سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1984ع (2)

 

صفحو :18

اندر جو وحشي انسان اڀري آيو ھو. ٻئي جي پيڙا ۽ تڪليف ڏسي جو اندر کي آرام ايندو آھي سو محسوس ڪرڻ لڳس. شڪار اڄ پيٽ ڀرڻ لاءِ ته ڪونه ٿو وڃي، ان جي پٺيان پراڻي زماني جي جنگين ۽ رت ڇاڻ جو جذبو ڪار فرما ھوندو آھي. مان ٻنھي ھٿن سان ڇڙيءَ کي چنبڙي پيس. منھنجي پور پور مان پگھر نڪري پيو. ھٿ آلا ٿي ويا. مڇي زندگي بچائڻ لاءِ تڙپي رھي ھئي، ۽ مان پنھنجي ذوق جي تسڪين لاءِ ڇڙيءَ تي چھٽو پيو ھوس. پتو نه آھي ته ڪيترو وقت ھيءَ جدوجھد جاري رھي. آخر ٿڪجي ٽٽجي مڇيءَ کڻي پاڻ ڇڏيو. ھاڻي ھوءَ آھستي ڇڪجي ڪناري ڏانھن اچي رھي ھئي. جڏھن ويجھي پھتي ته نه ھيس ست ۽ نه ساھه. ھاڻي ھن جو پيٽ مٿي ھو ۽ پٺي ھيٺ. منجھس ڪابه چرپر موجود ڪانه ھئي، سواءِ سندس ڪلين جي، جي آڪسيجن حاصل ڪرڻ لاءِ کُلي ۽ بند ٿي رھيون ھيون. ماڳ تي پھچڻ بعد جا حالت مسافر جي ٿيندي آھي سا منھنجي ھئي. ٽنگون ڏڪي رھيون ھيون ۽ بدن نستو ٿيندو پئي ويو. ان مختصر ماڻھوءَ مون ڏانھن ڏٺو، مان ڪنڌ سان ھاڪار ڪئي، ھن ٻئي ھٿ پاڻي ۾ وجھي مڇي جي ڪلين ۾ آڱريون وجھي کڻي اچي رکيو ڪناري تي. ان ماڻھوءَ ۽ منھنجون اکيون حيرت مان ڦاٽي ويون.ايڏي وڏي ۽ سھڻي مڇي مون ان وقت تائين ڪانه ماري ھئي. ان مختصر ماڻھوءَ پنھنجو نالو چُنو ٻڌايو.

ھاڻي جڏھن به مڇي مارڻ ويندو ھوس ته چنو منھنجي ڀر ۾ اچي ويھندو ھو ۽ پنھنجي ڪپڙي جي ٿيلھي مان پلاسٽڪ جي ڏور ڪڍي ان ۾ سانپا وجھي ڪندو ھو گھاڙ واھه جي حوالي ۽ پاڻ ڪندو پان جي جڳالي. ھڪڙي ڏينھن گھاڙ جي ڪناري لڙ پئجي ويو، پري کان ڪو دانھون ڪري رھيو ھو. ”انسپيڪٽر اچي ويو، انسپيڪٽر اچي ويو. “ ۽ پوءِ گھڻائي ڇڙيون ۽ ڏوريون ڇڏي پنڌ ۽ سائيڪلن تي رستو ڏئي ڀڄڻ لڳا، چنو به تڪڙ ۾ ڏور ويڙھڻ لڳو ته مون کيس ائين ڪرڻ کان روڪيو جنھن وقت انسپيڪٽر آف فشريز مون وٽ اچي پاس پڇي ته ڪڍي ڏيکاري مانس، جڏھن چنوءَ ڏي وڌيو ته چيومانس اھا ڏور منھنجي آھي. پاس ۾ ھڪ ڇڙي ھڪ ڏور جي اجازت آھي. ھن محسوس ڪيو ته اھا ڏور منھنجي نه ھئي پر سواءِ چتائي ڏسڻ جي ڪجھه ڪري نه سگھيو، ھليو ويو. اڃا تائين مون کي اھو پتو ڪونه ھو ته اھو چنو وڏي حويلي وارو ئي ھو.

ھڪ ڏينھن اھا ڳالھه به کلي پيئي. ڪنھن ڪم سانگي ستار سان ملڻ ويس. ستار ته ڪونه مليو پر چنوءَ کي وڏي حويلي جي در وٽ بيٺل ڏٺم. وڌي اچي مليو ۽ چيائين: استاد! ڪيئن اچڻ ٿيو آھي؟“ ٻڌايومانس ته ستار سان ملڻ آيو ھوس. ھو ڪونه هو ۽ موٽيو پئي ويس. حويليءَ ڏي اشارو ڪندي چيائين ته ”ھيءَ منھنجي جاءِ آھي، اندر اچو. “ مان ڪم جو بھانو ڪيو، پر ھو مون کي زوري وٺي ويو.

