آئينه قيامت: 112 صفحن تي مشتمل ھن ڪتاب ۾ ڪوئٽه جي عظيم زلزلي
1935ع جي حشر سامانانين جي حقيقي تصوير پيش ڪيل
آھي. سنه 1355ھه ۾ ڇپيو. ھن ۾ آفات ۽ حادثات جو
ذڪر ڪندي نيڪ عملن جي ھدايت ڪئي ويئي آھي. ڪتاب
تاريخي دستاويز جي حيثيت رکي ٿو. منجھس ڪوئٽا
متعلق ڪافي ڪارگر تاريخي مواد ملي ٿو.
اصل الايمان: 16 صفحن تي مشتمل ھي ڪتابچو سنه 1355ھه ۾ ڇپيو.
منجھس اسلام جي پنجن رڪنن تي روشني وڌل آھي.
في الفراق: ،مولانا دين پوري رحه جو ھي علمي تحفو به سنه 1355ھه
۾ ميدان تي آيو. 32 صفحن تي مشتمل ھن ڪتاب ۾ غزل،
نعتيه ۽ حمديه شعر آھن.
ثبوت الحجاب: ھي ڪتاب ڪل 112 صفحن تي مشتمل سنه 1355ھه ۾ ڇپيو.
”پردو“ موضوع سخن آھي، جملي عنوان چاليھه اٿس، جن
۾ پردي متعلق قرآن پاڪ ۽ حديث جي روشني ۾ دلائل
ڏنل آھن، نثر ۾ عمدو علمي شاھڪار آھي.
رساله دينيات حصه اول: سنه 1355ھه ۾ ميدان تي آيو، نثر جي جملي
40 صفحن تي آھي منجھس اصول اسلام، طھارت، وضو،
نماز ۽ پردي متعلق ڪارگر معلومات ڏنل آھي نثر کي
شعرن ۽ بيتن سان مزين بنايو ويو آھي.
رساله دنيا حصو ٻيو: ھن ۾ اسلامي عقيدا ھڪ مقالي جي صورت ۾ بيان
ڪيا ويا آھن ڪُل صفحا 36 اٿس، سنه 1357ھه ۾ ڇپيو.
مثال حال: سنه 1341ھه ۾ ڇپيو. جملي 24 صفحن جي ھن ڪتابچي ۾ نثر
۽ نظم ذريعي ديني ڳالھيون بيان ٿيل آھن.
تحفة الامراء: جملي 56 صفحن جو ھي ڪتاب سنه 1343ھه ميدان تي
آيو، منجھس طبقه امراءَ کي خطاب ڪيو ويو آھي. نثر
۾ ھن ناصحانه ڪتاب ذريعي سرمائيدار طبقي کي قرآن ۽
حديث جي روشني ۾ سندن فرائض کان آگاھه ڪيو ويو
آھي.
الحق: ھي رسالا نما ڪتاب نظم ۾ آھي. سنه 1343ھه ۾ ڇپيل مولانا
صاحب جو ھي ڪتاب سندس گھر وارين اُم شريف ۽ اُم
حنيف علي الرغم ”مراد خاتون ۽ ھزار ناز“ جي نالي
سان آھي ڪارگر اخلاقي مواد فراھم ڪري ٿو.
دافع الوسواس: سنه 1342 ھه ۾ ڇپيل مولانا صاحب جي ھن ڪتاب م
شرعي احڪامات جي وضاحت ملي ٿي، جملي 56 صفحا اٿس.
ويل نامه: نظم ۾ مولانا صاحب جو ھي ڪتاب ڪُل 33 صفحن تي مشتمل
سنه 1345ھه ۾ ڇپيو. پنھنجي مشڪلات نما سر گذشته
زندگيءَ جو دلچسپ احوال اوريندي ان کي سفر زندگيءَ
سان مترادف ڪيو اٿس، لھٰذا نيڪ اعمال جي ھدايت ڪئي
ويئي آھي.
ھدايات قادريه: موالانا صاحب جو ھي ڪتاب سنه 1345ھه ۾ ڇپيو، 40
صفحن تي مشتمل آھي، جنھن ۾ حضرت غوث اعظم جي
ھدايات عام فھم زبان ۽ ۾ بيان ڪيو ويو آھي.
بچڙا: سن 1355ھه ۾ ڇپيل ھي ڪتاب جملي 72 صفحن تي آھي. امام
غزالي رح جي ھڪ رسالي جو ترجمو، ناصحان ڪتاب آھي.
براھوئي قاعدا: براھوئي بول چال جو ابتدائي قاعدو آحي، منجھس
عربي رسم الخط جا حروف تھجي استعمال ٿيل آھن، سنه
1352ھه ۾ شايع ٿيو.
تنبيه الغافلين: مولانا جو نظم ۾ ھي مجموعو سنه 1355ھه ۾ ڇپيو.
شاعرانه طرز سان اسلامي عقيدن جو خوبصورت ڪتاب
آھي، آخري صفحن تي ھڪ مضمون به ڏنو اٿس.
