ۽ انھن کان به اڳ جي انسانن جي آباد ھجڻ جا اھڃاڻ ملن ٿا. پر ماھرن ھنن آثارن جي کوٽائيءَ مان حاصل ٿيل مواد کي مختلف دورن ۾ ورھائڻ جي باوجود ۽ سڀني دورن کي اھميت ڏيڻ جي بدران فقط ھڪ دور کي وڌيڪ اھميت ڏيئي ان جي وڌيڪ اپٽار ڪئي ۽ وادي سنڌ جي تاريخ جي ٻين پھلوئن تي لکڻ ته پري رھيو پر انھن کي ڇُھڻ به مناسب نه سمجھيو. ھن ڏس ۾ ماھرن جي مراد فقط ھيءَ ھئي ته ھت عربن جي آمد ۽ عربي تھذيب جي اثرن جا اھڃاڻ ڳولي، ثابت ڪري، انھن جي نشاندھي ڪئي وڃي. ھن سلسلي ۾ ڊاڪٽر فضل احمد خان پنھنجي رپورٽ ۾ لکي ٿو:

”ڀنڀور جي کنڊرن تي ھن وقت جيڪا تحقيق ٿي رھي آھي، ان جو بنيادي مقصد آھي ھن بستيءَ جي آغاز ۽ اٺين صديءَ جي اوائل ۾ سنڌ ۾ آباد ٿيندڙ مسلمانن جي بود وباش جي طريقي ۽ ان دور جي تھذيب ۽ ثقافت جو پتو لڳائڻ“(1)  [4]

واديءَ سنڌ جي تھذيب ۽ تمدن سان محبت رکندڙ کي عربي دؤر جي تھذيب ۽ تمدن، سنڌ جي معاشري ۽ معاشرتي تاريخ تي ان (اسلامي) دور جي اثر ۽ ڇاپ لاءِ قدر ۽ احساس آھي، تھذيبون ھڪٻئي تي اثر ڪنديون آھن، اھا ھڪ مڃيل حقيقت آھي. سنڌي تھذيب تي عربي ۽ اسلامي تھذيب جي اثر کان سنڌ جو ڪوبه ماڻھو انڪار نٿو ڪري، پر ڀنڀور سان مليل سامان جي اڀياس مان ائين ظاھر ٿئي ٿو ته ھت ٻين تھذيبن جا به نشان ۽ اھڃاڻ ملن ٿا، جن تي اڃا تائين قلم نه کنيو ويو آھي.

ڊاڪٽر فضل احمد خان صاحب جي مٿي بيان ڪيل راءِ مان اھو بلڪل واضح آھي ته سندس سامھون فقط ھڪ مقصد ھو، ۽ اھو ھو اٺين صديءَ جي شروعات ۾ سنڌ ۾ آباد ٿيندڙ عربن جي رھڻي ڪھڻيءَ جي طريقي ۽ عربي دور جي تھذيب ۽ ثقافت جي باري ۾ کوجنا ڪرڻ، ڊاڪٽر صاحب جي راءِ مان اھو چٽيءَ طرح ظاھر آھي ته سندس دلچسپي ھن قديم شھر ۾ رھندڙ ٻين قومن يا تھذيبن سان ڪانه ھئي. انھيءَ سوچ جو نتيجو اھو نڪتو جو سواءِ مسٽر عبدالغفور مرحوم ۽ شيخ خورشيد حسن جي، آڪيالاجي کاتي جي ٻئي ڪنھن به ماھر ھنن آثارن جي حوالي سان اڳتي ڪابه کوجنا ڪانه ڪئي.

ڊاڪٽر فضل احمد خان صاحب جي نظريي ۽ راءِ جو ثبوت ھن حوالي سان به  ملي ٿو، جنھن ۾ ھو صاحب لکي ٿو:

”انھن کوٽاين مان ھتان نه صرف ھڪ وسيع ساحلي قلعبند شھر جا آثار مليا آھن، پر ھتان ان ابتدائي زماني جي ان تعمير ۽ ٻين لطيف فنن متعلق تمام گھڻيون شيون پڻ ھٿ آيون آھن. ھتان مٽيءَ جي برتنن جو جيڪو وڏي ۾ وڏو تعداد ھٿ آيو آھي، ان جي مدد سان محقق کي پھريون دفعو مسلمانن جي اوائلي دور جي برتنن جي مطالعي جو موقعو مليو آھي. اميد آھي ته ھي مطالعو وڌيڪ تحقيقات لاءِ بنيادي حيثيت رکندو. (2) [5]

ڊاڪٽر صاحب اڳتي ھلي لکي ٿو:

