”نه ڙي ادا، ائين وري ڪيئن ٿيندو- اڃا ڪالهه ئي ته
آيو آھين ۽ اڄ ئي ٿو واپس- ٻه ڏينھن کن ترس- اُتي
وري ڪير اٿئي مانيون ڪري ڏيڻ واري، اھي لٽا به
لاھي ڏي ته ڌوئي ڏيانءِ. “
”نه ادي، مون کي اڄ ڪيئن به ڪري واپس وڃڻو آھي- من ڪٿان ڪم ٿي
به پوي. “
”چڱو ادا، جي ھروڀرو نٿو مڙين ته پوءِ ڀلا شام ڌاري ھليو
وڃانءِ، ويگنون ته ٻارھين تائين ٿيون وھن. ھونئن
نه جھليانءِ ھان، پر پاڙي ۾ ميراڻين جي ٻُڪي آھي.
نظير کي آءُ ورتيون وينديس پاڻ سان، ڪوثر اڪيلي
ڪيئن رھي سگھندي؟“
ڀيڻس ڪپڙا مٽائي، سينگار ميز جي سامنھن ويھي ڳھن واري پيتي
کولي، نه ڇرڪ نڪري ويس. سندس سوني مُنڊي گم ھئي.
ھن ميز جي خانن کان ويندي، لٽن جون بيگون ڇنڊي
خالي ڪري ڇڏيون. پر منڊي گم ھُئي، سا گم ئي رھي.
ھُن پريشان ٿي، ڌيءَ کي سڏيو ”ڪوثر، او ڪوثر! اڙي
ھيڏانھن ته اچ! ھتان منڊي ڪنھن کنئي آھي مون
واري؟“
”الائجي امان! مون کي ڪھڙي ڪل. “ ڪوثر حيرت ۾ ھراس وچان چيو.
”ٻاھران ته ڪوئي ڪو نه آيو ھو؟“
”نه امڙ، تون پاڻ نه ھئينءَ ڇا گھر ۾؟ ٻاھران ڪوئي به ڪونه آيو
آھي. ڪالھ مُرڪ آئي ھئي، سا به ٻاھران ئي موٽي وئي
آھي.
”پوءِ باقي ڪير کڻي ويو منڊي؟؟!“ اوچتو سندس ذھن ۾ ھڪ شڪ ڪر
موڙڻ لڳي ٿو- ’ٿي سگھي ٿو- ٿي سگھي ٿو وري ڇا جو-
پڪ منڊي آصف کنئي ھوندي. ھون! تڏھن وڃڻ لاءِ جلدي
جلدي پئي ڪيائين! مان به چوان ته اوچتو کاٽي ياد
پئجي ويس. ڪلھه پئي چيائين ته ادي، سڀني کان مايوس
ٿي تو وٽ آيو آھيان ۽ اڄ وري ڳالھيون ئي ٻيون!‛
پوءِ پئي هوءَ ڪمري ۾ ستل ڀاءُ مٿان بيھي رھي.
پھريائين سندس چھري ۾ گھورڻ لڳي- پوءِ لھجي کي نرم
بڻائيندي چيائين: ”ادا، ھڪ ڳالھه چوانءِ، پر جي دل
۾ نه ڪرين ته. “
”چئه ادي، دل ۾ ڪرڻ جي ڪھڙي ڳالھه آھي؟“ آصف سخت پريشانيءَ وچان
چيو.
“ادا، جي مُنڊي تو کنئي آھي ته خدا جي واسطي مون کي واري ڏي.
مان اوڙي پاڙي مان پني به تنھنجي فارم جي پورت
ڪنديس. ڌاريو ماڻھو آھي ادا، مون کي ڪٽي ڇڏيندو.