داستان ورنائي! ھڪ طويل نظم جي صورت ۾ مولانا صاحب جوانيءَ جي
غفلت شعارين تي عالمانه انداز ۾ موثر طريقي سان
روشني وڌي آھي، تاھم شب و شباب جو خوب مقابلو
ڏيکاريو اٿس. ھي ڪتاب سنه 1355ھه ۾ ڇپيو.
اشتھار حسرت اظھار: ھن ڪتابچي ۾مولانا صاحب رحه پنھنجي استاد
بزرگوار حضرت مولانا محمد فاصل درخاني جي وفات
حسرت آيات تي نظم جي صورت ۾ اظهار رنج و غم ڪيو
آھي، سنه 1355ھه ۾ ڇپيو.
جھالت بانو: ھي رساله نما ڪتاب جملي 34 صفحن تي مشتمل سنه
1357ھه ۾ ميدان تي آيو. جھل ۽ بي علميءَ کي تمثيلي
انداز سان زوج ابليس اقرار ڏئي کائنس خبردار رھڻ
جي تلقين ڪئي ويئي آھي. جھالت بانو پنھنجو تعارف
ڪرائڻ بعد ماڻھن کي گمراھه ڪرڻ جو مفصل داستان
بيان ڪري ٿي.
داستان ابليس: علامه دين پوري رح جو ھي ڪتاب سنه 1358ع ۾ ڇپيو.
جملي 64 صفحا اٿس. ھن ۾ ابليس ۽ ھڪ بزرگ جي طويل
گفتگو ۽ سوالن جوابن جي ڏي وٺ آھي.
ھدايات المستورات: سنه 1341 ھه ۾ ڇپيل جملي 32 صفحن تي آھي.
ڪتاب جا عنوان عورتن جي ديني مسئلن متعلق آھن.
پرده تي تفصيلي تذڪرو ملي ٿو. ناصحانه تحفو آھي.
شرح اصول: سنه 1345 ھه ۾ ڇپيل ھن ڪتاب متعلق چون ٿا ته ھي علامه
صاحب جي آخري تصنيف آھي، غلط سمجھڻ گھرجي، ڇاڪاڻ
ته مولانا صاحب تقريبا 1365 ھه ۾ وفات ڪئي ھئي.
ناممڪن آھي ته ايترو عرصو تصنيف تاليف کانسواءِ
خاموش رھيو ھجي. ڪن جو خيال آھي ته مولانا صاحب
1347ھه ۾ وفات ڪئي. ڪتاب جو مفھوم نالي مان ظاھر
آھي.
مجموعه ضبط: مولانا صاحب جي ھن علمي ڪتاب ۾ سڄي سال جي خطبات
جمع جو مجموعو ملي ٿو.
وبيص اللطيف في الذڪر حبيب صه: سنه 1352 ھه ۾ جوڙيل مولانا
صاحب جو ھي نسخو جملي 193 صفحن تي آتي، منجھس رسول
اڪرم صه جن جو اسوه حسنه تا وصال منظوم آھي.
ڪريما ۽ گلستان منظوم: مولانا صاحب جو ھي علمي تحفو مشھور
فارسي ڪتابن ڪريما ۽ گلستان جو منظلوم براھوئي
ترجمو آھي، مثنوي صورت اٿس. ھي ٻيئي ڪتاب ديني
مدرسن ۾ پڙھايا ويندا آھن.
مُلا آرانا: علامه دين پوري رحه جو ھي ڪتاب نثر ۾ اھي، منجھس
عام ديني مسئلا بيان ٿيل آھن جن سان روز مره جي
زندگي وابسته ٿئي ٿي. سنه 1929ع ۾ ڇپيل ھي فقھي
نوعيت جو ڪتاب جملي 140 صفحن تي مشتمل آھي.
(نوٽ: ياد رھي ته مولانا محمد عمر دين پوري رحه جا سمورا ڪتاب
وڏي سائيز ۾ ڊيمي يا رساله نما آھن. انھن مان صاف
ظاھر آھي ته براھوئي ادب ۾ تعميري، اخلاقي ۽ مذھبي
عنصر ڪيتري نه انداز ۾ سمايل آھي.)
مولانا عبدالمجيد چوتوي
پاڻ مولانا حاجي نبو جان جا فرزند ارجمند ھئا. ابتدائي تعليم
پنھنجي والد بزرگوار وٽ حاصل ڪئي ۽ پوءِ مختلف
مدرسن ۾ تحصيل علم لاءِ ويا، ليڪن علمي اڃ نه لٿي
آخر مدرس درخالي ۾ تشر فرما ٿيا. علمي ڪمن سان
گڏوگڏ تبليھ دين ۽ معاشرتي بھبود لاءِ به پاڻ
پتوڙيندا رھيا، مختلف موضوعن تي ڪتاب لکندا رھيا،
ليڪن کين شھرت عشقيه غزلن ۾ ملي. سندن شاعرانه
عظمت ۽ گرانقدر علمي صلاحيت جو اندازو شھره آفاق
ڪتاب ”مفرح القلوب“ مان لڳائي سگھجي ٿو. سنه 1326
ھه ۾ ڇپيو. منجھس جملي 570 غزل آھن جن کي رديف وار
ترتيب ڏنو ويو آھي. ڪٿي ڪٿي مناجات ۽ مولود شريف
به درج ٿيل اٿس. عشق ۽ سرمرستي جي اھا حالت درخاني
اسڪول جي ٻين شاعرن ۾ بلڪل گھٽ ھئي. شعر ۾ عشقيه
علامت باوجود شريعت جا مڪمل پابند نظر اچن ٿا.