”پنجن ڇھن جڳھين تي جيڪا گھري کوٽائي ٿي آھي، ان جي مدد سان انھن دڙن جي ھر ته جي خبر پئجي سگھي آھي. انھن ھيٺين تھن کان مٿين تھن تائين ”ساڪ“

گھراڻي ايرانين (ساسانين)، ھندو ۽ ٻڌمت ۽ اسلام جي ابتدائي ٽن دور جا آثار معلوم ٿين ٿا، جيڪي پھرين صدي قبل مسيح کان وٺي تيرھين صدي عيوسيءَ تائين ھڪ ڊگھي زماني تي حاوي آھن (1) [6]

ھاڻ سوال ھي ٿو پيدا ٿئي ته سٿين ۽ پارٿين، ايرانين ۽ ٻڌ مت ۽ ھندو دؤر واري ھن قديم تھذيب متعلق اسان جا مورخ ۽ ماھر خاموش ڇو رھيا آھن. ڀنڀور واري تھذيب جي ملڪ ۾ پچار ڇو نه آھي؟ ڇا انھن دورن جا برتن، رانديڪا، روزانه زندگيءَ جو سامان، سڪا، ان قديم تھذيب ۽ ثقافت جي باري ۾ ڪجھه به نٿا بيان ڪن؟ اھو سامان پنھنجي دور جي معاشري ۽ معاشرتي زندگيءَ تي ڪابه روشني نٿو وجھي؟ جيڪڏھن انھيءَ سرمايي ۽ مواد جي مطالعي جي مدد سان اسانجي ملڪ جي قديم تاريخ، قديم تھذيب ۽ قديم ثقافت جي باري ۾ معلومات ملي ٿي ته پوءِ انھن جي باري ۾ اسان جا ماھر خاموش ڇو رھيا آھن ۽ انھيءَ دور کي اھميت ڇو نه ڏني اٿن؟

ڀنڀور جي کوٽائيءَ مان مليل سامان جي اڀياس مان ظاھر ٿئي ٿو ته ھن ۾ ڌار ڌار مذھبن جا ماڻھو رھندا ھئا. سڀ کان اھم نقطو ھي آھي ته ھتان مليل مواد تي جيڪي چٽ، گل، نقش، ڊزائنون ۽ جاندارن جون شڪليون وغيره آھن، انھن مان ھن تھذيب جي رھاڪن، ماڻھن جي روزانه زندگيءَ، زندگيءَ جي فلسفي، سوچ، فڪر، مذھب، فن، ھنرن، ڪاريگرين ۾ ذوق ۽ نفسيات جي خبر پوي ٿي.

ماھرن کي خبر آھي ته ڪنھن به ملڪ جي ٻولي ان ملڪ جي سماجي، ثقافتي تھذيب ۽ تمدني تاريخ جي آئينه دار ھوندي آھي، ڪنھن به قوم جي ٻوليءَ جي مطالعي مان ان قوم جي معاشي ۽ معاشرتي قدرن، سوچ ۽ فڪر جي ارتقا، تھذيبي ۽ تمدني تاريخ جي خبر پوندي آھي. ڀنڀور جي آثارن مان مليل مواد جو مطالعو ھت رھندڙ ماڻھن جي ذھني ارتقا، معاشي ۽ معاشرتي حيثيت، فن ۽ فنڪارانه قابليت، مذھب ۽ مذھبي اصولن وغيره جو املھه مواد سامھون آڻي ٿو، جنھن جي ڏسڻ سان علم الانسان جا ماھر ھتي جي ماڻھن کي وڏي قدر ۽ احترام جي نگاھن سان ڏسن ٿا.

ھن ڏس ۾ مٿي بيان ڪيل لفظن ۽ ھتي جي ماڻھن جي اخلاقي ۽ اقتصادي تاريخ متعلق گھڻي ۾ گھڻي ۽ مفيد معلومات انھن ٺڪرين جي ذريعي ملي ٿي جن تي ڪلڪ سان اُن زماني جي ٻوليءَ جا ڪجھه اکر لکيا ويا آھن، جن کي ڊاڪٽر خان Proto Nagari اکر ٿو سڏي (2). [7]

انھن ٺڪرين تي لکيل ھي لفظ ثابت ٿا ڪن ته ھن شھر جا ماڻھو نه فقط ھڪ پراڻي تھذيب ۽ ثقافت جا ڌڻي ھئا، پر ھو پنھنجي روزانه زندگيءَ ۽ وھنوار، اٿڻي ويھڻيءَ ۾ پنھنجي ٻولي ڪم آڻيندا ھئا، جيڪا ھو نه فقط ڳالھائي سگھندا ھئا ، پر اھا ٻولي باقاعدگيءَ سان لکي به سگھندا ھئا. انھن ٺڪرين تي لکيل اکرن مان ائين پڻ واضح ٿئي ٿو ته ھن شھر جا ماڻھو ھڪ کان وڌيڪ رسم الخط لکي سگھندا ھئا. ھن مان اھا به دعويٰ ڪري سگھجي ٿي ته ھت رھندڙ ڌار ڌار قومن جو ڌار ڌار رسم الخط ھوندو ھو، يعني لوھاڻا پنھنجو لوھاڻڪو يا لاڙي رسم الخط ڪم آڻيندا ھئا ته ٻيا ھندو ارڌناگري رسم الخط ڪم آڻيندا ھئا. اھڙي طرح ھت مانوشائو يا ملوالي رسم الخط پڻ رائج ھو.

