اڪبر بادشاھه سن 949ھه (1542ع) ۾ عمرڪوٽ ۾ تولد ٿيو 13 سالن جي
عمر ۾ پيءُ جي وفات بعد مسند حڪومت تي ويھي
ھندستان جو بادشاھه ٿيو. 51 سال حڪومت ڪري سنه
1014 ھه (سن 1605) ۾ وفات ڪيائين. جيئن ته اڪبر
سنڌ جو به بادشاھه ھو ۽ ھي ڪڏھن ڪڏھن شاعري تي به
طبع آزمائي ڪندو ھو، تذڪرن ۾ اڪبر بادشاھه جو ذڪر
شعراء جي زمره ۾ ڪيو ويو آھي. مناسب آھي ته
تمھيداَ ھي مقالو سندس فڪر کان خالي نه رھي. صاحب
”رياض الشعراء“ کان منقول آھي ته عبدالله خان
اوزبڪ والئي توران کي ھڪ دفعي اڪبر بادشاھه حسب
زيل مستزاد ربائي چئي لکي موڪلي.
عمرم ھمه در فراق و ھجران بگذشت- بادرد والم
ابن عمر گرانمايه چه ارزان يگذشت- در رنج و ستم
عمر يک به شد صرف سمر قند وھري- باعيش وطرب
افسوس که در آگره ويران بگذشت- باعصه وغم
جھانگير، ابوفضل کي قتل ڪرائڻ بعد پيءُ کان پيو لڪندو وتندو ھو
۽ روبرو اچڻ کانپوءِ شرمائيندو ھو. اڪبر جي غم ۾
غصو گھٽ ٿيڻ ۽ شاھي طلبي تي حاضر ٿيڻ لاءِ نيڪ
ساعت جي تلاش ۾ ھو ۽ اھا پنھنجي ذاتي راءِ تحرير
ڪري موڪليائين.ا ڪبر بادشاھه سندس عرضي تي ھيءَ
اردو رباعي دستخط ڪري موڪلي.
پچهي جو گھڪي مجھه سي براه عادت- تو وصل کو ساعت کي نھيم کچھه
حاجت
ھو جاتي ھي ملني سي مبارڪ ساعت- ساعت کان بھانه نھين خوش ھو
ساعت
[1]
اڪبر جي وفات بعد سندس فرزند جھانگير سنه 1014ھه (1605ع) جي
بادشاھه ٿيو. 21 سال حڪومت ڪري، 58 سالن جي عمر ۾
سنه 1036 ھه (1626ع) ۾ وفات ڪيائين. جھانگير
بادشاھه به شاعر ھو. سندس ڪلام مان حسب ذيل غزل
ڏجي ٿو:
غزل
من چون کنم که تير غمت بر جگر رسد- تا چشم نا رسيده دگر بود گر
رسد
مستانه خرامي ومست تو عالمي – اسپندمي کنم که مبادا نظر رسد
در وصل دوست مستم و در ھجر بيقرار- داد از چنين غمي که سراسر
بسر رسد
مدھوش گشته ام که بپويم ره وصال- فرياد ازان رمان که مرا اين
خبر رسد
وقت نياز و عجز ”جھانگير“ ھر سحر
اميد آنک شعله نور و اثر رسد.
مھر النساءَ نورجھان) جي احوال ۽ سندس علم و وھنر ۽ خوش مذاقي
کان ڪير بي خبر آھي؟ ھوءَ نه فقط حسن ظاهر کان،
بلڪ حسن باطن کان به مالا مال ھئي. بخت کيس
مھرالنساءَ مان نور محل ۽ نور محل مان نورجھان
بڻائي، جھانگير جي پھلوءَ ۾ ويھاريو. جيڪڏھن ڪو
فريادي، بادشاھه وٽ فرياد لاءِ ايندو ھو ته
بادشاھه جواب ۾ چوندو ھو ته مون ته فقط شراب جي
ٻن پيالن ۽ ڪباب جي سيخ تي ساري سلطنت بيگم جي
حوالي ڪئي آھي، جيڪي چوڻو اٿو، وڃي ان کي چئو.
ازانسواءِ جيڪڏھن ڪو بادشاھه کان نورجھان دم ڀر
لاءِ جدا ٿيندي ھئي ته بادشاھه يڪدم بي چين ٿيندو
ھو. جيڪڏھن بادشاھه چند منٽن لاءِ دربار ۾ تمام
ضروري ڪم سبب اچي ويھندو ھو ته سندس پٺيان پردي جي
جڏھن نورجھان سندس پشت تي ھٿ رکي ويھندي ھئي، تڏھن
بادشاھه قرار سان اميرن وزيرن سان ڳالھائيندو ھو.
