عابد لغاري
نعت
الصلوات والسلام، اي صاحب جود و سخا،
الصلوات والسلام، اي پيڪر مھر وفا.
مون محبت ۾ رنڍا روڙيا اھي اڄ ڪر قبول،
پيش نذرانو ڪيان ٿو، صدق دل سان سيدا.
تو محبت سان زمانو آ ڪيو زير اثر،
اي يتيمن ۽ غريبن جا محفاظ ڀرجھلا.
جھل جا ڪارا ڪڪر ڇانيل ھئا عالم مٿي،
پرده ظلمت ھٽائي، تو ڇڏيا نورالھديٰ.
پاڻ جيڏن ۾ سٺو ۽ ٻارڙن ۾ تون مٺو،
ھر ڪنھن توکان سکي، شفقت محبت جي ادا.
تون بزرگي ۾ خدا کانپوءِ آھين باليقين،
شان شاھي آھي تنھنجو اي امام الانبيا.
مشڪ کستوري کان وڌ آ تنھنجي پيرن جي پڻي،
قيصر و ڪسريٰ کان تنھنجي درجو وڌ آھي گدا.
حق ۽ انصاف جو بس آھين تون بيشڪ امين،
دشمنن يڪراءِ ٿي تنھنجا مڃيا ٿي فيصلا.
رند ويچارا پريشان ساقيءِ ڪوثر ٿيا،
پيار تن کي پيار مان پيالو پرين سرور سچا.
قاب قوسين آھه ٿيو معراج تنھنجي عشق جو،
”عابد“ و معبود جي وچ مان ويا سڀ فاصلا.
مير غلام حسين چانڊيو بلوچ
نعت
اي فلڪ بطحيٰ جا ڪامل ماھ يا بدرالدجيٰ،
نيئر تابان رسالت جا شھ ھر دوسريٰ،
رحمتُ اللعالمين شافع جھان نور ھُديٰ
مرحبا صَل عليٰ مھندار نبين جا ڀلا.
ھئي جھالت ڪفر سان ڀرپور ھيءَ ساري زمين،
تو مگر بخشي انھيءَ کي دولت علم و يقين،
فيض جا جاري ٿي تنھنجي ھر طرف پيا سلسلا.
مرحبا صَل عليٰ مھندار نبين جا ڀلا.
آئين فخر انبيا تون سيد الڪونين ٿي،
ھن ستايل ڏک ڀري دنيا جي لئه سک چين ٿي،
درد جي مظلوم جي ٿي يا نبي آئين دوا.
مرحبا صَل عليٰ مھندار نبين جا ڀلا.
ٿو شب معراج تنھنجو آسمان تي گذر،
ھمرڪاب و ھمعنان جبريل تنھنجو ھمسفر،
ٿي ڏني ھن ريت حورن ھيءَ ترنم سات صدا.
مرحبا صَل عليٰ مھندار نبين جا ڀلا.
ڪيترا پيدا ٿيا اھل فلڪ اھل زمين،
ڪونه پھتو تو سوا ڪو ھت سر عرش بربن،
قرب ٿيو قوسين جو يا مصطفيٰ توکي عطا.
مرحبا صَل عليٰ مھندار نبين جا ڀلا.
يا حبيب ڪبريا، تعريف تنھنجي ڇا ڪبي،
ويا ڪندا توصيف تنھنجي ۽ تمنا ڪل نبي،
مڙده عيسيٰ ٿي آھي اڄ دنيا ۾ رونما،
مرحبا صَل عليٰ مھندار نبين جا ڀلا.
وصف ٿي سگھندي اسان کان ڪين تنھنجي شان جي،
آھي ڪافي بس اوھان لئه شاھدي قرآن جي،
ڇا چوي ھن کان سوا ٻيو ”مير“ عاجز بي نوا.
مرحبا صَل عليٰ مھندار نبين جا ڀلا.
علي نواز صابر نظاماڻي
نعت
ھي ساھه سر توتان فدا، منھنجا مٺا يا مصطفيٰ!
جان و جگر توتان فدا، منھنجا مٺا يا مصطفيٰ!
قربان قدمن جي مٿان تنھنجي غلامن جو غلام،
اولاد گھر توتان فدا، منھنجا مٺا يا مصطفيٰ!
سڀ دوست دل وارا، فدا، مائٽ مٺا پيارا فدا،
مادر پدر توتان فدا، منھنجا مٺا يا مصطفيٰ!