        ٻوليءَ قومن جي زندگيءَ، ثقافت، تھذب ۽ تمدن جو آئينو آھي. سنڌي ٻولي سان دلچسپي رکندڙ دوستن کي اھا تڪ خبر آھي ته انھن ٽن ٺڪرين مان ھڪ جنھن تي لوھاڻڪي [8] يا لاڙي رسم الخط ۾ ڪجھھ اکر لکيل آھن، اُن ٺڪري واري لکت مون سال 1967ع ۾ پڙھي، نئين زندگي رسالي ۾ مضمون جي صورت ۾ ڇپائي ھئي. وري اُن تي ھڪ اڀياس ڪري، 1979ع ۾ پنھنجي ڪتاب ”سنڌي صورتخطي“ ۾ اُن جي باري ۾ تفصيلي بحث ڪيو ھئم. ان ٺڪريءَ تي لکيل اکرن جي پڙھڻ کانپوءِ مون جيڪي نتيجا ڪڍيا ھئا، انھن کي ھت دھرائڻ مناسب ٿو سمجھان. اھي نتيجا ھي آھن:

(الف) ”ڀنڀور واري لکت مان ھڪ يعني تصوير 10 واري لکت پڙجھي ويئي آھي؛ اُن لکت جي پڙھڻي آھي ”بجُر ھيدر“. پھرينءَ سٽ ۾ لکيل آھي ”بجُر“ ۽ ٻيءَ سٽ ۾ لکيل آھي ”ھيدر“ انھيءَ ٺڪريءَ توڙي ٻين ٺڪرين تي لکيل لفظ، سنڌ ۾ اسلام جي آمد کان اڳ جي زماني جي سنڌي ٻوليءَ جي لکيل صورت جي املھه نشاني آھن.

(ب) اسلام جي آمد کان اڳ سنڌي ٻولي ديسي رسم الخط ۾ لکي ويندي ھئي، جنھنجا ھڪ کان وڌيڪ رسم الخط ھئا، يعني ھر قوم کي پنھنجو پنھنجو رسم الخط ھو. ٻولي اھائي ساڳي يعني سنڌ ھئي، پر لوھاڻا ان کي پنھنجي نموني پيا لکندا ھئا ته ڀاٽيا پنھنجو رسم الخط پيا ڪم آڻيندا.

(ت) اھو به ثابت ٿو ٿئي ته سنڌي ٻولي واپاري ڏي- وٺ ۽ عام استعمال واري ٻولي ھئي. اُن ۾ نجوم، ھيئت، رياضي، طب ۽ ٻين علمن توڙي واپار، تجارت روزانه استعمال جي ٻين شين، مختلف قسمن جي ڪپڙن، دوائن وغيره لاءِ لثوي خزانو موجود ھو.

(ج) ”بجُر ھيدر“لفظ ويا ڪرڻ جي لحاظ کان توڙي نحوي نقطه نگاھه کان نھايت ئي دلچسپيءَ وارو آھي. ھن لفظ جي ڇنڊ ڇاڻ کان پوءِ چئي سگھجي ٿو ته اڄ کان چوڏھن سؤ سال اڳ به سنڌي ٻوليءَ جي صفتي فقرن جي ساخت ۽ سٽاءَ ساڳي ھئي.

ڀنڀور واريءَ لکت جي مطالعي کان پوءِ انھيءَ نتيجي تي پھچجي ٿو ته ھتي لوھاڻڪو يا لاڙي رسم الخط، ارڌناگري ۽ رسم الخط ۽ مالواري رسم الخط رائج ھئا، جنھن جو ثبوت عرب سياحن جا خط، ابن نديم ۽ البيرونيءَ جي بيان مان ملي ٿو. ھن سلسلي ۾ جا حظ (864ع) لکي ٿو:

”سنڌ (ھند) جي ماڻھن کي اسان نجوم ۽ حسابن ۾ گھڻو اڳتي ڏٺو، انھن جو ھڪ خاص سنڌي (ھندي) خط آھي...... (الخ) (1) “[9]