اندر گھڙڻ سان حيران ٿي ويس. جاءِ جو پڌر ايڏو ته وڏو ھو جو جيڪو سکيڙاٽ بنا تڪليف جي منجھس سائيڪل سکي سگھي. حويليءَ جي حالت ڏسي مون کي ڏاڍو ڏک ٿيو. پڌر جو فرش جابجا اکڙيل ھو، ڪمرن ۽ ورانڊن جا ٽائلس اکيڙي ھڪ طرف ڍڳ ڪري رکيا ويا ھئا، گھر ۾ جابجا غلاظت جا ڍير پيل ھئا، ۽ ڀتين ۾ جابجا چَريون لڳل ھيون. نه ھئا، نه ھئا ته جاءِ ۾ ڊزن کن ڪمرا ۽ ٻه وڏا حال ھئا. ھر ڪمرو ۽ ھر حال ابتري جي ڏيک ڏئي رھيو ھو. ساري گھر ۾ رڳو ھڪڙو ڪمرو مڙئي صاف ۽ سٿرو ھو، جنھن ۾ چنو ميان رھندو ھو. ھڪ ڪنڊ کان کٽ وڇايل ھئي جنھن تي ھنڌ رکيل ھو. چادر ۽ وھاڻي جي ڇَوَ تازو ڌوتل پئي معلوم ٿيون. کٽ جي طرف کان ھڪ ٽپائي پئي ھئي جنھن تي ٻه سادي چينيءَ جون پليٽون ۽ ٻھ شيشي جا گلاس رکيل ھئا. ان ئي ڪمري ۾ ھڪ پاسي کان بالٽي پاڻيءَ جي ڀري پئي ھئي، جنھن جي ڀرسان ھڪ لوٽو پيو ھو. ٿورو ڀرسان ڪنڊ ۾ گاسليٽ جو چلھو پيل ھو جنھن جي وٽ ۾ ٻه ديڳڙيون ھڪ چمچو، ٻه ڪوپ ساسر ۽ ھڪ تئو رکيل ھو. ڪجھ ننڍا وڏا دٻا  به پاسي اوسي کان پيل ھئا. ڇنو وڃي لڳو چانھه ٺاھڻ کي  ۽ مان وھاڻي تي ٻانھن رکي ليٽي پيم. ٿوري وقت ۾ چنو چانھه ٺاھي اچي منھنجي اڳيان رکي. چانھه پيئندي پڇيومانس ته ھي کوٽ کوٽان ڇا جي ھئي؟ کلي کڻي بس ڪيائين. ٻيھر پڇڻ تي ٻڌايائين، ”عارف ميان! خزاني تلاش ٿي رھي آھي. “

”ڪجھ مليو“، مون پڇيس

”اڃا نه“، جواب ڏنائين.

”ڪو اميد آسرو“، مون چيس.

ڪنڌ ڌوڻي انڪار ڪيائين.

چنو دستوري طرح اچي مڇيءَ جي شڪار لاءِ منھنجي ڀرسان ويھندو ھو. ان ۾ کيس فائدو به ھو. اول ته فشريز کاتي وارن جي دست رس کان ٻاھرھو ۽ ٻيو ته سندس چوڻ مطابق ”گھاٽ چرايل ھو“ ھو به گھاگ شڪاري، اھڙو چپن کي چونو ڪٿو لائي اچي ويھندو ھو.جو مجال آھي جو ٻڙڪ ٻاھرنڪري. سندس چوڻ ھو ته ”آواز تي مڇيون ٽھنديون آھن، شڪار بيڪار آھي“. ڪڏھين ته ڪافي شڪار ملندو ھو ۽ ڪڏھين ته ھڪ ”چال“ به نه ٿيندي ھئي. وڌي کُٽي حصيدار ھوندا ھئاسين. ھو خالي ھٿين ھوندو ھو ۽ مون وٽ مڇي ھوندي ھئي ته مناسب حصو سندس نذر ڪندو ھوس. پاڻ به ائين ئي ڪندو رھندو ھو. وڌيڪ چوندو ھو ”عارف صاحب! مان اڪيلو آھيان ۽ اوھان خير سان ٻارن سان ٿا رھو، مون کي مڇي جا ٻه ٻيرا ئي کوڙ آھن. “

ھوءَ مونسان ھاڻي بي تڪلف ٿي ويو ھو، ڏور ڀائي جو ھئاسون. ھڪ ڏينھن شڪار تي ويٺي ويٺي پڇيومانس ته ”يار، ايڏي وڏي گھر ۾ اڪيلو رھندي، ڊپ نه ٿيندو اٿئي. “

”ٿيندو آھي عارف ميان“، ھن جواب ڏنو.

”ڪجھ ڏنو اٿئي ڇا؟“ مون پڇيو مانس

”ڏسڻ ڇا جو، ھوءَ اتي آھي“، ھن چيو.

”ڪير؟“ مون پڇيس.

”ڪالڪا“، ھن جواب ڏنو

”ڪالڪا! “ مون حيرانيءَ مان پڇيو.