قلندرانه ۽ صوفيانه طبع رکندڙ ھئا. ”غيرت اسلام“
سندن ٻي اھم تصنيف آھي، ان جي چوٿين اشاعت سنه
1377 ھه ۾ ميدان تي آئي، جملي 120 صفحا اٿس. ”جوش
حبيب“ به مولانا صاحب جي نعتيه غزلن جو مجموعو آھي
جنھن کي مولانا عبدالباقي درخاني شايع ڪرايو.
مولانا عبدالڪريم مينگل
مولانا عبدالڪريم مينگل غزل گو شاعر ھو. ايزدي عنايت سان کيس
تمام مٺڙو آواز عطا ٿيل ھو، پنھنجو ڪلام ترنم سان
ڳائيندا ھئا. سندن ڪلام نزاڪت فڪر ۽ قدرت خيال سان
ڀريل آھي. ساز عشق تي ڪجھه اھڙي طرح نغمه سرا ٿين
ٿا، جو حقيقت ۽ مجاز جو مفاصلو ختم ٿيو وڃي. سندن
غزلن جي ديوان ۾ ديوان شمس تبريز جو اثر غالب آھي،
جنھن مان معلوم ٿو ٿئي ته پنھنجي جام شاعري کي
ايران سان متعارف ڪرائيندي انداز تصوف مان پر ڪيو
آھي:
نصيحت نامه: سندس مصنف مولانا عبدالحڪيم ۽ مولانا محمد اشرف
آھن. سنه 1747 جو نسخو آھي. جملي 290 شعرن تي
مشتمل ھن ڪتاب ۾ صفحي 1 کان 28 تائين مولانا
عبدالحڪيم جا مذھبي ۽ ناصحانه شعر ملن ٿا، باقي
تصنيف مولانا محمد اشرف جي آھي.
عنايت النعت: سنه 1354ھه جو ھي نسخو مُلا گھرام ۽ مُلا روشن دين
جو آھي. جملي چاليھن صفحن جي ھن ڪتاب ۾ نعتيه غزل
۽ پندو نصيحت آميز شعر ملن ٿا.
شھادت شريف: مولانا محمد اسماعيل زگر مينگل جي ھي تصنيف شھيد
ڪربلا حضرت امام حسين رضه جي شھادت جو دردناڪ
داستان آھي.
جنگ محمد حنيف: مولانا محمد اسماعيل زگر مينگل صاحب جو ھي ڪتاب
80 صفحن تي مشتمل ڪنھن اردويا فارسي جنگ نامي جو
ترجمو معلوم ٿئي ٿو.
دلڪشاءَ عبدالله: سنه 1948ع جو ھي نسخو، صوفي عبدالله منگچر
(بلوچستان واري جو تيار ڪيل آھي. براھوئي قطعات،
نغت ۽ حمد و ثنا تي مشتمل ناصحانه ڪتاب آھي.
غزليات مراد علي
غزلن تي مشتمل سٺو ڪتاب آھي. مصنف جو پتو نالي مان ظاھر آھي.
براھوئي زبان، جنھن کي ذريعه تعليم جي لحاظ کان
پورو حق حاصل نه آھي، ان جي اھميت کي مد نظر رکندي
بلوچستان اندر سنه 1900ع واري زماني ۾ انگريز
حڪمرانن سندس سکيا کي لازمي قرار ڏنو ھو. سمورو
نصاب براھوئي نثر ۾ ھو. سول ۽ فوجي آفيسرن لاءِ
براھوئي ڄاڻ لازمي ھئي. سنه 1906ع ۾ ملٽري آفيسرن
لاءِ به ھن کي لازم قرار ڏنو ويو. پھريون نمبر
ايندڙ شخص کي ان زماني ۾ ڏيڍ سؤ رپيا انعام ڏنائون
ٿي. مسٽر ڊينس بري صاحب سنه 1938ع ۾ براھوئي لوڪ
ڪھاڻين جو مجموعو به ڇپائي برسر عام آندو.