”سنڌ جي زبان ھندستان کان مختلف آھي. سنڌ اسلامي ملڪن سان قريب تر آھي. مھانگر يعني ولڀراءِ جي سلطنت جي تختگاھھ جي ٻولي کڙي آھي. ھيءَ انھي طرف ۽ پسگردائي جي زبان آھي، مگر ثقيل آھي. سامونڊي ساحل، چيمور، سوپاره ۽ ٺائي وغيره ساحلي شھرن جي زبان ”لاڙي“ آھي. (2)“ [10]

ساڳيءَ طرح بشاري مقدسي (تصنيف 985ع) لکي ٿو:

”ديبل ھڪ سامونڊي شھر آھي، ھن سان ھڪ سؤ ڳوٺ مليل آھن، ھتي جا رھاڪو زياده تر ھندو آھن. سمنڊ جو پاڻي طغيانيءَ جي وقت شھر جي ديوارن سان اچي لڳندو آھي. ھتي جا باشندا واپاري آھن. سنڌي ۽ عربي زبانون ڳالھائين ٿا“ [11]

اھڙيءَ طرح ابن نديم (995ع) جو رايو آھي:

سنڌ جي ماڻھن جون زبانون ۽ مذھب باھم مختلف آھن، ۽ رسم الخط متعدد آھن. ھن جا تقريبن ٻه سؤ رسم الخط آھن. سنڌ جي ماڻھن وٽ 9 رسم الخط رائج آھن.... الخ“ [12]

بلڪل ساڳيءَ طرح البيروني لکي ٿو:

”ڏکڻ سنڌ ۾ کاري واري خطي تائين، مالوشائو (Malwashau) نالي جيڪو رسم الخط ڪم ايندو آھي، اُن کي مالوالي به چئبو آھي. بھمنوا (منصوره) ۾ سئندو رسم الخط ڪم ايندو ھو. لاڙي خط لاڙ ديس ۾ ڪم ايندوھو. ارڌنا نگري رسم الخط ڀاٽيا ۽ سنڌ جي ڪن حصن ۾ لکيو ويندو ھو. “ [13]

عرب سياحن جا مٿي جيڪي رايا ڏنا ويا آھن، تن مان ظاھر ٿو ٿئي ته سنڌ ته سنڌ نه فقط ثقافت، وڻج واپار، علم ادب ۽ ٻين ڳالھين کي لکت ۾ ثبوت طور پيش ڪيو آھي، پر انھن سفرنامن مان سنڌي ٻوليءَ ۾ ان لاءِ ڪم ايندڙ لکيت ۽ انھن جي ڌار ڌار نمونن بابت به پتو پوي ٿو. جاحظ، ابن نديم ۽ البيرونيءَ جي احوالن مان ثابت ٿئي ٿو ته سنڌ ۾ اسلام جي آمد وقت سنڌي ٻولي نه فقط ڳالھائي ويندي ھئي، پر اھا روزمره جي استعمال واري ٻولي ھئي. ماڻھن جي خيالن جي اظھار جو ذريعو ھئي ۽ اھا ڌار ڌار رسم الخطن ۾ لکي به ويندي ھئي، ۽ اھو پڻ ثابت ٿو ٿئي ته ان وقت جي ٻولي ان وقت جي تھذب، ثقافت ۽ ان جي قدرن کي اجاگر ڪري ٿي.


[1] Khan F.A., Bhambhore, Karachi, Department of Archaeology, Govt of Pakistan IV Edition, 1976, P 15

[2] Khan F.A, (Ibid).

[3] Khan F.A. Op. Cit: PP II & 12

[4] Khan F.A., Bhambhore, Karachi, Deptt: of Archeology, Govt of Pakistan IV Edition, 1976, P 9

[5] Khan F.A. Op. cit, P.17

[8]  خواجه غلام علي الانا، ”سنڌي صورتخطي، حيدرآباد، سنڌي زبان پبليڪشن، ٽيون ڇاپو ، 1979ع، ص 22- 23

[9]  جاحظ: ”رسالھ فخر السودان علي البيضان، اردوترجمو، ”ھندوستان عربون کي نظر مين اعظم ڳڙھه، دارالمصنفين، 1960ع، ص 76

[10]  ابوالحسن مسعودي: ”مرج الذھب و معاون الجوھر اردو ترجمو، حوالو ڏنو ويو آھي، ص 288-289.

[11]  بشاري مقدسي: ”احسن التقاسيم في معرفته ايضا، ص 375-376.

[12]  ابن نديم؛ الفھرست، ايضا، جلد دوم، 1962ع ص 3-4

[13] Edward C- Sachau, Alberuni’s India, Kegan Pual Trench Tribner London 1910, P. 173

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com