مطلب ته خلوت ۽ جلوت ۾ نورجھان جو جلوو ھو. جڏھن
جھانگير وفات ڪئي، تڏھن نورجھانداري جو ڏينھن بي
نور ٿي ويو. آخر رضا بقضا باقي عمر جا ڏينھن دلگير
ٿي لاھور ۾ ويھي ۽ 72 سالن جي عمر ۾ سنح 1055 ھه
(1645ع) ۾ وفات ڪيائين.
صاحب ”مراه الخيال“ کان منقول آھي ته نورجھان پنھنجي عھد جي سخن
گوئي، شعر فھمي ۽ حاضر جوابيءَ ۾ پنھنجو مثال پاڻ
ھئي. ھڪ دفعي غره شوال جو چنڊ ڏسي،جھانگير چيو ته
”ھلال عيد بر اوج فلسک ھويدا شد“.
نورجھان، جا سندس ڀرسان بيٺل ھئي، تنھن في الفور ثاني مصرع چئي
ته ”کليد ميکده گم گشته بود پيدا شد. “. روايت آھي
ته ھڪ دفعي نور نجھان رعفراني رنگ جي لباس ۾ ملوث
۽ زعفراني عطر سان ملبوس ھئي ته جھانگير کيس ڏسي
خوشيءَ مان يڪدم چئي ڏنو ته:
”ايست جانان بر گريبان تو رنگ زعفران زردي رنگ رخ من شد گريبان
گير تو. “
ان وقت بادشاھه کي جيڪو نفيس ريشمي پھراڻ پيل ھو، تنھن ۾ بي بھا
لعل جو تڪم لڳل ھو. نورجھان به يڪدم اُن ڏي اشارو
ڪري چيو ته:
”تراکه تکمه لڳل است بر لباس حربر شده است قطره خون منت گريبان
گير. “
خدا جي قدرت ايراني خوادي، اردو شاعريءَ جي ميدان ۾ ھندي راڻين
کي مات ڪري، سندن دستار جو طره ٿي. نورجھان پنھنجي
جذبات جو اظھار اردو ۾ ھينئن ڪيو آھي:
دين جگه زخم جفا کو دل صد چاک مين ھم
ديکھين گر کچھه بھي وفا اس بت بيباک مين ھم
نقش پا کي طرح اي راحت جان عاشق
تيري قدمون سي جدا ھوکي ملي خاک مين ھم
[2].
جھانگير جي وفات بعد سنه 1037 ھه (1627ع) ۾ شاھجھان 37 سالن جي
عمر ۾ مسند آرائي سلطنت ٿيو، 31 سال حڪومت ڪيائين
۽ 76 سال جي عمر ۾ سنه 1076 ھه (1665ع) ۾ وفات
ڪيائين. ھي شاعر نه ھو، پر ڪڏھن ڪڏھن گوشءِ تنھائي
۾ شعر چوندو ھو. جھڙوڪ مجوسي جي عالم ۽ پنھنجي پٽ
اورنگزيب کي خط ۾ لکيائين ته:
بابايء من بھادر من!
من چرا گريه کنم از سبب سستيء بخت- که بجرَ امر خدا برگ نھ
چنبدز درخت
سبحان الله، ديروز مالڪ نهُ لک سوار بود، امروز بيک کوزه آب
محتاجي!
افربن برھنود در ھرباب- مرده رامي دھند ھردم آب
اي پسر تو عجب مسلماني- زنده جان را باب ترساني.... الخ
شاھجھان کان پوءِ اورنگزيب جو فرزند شاھه عالم بھادر شاھه 25
سالن جي عمر ۾ سنه 1118ھه (1706ع) ۾ پيءُ جي مسند
تي ويٺو. پنج سال حڪومت ڪري، ستر سالن جي عمر ۾
سنه 1124ھه (1712ع) ۾ وفات ڪيائين. ڪن تذڪره نگارن
شاھه عالم بھادر شاھه جو ذڪر شاعر جي حيثيت سان
ڪيو آھي ۽ ڪي رباعيون سندس نالي سان منسوب آھن.
رباعي
اعليٰ تراز آني که علي خوانندت- والا ترا ازاني که ولي دانندت
برھستيءَ خود گواھه مي خواست خدا- بي مثل بيا فريد و بي مانند.
اوڻٽيھه سالن جي عمر ۾ فرخ سير سنه 1124ھه (1712) ۾ سرير آرائي
حڪومت ٿيو. ڇھه سال حڪومت ڪري، سنه 1131ھه (1718ع)
۾ وفات ڪيائين. ھي قرآن جو حافظ ھو. ”مراة آفتاب
نما“ ۾ ڪجھه اشعار آھن، جي ھن پنھنجي اسيريءَ جي
زماني ۾ چيا. ھن جي عھد ۾، بکر علائقي جي جتوئي
پرڳڻي ۾ ڳڙن مثل مصريءَ جون تڙون آسمان مان وسيون،
جي ماکيءَ کان مٺيون ھيون. انوقت مير عبدالجليل
بلگرامي بکر جي وقائع نگاري جي عھدي تي فائز ھو،
جنھن حسب ذيل رباعي چئي فرخ سير جي خدمت ۾موڪلي:
رباعي
فرخ سير آن شھنشه بابرڪات – چرخ از ادب او شده شيرين حرکات
در سندھه زيمن عھد عشرت مھدش- باريد سحاب ريزه قندو نبات.
