”شاد“ ڪولاچي
غزل
دلبر کان سوا ھاڻ، جيئن ڪار نه آھي،
ھي چنڊ ستارا به، ڏسڻ ڪار نه آھي.
تنھنجي ئي ڪري يار! مان ديوانو ٿو سڏجان، بس توکانسواءِ اھڙي
ڪار نه آھي.
منظور ڪيم تولاءِ ملن جيڪي مصائب، ڏک سور کئون، ڀي ته ڊڄڻ ڪار
نه آھي.
محتاج محبت ھان گھران دان ٿو توکان، طالب جو پري دست ڪرڻ ڪار نه
آھي.
دلداري سوا يار به ڪم ڪھڙي جو آھي، دلدار سواء ٻي ڏي ڏسڻ ڪار نه
آھي.
اعمال ڏسي منھنجا، سڄڻ رنج نه رھجان، ٻي در کان وڃي خير پنڻ ڪار
نه آھي.
اھڙو ٿو سخي گھرجي ڏئي ڪين پچاري، غيرن جي اڳيان جھول جھلڻ ڪار
نه آھي.
مھمان جي ٿيئي يار ٿئي دل جي اڱڻ تي، ھن گھر ۾ لنگھي ٻئي جو اچڻ
ڪار نه آھي.
قربان ڪيان پنھنجي حياتي به صنم تي، دل واري سڄڻ توکان رکڻ ڪار
نه آھي.
ھمدرد سندءِ ”شاد“ حقيقي آ سڄڻ! ڏک سور ٻين سان سلڻ ڪار نه آھي.
مظھر جلباڻي
غزل
توکي دل ھي ساري ساري ٿڪجي پئي آ،
پنھنجو پاڻ کي ڳاري ڳاري ٿڪجي پئي آ.
ھر دم تنھنجي نالي تي اي سھڻل سائين،
کٽيل بازيون ھاري ھاري ٿڪجي پئي آ.
سونھن ساگر مان پار پڄڻ جي ڪاڻ پرين،
آس جون ٻيڙيون تاري تاري ٿڪجي پئي آ.
ڌنڌ ڪوھيڙي اونده مشڪل بيوس بن ۽
انڌ اڪس ۾ گھاري گھاري ٿڪجي پئي آ.
سالن کان ئي واڳ وصل جي وار خاطر،
ڏک جا ڏونگر ڏاري ڏاري ٿڪجي پئي آ.
چڻنگ دکي جا اندر جي ھر عضوي ۾ آ،
تنھنکي پيارا ٺاري ٺاري ٿڪجي پئي آ.
ڪيئن ڀلا طوفان لڳو ۽ لاٽ اجھاڻي،
ٻيھر تنھن کي ٻاري ٻاري ٿڪجي پئي آ.
کيس جھليان ٿو کيس پليان ٿو جھل پل تي ھو،
مظھر مون کي ماري ماري ٿڪجي پئي آ
عاجز ڪريم پوري
غزل
تاڙي جيئن تنواريان ويٺو!
ڪھڙا يار پُڪاريان ويٺو؟
روح رلي ويو آھي جن سان، سنگدل سي ئي ساريان ويٺو.
پَل پَل جن جا، اُلڪا اولا، ھنجون تن لئه ھاريان ويٺو.
جيءَ ۾ جن لئه، جايُون جاني، تن لئه ڪانگ اڏاريان ويٺو.
ڪوئي ڪنھن جو ڪونھي عاجز، ساڳيو روح رئاريان ويٺو.
محمد شريف ”طالب“
غزل
پرين پيار وارا، جدا ٿي نه جاني.
اچي ڪر تون مون تي ملي مھرباني.
وڇوڙي ۾ ورھين جي ھر رات آھي، منھنجي تن اندر ۾ تنھنجي تات آھي.
اھي ڪونه سھڻا تنھنجو مٽ نه ثاني!
لڳي ڪانه ڪڏھين ڪا ھڪ ھٿ سان تاڙي، اچي ٻيلھ ٻڌ تون چڙھان عشق
چاڙھي.
ٻنھي جي سجائي ٿئي زندگاني.
ڪريان ٿو مان توکي مٺا ياد ھر ھر، مناسب نه توکي، رُلائين ٿو در
در.
رھيو ڪين ڪنھن جو حُسن ۽ جواني!
طلب مان پيو ”طالب“ سدا توکي ساري، مٺا ائين نه وڃ تون محبت ۾
ماري.