منھنجي عزت بچاءِ ڀاءُ، مان وڏي ڀيڻ آھيان ۽ ماءُ
جي جاءِ تي- ھي ڏس، ھٿ ٿي جوڙيانءِ! “
ھن اوچتي الزام کان ھو ڏڪي وڃي ٿو. سندس روح تي ھڪ زوردار ضرب
لڳي ٿي. ھو سوچي ٿو، ھيءَ ڪھڙي ڀيڻ آھي، جا ماءُ
ھئڻ جي دعويٰ ڪندي به کيس چور ڀانئڻ لڳي آھي. ھُو
سوچي ٿو، ان الزام کان ڪيئن پاڻ آجھو ڪري- ڪيئن
بدگمان ڀيڻ کي يقين ڏياري ته ھو ڀيڻ جي منڊي
چورائڻ کان ٻُڏي مرڻ کي وڌيڪ بھتر سمجھي ٿو. ھو
غريب سھي، ڪنگلو ۽ فلاش سھي، پر چور ھرگز ٿي نه ٿو
سگھي. ھو روح جي روڄ تي قابو پائي، وڏي مشڪل سان
چپ چوري ٿو ”پر ادي، تون سوچ ته سھي، آءُ تنھنجي
چوري ڪندس؟ “
”منھنجا ادا، مان توکي نه چور ٿي چوان، نه ڌاڙيل، مان ته رڳو
اھو ٿي چوانءِ، منھنجي عزت بچاءِ ۽ پاڻ تي به
بدناميءَ جو ٽڪو نه لاءِ. “
پر، ڀيڻ! آءٌ تو وٽ پنھنجا سور کڻي آيو ھئس، پر تو ته الزام جي
اوڙاھه ۾ اڇلي ڇڏيم. گھر ۾ڳولھه ڦولھه، ادي، مون
تي ايڏو وڏو ليُو نه لاءِ“.
ڀيڻس جو مٿس شڪ چوٽ چڙھي وڃي ٿو ۽ سندس سپاٽ چھري تي نفرت ۽
ڌڪار جا ڀاوَ اڃا به گھرا ٿيڻ لڳا.
ان صورت حال ۾ آصف ساڌ ھوندي به پاڻ کي چور محسوس ٿو ڪري، ڀيڻ
جي زھريلي لھجي کي محسوس ڪري سندس تن من پچرڻ لڳي
ٿو- ھو ھتي ھڪ پل به ترسڻ نٿو چاھي، پر ان
بدگمانيءَ واري ڪيفيت ۾ ھُو ڪيڏانھن وڃي به ته نٿي
سگھيو، پنھنجي بيوسيءَ کي محسوس ڪري اکين ۾ مڙي
آيل لڙڪ اکين ۾ ئي پي وڃي ٿو.
منجھند جو نظير اسڪول مان آيو، ته سڄي گھر کي چپ چاپ ڏسي حيران
ٿي ويو ۽ حيرانيءَ وچان ماءُ کان پڇيائين ”ڇا
ڳالھه آھي امي، سڀ خاموش ويٺا آھيون- خير ته
آھي؟!“
”خير وري ڪھڙو، چور گھڙي آيو ھو گھر ۾ ڳولي ڳولي منھنجي منڊي
چورائي ويو! “ ڀيڻس ڪاوڙ ۾ لوڪ لڄا جا سڀئي دائرا
اورانگھي وڃي ٿي.
”چور گھڙي آيو ھو؟! پڪڙايُوَس ڇو ڪونه، پوليس ڪٽ ڪڍيس ھا ته
پاڻھي ڏئي ھا منڊي: “ معصوم نظير جي ماءُ جي طنز
کي سمجھي نه سگھيو، پر آصف جي اندر جي ڪائنات ڌڏڻ
لڳي.
”ابا، اسان جي پوليس ته (ڇڪي ۾ رکيل قرآن ڏانهن ٻئي هٿ کڻي) اهي
جوان آهن جن جي هيٺان ويهي ڊانگي ملي اٿئين
پنهنبجهي منهن تي قرآن ڪرٽ آھن پٽ، ٻن سون جي
منڊيءَ مان ڪيترو کائيندو! “ آصف لفظن جي ان ڪرٽ ۾
چپ چاپ چيريو رھيو.