”ھا، ڪالڪا، سندس بُت گھر ۾ موجود آھي ۽ مان ان کان ڊڄندو آھيان. “

مون چيس، ”پر ان ڏينھن ته مون ڪالڪا جو بُت ڪونه ڏنو. “

جواب ڏنائين، ”ڪمري ۾ آھي، بند ڪري ڇڏيو اٿمانس. “

سوچيم ته شايد اڪيلو رھڻ جي ڪري، دماغ تي اثر پيو اٿس.

ھڪ ڏينھن چيائين، ”بابو جاءِ وڪڻڻ ٿو گھران. “

پڇيو مانس ”گھڻي ڏيندين؟“

”پنجاھه ھزار روپئين“، ھن جواب ڏنو

”پنجاھه ھزار ته گھڻا آھن. جاءِ مون کي کپي، ٻڌاءِ گھڻو ڏيانءِ؟“

پڇيائين،”تون گھڻو  ڏيندين؟“

”پنجويھه ھزار“ جواب ڏنومانس

کلي کڻي بس ڪيائين.

آخر سودو چاليھه ھزار روپين تي ٿيو. ان وقت چاليھه ھزار روپيا تمام گھڻا ھئا. گھران پھريائين ته ڏاڍو ڪروڌ ڪيائون. چيائون ”لاڙڪاڻي آيا آھيون نوڪريءَ سانگي، ھتي رھڻو آھي ڇا؟ اجايو ٿو پئسا ضايع ڪرين. “ جواب ۾ چيومانس ”وئي وئي ته جاءِ ايترا پئسا به نه ڪندي ڇا؟“ ۽ جڏھن جاءِ ڏٺائين ته رڙ ڪري چيائين “ھي ته محل آھي- راجائي محل، پر جاءِ جي ھي حالت ڪئي اٿن! “

اسان به مختصر ماڻھو ھئاسون مان، امان، گھر واري ۽ ٻه ٻار، اھي ھئاسون ڪل ڪٽنب جا ڀاتي.

ھاڻي اسان آڏو مسئلو ھو ايڏي ساري جاءِ جي مرمت ۽ صفائي جو، ميڙي چونڊي جاءِ جي خريديءَ تي ڏئي ڇڏي ھئم، جاءِ جي مرمت لاءِ قرض جي درخواست ڪيم، جا ڪمپني منظور ڪئي.

سرن سان لتل ھڪ دروازي ڏانھن اشارو ڪندي، چنوءَ ٻڌايو ھو ته ڪالڪا جي مورتي ان ڪمري ۾ موجود ھئي. مون ان ڪمري کي ڇيڙيو به ڪونه ساري گھر جي صفائي ۽ وس آھر ڪن ڪمرن جي مرمت بعد، ھڪ ڏينھن کرپي کڻي، انھيءَ سرن سان پوريل دروازي جي ڪن اُکڙيل سرن کي ٻاھر ڪڍيم ئي مس ته ٻيون سڀ سرون ڊھه ڊھه ڪنديون اچي منھنجي اڳيان ڍڳ ٿيون ۽ چوڌاري مٽي ڦھلجي ويئي. منھنجي گھر واري نازان سرن جي ڊھڻ جو آواز ٻڌندي پڄندي آئي. ٿورو مٽي ٿمي ته نازان ڪمري ۾ اندر ليئو پاتو ڏسڻ سان ئي رڙيون ڪندي وٺي اتان ڀڳي مون کي چوندي وئي ”اندر نه وڃجانءِ اندر نه وڃجانءِ. “مان ڊڄندي ڊڄندي اندر ليئو پاتو. پھريائين ڪمري جي ماحول ته مونکي به منجھائي وڌو، پر پوءِ قدم اڳتي لنگھي ويس. سامھون ھڪ سيمينٽ جي ننڍي ٿلھي تي ڪالي ديوي جي ڏيڍ فوٽ کن ڊگھي مورتي براجمان ھئي. سندس ڪارو رنگ، ڏنن جھڙيون ٻرندڙ اکيون ۽ ڳاڙھي رت  جھڙي رنگمان رنکيل لڙڪندڙ ڄڀ، چار ھٿ جن ۾ ترار ۽ ماڻھوءَ جي منڍي وغيره، في الحال ته ڪنھنجي بدن ۾ سياندو ڦھلائڻ لاءِ ڪافي ھئا. انکانسواءِ ڪمري جو ٻيو ماحول به پراسرار ھو. وچ ڪمري ۾ ترشول کُتل ھو، جنھن جي ارد گرد تيل جي آھوتين سان سڻڀي زمين ۽ ڳاڙھي سُندر جا ٽڪا ۽ ليڪا پاتل ھئا، ڪمري ۾ مٽيءَ جا تھه ۽ جابجا ڪوريئڙي جا ڄارا.

پاڙيسري ڀڳوانداس جي معرفت، مقامي شوالي جي مھنت باوا شنڪر گُر کي گھرايم ۽ کيس چيم ته مورتي مون وٽان کڻي وڃي ڪنھن مناسب ھنڌ رکي. مقرر ٿيل ڏينھن تي ھو ڪن ھندن سان مون وٽ آيو ۽ منتر اچاريندو، مورتي کڻي وڃي مندر ۾ رکيائين.