تنھنجي اشاري سان سڄڻ ٿيو معجزو ”شق القمر“،
شمس و قمر توتان فدا، منھنجا مٺا يا مصطفيٰ!
صديق صدقي تون مٿان، قربان حيدر تو مٿان،
عثمان، عمر توتان فدا، منھنجا مٺا يا مصطفيٰ!
اللھ جي رستي ۾ ٿيا پيارا شھيد ڪربلا،
نور نظر توتان فدا، منھنجا مٺا يا مصطفيٰ!
’صابر‛ ملائڪ سڀ فدا، غلمان ۽ حورون فدا،
جن و بشر توتان فدا، منھنجا مٺا يا مصطفيٰ!
ذوالفقار سيال
غزل
ڪنھن آ اوتيو زھر ھوا،
ڪَٽ لڳي وئي ھر دعا ۾.
پل پل تي ھت داوَ لڳن ٿا، جيون ڄڻ ڪا آھه جوئا ۾.
اکين ۾ ڪي اُلا سانڍي، دوست به آيا ھيل عطا ۾،
شھر ۾ ٿي ھي ھل ويو آ، ’ذلف‛
به ھارايو آھه وفا ۾.
احمد خان مدھوش
قطعات
سڀ دار جي تختن تي سلھاڙيو،
ھڪ اُنس کي سوريءَ تي نه چاڙھيو،
انسان زماني کي ڏنا جنھن،
اُن اُنس جي صورت کي نه بگاڙيو.
قربن جي ڪتابن کي نه ڦاڙيو،
اُلفت جي صحيفن کي نه ساڙيو،
ٻيو ڪجھه به نه پاڙھيو ته نه پاڙھيو،
ھڪ درس محبت جو ته پاڙھيو.
ھا، وقت جي سيني کي لتاڙيو،
ٿي مڙس اڳيون پويون اُڳاڙيو،
ٻيو ڪجھه نه ڪريو ڪجھه نه ڪريو پر
غفلت جو مٿو منھن ته چٿاڙيو.
پنھنجن سان ڦٽايو نه بگاڙيو،
غيرن جي مھارن تي نه ڀاڙيو،
ھر حال جي حالات کي پرکيو،
احساس ڪريو، وات نه ڦاڙيو.
نادان ٿي ھڪ ٻئي کي نه تاڙيو،
دنيا جي درندن کي پڇاڙيو،
حيوان کي صحرا ڏي ڀڄايو،
انسان کي انسان ڏي لاڙيو.
جذبن کي ته چنبن سان چٻاڙيو،
ذھنن کي نه پيرن ۾ لتاڙيو،
مدھوش يقينن جي بمن مان،
خدشات جا محلات اُجاڙيو.
اسحاق ”راھي“
غزل
ياد اٿئي! جو سور سڻائي، مون به رنو ھو تو به رنو ھو.
ڳوڙھن جي برسات وسائي، مون به رنو ھو تو به رنو ھو.
وصول جي آئي جا بھ گھڙي سا رئندي رئندي گذري ويئي
پھراڻن جا پاند پسائي، مون به رنو ھو تو به رنو ھو.
ويٺي ويٺي واءُ لڳو ڪو، جاني نيٺ جدا ٿي وياسين
واري سر تي جام وسائي، مون به رنو ھو تو به رنو ھو.
ڏوراپن ۾ ڏينھن گنوائي، رئندي رئندي رات وھائي
پرتل پرتل روح رُسائي، مون به رنو ھو تو به رنو ھو.
ورھين جا ٻئي وڇڙيل ھاسون، موقعو آخر آيو ملڻ جو
ڊوڙي ڊوڙي ڀاڪر پائي، مون به رنو ھو تو به رنو ھو.
عشرت واري عام ڪچھري، مون کان توکان پيار کسي وئي
نازڪ نازڪ نيڻ وھائي، مون به رنو ھو تو به رنو ھو.
جيءَ جي جھوري من جو ماتم، ڳڻتين ڳاھي ڳاھه ڪيو ھو
لڙڪن ير جوت جلائي، مون به رنو ھو تو به رنو ھو.
ڪاري رات غضب جا ڏينھن اڃا ڀي ياد اسان کي آھن
سور ستم جا نغما ڳائي، مون به رنو ھو تو به رنو ھو.