شام جو ڀيڻيوھنس آيو- سڀني جا چھرا لٿل ۽ زال جي چڙھيل چھرو ڏسي
حيرانيءَ وچان پڇيائين؛ خير ته آھي، سڀني جا چھرا
سڄيا پيا آھن؟“
”خيريت وري ڪھڙي صبح کان منھنجي منڊي گم آھي. ڳولي ڳولي ھڪ کان
ٻه گھر کڻي اڪيا اٿم. منڊي چئي ته منھنجو نانءَ ئي
نه کڻ! خبر ناھي، ڪھڙو سوڃھرو چور آھي آيو جنھن
رڳو منھنجي ئي منڊي ھٿ ڪري ورتي- منھنجو فيصلو
قرآن ڪندو. “ سندس مڙس ٽھڪ ڏيئي کلي پوي ٿو ته
ٽھڪن وچ ۾ ٽي آڱر پيل منڊي کيس ڏيکاريندي چوي ٿو؛
ڪنھن کي جي پٽين اڙي انڌي، منڊي ته صبح جو مان
پائي ويو ھوس، ھڪ دوست جي شادي ھئي. تون ننڊ پئي
ھئين ته، سوچيم ننڊ مان اٿاريندو سانس ته اجايو
چھڙون ڏيندين، ان ڪري توکي ٻڌائڻ بنان ھليو ويس. “
اھا اوچتي پڌرائي جوڻس تي پھار بڻجي ٽٽي پئي. پوءِ
ھوءَ شديد ڪاوڙ وچان مڙس تي ھارجي پئي. خدا جي ڪا
مار پوندءِ ماريا قھاري! مون کي اٿاريندي نانگ پئي
ڏنگيئي،مان وري ويچاري ادي کي چور بڻائي ويٺي ھئس.
الا! ڇاڇا تھ بڪي آھيان مان بدگماني ۾، ھن معصوم
جي دل تي ڪيڏي ته قيامت گذري ھوندي. ھو ته اڳيئي
پنھنجون مجبوريون کڻي آيو ھو مون وٽ، ۽ مون ڏائڻ
ھن کي چور سمجھيو! “
آصف جيڪو اندر ستل ھو- اھو سڀ ڪجھه ٻڍي چڪو ھو. سندس حال بيحد
ابتر ٿي ويئي. سندس اکين مان لڙڪ لارون ڪري روھي
رھيا ھئا. ھنجي دل چاھيو، ھو ڍنڍڪرون ڏئي پوي، يا
چرين وانگر جيان نڙيءَ ڦاڙ ٽھڪ ڏييئي کلي. پر ھن
ايئر ڪونه ڪيو. ھن پنھنجي تمام جذبن تي ضابطو
رکيو. روڄ روڪڻ ڪري ھن جي نڙي ڦاٽي رھي ھئي. ايتري
۾ ڀيڻس چرين وانگر اندر گھڙي آئي ۽ آصف جي منھن
تان سندس ٻانھن ھٽائي ڏٺائين، آصف جي ڳلن تي لڙي
آيل لڙڪ اگھندي چوڻ لڳي: ”ادا، مان بيحد شرمسار
آھيان. مون ذليل تو ڀائڙي تي شڪ ڪيو. منڊي ڪا ھو
سڙيو پائي ويو ھو، پنھنجي پيءَ جي شاديءَ تي. خدا
جي مار پويس، مون کي ٻڌائيندي ٻرو پئي چڙھيس نه-
ادا، ھي ڏس مان وڏي ڀيڻ، ماءُ جي جاءِ تي
آھيان.مونکي معاف ڪر ڀاءُ!ڏس مان ھٿ ٿي جوڙيانءِ!
“
آصف رت جي ھن نئين روپ تي حيرت زده رھجي ويو. ھن کي ائين لڳو ڄڻ
ھن آڏو ڪا وڏي گھاگھه اداڪاره اسٽيج تي بيھي، سوين
روپ ڏيکاري رھي ھجي. ھو چپ چاپ اٿي ۽ پنھنجا ڪتاب
کڻي ورانڊي ۾نڪري آيو. تنھن سمي ائين لڳو کيس ڄڻ
ھو گونگو ۽ ٻوڙو ٿي پيو ھجي. آصف کي ويندو ڏسي
ڀيڻس مڙس کي ليلائيندي چيو: اڙي نظير پيءُ تون نه
ٿو رڪين منھنجي ڀائڙي کي. اڙي ھيءَ ھليوويو ته وري
ڪونه ايندو. ڪڏھن به ڪونه! اٿ، خدا جي واسطي
روڪينس.