ان ڳالھه کي ٽي سال گذري ويا. مان به وس آھر وڏي حوالي جي مرمت ڪرائيندو رھيس. ھڪ ڏينھن نازان صلاح ڏني ته مورتيءَ وارو ڪمرو بيڪار پيو ھو ۽ ھو به سڀني ۾ ننڍو، ڇو نه ان کي صاف ڪري اسٽور روم بنائجي. مون ھاڪار ڪئي ۽ آخرھڪ ڏينھن نازان ۽ مان ان ڪمري جي صفائي ۾ لڳي وياسين. صفائي ڪندي نازان منھنجو ڌيان ھڪ ديوار ڏانھن ڇڪايو جنھن تان مستطيل شڪل ۾ ھڪ ھنڌان پلستر اکڙي آيو ھو. چيائين ”ھتي خزانو ته پوريل ڪونه آھي“.  مان کرپي سان ان کي ٿورو اشارو ڏنو ئي مس ته ڪجھه سرون ۽ پلستر اچي منھنجي اڳيان ڪريو. سامھون ھڪ دري ظاھر ٿي جنھن ۾ لڪشمي جي مورتي رکيل ھئي. نازان دفعي ڊني ئي ڪانه، رھندو چيائين ”ھي مورتي ڪھڙي نه سھڻي آھي. “ جواب ۾ چيومانس،“ سھڻي ڇو نه ھجي، ھيءَ دولت ۽ بخت جي ديوي آھي لڇمي“.

ٿوري وقت ۾ وڌي حوالي اڳئين اوج کي وڃي پھتي. سڀني ڪمرن جي مرمت ٿي ڇڪي ھئي. ٽائيل لڳي چڪا ھئا ۽ فرش بندي ٿي چڪي ھئي. ان کانسواءِ ڪجهه موجود زماني جون سھولتون به مھيا ٿي ويون، جن ۾ ايئرڪنڊيشنر،  رنگين ٽي وي، سوئي گئس ۽ ريفريجريٽر به شامل ھئا.

لڪشمي جي مورتي به نارائڻ گر جي ھٿان مندر ڏانھن موڪلي ويئي، ڪن ماڻھن اھو پڻ ھُلايو ته خزانو، جنھن جڳ چنوءَ  ڳولا پئي ڪئي،سو ان دريءَ ۾ ھو، جنھن ۾ مورتي رکيل ھئي.

لاڙڪاڻي جو مٺو پاڻي منھنجي رڳ رڳ ۾ رچي چڪو آھي. لاڙڪاڻو مون کي جيئري جاءِ ڏني. جاءِ به جاين جھڙي- وڏي حويلي.

 

رزاق مھر

ھڪ شخص جو موت

 

پان ٻيڙيءَجي دڪان آڏو جنھن شخص جو سسيءَ ڪٽيل لاش پيو آھي ۽ جنھن جي ڌڙ کان الڳ ٿيل چھري مٿان ڪھاڙين جا بيشمار گھاو آيل آھن، تنھنجي چوگرد ماڻھن جي ڀيڙ اڃا به موجود آھي. ھو انھيءَ انگوشي ۽ صدري پھريل شخص مٿان رايا ڏئي رھيا آهن. انھيءَ ھجوم جي وچ ۾ پوليس جا ڪجھه ماڻھو به ھاڻ شامل ٿي ويا آھن. جيئن آپريشن ٿيٽر ۾ ڪنھن مريض مٿان ڊاڪٽرن جو ڪو جٿو، وڍ ٽڪ جو ڪم مشيني انداز ۾ جاري رکندو آھي، ٺيڪ اھڙيءَ طرح سخت وردين ۾ ملبوس پوليس جا اھي فرد مشير نامو ٺاھڻ ۾ مصروف آھن. پر منير لاءِ اھو سڀ ڪجھه ڄڻ ته ڪنھن ڀوائتي خواب سمان آھي. ھن جي اندر ۾ ڪنھن نانگ جيان ڦڻ ڪڍي ويٺل چُپ منجھس ايترو به حوصلو رھڻ ناھي ڏنو جو ھو انھيءَ واقعي متعلق ٻين جيان ڪجھ ڳالھائي. ھو، جنھن جي دل گذريل ٻن مھينن کان ھڪ خوف جي دٻاءُ ھيٺ چپجي وئي آھي، جنھن جي اندر جو شخص، ڏينھون ڏينھن وڃي ٿو. ڄامڙو ٿيندو. تنھن، جڏھن مٽيءَ مليل گھاٽي گھاٽي رت ھڪ شخص جو سسيءَ وڍيل لاش ڏٺو ته خوف وچان ھن جون اکيون ڦھلجي ويون، اذيت جي ھڪ تيز لھر ھن پنھنجي سرير جي نس نس ۾ ڊوڙي ويل محسوس ڪئي ھئي. ڄڻ ته اھو انگوشي ۽ ململ جي صدري پھريل لاش ڪنھن ٻئي جو نه ھجي  ۽ ڪھاڙي جا بي رحم وار ڪنھن ٻئي تي نه ٿيا ھجن، ھن جي ئي چھري تي ٿيا ھجن. ھن جي جسم مان ڌرڙيون نڪري وڃن ٿيون. ھو ڊنل ۽ ھيسيل من سان ماڻھن جي ھجوم مان ٻاھر نڪري اچي ٿو. ھن جي ذھن جي ھڪ ڪنڊ ۾ خطري جو الارم مسلسل گوجندو رھي ٿو. کيس شدت سان محسوس ٿئي ٿو ته انھيءَ ڀيڙ ۾ ڪو شخص اڃا به موجود آھي جو ھن کي انھيءَ شخص جيان مارڻ ٿو چاھي.