تنھنجي آئون ٿينديس ٻانھن جي ٻانھي
سيد پناھه شاھه ڏاڏاھي
غزل
عنايت جام ھر دم اسين آھيون طالب،
محبت جا ھر دم اسين آھيون طالب.
ازل کان اٿئون ڪوڙ ڪيني کان نفرت، صداقت جا ھردم اسين آھيون
طالب.
کپي دين ايمان عزت اسان کي، نه دولت جا ھردم اسين آھيون طالب.
اجايا فسانا پسند ڪونه ڪريون، حقيقت جا ھردم اسين آھيون طالب.
محابي نبي جي قيامت ۾ رب کان، شفاعت جا ھردم اسين آھيون طالب.
سٻاجھي سلوڻي نھايت پياري، طبيعت جا ھردم اسين آھيون طالب.
’پناھه شاھه‛ سامھون ھجي يار، اھڙي سعادت جا ھر دم اسين آھيون طالب.
ناگپال
وائي
تنھنجي چاھت جي آوازن ۾، جيءَ جھري ٿو، روح رڙي ٿو،
خاموشيءَ جي سازن ۾، جيءَ جھري ٿو، روح رڙي ٿو.
اداسين جي اکرن سان ڏس، من جو ميرو ورق ڳري ٿو.
جيءُ جھري ٿو، روح رڙي ٿو!
ڪاري رات جي روشن تھه مان، ورھه وڃايل چنگ وڄي ٿو.
جيءُ جھري ٿو، روح رڙي ٿو!
چانڊوڪيءَ جي زهر منجهان امرت هاريل هڳاءُ اچي ٿو،
جيءُ جهري ٿو، روح رڙي ٿو.
آس جي ٿڌڙين آھن سان گڏ، پريت جو ھيسيل ھانو ڇڄي ٿو.
جيءُ جھري ٿو، روح رڙي ٿو.
محمد رمضان ڪمبوھه ”زلفي“
غزل
وري ياد آيا ته ماضيءَ جا منظر،
چڀن ٿا سندم دل ۾ دردن جا نشتر.
حسن اڄ وري انجمن آرا ٿيو آ، بپا ٿيو وري آھه جلون جو محشر
ھجر يار ۾ ٿيو ھان بيتاب اھڙو، سندءِ ديد جي لئه ڦران ٿو مان در
در.
لنوي ڪانگ ٿو ۽ چوي ٿو تھ ايندين، نھاريان ٿو واٽون، واجھايان
ٿو ور ور.
سندءِ قھري نيڻن ھنيا تير ڪاري، جو بي قابو ٿي ويو سندم دل آ
مضطر.
تنھنجي ياد دل ۾ آ ھلچل مچائي، ڇلي پيو آ ٻيھر امنگن جو ساگر.
پنھنجي حسن جي بيک مون کي به ڏي تون، ازل کان سندءِ در جو آھيان
گداگر.
تنھنجي رس رھاڻين ڪيو آھي جادو، نه آھي سندءِ ثاني ٻيو ڪو سخن
ور.
ھي مھتاب رخ تنھنجو ڏاڍو وڻي ٿو، سندءِ رُخ ڏانھن ”زلفي“
نھاريان ٿو ھر ھر.
مجاھد راڌڻاڻي
غزل
رٺڙو من پرچائي ڪير،
يارن کي سمجھائي ڪير.
رستي جو ڪو واقف ناھي، منجھيل ماڳ رسائي ڪير.
ذھن ۾ ڇوليون آهن تيز، ماٺيون يار، ڪرائي ڪير.
منھنجي من کي، مونجھ ۾ آڻي، آخر ٿو تڙپائي ڪير.
مينديءَ بدلي خون ھٿن کي، مانجھي مرد لڳائي ڪير.
ساري عمر رني ھيءَ دل آ، اڄ ته ھن کي کلائي ڪير،
باھ جا ٻاري ويو آ ڪوئي، اُن کي ھاڻ وسائي ڪير.
سوچون ٿوھر، ڪنڊا گويا، دامن تن کان ڇڏائي ڪير.
ڪير ٿو ڄاڻي، پو ڇا ٿيندو، کولي صاف، ٻڌائي ڪير.
ھرڪو نفرت، نفرت چاھي، قرب جي وک، وڌائي ڪير.
حال جو محرم، حال ڇڏي ويو، گڏجي عيد ملھائي ڪير.