جناب نور محمد پروانه صاحب ايڊيٽر براھوئي ھفت روزه ”ايلم“
مستونگ، سنه 1961ع ۾ ”براھوئي قاعده“ ڇپائي ميدان
تي آندو. مولانا محمد يعقوب شرودي صاحب جو ننڍڙو
ديني ڪتاب ”نماز“ سنه 1969ع ۾ براھوئي جو نامور
اديب محترم غلام محمد شاھواڻي صاحب جو ڪتاب ”بولي
جا“ 1968ع ۾ ڇپيو. ڊاڪٽر عبدالرحمان براھوئي
صاحب، براھويات متعلق 15- 20 ڪتاب لکيا آھن. ھفت
روزه نواءِ وطن، ماھوار بلوچي، معلم ۽ سرياب سه
ماھي ڪارڪن ۽ ھفت روزه ميثاق الحق ۾ گھڻو ئي
براھوئي ادب ڇپجي چڪو آھي. ماھوار ”اولس“ ڪوئٽ ۾
به سنه 1965ع کان براهوئي صفحا مخصوص آھن، جن ۾
ڪارگر مواد ڇپبو رھي ٿو. ڪوئٽ مان نڪرندڙ ڪاليج
مئگزينن ۾ به اھوئي ادب ڇپبو رھيو آھي. ماھوار
”احوال“ نج براھوئي رسالو ھو، ھينئر بند آھي،
سرڪاري اخراجات تي ھلندڙ ھو. ”اعتماد“ ۽ ”ميزان“
اخبارن ۾ به براھوئي نثر نظم شايع ٿيو آھي.
بلوچستان جي ريڊيو ۽ ٽيليوزن اسٽيشنن تي براھوئي
پروگرامن جو ڪافي حصو آھي. ھفت روزه ”ايلم“ اخبار
مطابق سنڌ ۾ ريڊيو ۽ ٽي وي تي براھوئي زبان لاءِ
مسئلو زير غور آھي، بلوچستان اندر به يونيورسٽي
تائين ھيءَ زبان تعليمي سھوليتن لاءِ تسليم ٿيل
آھي. ھتان جي شعبه سنڌي وانگر بلوچستان
يونيورسٽيءَ ۾ ھن لاءِ الڳ شعبو ۽ اڪيڊمڪ ادارا
اھن. جيئن ته ھيءَ قوم سنڌ اندر به لکن جي انداز ۾
آھي، ان ڪري بلوچي ۽ براھوئي زبانن جي گنجائش
متعلق ڪم ھلي ٿو.
مٿي براھوئي ادب جي تعارف متعلق جيڪي ڪجھ لکيو ويو آھي سو سمورو
قديم ۽ وچولي دور سان واسطو رکي ٿو. جديد براھوئي
ادب تي الڳ ڪتاب جي ضرورت آھي، ڇاڪاڻ ته ھزارن جي
تعداد ۾ ڪتاب لکجي چڪا آھن. سنڌ بلوچستان اندر
قائم ٿيل مختلف ادارا براھوئي زبان کي شاھوڪار
بنائڻ لاءِ اشاعتي ڪم ۾ مصروف آھن، انھن مان ڪجھ
وڌيڪ قابل ذڪر ادارن جا نالا ھيٺ ڏجن ٿا.
(1) براھوئي ادبي سوسائٽي جنھنجي سرپرستي ۾ محترم عبدالرزاق
”صابر“ سرپره (بروھي) جن ڪري رھيا آھن. ھيڊڪوارٽر
ڪوئٽ اٿس.
(2) براھوئي آرٽس اڪيڊمي ڪوئٽ سندس صدر جناب عبدالجبار ”يار“
صاحب آھي.
(3) براھوئي ادبي ثقافتي سنگت جيڪب آباد جنھن جو باني ۽ صدر
محترم داد محمد ”خادم“ بروھي صاحب آهي موصوف
گرانقدر ادبي خدمتون سرناجام ڏنيون آھن. براھوئي
سان گڏوگڏ سنڌي زبان جي خدمت ۾ به سرگرميءَ سان
مصروف عمل آھي.
(4) نامور شاعر ۽ اديب محترم جوھر بروھي صاحب جو علمي ادبي
ادارو براھوئي پبليڪيشن فريد آباد تعلقو ميھڙ ضلع
دادو.
(5) مير رحميداد خان مولائي شيدائي صاحب جي ياد ۾ قائم ڪيل ”بزم
مولائي شيدائي“جنھن جو قيام جناب حڪيم گلاب خان
”مھجور“ پندراڻي بروھي صاحب جي مرھون منت آھي ھيڊ
ڪوارٽر محمد پور اوڍو تحصيل ڳڙھي خيرو ضلع جيڪب
آباد اٿس.
(6) محترمي عبدالڪريم ”تراب“ لاڙڪاڻوي صاحب جو عليم ادارو
”انقلاب ادب“ به قابل تحسين آھي. حضرت تراب صاحب
جي پنھنجي آل پاڪستان براھوئي ايسوسيئيشن ذريعي ھن
قوم ۾ سٺي علمي رغبت پيدا ڪئي آھي. ھيءَ
ائسوسيئيشن قانوني طور رجسٽرڊ ۽ غير سياسي مقق
آھي.