ھو، جيڪو ھڪ اسڪول ۾ ڊرائنگ ٽيچر آھي ۽ پنھنجي گھرو پريشانين جا بار، ڪتابن جا ٽائيٽل ڊزائن ڪري گھٽائڻ ٿو چاھي، تنھنجو پريشان ذھن اڃا به وڌيڪ پريشان ٿي ويو آھي. گذريل ٻن مھينن کان ھن جي گھرو پريشانين جي ڀر ۾ ھڪ ٻيو پريشان چھرو به اچي بيٺو آھي، جو ھن جو پنھنجو چھرو آھي.

ھو، جيڪو جنگ کان شديد نفرت ڪندو آھي، جنگين ۾ تباھه ٿيندڙ انساني وستين کي پنھنجي اندر جي ڪائنات ۾ ڀڄندي ۽ ڀرندي محسوس ڪندو آھي، جو خوبصورت گلن جو عاشق آھي، ۽ جو فطرت جي حسن کي ڪئنواس تي آڻي خوبصورت چتر ٺاھيندو آھي، تنھن گذريل ٻن مھينن ۾ اھڙن چئن انساني جانين کي پنھنجي ئي رت جي دٻي ۾ ليٿڙيل ڏٺو آھي ھن جي مائٽن چار خون ڪيا آهن ۽ انهن جو پلئه وٺڻ جي نتيجي ۾ ايترائي خون ٿيا آهن، هن جي مائٽن جا. پلئه وٺجي رھيا آھن ۽ ماڻھپي جو خون تاريخ جي ڦڏن سڌن ورقن تي پنھنجا داغ ٺاھيندو رھيو آھي. ھڪ ڌر ٻي ڌر جا ماڻھو انڌي سوچ جي ھٿيارن سان مارڻ ٿي چاھي. ماڻھپي جي سڙيل لاش تي ھنبوشيون ھڻڻ ٿي چاھي، ٽھڪ ڏيڻ ٿي چاھي، پر ھو اھو سڀ ڪجھه نٿو چاھي. انھي جنگ ۾ ماڻھوءَ خلاف ٽپي پوڻ نٿو چاھي. ھو پنھنجي ڪٽنب جو وجود برقرار رکڻ لاءِ فقط معاشي محاذ تي وڙھڻ ٿو چاھي.

ھن کي زنده رھڻو آھي، پنھنجي ڌيءَ جا انگل پورا ڪرڻا آھن. انڌي ماءُ جون اکيون ڪرائڻيون آھن، ۽ ٽي بي ورتل زال جو ڪنھن ماھر ڊاڪٽر کان علاج ڪرڻو آھي. (جنھن جي اجھاڻيل اجھاڻيل اکين ۾ ھن موت جھڙي بيوسي ڏٺي آھي) تيستائين ھن کي زنده رھڻو آھي. پر وقت ھن تي ٺٺول ڪئي آھي ۽ ھن کي انھيءَ جنگ جي منھن ۾ ڪنھن جي بري ڀرتي ٿيل سپاھيءَ جيان زوريءَ ڌڪي ڇڏيو آھي، جو انساني خون جي اھڙي وحشتناڪ ھولي ڏسي ھراسجي ويو آھي.