ٻھروپين کي منھنجا مٺڙا، مون به نه ڄاتو تو به نه ڄاتو
ناحق تن کي پيارپَسائي، مون به رنو ھو تو به رنو ھو.
عشق جي راهه جو ماريل مان ڀي تون ڀي پيار جي پنڌ جو ماريل
هٻڪي هٻڪي هال ٻڌائي، مون به رنو هو تو به رنو هو
قسمت واري چوراھي تي ڀٽڪي ڀٽڪي ”راھي“ آخر
پيار جي دولت يار کسائي، مون به رنو ھو تو به رنو ھو.
مقصود گل
غزل
نظر مان نظر جن به توسان ملائي، سي ھڪڙي نظر ساڻ حيران ٿي ويا،
ڇڏي تخت شاھي ھزارين سڪندر سندءِ در تي دل ساڻ دربان ٿي ويا.
اگر مرڪندي محب ڪنھن ڏي ڏسين ٿو سوين راه ويندي نظر سان ڪھين
ٿو،
ڏسي تنھنجي نوري نظر جا اشارا ڪيئي ڪونڌ ڪافر مسلمان ٿي ويا.
مٺا مرڪ ھڪڙي چپن تي سجايئه، ھزارين ستارا فضا ۾ کڙي پيا،
ڏسي ترورا تنھنجي نازڪ ڏندن جا مٿي عرش تارا پريشان ٿي ويا.
جڏھن وار تنھنجا ھوا ٿي سنواري، تڏھن مشڪ عنبر جي برسات ٿئي ٿي،
سوين ڀنؤر ڀلجي اڏاڻا فضا ۾ سرءُ ۾ بھارن جا اعلان ٿي ويا.
جڏھن کان نواز ڪيئه محب مونتي تڏھن کان مقدر به تبديل ٿي ويو،
ھئا ڀاڳ ناراض مون کان اڳي جي اھي منٽ ۾ اڄ مھربان ٿي ويا.
مٺا دل جي گلشن ۾ گل ٿا ٽڙن پيا، اھا تنھنجي آھي مٺا مھرباني،
لڏي درد ويا دل جي اوطاق ۾ اڄ مسرت جا مارو ته مھمان ٿي ويا.
مشاھد منگي
توکي ڪيئن وساريان سائين!
تون ڪوئي سپنو ته ناھين!
منھنجي نيڻن جي چانڊوڪي، مون کان ڇو ٿي پاڻ لڪائين!
سونھن سُندرتا جي ديوي، تون واقعي ڀنؤر آھين!
تون ڇا ڄاڻين پنھنجي بابت، مان ئي ڄاڻان ٿو تون ڇا ھين!
مان توکي چاھيندو رھندس، تون ڀل جان مون کي نه چاھين.
عاشق ھالائي
غزل
او! پيارا يار پنھنجا عھد و پيمان، عنقريب،
عشق الفت جا عدُو ٿيندا پشيمان، عنقريب.
مون اڃا ويساھ جو دامن نه ڇڏيو آ، مٺا،
من ٿين وعدا وفا تنھنجي طرف کان، عنقريب،
درد دل جو لادوا ھو، جنھن ذري گھٽ ھو نيو،
شڪر ٿيو پھتا پرين، دردن جا درمان، عنقريب،
بزم ۾ مستن اڳيان، نظرون نه کڻ، تبرون نه ھڻ،
بارھا ٿيندا ھتي چاڪ گريبان، عنقريب،
دل جو ڪعبو مون سجايو آ صنم جي واسطي،
ايندو ايندو غيرت چشم غزالان، عنقريب،
محفلون قائم ھجن، دائم ھجن، شل دوستو!
مان نه ھوندس، ڪو ته ھوندو منھنجي بدران، عنقريب.
ديپ دل جا سڀ جلائي ۽ سجائي مون ڇڏيا،
تنھنجي آمد تي ڪبو جشن چراغان، عنقريب.
آسرن ۽ ڀروسن تي پيا جيون ’عاشق‛
اسين،
شال ٿيندا نيٺ پورا دل جا ارمان، عنقريب.
مسرور سومرو
لکيو اٿم ڪجھه لکڻو آھي،
پيار جي رنگ ۾ رچڻو آھي.
اک ٿي ڦڙڪي، دل ٿي ڌڙڪي، لاشڪ اڄ ھو اچڻو آھي.