محمد شاھه سترھن سالن جي عمر ۾ سنه 1131ھه (1718ع) جي بادشاھه
ٿيو ۽ 47 سالن جي عمر ۾ سنه 1161ھه (1747ع) ۾ وفات
ڪيائين. ھي به شاعر ھو. ”باره ماسه“ ۽ ”بگٽٽ“ ٻه
ڪھاڻيون، سندس تصنيفون آھن. محمد شاھه اردو شعر تي
تمع آزمائي ڪري پنھنجي علمي ذوق جو اظھار ڪيو آھي.
پيري مين نه کس طرح کرون سير جھان کي
دن ڊھلتي ھي ھوتا ھي تماشا گذري کا
-
کھول کر بند قبا دل کي تئين غارت کيا
کيا حصار قلب دلبر ني کھلي بندون کليا
-
خوف سي مار کي ياران اسي لرزا نه کرو
زلف کا نام نه لو اور پريشان نه کرو.
سنڌ ۾ مغل دور حڪومت سنه 1000ھه (92-1591ع) کان شروع ٿي ۽ سنه
1151ھ (39-1738ع) تي ختم ٿيو. ٺٽي ۾ مغل حڪومت جي
مدت تقريبن ھڪ سؤ ستيتاليھه سال آھي. ھي دؤر
صوبيداري کان شروع ٿي، آخري دؤر جي بادشاهه گردي
سببان اجاره داري تي ختم ٿيو. انھيءَ عرصي ۾
تقريبن 4 صوبيدار مغل حڪومت طرفان ٺٽي ۾ آيا جن
مان چند نيڪ فطرت ھئا، جن عوام جي فلاح ۽ بھبودي
لاءِ پاڻ پتوڙيو، بلڪ علم و ادب کي فروھ ڏنو ۽
انھن کان ڪيترا قادر الڪلام شاعر ھئا جن جي وسيلي
علمي ادبي محفلون جاري ۽ ساري ھيون.
ارغون، ترخان ۽ مغل نوابن جي عھد حڪومت جا سنڌ ۾ جيڪي به مشھور
شاعر ۽ صاحب ديوان ٿي گذريا آھن تن جا اسماءِ
گرامي ھي آھن. ميرزا شاھه بيگ ارغو، ميرزا شاھه
حسن، مخدوم ميران، ميرزا جاني بيگ، غروري ٺٽوي،
محمد منعم حسيني، مير معصوم نامي، ادارڪي بيگلاري،
ميرزا غازي بيگ، امير ابوالقاسم سلطان، محمد طاھر
نسياني، دانشور خان شھر تي، حاجي محمد رضائي، مير
ابوالمڪارم شھود، محمد باقر جوبا، ملا عبدالحڪيم
عطا، مھتا چندر ڀان عاجز، شيخ عبدالغني ٺٽوي، شيخ
محمد رضا، مير لطف علي ھمت، مير عبدالرزاق، رضي
الدين فدائي، سعيد قريشي وغيره.
يارھين صدي ھجريءَ ۾ سنڌ تان مغل حڪومت جو خاتمو ٿيو ۽ (عباسي)
ڪلھوڙا خاندان سنڌ جا حاڪم ٿيا، يعني محمد شاھه جي
مغل حڪومت کي جانڪني جي حالت ۾ڏسي سنه 1151ھه
(1738ع) جي سنڌ ۾ ميان نور محمد خان ڪلھوڙي، عنان
حڪومت پنھنجي ھٿ ۾ رکي. ميان يار محمد خان جي وفات
بعد ميان نور محمد خان کي اڳيئي مغل حڪومت کان
”خدا يار خانبهادر ثابت جنگ عباسي“ جو خطاب مليل
ھو.
ھن آستانه ۽ قدس امام علي موسيٰ الرضا جي روضئه منور تي سيد
جعفر محمد ڪشميري جو لکيل قرآن مجيد بطور نذرانه
جي موڪليائين جو اڃا تائين رضويه ميوزم مشھد
(ايران) ۾ موجود آھي.
نادر شاھه افشارسنڌ تي ڪاهه ڪري جڏھن واپس ويو تڏھن ميان نور
محمد خان جي فرزند ميان محمد مراد خان، ميان غلام
شاھه خان ۽ ميان عطر خان کي يرغمال ڪري پاڻ سان
ايران وٺي ويو. ميان غلام شاهه اصفھان (ايران) مان
شادي ڪئي جنھن مان ميان سرفراز خان پيدا ٿيو.
ڪلھوڙا حاڪمن مان فقط ميان سرفراز خان شاعر ھو.