حميد سنڌي
پاڙي ناھي پروڙ
باھه ڀنڀٽ، ھٿ حليمان جو، انُ ٽڙڪاٽ ڪندو ڦُلن جو روپ اختيار
ڪري اڏرڻ لڳو، ڦُلا ڦولاريا، حليمان جو ھٿ ھٽيو،
پرڻ سان ھن واري ڇاڻي ۽ ڇٻي ۾ وڌائين.
”ماسي! اھي ڦلا منھنجا آھن. “ ھڪ نينگر دانھن ڪئي.
”اھي منھنجا آھن ڪين“،
ماسي مُرڪي ٻنھي جا جھول ڀريا ۽ وري ھڪ ھٿ ۾ ڏنڊي کنيائين، جنھن
جي ھڪ منھن تي ڪپڙو ويڙھيل ھو، ٻئي ھٿ سان، ٻئي
ڇٻي مان تئيءَ تي اَنُ لپ وڌائين.. ڦلا ڦولاربا
رھيا ۽ حليمان ڇٻو ڀريندي، ڦلا ورھائيندي، ڪنھن
کان ان لپ ته ڪنھن کان روڪڙ وٺندي انھيءَ پورھئي ۾
پوري رھي. ماڻھن جو ميڙ گھٽو، ته تئه به ھٽيو.
ھوءَ سٽ ڏيئي اٿي، ٻسانگ سان ڪرڙ ڪانڊيرا ريڙھي
لنبيل تئي پويان ٺھيل چلھه ۾ وڌا ۽ ڀنڀٽ وري ڀڙڪو
کاڌو، ڇٻين ۾ نھاريندي ھُن پويان نظر ڪئي ته ھڪ
ٻار تي نظر پيس. اُھو ڦلن جي ڇٻي وٽ نئڙيو پيو ھو.
ھن اُتان ئي دانھن ڪئي:
”ڇورا! ڇٻي ۾ ھٿ نه وجھ. مان اچان پئي. “
ڇوڪري ڇرڪ ڀري ڏانھس نھارييو ۽ ڦلن جي لپ ڀري ڀڄڻ جي ڪوشش
ڪيائين. پر بت ۾ جوپ، وڏي ھڏ ڪاٺ واري حليمان جي
لُوھ ۽ ٻرانگھه اھڙي ھئي جو اچي ڳچيءَ کان
ورتائينس..اڙي ڪاڏي ٿو ڀڄين. ڪنھن جو ڇورو آھي؟“
ماسي بيٺلن ڏانھن تڪيو.
ٻن چئن ٻارڙن، ٻن چئن وڏڙن، ڪنڌ ڌوڻي سڃاڻپ کان انڪار ڪيو.
سامھون ئي گلو پڪوڙائي جو دڪان ھو. ماسيءَ رڙ ڪري
گلوءَ کان پڇيو:
”اڙي ادا گلو! آھي ڪو جو ھن چور ڇوڪري کي سڃاڻي“.
ماسي، خبر ناھي. چور آھي ته ڏينس ڪاٺ ۾.“ گلوءَ اُتان ئي پڪوڙن
کي تئي ۾ اٿلاڻي ڏيندي وراڻيو.ماسيءَ ھن کي ٿيلھو
ڏيئي، ھيٺ جھڪائي وھاريو ۽ ڏانھن تڪيائين، ڇوڪرو
ھيسيل ضرور ھو، پر ڊپ بنھه نھ پئي لکايائين. انگ
تي وڏو چولو ھئس ۽ ھيٺان ڪجھه به نه. ماسي جيئن
سندس ٻانھن ڇڏي ته ھُن يڪدم ڦلن ڀريل مٺ کڻي وات ۾
وڌي ۽ ھو تڪڙو تڪڙو ڦلا چٻاڙن لڳو. ماسي وائڙن
وانگر کيس تڪڻ لڳي. ماسيءَ الائجي ڇو مٿس قياس اچي
ويو. کيس ائين لڳو ته ھو بکايل آھي. ماسي يڪدم کيس
اٿاريو ڦلن لپ ڀري سندس جھولي ۾ وڌي.
”ڀڄي وڃ ڇورا، ھيڏي نه اچجانءِ. الائي ڪٿان جا ڇوڪرا، مائٽ ڄڻي
گھٽين ۾ کڻي اڇلايا آھن. ھاڻي بُک آ، جو گھٽين ۾
پئي واڪا ڪري. “ ھوءَ يڪدم پورھئي کي جنبي ويئي.