غير سان ٻاھر ٻاڦ نه ڪڍي، سور سڄڻ سان سلڻو آھي.
جيءَ ۾ جھاتيون پائي جاني، توکي دل ۾ ڏسڻو آھي.
ترھو آھي توڪل وارو، تار منجھان ڀي ترڻو آھي.
نيٺ ته کٽندي رات او سائين! ڏينھن به ويھي ڪرڻو آھي.
قسمت واري چوراھي تي، پاڻ کي ھيڪر ملڻو آھي،
پاڻ ملي وڇڙي وينداسين، آخر ھتڙان ھلڻو آھي.
ڪيسين جيترو جڳ ۾ رھبو، نيٺ ته مٺڙا مرڻو آهي.
يار اسان جو ماڳ نه منزل، واپس آخر وڃڻو آھي.
موجن ۾ ”مسرور“ رھي ڪو، ڪير آ جنھن کي رھڻو آھي.
”ساجد“ لعلپوري
غزل
ڪنھن کي اچي نه پيش ڪا آفت، خدا ڪري،
سڀ جو رھي سڪون سلامت، خدا ڪري.
دنيا مان دور درد ۽ زحمت، خدا ڪري،
نازل جھان تي روز شب رحمت، خدا ڪري.
بيتاب ڪين ڪنھن جي طبيعت، خدا ڪري،
ھر ڪنھن جي روح کي رسي راحت، خدا ڪري.
ڪوئي رھي نه ڪوڙ، ڪدورت، خدا ڪري،
ھر دم رھي ته سچ، صداقت، خدا ڪري.
ڇرچو رھي ته پيار محبت سندو رھي،
جڳ ۾ رھي نه ڪائي عداوت، خدا ڪري.
بڻجي چوي جا پاڻ لئي ذات جو ڪو سبب،
اھڙي نصيب ئي شھرت، خدا ڪري.
ٻيو مال و زر رھي نه رھي، بس فقط رھي،
ايمان واري پاڻ وٽ دولت، خدا ڪري.
جنھن جي پرائي مان سگھان صحبت مان ڪجھه نه ڪجھه،
تنھن جي نصيب صحبت و سنگت، خدا ڪري.
بگڙيل نظر ٿي جا اچي ھر وقت قوم جي،
سڌري اسان جي قوم جي حالت، خدا ڪري.
پيدا جھان ۾ ئي قيامت کان اڳ سڄڻ!
ڪنھن لئي نه شل عذاب، قيامت، خدا ڪري.
دستور ڪين ڪي رھي ڪلفت جو ڪو ھتي،
بس جي رھي ته رشتهءِ الفت، خدا ڪري.
علم و ادب جو ملڪ ۾ مذڪور ئي رھي،
پنھنجي وطن مان دور جھالت، خدا ڪري.
جي يار موڪلائي ھتان اوچتو ويا،
تن کي اڳيان نصيب شل جنت، خدا ڪري،
تنھن قوم کي نه پيش مصيبت اچي ٿي ڪا،
”ساجد“ ٿو جنھن جي پاڻ حفاظت، خداڪري.
انيس انصاري
سنڌوءَ جو ڪنارو
درياھه ۾ رواني آ، دلبر جي جواني آ،
شاعر به جوان آھي، موسم به سھاني آ.
سنڌوءَ جو ڪنارو آ، جذبن جو سھارو آ،
ساٿي ڀي مليو بيشڪ، دنيا کان نيارو آ.
درياه جون اٿي چوليون ، موتين سان ڀرن جھوليون،
نغما ٿيون ٻڌائن جينءَ، مادر جون مٺيون لوليون.
سامھون ھو افڪ تي ڪينءَ، بادل ٿا بھاري ڪَنَ،
ڳاڙھا ۽ گلابي ٿي، جادو ٿا ھو طاري ڪن.
ڏس ھو باھ جو گولو، سنڌوءَ ۾ ٽٻي ڏي ٿو،
تڪ پنھنجي سفرھو، وھجڻ سان وڃائي ٿو.
ھي واري ڪناري تي، جت ڪٿ جا اُڏامي ٿي،
ليلائي ھوا جي ڪڍ، مجنون جان فدا ٿئي ٿي.
اولھه کان ھوا آئي، باقي ٿي ختم تائي،
جلوي ۾ غرق ٿي ويو، فطرت جو تماشائي.