گذريل ٻن مھينن کان ھن جو ذھني توازن ڄڻ ته بگڙڻ لڳو آھي، ھو اڪيلائين کان ڊڄڻ لڳو آھي، آھي، ماڻھن جي ڀيڙ کان ھن کي وحشت ٿيڻ لڳي آھي. ھو ڪنھن سان ڳالھائيندو آھي، ڳالھائيندي ڳعالھائيندي ڪٿي کوئجي ويندو آھي. لاڳيتو پولارن ڏانھن گھوريندو آھي. رکي رکي ھن کي محسوس ٿيندو آھي ته ھن جي سامھون جو شخص ويٺو آھي، ان جي چھري جي اندران ڪو ٻيو شخص ھن ڏانهن گھوري رھيو آھي، ۽ ڪڏھن ڪڏھن ھن جون اکيون ڦاھيءَ چڙهيل اکين جيان آڏو واري شخص ڏانھن گھوريندون آھن بلڪل ئي مئل اکين جيان، ھن جي ذهن تي سدائين اھو خوف ڇانيل رھيو آھي ته ڪوئي شخص ھن جو مسلسل پيڇو ڪري رھيو آھي ۽ ڪنھن موڙ تان اوچتو ظاھر ٿي ھن جي زندھ رھڻ واري آس مٿان ڳاڙھي ڳاڙھي رت جو ليپو ڏئي ڇڏيندو. زندگيءَ جي چرپر کن پل ۾ قبرستان جي ويرانيءَ ۾ بدلائي ڇڏيندو. ساڳي خوفناڪ ويراني، جھڙي ھو ڪجھه گھڙيون اڳ انگوشي ۽ صدري پھريل شخص جي چھري تي ڏسي آيو آھي، جو روڊ جي سخت سيني تي ڪنھن جھور ٿيل ميل جي پٿر جيان ڊٺو پيو ھو، ۽ موت جي ڀوائتي ويراني جنھن جي کليل وات منجھان ٻاھر گھوري رھي ھئي.

ماڻھن ۾ ھن جو شڪ اڃا به وڌي وڃي ٿو، ھن جي ڀر مان گذرندڙ ھر شخص ھن کي دشمن جو بڇيل ماڻھو ٿو محسوس ٿئي. خوف جي ساڳي ڇيت ھن جي ذھن ۾ مسلسل چڀندي رھي ٿي. اڻ ڏٺا انديشا وڌڻ لڳن ٿا، ھن جي من پاتال ۾، اڄوڪي رات ھو پاڻ مٿان ڏاڍي ڳوري محسوس ٿو ڪري، وايو منڊل ۾ وحشت ڦھلجي ويل محسوس ٿئيس ٿي. ھن کي پڪو يقين ٿي وڃي ٿو ته ھو ڪنھن اونداھي گھٽيءَ ۾ ڏاڍي بيدرديءَ سان ماريو ويندو ۽ ھن جي بي جان جسم روڊ جي ھڪ پاسي کان ڊٺو پيو ھوندو. تڏھن خوف جي ھڪ تيز لھر ھن جي پٺيءَ جي ڪنڊي مان اڀري ٿي وڃي. اونداھان پاسا ڇڏي ھو روشنيءَ ڏانھن ھليو اچي ٿو.

گذريل ٻن مھينن کان اھو ھن جو دستور بڻيل آھي، ته ھو سوير گھر پھچي. ھو اڪثر سج لھڻ کان اڳيئي گھر پھچي ويندو آھي، پر اڄ ھو دستور ٽوڙي ويٺو آھي. ھو اسڪول جي ھڪ ماستر جي شاديءَ ۾ ويو ھو. شاديءَ ۾ وڃڻ کان ان ڪري به لنوائي نه سگھيو، جو ذهن کي نستو بنائيندڙ اسڪول جي بور ماحول کان نڪري، ھو ڪڏھن ڪڏھن انھيءَ ماستر آڏو زندگي جا ڪچا چٺا کولي رکندو آھي. ھنن جي ٿڪل ٿڪل اکين ۾ کيس ڏاڍي پنھنجائپ نظر ايندي آھي. اڄ اھا پنھنجائپ ئي ھن کي اوڏانھن گھلي وئي ھئي، ۽ نه چاھيندي به ھن کي گھڻي دير تائين ات ويھڻ پيو ھو، جا دير ھن جي گذريل ٻن مھينن جي سڀ کان وڏي دير ھئي.

بي انداز ماڻھن جي وچ ۾ ھن کي اوچتو ھڪ اھڙو شخص نظر اچي ٿو، جنھن جي مٿي تي وڏو پٽڪو ٻڌل آھي ۽ جنھن جي وڏين مڇن ۽ ڏاڙھيءَ مٿان ٻه نظر ايندڙ ڀوائتيون اکيون ھيڏانھن ھوڏانھن ڦري رھيون آھن. ھن جي ھڪ ھٿ ۾ ڪھاڙي پڪڙيل آھي، جنھن جي مٿان اڇن ۽ ساون پٽن وارو وڏو رومال اھڙي طرح ويڙھيل آھي، جو فقط ڪھاڙيءَ جي رنگ ڏنل ڪارو ڳن ئي نظر اچي سگھي ٿو.