ھاڻي چڻن جو وارو ھو، تئيءَ ۾ چنا وجھي ٻه
اٿلاڻيون ڏنائين ۽ پوءِ پاڻيءَ جي تري سان اُنھن
کي ڏڏرڻ لڳي. گھڙيءَ ۾ چڻا ڀڳڙا بڻجي ماسيءَ جي
ڇٻي ۾ آيا ته خوشبوءَ چوڌاري واسوڪري ويئي. جيئن
ھو گراھڪن کي لپ لپ ڏيندي ڏوڪڙ وٺندي ويئي ته
اوچتو ھڪ ننڍڙو ھٿ سندس سامھون آيو. ھن ڪنڌ کڻي
مٿي نھاريو ته سندس سامھون اھوئي ننڍڙو نينگر بيٺو
ھو ۽ پوءِ ھن چولو مٿي ڪري خالي جھولي ڏانھس
ڦھلائي. ھيڏي سيءَ ۾ سندس انگ اگھاڙو ۽ نٻل ميرو
جسم ڏسي ماسيءَ کي وري قياس آيو ۽ چڻن جي لپ ڀري
سندس جھوليءَ ۾ وڌائين، پر يڪدم دانھن به ڪيائين؛
”اڙي ھيترا بيٺا آھيو، ٻڌايو نٿا ته ھي اوپرو نينگر ڪير آھي؟
ھيءَ بک اڄ ڪٿان ھن گھٽيءَ ۾ پئي رُلي. “
ڪنھن به ٻڙڪ نه ٻوليو. سندس منھن تي سڃاڻڻ وارا پار پتا پڌرا
ھيا. ھوڏانھن نينگر تڪڙو تڪڙو ڀڳڙا چٻاڙيندو اتان
ھٽي ويو. ماسي ڪنڌ ڌوڻي وري پورھئي سان لڳي ويئي.
اتي اوندھيڙي اچي ٿي ۽ ڪوبه گراھڪ نه بچيو. باھه
به اچي وسامڻ جي ڪئ ھئي ۽ ماسي ٽپڙ ميڙڻ شروع ڪيا
دستور موجب گلڻ پڪوڙائي ڏانھن منھن ڪري واڪو
ڪيائين:
”ادا گلڻ! ٻي آني جا سنھا ۽ ٻي آني جون ڪچوريون، ڏسجانءِ متان
سڀ مال کپائي نھ ڇڏين ۽ منھنجا ٻچا بک مارين“.
”ھا ماسي، تنھنجي حصي جا پڪوڙا قابو آھن، فڪر نه ڪر. مال مڻين
آھي، رڳو دل وڏي ڪر. تنھنجا ٻچا، سي منھنجا ٻچا. “
ماسيءَ مليل ان جون ننڍڙيون ھڙون ٻڌي ڇٻن ۾ رکيون. ڇٻي ۾ گڏ ٿيل
روڪڙ مان چار آنا مُٺ ۾ جھليا ۽ ڇٻا مٿي تي
رليائين. ھوءَ سڌي گلوءَ جي دڪان تي آئي، گلوءَ
کيس پڪوڙڻ جو پُڙوڏيئي کائنس کلي پڇيو:
”ماسي، ڪير ڇورو ھو، جو تنھنجي رڙ پئي پيئي؟“
”الائي ابا ڪير ڇوڪر ھو، جھڙي بک، مون ته ھن پاڙي ۾ ڪڏھن نھ
ڏٺو.
”ھوندو ڪو غريب جو ٻار، ماسي، بک به ته ملڪ ۾ڪاھي پيئي آھي. “
ماسي ڪنڌ ڌوڻي پُڙو کنيو، پر يڪدم دانھن ڪيائين:
ھيءَ ڇا گُلو! پڪُڙا ٿورا پيا لڳن. “
گلوءَ ٿڌو ساھه ڀريو؛ ”ماسي مھانگائي، ماسي، مھانگائي.ڏس ماسي!
ٻچن جو پيٽ توکي به پالڻو آھي ته مون کي به، مان
ڀلا ڇا ڪريان؟“
ماسي ماٺ ميٺ ۾ پڙو کنيو ۽ ويچارن ئي ويچارن ۾ه ڇٻا مٿي تي، پڙو
ھٿ ۾ لوڏيندي، گھٽيون لتاڙيندي، گھيڙ ٽپندي ھلندي
ھلي. اوچتو کيس لڳو ته ساڻس ڪير گڏ پيو ھلي. ھن
يڪدم بريڪ ھنيو ۽ اوندھه ۾ پٺيان نھاريو. کيس ڪجهه
نظر نه آيو. ھوءَ ھلڻ تي ھئي ته اوچتو سندس ھٿ کي
سٽ آئي ۽ ھن ڏٺو ته ڪير کائنس پُڙو کسي وٺي ڀڳو.
ھن چٽيءَ طرح سڃاتو ته اھو ئي نٻل اڌ اگھاڙو نينگر
ھو، جنھن جو چولو ھوا تي اڏامندو نظر آيس. ھو
ڏسندي ڏسندي سندس اکين آڏو غائب ٿي ويو. ھوءَ ڪا
گھڙي ته وائڙن وانگر انھيءَ پاسي تڪيندي رھي، پوءِ
جڏھن ھن کي ھوش آيو ته رڙين واڪن ۾ پئجي ويئي.