سندس ”ديوان سرفراز“ موجود آھي، جو سمورو فارسي
ڪلام تي مشتمل آھي. ڪلھوڙا دؤر جي شروع ۾ علامه
محسن ٺٽوي ۽ آخري دؤر ۾ محقق مير علي شير قانع
جھڙا حيات جاويد ۽ فخر سنڌ شاعر ۽ مصنف ٿي گذريا
آھن. زير بحث دؤر ۾ شيخ محمد علي حزين ۽ ايران جو
مشھور مرثيه گو شاعر ميرزا آغا شيخا اصفھاني متخلص
به ”مقبل“ سنڌ ۾ آيا. بقول صاحب تحفته الڪرام،
ميرزا جعفر شيرازي تخلص ”راھب“ ۽ ”عاشق“ صفا ھاني
۽ ٻيا ڪيترائي شاعر ۽ سلطنتي ڪارندا ٺٽي ۾ آيا.
ساڳئي عھد ۾ ڪيترائي قابل تحسين ڪتاب تصنيف ٿيا.
علامه محسن ٺٽوي ديوان محسن ۽ محڪه ڪمال ۽ ٻيا
ڪيترائي منظوم ڪتاب تصنيف ڪيا. محقق علي شير قانع،
ڪتاب تحفته الڪرام ۽ مقالات الشعراٰءِ وغيره لکيا
جي اھم ترين علمي ادب جا شاھڪار آھن. مطلب ته
ڪلھوڙا دؤر پنھنجي اختصار ۽ آشوب جي باوجود سنڌ ۾
فارسي شاعري ۽ ادب کي وسيع ترقي ڏني ۽ ھن سنڌ جي
خاڪ پاڪ مان سوين بي بھا گوھر پيدا ٿيا، منجھائن
ڪن اجتھاد جي مسند وسائي، ڪن بادشاھن جي دربارن ۾
وڏا مرتبا حاصل ڪيا، ڪن شعرو شاعري ۾ ناموري حاصل
ڪئي. شيخ غلام محمد آخر تائين نادري دربار ۾
ڪلھوڙن پاران سفير ٿي رھيو. ڪلھوڙن جي دؤر ۾ جيڪي
مشھور معروف فارسي گو شعراء ٿي گذريا آھن سي آھن.
علامه محمد معين تسليم ٺٽوي، سيد نجم الدين بکري،
محمد محسن ٺٽوي، سيد مير جان الله رضوي، ميان علي
محمد ”علي“ ڪلھوڙو، مير عبدالرشيد حسيني، آخوند
فضل الله طپش، محمد پناه رجا، مير ابوالبقا بھرور،
شيخ محمد محفوظ سرخوش، شيخ قمرالدين عشرت، ميرزا
غلام علي مومن ٺٽوي، مير علي شير قانع ٺٽوي، حسين
بخش اظھر، مولانا غلام علي مداح ٺٽوي، ميان سرفراز
خان ڪلھوڙو، منشي شيوڪرام عطارد، ٿاريومل بينا.
تيرھين صدي ھجري ۾ ڪلھوڙا حاڪمن بعد (1196ھه- 1159ھ) ٽالپور
خاندان سنڌ جا حاڪم ٿيا، جن مان پھريون حاڪم ھڙبر
جنگ مير فتح علي خان ٽالپر ٿيو. ھي خاندان جيئن
ميدان رزم جي فن ۾ ماھر ھو تيئن ميدان سخن جي فن
کان به بخوبي واقف ھو. ٽالپر، سخن فھم ۽ سخن سنج
ھئا. ھي بذات خود پاڻ عالم فاضل ۽ شاعر ھئا.
ٽالپور عھد ۾ فارسي علم و ادب جو زرين دؤر ھو. سنڌ
جي تاريخ ۾ ڪنھن بھ حڪمران خاندان فارسي ادب ۾
اھڙي دلچسپي جو مظاھرو نه ڪيو جھڙو ٽالپر خاندان.
ھي خاندان سخي دريا دل ۾ فيض رسان ھو ھنن جي
دربارن ۾ ملڪي خواه غير ملڪي علماء، فضلا، شعراءَ
موجود ھئا، جن جي سندن شايان شان حقيقي عزت افزائي
ٿيندي ھئي مير فتح علي خان جي دربار ۾ ملڪ
الشعراءَ سيد عظيم الدين ٺٽوي، فخر سنڌ شاعر موجود
ھو، جنھن جا اشعار ايران ۽ ھندستان ۾ پڙھي اُتي جا
شعراء داد تحسين ڏيڻ کان رھي نه سگھندا ھئا. ھن،
ڪتاب ”منظلوم شاهه نامه سنڌ“ ۽ ”ديوان عظيم“
پنھنجا يادگار ڇڏيا. مير فتح علي خان، ميرزا محمد
علي ”رھي“ اصفھاني کي وڪيل ڪري ايران موڪليو ۽
ايران مان ميرزا محمد اسماعيل سفير سنڌ بنجي آيو.