تڏھن مڙسنھس، کانئس پنھنجي ٻانھن ڇڏائيندي کيس کٽ تي ڌڪو ڏيندي
چيو: ”تون به پاڻ کي ڀيڻ ٿي ڀانئين، مان ته چوندس
تون عورت ناھي. ڪا ڏائڻ آھين! تو اھڙيون حرڪتون
ڪري ته جيئري ئي سڀ جدا ڪري ڇڏيا- ڀينرون ته ڀائرن
لاءِ اولاد به قربان ڪري ڇڏينديون آھن. تون ڪھڙي
ڀيڻ آھين. ھڪ خسيس منڊي جي ڪري پنھنجي جاني جگر
ڀاءُ کي چور چئي ويٺئين! “ ۽ پوءِ آصف کي ٻانھن
کان جھلي روڪيندي چيائين: ”آصف ڀاءُ تون ائين
ڏکيارو ٿي نه وڃ. ھيءَ ائين ئي ايندڙ ويندڙ کي
ڏاڙھيندي رھندي آھي. خدا منھنجي جان ڦاسائي ڇڏي
آھي ھن عذاب مان! “
آصف ڀيڻويي کي ڪجھه چوڻ بجاءِ ڀيڻس ڏانھن ڏسي چيو: ”منھنجي ڀيڻ!
شڪر آھي، جو تنھنجي سوني منڊي توکي ملي ويئي، نه
ته جيڪر منھنجو موت به مون کي بيگناھه ثابت نه ڪري
سگھي ھا. آءٌ ته سموري دنيا کان ڌڪارجي تو وٽ آيو
ھئس. صرف ان ڪري جو رت جي رشتي ۾ وڏو ويساھه ھئم-
پر ھاڻي خبر پئي ته رت جو رنگ ايڏو ڦيٽھڙو ٿي پيو
آھي، جو غرض جي ھڪ ئي سونٽي سندس رنگ روپ ئي وڃائي
ٿي ڇڏي. مون کي ھاڻي دولابن سان نه ڏتار ڀين! مون
کي منھنجي ٽُٽل ڀرم جا ڀور ميڙي وڃڻ ڏي. “
۽ ھو دروازو کولي ٻاھر نڪري آيو. ھاڻي ھن جا تيز تيز قدم ويگنن
جي اسٽينڊ ڏانھن وڌي رھيا ھئا.
ذڪريا
ولي رام ولڀ
ڊارلنگ
ھڪ عورت ۽ مرد ھڪ ڪمري ۾ ويٺا ھئا. در دريون سڀ بند ھئا، عورت
صوفي تي ويھي ٻليءَ کي ٺپري رھي ھئي. مراد آرام
ڪرسيءَ تي ويٺو ھو پاڻيءَ سان ڀريل جڳ ميزتي رکيو
ھو. مرد جي چھري تي ٿڪاوٽ جا آثار ظاھر ھئا. ٻلي
عورت جي گوڏن تي سوڙھي ٿيو سُتي پئي ھئي عورت جي
ھٿ جي چھاءَ تي ٻلي جو پڇ مٿي ٿي ڪنبي وري ھيٺ ٿي
ويو. عوت پنھنجا پير لوڏڻ شروع ڪيا ٿي ته ڳاڙھي
ساڙھي جي اندر ائين ٿي لُڏي جيئن ڪا ٽاري ھوا ۾
لڏندي آھي. مرد جي چھري تي پگھر جا ڦڙا صاف ظاھر
ھئا، اھي ضرور گرمي جي ڪري ھئا.
اوچتو در کليو ته خشڪ ھوا جي لھر پڻ اندر ھلي آئي. اھا گرمي!
ٻاريندڙ اُس ٻاھر گاھه کي ساڙي رھي ھئي ۽ واريءَ
کي چمڪائي رھي ھئي.
”ڪيڏي نه گرمي آھي!؟ “ عورت چيو.
مرد اٿيو ۽ دروازي ڏانھن وڃي دروازو چڱي طرح بند ڪري واپس اچي
آرام ڪرسيءَ تي ويٺو.
”ٽڪي ڊارلنگ“، عورت ڀڻڪي ”ٽڪي کي ننڊ اچي ويئي آھي، منھنجي
ٻلڙي؟“ ھوءَ ڪجھه جھڪي ۽ ٻليءَ کي چميائين.
مرد آرام ڪرسي تي ويھي عورت ۽ ٻلي کي ڏسي رھيو ھو.