”بيھجان ڇورا! اڙي ڇورا! نڀاڳا! شل ٽنگون ڀڄندءِ، اڙي ڇورا! شل
...... “ ھوءَ اوندھه ۾ رڙيون ڪندي، اچي گھر بيڙي
ٿي، ٽپڙي کڻي در کي ڌڪو ڏيئي، اندر داخل ٿي. سندس
زبان جھل ئي نه ڏئي.
”ھي نما شام جو ڦُر...... ھيءِ ڌاڙو، ھيءَ ڪيس.... ھي قھر... “
اوچتو سندس زبان کي ٻنجو اچي ويو. سندس آڏو ھڪ ننڍڙو ھٿ وڌيو، ۽
پوءِ ھُن اڌ اگھاڙي ٻار جھولي پھلائي ھن کي پنھنجي
ننڍڙي بکايل ٻار کان مختلف نه پئي لڳو. ائين سندس
نظر پنھنجن ٻارن تي پيئي، جن مان ڪن جھولي جھليو،
ڪي ھٿڙا وڌايو، بيٺا ھئا ۽ سندس نظرون ڇٻي کي خالي
ھٿن کي تڪي رھيون ھيون. ھن کي ھاڻي ائين پئي لڳو
ته گھٽي ۾ رلندڙ بک سندس گھر ۾ ڪاھي پيئي آھي ۽
کيس تعجب ٿيو ته ھُن ايتري دير انھيءَ نينگر کي
ڇونه سڃاتو.
انيس انصاري
وڏي حويلي
”چاليھه ڏينھن مئي کي به ڌرتي جاءِ نه ڏيندي آھي. تون ته جيئرو
آھين. “ نواز مون کي آٿت ڏيندي چيو: ”نئون شھر آھي
۽ نوان ماڻھو. پھريائين ته کائڻ پيو ايندءِ، پر
جيئن جيئن وقت ويندو گذرندو تيئن تيئن لاڙڪانو
تنھنجي رڳ رڳ ۾ رچي ويندو ۽ پوءِ..... “
”۽ پوءِ؟“ مون لقمو ڏيندي نواز کان پڇيو.
”۽ پوءِ گھڻن وانگر تون لاڙڪاڻي ۾ گم ٿي ويندين! “
جڏھن گرميون آيون. اپريل ۾ ئي من منجھڻ لڳو. مئي ته جنسي ڪاڙھو
ھو. ۽ جڏھن انب پچڻ لڳا..... ۽ جڏھن ساريون پچڻ
لڳيون.....
ھيٺينءَ سنڌ جي رھاڪوءَ، جنھن سال ۾ گرمي رڳا ڪي ھفتا ڏٺي ھجي،
سو لاڙڪاڻي جي گرميءَ جي کوري ۾ پچندو پڃرندو ھجي
تنھن کي چاليھ ڏينھن ته ڇڏيو، چاليھه سال به ھي
شھر جيءَ ۾ جاءِ نه ڏيندو، ان ۾ گم ٿي وڃڻ ته رھيو
الڳ، پر ھڪ ڳالھ ھتان جي گرميءَ ۾ البت عجيب نظر
آئي، جا نه ڪراچيءَ ۾ محسوس ڪئي ھيم ۽ نه وري
حيدرآباد ۾. جڏھن بدن جو سارو عرق گرمي سبب نچوڙجي
جسم جي مسامن مان ٺينڊيون ڪري پاڻ سان غلاظتون
سميٽي وھي ويندو ھو، ته ھڪ طرح جي عافيت ۽ آرام جو
احساس ٿيندو ھو. اھڙو احساس جنھن جو بيان نٿو ڪري
سگھجي.
بنا بستر واڻ جي کٽ تي پاسا وائيندي پگھر ڳاڙيندي شام جو جڏھن
اٿيم ۽ غلسخاني ۾ ھئنڊ پمپ مان ٻه بالٽيون پاڻي
جون بدن تي وجھي لٽا پائي ٻاھر نڪتس ته پاڻ کي
اھڙو ھلڪو ڦلڪو محسوس ڪيم جھڙو گيس ڀريل ڦوڪڻو.
پير ئي نه پئي ڌرتيءَ تي ٽڪيا.
مون کي لاڙڪاڻي آئي ست مھينا ٿيا ھئا، ان دوران ٽي جڳھيون
مٽايون ھئم. ھندن جون ٺھيل جايون، کُڏن ۾ کُڏيون،
من پئي مونجھه ٿيو. اتي به نواز پھچي پيو. چيائين،
”عارف لاڙڪاڻي جون جايون اجھو اھي اٿئي. البت وڏي
حويلي ۾ رھين ته ٻي ڳالهه آھي. “
”پڇيومانس، “وڏي حويلي ڪٿي آھي؟“
کلي کڻي ماٺ ڪيائين. سوچيم وڏي حوالي متان ڪو مقامي محاورو ھجي.
ائين ته نه آھي ڊسٽرڪٽ جيل جو ڏس ڏنو ھجي. نواز
سان اھڙو رستو ته نه ھو منھن جو!