اي سنڌو! سندءِ ٿورا، لاھي ئي نٿا سگھجن،
ڳڻ تنھن جا ڳڻڻ واري، ڳائي ئي نه ٿا سگھجن.
آثم ناٿن شاھي
ڪافي
مون وٽ آئين تون،
پَن ڇَڻَ پُوري ٿي.
ٽَھڪڻ لڳيون ٽارئين، نمن نموريون.
مھڪي پيا مَن ۾ چندن چنبيليون.
لڪچن پيون لاڏ سان، چيٽن ۾ چيلھيون.
جھڙو وَرن ڪڻڪ جو، تھڙيون لاھياريون.
اُگھيهِ پوتيءَ پاند سان اکيون آڊوکيون.
پرين! تو پُوريون ڪيون، آسون اڻپوريون.
ميو خان ”موج“ لغاري
غزل
محب سان يقيناَ ملاقات ٿيندي،
ھي مقبول منھنجي مناجات ٿيندي.
اگھيون التجائون اڱڻ يا ايندو، پرين پرت واري سان پرڀات ٿيندي.
ڪريو ڪانگ ڪان ڪان ٿو ڪاھي ڪلھونڪر، نه بيڪار ڪانگل جي لنو لات
ٿيندي.
وڌڪ وصل کان دل ٿي ووڙيندي وندري، اُتم انتظاري جي سوغات ٿيندي.
وفا ۽ جفا جي کلي ڳالھ پوندي، اسان جي منھان منھن جڏھن بات
ٿيندي.
ستائيندين سھڻا، پرائيندين ڇا ته به، سندم سوڀ ٿيندي، سندءِ مات
ٿيندي.
نه محسوس راحت رنجائڻ ۾ ڪر تون، بمحشر عمل جي مڪافات ٿيندي.
گھنڊاري گھمين ساڻ گھورن جي گھائين، گھمنڊ ساڻ گھورڻ، وفا گھات
ٿيندي.
ڏٺي ڏينھن ڏھنايون ڏيئي ڏنگين تون، اي ڏاتار! تنھنجيءَ ھي پڻ
ڏات ٿيندي.
جڏھن اھلِ دولت تي آھن زڪواتون! تڏھن حسن جي ڀي ته خيرات ٿيندي.
محبت سان ملبو خدا ياد ايندو! ۽ آل محمد تي صلوات ٿيندي.
شبِ وصل آھي، رھي ڀل ته روشن، کڻي زلف کولين ته ظلمات ٿيندي.
ملڻ بعد محبوب! واپس نه ويندين، وڇوڙي ۾ ورھين جي ھر رات ٿيندي.
محب! ”موج“ سان اُنس الفت ۾ گھارڻ، ھي عھدِ وفا جي شروعات
ٿيندي.
ستار
وائي
ٻول ڏنا جي جھير،
چڻڪن منھن جي چت ۾.
قول قرار نه تنھن جا پڙيا، ورھيه لنگھي ويا وير،
تنھنجا لھجا لھندا من ۾، تفنگ تکا کئون تير.
رات رھي وڃ راڻل ھتڙي، دل کي ايندم ڌير.
دوست دلاسا دل کي ڏج ڪي، منھن جي من جا مير.
سوگھو ساھه ڪيو ٿَوَ ساجن، ڪرف ڪڙي منجھه ڪير.
تنھن جي وئي منھنجا جاني، نيڻن وھندا نير.
ٻول ڏنا جي جھير،
چڻڪن منھنجي چت ۾.
ناظم منگي
غزل
ڀل زمانو ٿي وڃي اي مھربان تنھنجي خلاف،
پر ستم کانپوءِ ڀي ٿيندس نه مان تنھنجي خلاف.
دار تي لڙڪي وفا پنھنجي جو مان ڏيندس ثبوت،
ڇو نه نه ڏئي ڀل فيصلو نوشيروان تنھنجي خلاف.
گشت جنھن رخسار تنھنجي تي نظر ڀلجي ڪيو،
اک اھا ڇڏبي ڪڍي جنھن کي ڏسان تنھنجي خلاف.
پاڻ نظرن کان پياريندو ھئين ساقي شراب،
ميءِ ڪده ۾ تو سوا مان ڪيئن وڇان تنھنجي خلاف.
حال قاصد کان پڇيم، ساريندو آ ڀلجي ڪڏھن؟
ڪوڙ جا ڪلما ڀري ويو پر زبان تنھنجي خلاف.