مير فتح علي خان جي وفات بعد سنه 1217ھ (1802ع) ۾
مير غلام علي خان سنڌ جو حاڪم ٿيو. ٽالپور حڪمران
مان ھي پھريون حاڪم فارسي گو شاعر ٿي گذريو آھي،
ھنجي دربار ۾ به ملڪي خواه غير ملڪي عالم فاضل ۽
شاعر موجود ھئا، جن مان سيد عظيم الدين ٺٽوي،
”آخوند غلام حيدر ”حيدر“ ۽ آخوند احمد حيدرآبادي
مشھور ھئا. آخوند احمد، منظوم ”جنگ نامه“ فارسي ۾
تصنيف ڪيو، جنھن ۾ مير غلام علي خان ۽ مير ٺاري
خان جي وچ ۾ وھڻائن واري لڙائي وارو احوال تفصيل
سان بيان ڪيل آھي.
سنڌ جو مشھور مرثيه گو شاعر سيد ثابت علي شاھه، جنھن جو ڏاڏو
سيد نور محمد شاھه، جيڪو اصل ملتان جو ويٺل ھو سو
(سن 1128-1715ع) ۾ فرخ سير بادشاھه جي عھد ۾ اُن
جي گورنر نواب اعظم خان سان ٺٽي ۾ آيو ۽ بعد ۾
ھميشـﮧ لاءِ سيوھڻ ۾ مقيم ٿيو. سيد ثابت علي شاھه
(سن 1153ھه- 1740ع) جي ميان نور محمد خان جي عھد ۾
سيوھڻ ۾ تولد ٿيو. ھي ميان سرفراز خان جو ھم مڪتب
ھو، ثابت علي شاھ جي شاعري جو آغاز ميان غلام شاھه
خان جي دؤر ۾ ٿيو. ڪلھوڙن کانپوءِ، ٽالپر به شاھه
صاحب مرحوم جي ساڳي عزت افزائي ڪري کيس درٻار ۾
رکندا آيا، سن 1219ھه-1804ع ۾ کيس مير غلام علي
خان ٽالپر پنھنجو وڪيل ڪري قاچاريه (ايران) درٻار
ڏي موڪليو. سيد ثابت علي شاھه، فارسي کان سنڌي
زبان ۾ گھڻي تعداد ۾ ڪلام چيو آھي ۽ سندس سمورو
ڪلام علم عروض جي حدن اندر آھي، جو فقط فارسي،
سنڌي ۽ اردو ٻولين تي مشتمل آھي. ھن ڪڏھن به
سرائڪي يا پنجابي زبان ۾ ڪوبه ڪلام نه چيو آھي.
سندس ڪليات موجود آھي. ميان سرفراز خان جي عھد کان
۽ خاص طرح مير فتح علي خان جي حڪومت جي اوائلي دؤر
۾ سنڌي شعر ۾ گھڻي قدر ڦير گھير ٿيڻ لڳي. جيتوڻيڪ
درٻار ۾ سرڪاري لکپڙھون وغيره فارسي ۾ ٿينديون
ھيون، ليڪن ان زماني ۾ ساري سنڌ ۾ اھوئي واحد شاعر
ھو جنھن پنھنجي ذھني ڪمال سان عروضي وزنن تي سنڌي
شعر تي طبع آزمائي ڪئي. سيد ثابت علي شاھه مير
غلام علي خان جي عھد ۾ سن 1225ھه-1810ع جي سيوھڻ ۾
وفات ڪئي اُتيئي سندس مدفن ٿيو.
سن 1220-1805ع ۾ فتح علي شاھه قاچار پنھنجي سفير مرزا محمد
اسماعيل جي معرفت ٻين نادر تحفن ۽ پنھنجي تصوير
سان گڏ مرزا خسرو بيگ کي به سنڌ ڏي موڪليو، جنھن
جي ان وقت پندرھن سال عمر ھئي. مرزا صاحب مرحوم جو
حسن اخلاق ڏسي مير ڪرم علي خان کيس پنھنجو ربيب
ڪيو ۽ ٿوري ئي عرصي ۾ پنھنجي علمي ادبي لياقت سبب
وڏي عھدي تي پھتو. مرزا خسرو بيگ به شاعر ھو تخلص
”خسرو“ ڪيائين. مرزا خسرو بيگ ستر ورھين جي عمر ۾
سن 1277 ھه-1820ع جي حيدرآباد ۾ وفات ڪئي ۽
حيدرآباد ۾ ميرن جي قبن ڀرسان سندس مدفن ٿيو.