آھي ”مجاھد“، شاعر منجھيل، الجھيل کي سلجھائي ڪير.
مظھر لغاري
غزل
سانتيڪي تنھائي آھي،
اوندھه، جوت نه ڪائي آھي.
ٽلڪي ٽلڪي ناوَ ھتي ڪا، آڌيءَ ويلا آئي آھي.
ڦٿڪي ٿو پروانو، ھوڏي، شمع ڪنھن ته جلائي آھي.
ايئن نه ڄاڻوٿڪجي پيا ھون، ھيءَ به ننڍڙي ساھي آھي.
رڃ ۾ ڪائي رڙ ٿي آ، جنھن، سڀ جي ننڊ ڦٽائي آھي.
بَنَ ۾ بيھي ڪنھن بنواسيءَ، ڳائي شاھ جي وائي آھي.
مظھر تون زندان مان نڪتين، پر زنجير اُھائي آھي.
سرفراز راڄڙ
غزل
اوھان جو بھارن کان پڇبو.
حسين تر نظارن کان پڇبو.
وڇايون مون اکيون جتي ٿي،
انھن رھه گذارن کان پڇبو.
خوشي ساڻ کاڌاسون ڌوڪا،
ته پو ڇا سھارن کان پڇبو.
شب وصل وقت وداع چيئه،
ڀلا ڪيئن پيارن کان پڇبو.
سيد ماڪن شاھه رضوي
غزل
ديد وارن سان مٺا دم دم دغا ڇا جي ڪري،
يار پنھنجي کي ڇڏي ٻي سان وفا ڇا جي ڪري.
منھن مٿي ھاڻي نقابون ڇو وجھي ٿو تون ھلين،
حال محرم ٿي ڪري، ھاڻي حيا ڇا جي ڪري.
سوز غم ۽ سور دل کي، دلربا ڏاڍا ڏنئي،
ھاڻ جاني ھي جدائي جي سزا ڇا جي ڪري.
ڌي مسيحا دل جي دردن جون دوائون ڪراچي،
عام ھڙن ساڻ عاشق کي، دوا ڇا جي ڪري.
ڪر يقين تون يار جاني، بي يقيني آ بُري،
ھيئن پرين اعتبار ٽوڙين ٿو صفا ڇا جي ڪري.
نينھن لائي يار پھرين پوءِ نه پرئيواري ڪيئه،
يار سان ٿو تون ڪرين، جاني جفا ڇا جي ڪري.
تو نڀائڻ جو سڄڻ آن رات ھو واعدو ڪيو،
پر وساريئه يار سي وعدا وفا ڇا جي ڪري.
ڪونه ”ماڪن شاھه“ جھڙو، ٻيو ڪوئي ملندءِ مٿا،
تون انھيءَ سان ڀي ٿئين ٿو، بيوفا ڇا جي ڪري.
خليل لاکير
وائي
رم جھم رم جھم رُت برساتي،
پو ڀي تنھنجو من ويڳاڻو!
سُندر تُنھنجا نيڻ اُداس، تنھنجا زلف به ڄڻ آڌ راتي
پو ڀي تنھنجو من ويڳاڻو!
ڪنھن جي اوسيئڙي ۾ ايڏي، تنھنجي ٿي آ دلڙي آتي.
پو ڀي تنھنجو من ويڳاڻو!
ھاءِ غضب جي ٽور ٽلين ٿو، جذبا تنھنجا ھن جذباتي.
پو ڀي تنھنجو من ويڳاڻو!
ڏيھ سڄي جون نظرون تو ۾، ھر ھڪ ساٿي تنھنجو ڀاتي.
پو ڀي تنھنجو من ويڳاڻو!
ڪير ’خليل‛ ڪو سينو ساھي، تنھنجي رُڪ جي آھي ڇاتي.
پو ڀي تنھنجو من ويڳاڻو!
شيخ عبدالحليم ”جوش“
قطعا
پاڻ کان پاڻ پري آھيان مان،
تون چوين ٿو ته مان گھر ۾ آھيان،
پنھنجي سورن جي ئي صحرا ۾ حليم،
مان زماني کان سفر ۾ آھيان.
سچ ته بيٺو نچ سدائين،
ڪوڙ کي ڌوڙ ئي ٿيڻو پوندو،
دل جي ڳالھه زبان تي آڻي،
زھر جو پيالو پيڻو پوندو.