ھڪ ڏينھن ستار پنھنجي گھر جو ڏس ڏيندي ٻڌايو ته اھو وڏي حويليءَ
جي وٽ ۾ آھي. ستار سان ملڻ ويم ته ٻاھر کان وڏي
حويلي ڏٺم. ٻاھران ئي ٻانڀي ويم ته اندر ڇا ھوندي.
ستار ٻڌايو، ”اھا جاءِ سيٺ سھجرام کيمچنداڻي
ٺھرائي ھئي. وڏي آڪھيو ماڻھو ھو. پٽ ۽ پوٽا، ڌيئر
۽ ڏھٽا ڪول ڪيون ويٺون ھو. جاءِ به سڪ مان
ٺھارائين پر ويٺو رڳو اڍائي سال. ورھاڱو ٿيو ته
جاءِ کي ٻاھران ڪلف ھڻي ڀارت ھليو ويو. پاڙي اوڙي
وارن کان پيو گھر ۽ شھر جو حال پڇندو ھو. بابي
مرحوم سان ھئس ياري، پر آھستي آھستي خط ۾ وئي وٿي
پوندي. آخر بند ٿي ويا.
چُنو ولد مُنو کي جاءِ ملي ڪليم ۾. ڪليم به الائي گھڻي جو ھو.
سچو الائي ڪوڙو. خبر خدا کي. ڍئجي پيو. جاءِ ته
پنھنجي جاءِ تي پر جيڪا ان مان مَڏي مليس تنھن ته
اڏي ڇڏيس. ڇا مليس؟ باسي ئي نٿو. ھاڻي ھو وڏي
حويليءَ جومالڪ بڻيو ويٺو آھي. آھي به اڪيلو سر،
جاءِ ئي نٿو ڇڏي. ڏوڪڙ به جھجھا ٿا ملنس. خيال اٿس
ته شايد اندر ڪو خزانو پوريل آھي. “
اتفاقاَ ٻي آچر تي چنو ولد منو سان گھاڙ واھه تي اوچتي ملاقات
ٿي. انھين ڏينھن جمعي جي بجاءِ آچر تي موڪل ملندي
ھئي. تازي پاس ڪڍائي ھڍم مڇيءَ جي شڪار جي. فائبر
گلاس جي ڇڙي کڻي موڪلن ۾ وڃي ويھندو ھوس گھاڙ واھه
جي ڪناري تي. ڪڏھن ٻه ته ڪڏھن ٽي ڏنڀرا ملي پوندا
ھئا. پاڻ به کائيندو ھئم ۽ پاڙي وارن کي به
پڄائيندو ھئم.
اھڙي آچر تي ھڪ مختصر ماڻھو اچي منھنجي ۾ ڀر۾ ويٺو.ڪڏھين مون
واري ڇڙيءَ کي پئي ڏٺائين، ڪڏھين ان ۾ لڳل چمڪندڙ
پتل جي چرخيءَ کي ۽ وري ڪڏھين سندس اکيون وڃي پي
کتيون رنگا رنگي فلوٽ ۾، جو پاڻيءَ جي لھرين تي
پئي ھيٺ مٿي ٿيو. ھن جي ويھڻ جي انداز ۽ ڏسڻ جي
نموني مان محسوس ڪيم ته يار به مون وانگر خبطي ھو.
ايتري ۾ فلوٽ پاڻيءَ ۾ ھيٺ مٿي ٿيڻ لڳو. منھنجو
سمورو توجه وڃي ان ۾ کتو. فلوٽ مُني حصي کان مٿي
پاڻيءِءَ ۾ گم ٿي چڪو ھو ۽ اڃا به اندر ڇڪجيو پئي
ويو. سٽ ڏنم. ائين محسوس ٿيو ته ڪنڊي وڃي ڪنهن پٿر
۾ اٽڪي، ھڪ وڏو ھنداڻي جي سنگ جھڙو ڳاڙحو ڏنڀرو
پاڻيءَ مان چار فوٽ کن مٿي اڇلي چڀ ڪري وڃي پاڻي ۾
ڪريو. چرخي زر زر ڪري کُلڻ لڳي. پلاسٽڪ جي مضبوط
ڏور کلڻ لڳي، ڏھه فوٽ، پندرھن فوٽ، ويھه فوٽ، باقي
وڃي ڏھاڪوفوٽ ڏور چرخي تي رھي هئي ته مڃي جي رفتار
۾ ڪجھه ڪمي آئي. مناسب وقت تي مان آھستي آھستي ڏور
لپيٽڻ لڳم ته اوچتي زوردار ڇڪ آئي، ڏور ته سڄي کلي
ويئي، پر ساڳئي وقت ڇڙي نمي ٻيڻي ٿي ويئي. مان
ائين پئي محسوس ڪيو ته جي ڇڪ ايتري زورسان جاري
رھي ته ڇڙي منھنجي ھٿ مان ڇڏائجي ويندي |