مير غلام علي خان به ڪيترن ئي ناياب ڪتابن جا نسخا ۽ مطلع قرآن
مجيد لکرايا. سندس وفات (سن 1227 ھه-1812ع) بعد
مير ڪرم علي خان مسند نشين ٿيو. ھي به شاعر ھو،
پنھنجو تخلص ”ڪرم“ ڪيائين. ھن جي عھد جا سيد غلام
علي ”مائل“، منشي صاحبراءِ (آزاد) ۽ مخدوم نور
محمد بوبڪائي قابل ذڪر شاعر آھن. مير ڪرم علي خان
۽ مير مراد علي خان قرآن مجيد جا حافظ ۽ صوم و
صلوات جا پابند ھئا. مير ڪرم علي خان جي وفات بعد
(سن 1244ھه 1828ع) ۾ مير مراد علي خان سنڌ جو
بادشاھه ٿيو. درحقيقت مير ڪرم علي خان ۽ مير مراد
علي خان جو دؤر حڪومت علم و ادب جو زرين دؤر ھو.
ھي ٻئي ڀائر سخن سنج سخن فھم ۽ صاحب علم و فضل
ھئا. عالمن دانشورن ۽ اديبن جي دل سان قدر افزائي
ڪندا ھئا. مير مراد علي خان به شاعر ھو. سندس تخلص
”علي“ ھو. مير مراد علي خان جي علم و ادب کان سيد
مير حسين الحسيني شيرازي متاثر ٿي تذڪره ”زبده
المعاصرين“ تاليف ڪري، مير مراد علي خان جي نام
نامي اسم گرامي سان معنون ڪيو. اڪثر ڏٺو ويو آھي
ته ادب ۽ تاريخ تي مير مراد علي خان تمام گھڻي
تعداد ۾ ڪتاب لکرايا آھن. ٽالپر خاندان مان پھريون
مير مراد علي خان ھو، جنھن سنڌ جي بادشاھه جي
حيثيت سان، مديني منور ڏي، جناب سرور ڪائنات
(صلعم)جن جي روضهءِ ۾ منور تي، بطور تحفي جي مطلا
قرآن موڪلي، سعادت حاصل ڪئي، جو اڃا تائين مديني ۾
ميوزم ۾ موجود آھي. ھي مير صاحب، علم حڪمت ۽ علم
وا دب سان گڏ سياسي بصيرت کان بخوبي واقف ھو. سندس
وفات سنه 1250ھه (1834ع) بعد سندس وڏو فرزند مير
نور محمد خان سنڌ جو بادشاھه ٿيو. ھي مير صاحب
شاعر هو ۽ اديبن دانشورن، شاعرن جو قدردان هو، هن
مير صاحب به پنھنجي طرفان مطلا قرآن مجيد حضرت
امام موسيٰ الرضا عليه السلام جي روضه (مشھد) تي
موڪليو، جتي رضويه ميوزم ۾ اڃا تائين موجود آھي.
ھن مير صاحب جي عھد ۾ انگريزي گماشتا سنڌ ۾ آيا
مگر مير نور محمد خان جي سياسي بصيرت انگريزن کي
اھڙو ته مات ڪيو جو جنگ يا عھدنامن ٽوڙڻ جو نالو
ئي نه ورتائون. کائونس بعد (سن 1255 ھه سن 1839ع)
۾ سندس ڀاءُ ۽ ٽالپر خاندان مان سنڌ جو آخري
بادشاھ مير محمد نصير خان ٿيو. ھي مير صاحب به
شاعر ھو ۽ تخلص ”جعفري“ ڪيائين. ھن جي درٻار ۾ به
ڪيترائي عالم فاضل شاعر موجود ھئا، جن مان آخوند
محمد بچل ”انور“ محمد يوسف منگواڻو، ميرزا طاھر
شيرازي ۽ سيد صابر علي ٺٽوي قابل تحسين شاعر ھئا.
سن 1843ع ۾ مياڻي جي ميدان ۾ انگريزن ساڻس لڙائي
ڪري چالاڪي سان سنڌ فتح ڪئي.
المختصر ڪلھوڙا ۽ ٽالپور ادوار ۾ سنڌ ۾ فارسي علم و ادب پنھنجي
اوج ڪمال تي پھتل ھو. سنڌي شاعرن، ايراني شعراءَ
سان ڪلھو ڪلهي ۾ ھڻي علم و ادب ۾ پنھنجو پلئه ڀاري
ڪري کين شه ڏئي ثابت ڪري ڏيکاريو ته سنڌي عالم۽
شاعر به فارسي علمي ادبي بصيرت ۾ پوئتي نه آھي.
ڪلھوڙن جا ايران سان اھڙا گھرا تعلقات نه ھئا جھڙا
ٽالپرن، جن جي تھذيب ۽ ثقافت کان متاثر ٿي فتح علي
شاھه قاچار مير مراد علي خان کي پنھنجي نياڻي جو
سڱ ڏيڻو ڪيو جنھن تي مير صاحب پنھنجي وڏي عمر ھئڻ
سبب انڪار ڪيو.