پشپا ولڀ
نثري نظم
....... ڪيڏي نه چري آھيان!
جتان ھلي ھيس آئون
اڄ اتئي اچي بيٺي آھيان
سچ ته، آئون ڪيڏي نه چري آھيان
ڪيڏو سُندر وقت ھيو ڪاليج جو
ٻه چوٽيون ڪري، ھٿ ۾ ڪتاب کڻي
وڃي بيھندي ھيس اسٽاپ تي
ھيٺ ھلندي، امان سڏ ڪندي ھئي؛
’راڻي لنچ باڪس ته کڻي وڃ.‛
وقت جو ڦيٿو ڦرندو رھيو
۽ ان سان گڏ منھنجي عمر به
ميڻ بتي جيان ڳرندي رھي
پڙھڻ بدران پڙھائڻ لڳيس مان
ڪيڏو سٺو لڳندو ھو جڏھن
ڇوڪريون مون کان ٿي متاثر
منھنجي انداز سان ٺاھينديون ھيون وار
’مس! توھان سٺي طرح ٿا پڙھايو‛
’مس! آئون توھان جي گھر اچان‛؟
ڪيڏا نه خوشيءَ وارا ڏينھن ھئا اُھي.
اوچتو منھنجي زندگيءَ ۾ خوشگوار گھڙيون آيون
جي ھر نينگر جي جيون ۾ آھن اينديون،
ھو منھنجي زندگي ۾ آيو ائين جو
آئون سڀ ڪجھ ويٺيس وساري
سمنڊ ڪناري ھلندي ھلندي
ڪڏھن ڪنھن ريسٽوران جي ڪنڊ ۾
ھُن جيڪي سُرٻاٽ ڪيا
اھي مون ٻڌا ۽ مشڪي پئي ھيس.
ھو ڪيڏو نه وڻندڙ ڳالھائيندو ھو
ھو منھنجي سپنن جو اڻٽٽ حصو بڻجي ويو،
اکيون پٽ ۽ اکيون پور
ھو سامھون ھو!
ھُن جي ڳالھين کي ٻڌي
سپنن جي سنسار ۾ پھچي ويندي ھيس مان.
۽ پوءِ بس ڪجھ ئي ڏينھن ۾
آئون ھُن جي ۽ ھو منھنجو بڻجي ويو.
ڪار ۾ ويھندي، ساھيڙي ٻانھن ۾ چھنڊڙي ھڻي چيو!
’شاديءَ کانپوءِ وساري نه ڇڏجان.‛
۽ آئون مرڪي پيئي ھيس. ھُن کي ڀرسان ويٺل ڀانئي
سڄي جھان کي پيرن ھيٺان ڀائيندي ھيس.
۽ ٿورن ڏينھن ۾ ھُن کي وڃڻو ھو ٻار
ايئرپورٽ تي خدا حافظ چوندي
ڇپرن تي ڪي موتي اٽڪي پيا ھئا،
’مٺڙي!
Don’t worry
مان توکي جلدي گھرائيندس
’۽ آئون توکي خط به ته لکندس!‛
ھُن منھنجا ڳوڙھا، پنھنجي ھٿن سان اگھندي چيو ھو
ھُن جا ٽيليفون تي چيل جملا!
’توکان سواءِ ڪجھه سٺو نٿو لڳي!‛
’ڪٿي توکي جادو گري ته نه ٿي اچي؟
’ڪڏھن ايندينءَ!‛
۽ ھُن جا موڪليل ڪارڊ:
‘Miss you’!
آئون ڪيڏو نه سنڀالي رکندي ھيس.
۽ پوءِ .............
منھنجي وڃڻ جو آيو وقت!
پنھنجي پوڙھي پيءَ ۽ ماءُ کي ڇڏي
اُسھيس پرنءَ پار ڏي
آئون ڪيڏي نه خوش ھيس
ھر ڳالھ تي ٽھڪ ڏيندي ھيس.
ھوائن ۾ سئر ڪندو ڀائيندي ھيس پاڻ کي!
ان وقت مون کي محسوس نه ٿيو
ته منھنجو پيءُ ڪيڏو نه پوڙھو آھي ٿيو
۽ منھنجي ماءٌ ڪيڏي نه ڪمزور!
جھاز ۾ اڪيلي، ڪيڏو نه لڳندو آھي عجيب
ھو سِک ڪيڏو نه عجيب طرح پيو گھوري،
ھو ھجي ھا! ته ڪيڏيون نه ڳالھيون ڪريون ھا!