ڀوائتين اکين وارو اھو شخص ويھن قدمن جيتري مفاصلي تي ھاڻ بيھي رھي ٿو. ھن جي اوچتو بيھڻ تي منير جي بت مان ساھه ئي ڇڏائجي ٿو وڃي. ھن جي جسم جا وار ڪجھه لمحن ۾ اڀا ٿي وڃن ٿا، خشڪ ٿيل چپ کلي وڃنس ٿا، اکيون ڦاٽي وڃنس ٿيون. تڏھن اڌ رنگي جي ڪنھن مريض جيان ھن جا پير اڳتي وڌڻ جي شڪتي وڃائي ويھن ٿا. ھو پاسي کان بيٺل اليڪٽرڪ پول ۾ ھٿ نه وجھي ھا ته شايد ڪري پوي ھا. تڏھن موت جھڙين انھن گھڙين ۾ راڪاس جھڙو اھو بيٺل شخص سيڌي جي ھڪ دڪان اندر گھڙي وڃي ٿو ۽ ٿڪل ٿڪل ساھن سان منير ڪنھن زخمي ٿيل پکيءَ جيان جسم جي سموري سگھه ڪٺي ڪري اڳتي وڌي ٿو وڃي. دڪان ۾ گھڙي ويل اھو شخص، جو ڪنھن کي ڳولڻ واري انداز ۾ رستي تان لنگھندڙ ماڻھن ڏانھن ڏاڍي وحشت وچان ڏسي رھيو آھي، تنھن ڏانھن اک ٽيٽ ڪري منير ھڪ نظر جيئن ئي وجھي ٿو ته لزرندڙ ٽنگن سان ھلڻ جي رفتار اڃا به وڌائي ڇڏي ٿو. ھن کي ھاڻ پڪو يقين ٿي وڃي ٿو ته اھو اوپرو شخص ھن کي ئي مارڻ وارو شخص آھي. پنھنجي ڪنھن خون ٿيل مائٽ جو پلئه وٺڻ لاءِ ھو ھن جوئي رستو تڪي رھيو آھي. اک ڇنڀ ۾ ھن جا زندگيءَ کان لاڳاپا ٽوڙڻ جي ارادي سان ئي انھيءَ دڪان ۾ لنگھي ويو آھي، ۽ ھن جي پٺيان چپ چپ ڪري ھن تي ڪھاڙين جو وسڪارو لائي ڏيندو. ھڪ ھڪ وار سان خوفناڪ گاريون ڪڍندو. دنباھا ھڻندو، ھن کي اھا به ته خبر ڪانه آھي ته ھن جي دشمن جو چھرو ڪھڙو ھوندو؟ ھي ته بس اھڙي ئي ڪنھن رھزن ماڻھوءَ جي ڪھاڙين جو کاڄ ٿيڻ وارو آھي. اھڙي ئي ڪنھن اڻ ڄاتل چھري منجھان ھن کي موت جوخوف آھي، جو ھن جو ذاتي دشمن نه ھئڻ جي باوجود ھن جو دشمن ھجي. ھو اڻ ڪيل دشمنيءَ جي سزا ڪاٽڻ تي مجبور آھي.

ھو ھاڻ فوٽ پات تي ھلڻ لڳي ٿو. ڪڏھن ڪڏھن ھراسيل نگاھن سان پٺتي به ڏسي ٿو وٺي. ھن جي ويجھو ھاڻ اھو شخص نه رھيو آھي. ڪيترائي ڄاتل ۽ اڻڄاتل ماڻھو ھن جي ڀر مان گذرن ٿا. چھرا ايندا ۽ ويندا رھن ٿا، ۽ ھو چاھي ٿو ته چھرن جي انھيءَ ھجوم ۾ ڪنھن ڪک وانگر گم ٿي وڃي. پر ھيترن سارن ماڻھن ۾ ڪوبه ته ھن کي تحفظ ڏئي نٿو سگھي. ڪوبه ھن جي زندگيءَ جي ضمانت جي ھام ھڻي نٿو سگھي. ھو چونڪ تي اچي پريشان ٿي بيھي رھي ٿو ۽ ھڪ لمحي ته ھو موت کي اوچتو سامھون ڏسي وٺندڙ ماڻھوءَ جيان عجيب وحشت ۽ بي وسيءَ وچان رڙيون ڪرڻ وارو ٿئي ٿو. ھن جو سڄو جسم ڏڪي وڃي ٿو. جڏھن ھڪ شخص جي ھٿ جو دٻاءُ پنھنجي ڪلھي تي محسوس ٿئيس ٿو.

”....... خبر نه آھي منير صاحب! اڄ ائين پريشان پيا لڳو! “

ھو حيرانيءَ وچان ان شخص ڏانھن ڏسي ٿو، جو ھنجو پراڻو واقفڪار نڪري پوي ٿو. کيس ڪوبه جواب نه ڏئي فقط ھن ڏانھن ڊنل نظرن سان ئي گھوريندو رھي ٿو. ”ڇو يار منھن ائين پيلو پيلو ٿي ويو اٿئي، ڪا ايڏي وڏي پريشاني آھي ڇا؟“ ھن جو دوست وري ھن جي ڪلھن تي ھٿ رکي ٿو.

منير جي حالت ائين ٿي وئي آھي ڄڻ ته ماڻھن جي ھشام وچ ۾ ھو سڳ سوڌو پڪڙجي پيو ھجي. ائين اوچتو اندر جي چوري پڪڙجي پوڻ تي ھو ھڪو ٻڪو ٿي وڃي ٿو. ”نه نه.... اھڙي ڪا ڳالھ ڪانھي.... اصل ۾ ھو....! “ان جملي سان ھو کيس مطمئن ڪري نٿو سگھي. اھي ڀوَ ان شخص جي چھري منجھان صاف ظاھر ٿين ٿا.