زير بحث ادوار ۾ علامه محسن ٺٽوي جيڪو پنهنجي دور جو سعدي ۽ سنڌ
هو، محقق، مير علي شير قانع، سيد عظيم الدين ٺٽوي،
مير غلام علي مائل ٺٽوي، سنڌ جا مايئه ناز شعراء
ھئا، جن تي جيترو به سنڌ فخر ڪري سو ٿورو آھي. ھنن
سنڌ جي علم و ادب کي اھڙو ته روشن ڪيو جو آئينده
ھر صدي ۾ ھنن جا اسماءَ گرامي آفتاب و ماھتاب
وانگر دائما ضياء پاشي پيا ڪندا. ٽالپرن جي دور
جا مشھور و معروف شعراءِ ھي آھن: سيد ثابت علي
شاھه سيوستاني، سيد عظيم الدين ٺٽوي، عبدالوھاب
”آشڪار“ مير غلام علي ”مائل“، مير ڪرم علي خان
”ڪرم“ مير مراد علي خان ”علي“، منشي صاحبراءِ
”آزاد“، نواب ولي محمد خان لغاري، آخوند محمد قاسم
ھالائي، ڀائي دلپت راءِ، ديوان بجيه سنگ، مير نصير
خان ”جعفري“ مير صوبدار خان ”مير“، محمد يوسف
خدمتگار، محمد عارف ”صنعت“، ميرزا خسرو بيگ، آخوند
ميان صاحبڏنو، آغا سيد زين العابدين شاھه، آغا سيد
ڪاظم شاھه ”سرخوش“ سيد مظھر طباطبائي، ميرزا آزاد
ڪشميري، مير ھوتڪ خان افغان، ميرزا مراد علي بيگ
”سائل“، مخدوم نور محمد بوبڪائي، سيد علي مشتاق،
عبدالمجيد جوکيو، منشي دوله رام، آخوند محمد بچل
”انور“، آخوند احمد، آخوند غلام حيدر ”حيدر“، نور
محمدجوھري سيوستاني، ملا محمد روشن حيدرآبادي،
ديوان ميٺا رام ”مسرور“ وغيره وغيره.
ھاڻي اسين پنھنجي اصل موضوع تي اچون ٿا يعني سنڌ جاجيڪي به
فارسي گو حڪمران شاعر ٿي گذريا آھن تن جو مختصر
احوال سندن ڪلام سميت حسب ذيل پيش ڪجي ٿو.
ڄام نظام الدين سمون
ڄام نظام الدين عرف ڄام نندو سمي گھراڻي مان سنڌ جو بادشاھه ھو.
ھن سن 866ھه کان سن 914ھه (سن 1416-158ع) تائين
سنڌ تي حڪومت ڪئي. ھي بادشاھه ديني دنيوي علومن
کان واقف ۽ صوم و صلوات جو پابند ۽ غريبن مسڪينن
جو رکپال سخي دريا دل ھو پڻ شان و شوڪت، جاھه و
جلال ۾ پنھنجو مثال پاڻ ھو. ھن جي عھد ۾ مدرسا ۽
خانقاھون آباد ھيون. ڄام نندي جي درٻار ۾ علماء
فضلا ۽ شعراء موجود ھئا. سرڪاري لکپڙھه بعد اڪثر
سمورو وقت علمائن جي صحبت ۾ بسر ڪندو ھو، ”صاحب
”ماثر رحيمي“ کان منقول آھي ته سموري ھندستان ۾ ھن
جھڙو پرھيزگار ۽ صاحب فضيلت ٻيو ڪو بادشاھه ناھي.
ڄام نظام الدين شاعر ھو. حسب ذيل رباعي مان سندس
دينداري نمايان ٿئي ٿي.
رباعي
اي آنکه ترا نظام الدين مي خوانند – تو مفتخري که مرا چنين مي
خوانند
گردر رح دين از تو خطائي رفته- شک نيست که ترا ڪافر لعين مي
خوانند
ميرزا شاھه بيگ ارغون
ميرزا شاھه بيگ عرف شاھه شجاع ابن ميرزا ذوالنون، سنڌ جو پھريون
ارغون حاڪم ھو. ھن ھڪ سال جو مختصر عرصو سنڌ تي
حڪومت ڪئي. ماھه محرم سن 927هه (سن 1520ع) جي ھي
سنڌ جي حاڪم جي حيثيت سان فتح جو نقارو وڄائيندو
اچي ٺٽي ۾ داخل ٿيو ۽ ماھه شعبان سن 928 ھه (سن
1521ع) جي وفات ڪيائين. ھي صاحب علم و فضل
فرمانروا ھو. حڪومت سان گڏ علم جي حصول خاطر عالمن
جي صحبت ۾ وقت صرف ڪندو ھو. ھي دائما عبادت ۽
اطاعت الاھي ۾ مشغول رھندو ھو. ھن پاڻ خود قرآن
مجيد جو تفسير لکيو. ازان سواءِ ڪافيه جي شرح،
حاشه شرح فرائض سيد شريف، حاشه شرح مطالع ۽ ٻين
ڪيترن رسالن تي ھن جا حاشا مشھور آھن. ميرزا شاھه
بيگ شاعر ھو، تخلص ”نفسي“ ڪيائين سندس ھڪ شعر ھن
ھيٺ پيش ڪجي ٿو.