خوف سر جو ناھ، ٿو پھچي سگھان تو وٽ مگر،
تنھنجو بيھاريل ئي آھي پاسبان تنھنجي خلاف.
عشق ۾ رسوا ڪيئه پوءِ بند ڪيم ناول پڙھڻ،
ڇو ته ڪنھن راقم ھجي لکيو متان تنھنجي خلاف.
شوق تنھنجي ۾ ڪري ٿو شاعري ”ناظم“ منگي،
تون تخيل ٿو ڏئين پوءِ ڪيئن لکان تنھنجي خلاف.
شاھه زمان شير
غزل
مخمور تنھنجي نيڻن گھائل ڪيو اسان کي،
جلدي تو ڪيڏو سھڻا! حاصل ڪيو اسان کي.
ھن تنھنجي سھڻي صورت مائل ڪيو اسان کي،
۽ حسن جي فنا جو قائل ڪيو اسان کي.
الفت جو سودو آھي شامل ڪيو اسان کي،
دل ڏئي وڃو اوھين يا بي دل ڪيو اسان کي.
تنھنجي وفا آ بيشڪ منزل جي رخ ڏي آندو،
الفت جي راھ ۾ تو قابل ڪيو اسان کي.
آ شرط بس رضا جو، مٽجي جدائي ويندي،
لھرون اوھين ٿيو ۽ ساحل ڪيو اسان کي.
سجدن ۾ پيار تنھنجي خاطر دعا گھرون ٿا،
تنھنجي ئي عشق بس! آ سائل ڪيو اسان کي.
دنيا ۾ ”شير“ سڏجون، ناچيز آھيون تو وٽ،
مجبور ڪيڏو آھي ھن دل ڪيو اسان کي!
عزيز اللھ ”عزيز“ بروھي
غزل
سلامت سدائين جواني نه ھوندي،
نگاھن جي قائم نشاني نه ھوندي.
خدا آھي باقي ٻي ھر چيز فاني، وڃي ختم ٿي نيٺ ھر زندگاني،
حرارت جي ڪا حڪمراني نه ھوندي.
ٽڙي گل وري پوءِ مرجھائجي ٿو، سُڪي کانپوءِ پيرن ۾ چيڀاٽجي ٿو،
سڙيل چيز جي قدر داني نه ھوندي.
ڪڏھن ڏينھن آھي ڪڏھن رات آھي، رڳو رب جي ھڪ حال ۾ ذات آھي،
زماني جي شيءِ غير فاني نه ھوندي.
ھزارين ھليا ويا رھيو ڪير آھي، نه پٽ تي انھن جو ڪوئي پير آھي،
سدا خان ڪنھن جي ڪاخاني نه ھوندي.
نه قادر جي قدرت جو ڪو انت آھي، ”عزيز“ ڪيڏو ڀي ڪو ڪلاونت آھي،
سڀاڻي سندس زندگاني نه ھوندي.
”بيوس“ بازيد پوري
منھنجو وطن (نظم)
سنڌ جو سينگار سائو سبز سَرُ منھنجو وطن،
جان من کان پاڪ پيارو دل جو دَر منھنجو وطن.
سمجھ ۾ سمجھو سياڻا، سڀ سري وارا سڄڻ،
پُر عقل ۽ ھوش وارا ھوشورُ منھنجو وطن.
ٿاڪُ جن ٿَر ٿڌو ۽ ريگ جن جو آستانُ،
نياز نوڙت ۾ نيارا نامور منھن جو وطن.
جابلن جا جوان، ٻڍڙا، پيار وارا ٻارڙا،
ڪوھه ۾ ڪل قرب وارا، ڪارگر منھنجو وطن.
لاڙ تان لک لک لڱا زر مال سر صدقي ڪريان،
جو ڀٽائي لال لاکيڻي جو گھَرُ منھنجو وطن.
واه! وچوليءَ ۾ سڀئي وينجھار ۽ وعده وفا،
سنڌ جي آ سُونھن ڪنڊيارو شھر منھنجو وطن.
سنڌڙيءَ ۾ سرس سونهن ٿا سڄڻ سڏي سڀئي،
محب ماڻهو مانوارا مانور منهنجو وطن.
رک ”حَسَن“ حُب الوطن ۽ سنڌ تان سرُ گھور ڪر،
باوقار ۽ بسيرت بااثر، منھنجو وطن. |