”مون کي مخزن ته کڻي ڏي، پليز“ عورت چيو. ”مان اُٿي نٿي سگھان،
ٽڪي سمھي پيئي آھي. “
مرد اُٿيو ۽ رسالو کڻي عورت جي ھٿ ۾ ڏنائين. ٽيبل جي ڀرسان
ٽنگيل ساڙھي مان کيس سندس سڳنڌ آئي.
”رات جوڪيڏي نه ٿڌ آھي“، عورت چيو.
ھو اُتي ويھي بستري ڏانھن ڏسندو رھيو. عورت رسالي جا پنا اٿلائڻ
لڳي. ”ھن ۾ ته ڪجھه ناھي“، عورت چيو ۽ ٻليءَ کي
وري چمي ڏنائين. ٻلي جاڳي پئي نيريون اکيون مرد
ڏانھن بنا ڪنھن دلچسپيءَ جي نھارڻ لڳيون. مرد
ڏکيائي سان پنھنجو ڪنڌ ڦيريو ۽ ٻئي طرف نھاريندو
رھيو. عورت صوفي تان اٿي ۽ ٻليءَ کي صوفي تي
خبرداري سان سمھاريائين. پوءِ ھوءَ الماري ڏانھن
وڌي ۽ الماري کولي رومال ڪڍيائين.
جيئن ھو مُڙي، تيئن سندس کاٻو ھٿ ٽيبل کي لڳو. شيشي جو جڳ فرش
تي ڪري ڇيھون ڇيھون ٿي ويو. فرش تي وڇايل ڳاڙھي
فراش تي پاڻيءَ جو ڪارو اڻ وڻندڙ دُٻو ٺھي پيو. ھن
پنھنجي پيرن سان جڳ جي ڳچي کي ٽيبل جي ھيٺان ڌڪي
ڇڏيو ۽ ٻلي پنھنجي ٻانھن تي کنيائين.
مرد ڳاڙھي ساڙي ۾ ترندڙ جسم کي ويھي ڏسندو رھيو.
”اوھه، ٽڪي ضرور ڊني ھوندي. ٽڪي گرمي پڻ سھي نٿي سگھي. ٽڪي،
ڊارلنگ.... منھنجي ٻلڙي ڊني آھي؟ گرمي لڳي اٿيئي؟
ويچاري ٽڪي! “ ھن ھڪ ڀيرو وري ٻليءَ کي چميو ۽
پنھنجو نڪ ٻليءَ جي نڪ سان گسايائين. ”منھنجي
ٻلڙيءَ کي گرمي لڳي آھي. ھا نه؟ ھا نه.... “ ھوءَ
ٻليءَ کي ھر ھر چمڻ لڳي. پوءِ ھوءَ صوفا تي ويھي
رھي. ھن ٻليءَ کي پنھنجي ھنج ۾ وھاريو ۽ پنھنجي
رومال سان چڱي طرح ڍڪيائين.
مرد آرام ڪرسيءَ ۾ ٽيڪ ڏيو اکيون بند ڪري ڪنھن بُت وانگر ليٽيو
پيو ھو. سندس ھٿ ڪُرسي ۾ مضبوطيءَ سان ڦٻيل ھئا.
”اڄ شام جو شھر ھلنداسين“، عورت چيو. ھوءَ ھڪ ھٿ سان ٻليءَ جي
پٺي لساڙي رھي ھئي ۽ ٻئي ھٿ سان مخزن جا پنا
اٿلائي رھي ھئي. مرد جو چھرو پگھر سان تر ھو، عورت
ٻليءَ کي رومال سان چڱيءَ طرح ڍڪيو ويچاري گرمي نه
لڳيس.... “ ھوءَ مٿائنس جھڪي ۽ ٽي ڀيرا چميائينس .
مرد اکيون ٻوٽيون ڪُرسي ۾ پيو ھو، ڪنھن مئل ماڻھو
وانگر، سندس چھري تي ھڪ اھڙي ريکا لنگھي ويئي ڄڻ
اجھو سڏڪن ۾ ڇٽندو. ھو اٿيو، در کوليائين، ورانڊي
۾ گھڙي وري در بند ڪري ڇڏيائين.