بگسل و پيوند کن خود را به از خود رستئه- ميوه کز شاخ پيوندي
بود شيرين ترست
ميرزا شاھه حسن بيگ ارغون
ميرزا شاھه حسن بيگ ابن شاھه بيگ ارغون سن 928 ھه (سن 1521ع ۾
پيءُ جي وفات بعد نصرپور ۾ مسند نشين ٿيو. ھن 34
سال سنڌ تي حڪومت ڪري آخر رضا بقضا فالج جي بيماري
۾ مبتلا ٿي سن 962ھه (سن 1553ع) ۾ لاولد ٿي وفات
ڪيائين. ميرزا شاھه حسن بھادر سخي عالمن فاضلن ۽
شاعرن جو قدردان ھو. پاڻ شاعر ھو، سندس تخلص
”سپاھي“ ھو. وفات بعد سندس لاش ديار حبيب ۾ دفن
ٿيو.
غزل
تيغ تو تيز و سنانت تيز و مزگان تو تيز – بھر خون بيدلان گويا
تو داري اين ستيز
ياد گويا دوش ھمدم بود با آن زلف و خال- زانکه آمد صبحدم عنبر
فشان ومشک ويز
سير در گلزار حسنت پُر حذر اي سر و ناز – جلوه کن در عالم ھر
جانب افگن رستخيز
ساکنان نه فلڪ بودند در ھنگام صبح- ھم در افشان شد به ثابت ھم
براھت اشک ريز
اي ”سپاھي کو بدست افتد صراحي و مئي
بابتي در پاي گل بنشين و مئي در جام ريز
مرزا جاني بيگ ترخان
سن 993 ھه- 1585ع ۾ مزار محمد باقي وفات ڪئي. سندس پٽ مرزا
پاينده بيگ جنون جي مرض ۾ مبتلا ھو، تنھن ڪري
اميرن وزيرن صلاح ڪري مرزا محمد باقي جي پوٽي مرزا
جاني بيگ کي تخت تي ورھايو. ھي ترخان گھراڻي جو
آخري بادشاھه ھو. مرزا جاني بيگ نھايت عقلمند ۽
سخي ۽ فيض رسان بادشاھه ھو. ھن جي عھد ۾ اڪثر
رعايا سک چين سان گذاريو. بکر جي حڪومت ختم ٿيندي
ئي، اڪبر بادشاھه جون نظرون ٺٽي تي پوڻ لڳيون. سن
994ھ ۾ اڪبر جي حڪم سان بکر جي گورنر نواب محمد
صادق، مرزا جاني بيگ تي چڙھائي ڪئي. طرفين کان
لڙائي جاري رھندي اوچتو اڪبر بادشاھه جو، محمد
صادق کي حڪم پھتو ته لڙائي بند ڪر، جاني بيگ اسان
جي اطاعت ۽ فرمانبرداري تي تيار آھي. ان بعد محمد
صادق لڙائي بند ڪري بکر واپس ھليو ويو. پنجن سالن
بعد 999 ھه 1590ع ۾ جڏھن اڪبر بادشاھه لاھور ۾ ھو
ته وري اڪبر کي ٺٽي جي فتح ڪرڻ جو خيال پيدا ٿيو.
جنھن تي، ھن عبدالرحيم خان خانان کي مرزا جاني بيگ
جي مقابلي لاءِ مقرر ڪري موڪليو. بھرحال ٻنھي جي
وچ ۾ اُنڙپور ۾ گھمسان جي لڙائي لڳي. مرزا جاني
بيگ پنھنجو لشڪر پسپا ٿيندو ڏسي، صلح ڪري سيوھڻ جو
قلعو خان خانان جي حوالي ڪيو. جلدي خان خانان کي
اڪبر جو حڪم پھتو ته مرزا جاني بيگ کي پاڻ سان وٺي
دارالسلطنت (دھلي) ۾ پھچي. جڏھن جاني بيگ دھلي
پھتو تڏھن اڪبر کيس پنج ھزاري جي منصب سان نوازي
ٺٽي ۽ سيوھڻ جون جاگيرون به کيس عطا ڪيون. پر ان
سان اھو به حڪم ٿيو ته مرزا جاني بيگ، بادشاھه سان
ڪجھھ عرصو گڏ رھي. آخر سن 1009 ھه 1600ع جي
برھانپور ۾ مرزا جاني بيگ تي سرسام جو حملو ٿيو
جنھن سبب وفات ڪيائين سندس لاش ٺٽي ۾ آيو ۽ ڪوه
مڪلي تي مدفن ڪيو ويو. مرزا جاني بيگ شاعرھو سندس
تخلص ”حليمي“ حسب ذيل چند رباعيات پيش ڪجن ٿيون.
|