”خير..... ھلو ته مان توھان کي چانھه پيئاريان. توھان سان ٿوري ڪچھري به ڪرڻي آھي. “

ھو پريشان ٿي وڃي ٿو. ”اصل ۾..... مون کي ..... مون“

”اچو ته سھي--“ ھو حُجت وچان ھن جي ڏوري ۾ ھٿ وجھي ٿو.

منير، جيڪو وقت وڃائڻ نٿو چاھي، جنھنکي گھر پھچڻ جي ڏاڍي جلدي آھي، جو اڄوڪي رات پاڻ تي ڏاڍي ڀاري محسوس ٿو ڪري، نه چاھيندي به ھن جي ڪڍ هلڻ لڳي ٿو.

ھوٽل جي ھڪ خالي ٽيبل تي ويھندي دوست کائنس پچي ٿو.

”ٻيا ڪھڙا حال اٿَوَ.....؟ “

”ھون! “ ھو ڇرڪ ڀري ٿو.

”ڀائو، سچ ٻڌايو- ويچار ڪھڙي ۾ گم آھيو. ڪجھه ڳالھايو.... ڪم ڪيئن ٿو ھليوَ اڄڪلھه؟“

ھو سمجھي ٿو ته اڄ ھو ڪجھه به ڳالھائي نه سگھندو. ھن جي اندر جو ڊپ، ھن جي ھر لفظ مان ظاھر ٿي پوندو. ھو جيڪو دنيا جي ھر مسئلي تي ڏاڍو سٺو ڳالھائي سگھندو آھي، ادب ۽ آرٽ کان فلم جي سطحي موضوع تائين جيڪو وڏي يخي ھڻي ڄاڻي، تنھن پنھنجو پاڻ کي اڄ ڏاڍو بيوس محسوس ڪيو آھي. ان کان اڳ، جو ھن جو دوست ڪنھن اھڙي مسئلي تي ڳالھائي ۽ ھو ٻنھين چرين وانگر، ماڻھن جي نظرن جو مرڪز بڻجھي، ھو چوي ٿو ”ھون..... ھڪ دوست سان ملڻو آھي.... “

لفظن جي کيڏاريءَ سان لفظ ساٿ نٿا ڏين. ھيسيل ھيسيل اکين سان ھو ھن ڏانھن ڏسي ٿو. ”توھان بُرو نه ڀانيو ته....... ته جيڪر مان اجازت وٺان..... اڄ منھنجي طبيعت ٺيڪ ناھي. مان گھر وڃڻ...... “ اوچتو کيس ياد اچي ٿو ته ھو صرف ھڪ گھڙي اڳ ڪنھن دوست سان ملڻ جو بھانو گھڙي ويٺو آھي ۽ ھاڻ جنھن نموني ھن ٻيو بھانو گھڙيو اھو گھٽ ۾ گھٽ ھن جي حق ۾ بھتر نه ٿو لڳي. ھن کي شدت سان محسوس ٿئي ٿو ته ھو وڦلڻ لڳو آھي ۽ ھو ڪنھن به ڳالھه جو صحيح جواب ڏئي نه سگھندو.

دوست هن ڏانھن معنيٰ ڀريل نظرن سان ڏسي ھلڪو مرڪي ٿو ۽ منير اڃا به وڌيڪ ھڪو ٻڪو ٿي وڃي ٿو. ”سائين، مان..... ھاڻ اجازت وٺندس، ڇاڪاڻ ته..... “ ھو اُٿڻ جي ڪري ٿو.

”ويھو ته بادشاھه ........ چانھه جو ھڪ ڪوپ ته پي وڃو...... ڪجھه ڪچھري به ٿي ويندي ان بھاني. “

۽ منير اندر جي اڻتڻ اندر ۾ دٻائي، پاڻ کي ڪرسيءَ تي ڍلو ڪري ڇڏي ٿو.

”اڙي ھا!.... “ ھن جو دوست اوچتو ڪنھن ڳالھ جي ياد اچي وڃڻ تي ڏاڍي تجسس وچان ھن ڏانھن ڏسي چوي ٿو ”يار، منھنجو ھڪ دوست آھي، جو ڪتاب ڇپائڻ ٿو چاھي.... سو ٽيون ڏينھن ٽائيٽل ٺھرائڻ جي سلسلي ۾، توھانجي گھر آيا ھئاسين.... پر اڌ ڪلاڪ در تي بيھڻ کانپوءِ به ڪو گھر کان ٻاھر ئي نه نڪتو.... خير..... اصل ۾ ھن کي ڪنھن ڪتاب لاءِ ٽائيٽل ٺھرائڻو آھي.... اھڙو ٽائيٽل، جنھن ۾ روشني بدران رت وسائيندڙ سج نظر اچي.... سمجھو ٿا نه منھنجي ڳالھه؟“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com