اتي ھو وري ڪُرسي تي ويھي رھيو. سندس چوڌاري اونھاري جي گرمي
سمنڊ وانگي لھرون ھڻي رھي ھئي. ھو اُتي ويٺو رھيو
۽ پگھر ھاڻي چھري سان جھوٽا کائي رھيو ھو. عورت
پلنگ تي پٺي ڀر ليٽي ٽنگون ڊگھيري ڇت ڏانھن غور
سان نھاري رھي ھئي.
جڏھن گرمي ڪجھه جهڪي ٿي، ته مرد جاڳي پيو. عورت ڪمري کان ٻاھر
نڪري آئي. ٻلي سندس ٻانھن تي ويٺل ھئي. ”گرمي ختم
ٿي. ھاڻي رات جو ٿڌ پوندي،“ عورت چيو. ”سج لھي ويو
آھي. مان ڇٻر تي چھل قدمي ڪنديس“. ھن ٻليءَ کي
چمندي مرد کي چيو، ”کن لاءِ ٽڪيءَ کي ته کڻ. “
جيئن ھو ڪُرسيءَ تي ويٺو، تيئن سندس جسم جو سمورو رت سندس چھري
تي مڙي آيو. پوءِ ھواُٿي بيٺو ۽ پنھنجي سموري سگھه
سان ٻليءَ کي ٻاھر اھڙي زوم سان ڇٻر تي اڇلايائين
جو گلن جي ٻوٽن ۾ پيل پٿرن سان مٿو وڃي لڳس ۽ اُتي
ئي سانت ٿي ويئي.
ادب لطيف
غلام رباني
صبح ازل
ڏس ته توکي خط لکڻ لاءِ ڪھڙو ته بامعنيٰ ۽ خوشنما ليٽر پيڊ
چونڊيو اٿم ڪنھن ڏاھي چيو آھي:
خوشتر ان باشد که سر دلبران
گفت آيد در حديث ديگران
(چڱو ائين آھي ته دلبر جا راز
ٻين جي ڳالھين ٻولين ۾ بيان ٿين.)
سو، مون به مناسب سمجھيو ته توسان مخاطب ٿيڻ لاءِ، خط تي سڌو
سنئون تنھنجو نالو لکڻ بدران ڪنھن خوبصورت تشبيھ ۽
استعاري جي اوٽ وٺان. اھو خيال ڪري، جڏھن تنھنجي
مرڪندڙ منھن جو تصور ڪيم تڏھن موناليزا کان مارلين
سونرو تائين، دنيا جي دلربائن جا نالا دل جي دنيا
۾ تارن وانگر جھرمر ڪرڻ لڳا. انھن مڙني ۾ ھڪ نالو
مون کي وڌيڪ وڻيو: اھو ھو قرت العين- صبح ازل.
ايران ۾، جڏھن قاچاري خاندانجا بادشاھه حڪومت ڪندا ھئا، تڏھن
حسن ۽ عشق جي ھن سر زمين تي، ھڪ پيڪر ناز جلوه
افروز ٿي. سندس نالو ھو قرت العين طاھره. قرت
العين جي معنيٰ آھي اکين جو ٺار.
ايران جي شاعرن سندس سونھن جي ساراھه ۾ ڪيئي قصيدا جوڙيا، جن کي
ٻڌي وقت جو بادشاھھ، پرپٺ دل وڃائي ويٺو ۽ قرت
العين کي شاديءَ جو پيغام موڪليائين.
قرت العين جي سونھن رڳو گوريءَ رنگت ۽ خوبصورت منھن مھانڊي
تائين محدود ڪانه ھئي. ھوءَ بي انتھا حسين ھجڻ سان
گڏ، سخت احساس ۽ اعليٰ پايي جي شاعره ھئي. مجازي
صفتن کان ڪڏھوڪو پاڻ ڇڏائي، ذات مطلق ڏانھن متوجھه
ٿي چڪي ھئي ۽ قلندري طريقو اختيار ڪري، ميران
ٻائيءَ وانگر نگر نگر ڦري رھي ھئي.
جڏھن بادشاھه جو پيغام پھتس، ته خانه بدوشن واري زندگي کي ڇڏي،
منھنجيءَ محلات جي رونق ٿيڻ قبول ڪر، تڏھن جواب ۾
چوائي موڪليائينس. |