۽ اتي جڏھن پھتس ته
ٿوريءَ دير لاءِ پريشان ٿي ويس!
اڻ ڄاڻ چھرن ۾ ھن کي ڳولڻ لڳيس
ته پٺيان ھُو تڪڙو اچي رھيو ھو!
ھُن پنھنجي ڪوٽ جا ڪالر مٿي ڪري رکيا ھيا
ھتي ڪيڏي نه ٿڌ آھي!
اڳتي وڌندي سوچيو ھئم
مون کي پنھنجي ٻانھن ۾ وٺي، گھوري چيائين:
‘Its Long time since I’ve seen you.’
سڄو رستو حيرانيءَ سان ڏسندي رھيس شھر وڏا وڏا سائن بورڊ
ايندڙ ويندڙ، ڳاڙھا، پيلا ۽ نيرا لفظ
ماڻھو تيز تيز ھلندڙ،
(جھڙوڪر ڪنھن ڏيئي چاٻي ڇڏي ڏنو ھجي)
وڏيون وڏيون بلڊنگون
(ڄڻڪ ماچيس جا کوکا ھا، گڏ رکيل، ھڪ جيڏا)
ڪار ھڪ وڏي بلڊنگ اڳيان اچي بيٺي
ھن تيزي سان لھي، منھنجي لاءِ دروازو کوليو
پاڻ ٿورو پاسيرو ٿي، ٿورو جھڪي
ھٿ جي اشاري سان لھڻ لاءِ چيائين.
لفٽ چڙھي 22 منزل لاءِ بٽڻ دٻايائين.
’ڪيئن لڳئه شھر؟ سٺو آھي!،
چيو مانس، پھرين نظر ۾ ماڻھو ڇا ٿو چئي سگھي!‛
در! گھر جي تي پھچي مون سوچيو،
شايد! ھي اھوئي گھر آھي جنھن لاءِ
سپنا اُڻيا مون ۽ آئون انتظار ۾ پيڙبي رھيس
در، ھن جي ڀاڀي کوليو
۽ پوءِ سڀن سان ٿيو تعارف
‘My brother, his wife and he is your son tony…
Son tony….. Son.’
پاتال مان آواز آيو:
‘She is your mummy dear, wish her!’
۽ منھنجي ھٿ مان ڪيترائي گلاس
فرش تي ڪريا ۽ ڇيھون ڇيھون ٿي ويا!
منھنجو مٿو ڦرڻ لڳو
جھڙوڪر 22 ماڙ تان ھيٺ نھاريندي ھجان!
مون پاڻيءَ سان ڌنڌ لايل اکين سان ڏانھس ڏٺو:
ھو مسڪرائي رھيو ھو،
اُھائي.... دلفريب مسڪراھٽ!
آئون ھُتي گھڻا ڏينھن رھي نه سگھيس
ھلي آيس دورکيبازن جي ملڪ مان.
آئون رھي به ڪيئن ٿي سگھيس؟
جيڪي سچ جو خون ڪن!
مسرتن جا لاش ڪلھن تي رکي،
ڪنڌ جھڪائي
ھلي آيس.
موٽيس ته بابا کي به ھارائي چڪي هيس
پنھنجي جيون کي داءُ تي لڳائڻ کانپوءِ!
ھاڻي آئون آھيان ۽ منھنجي ماءُ!
خيال روز اچي ڀوت جيان لڳندا آھن
۽ نندرا به شايد وئي رُسي.
’ممي! مون کي
Vilum-2
ڏي
آئون ٿورو سمھڻ ٿي چاھيان،
ھُتي ڏاڍي ٿڌ آھي! “
امان جي سيني لڳي چوان ٿي
۽ پوءِ ڳوڙھا سڀ بند ڀڃي وھي ٿا اچن!
”ٿورو سمھڻ ٿي چاھيان؟
آئون جتان ھلي ھيس اڄ اتي ئي اچي بيٺي آھيان
سچ ته، آئون ڪيڏي نه چري آھيان!
نيما ڪوثر
نثري نظم
ڪوئل ائين نه ڪوڪ
دور جنھن وڻ تان
ڪوئل جي
بي چين ڪندڙ ڪوڪ
منھنجي من پاتال سان
ٽڪرائجي رھي آھي
تنھن اڀاڳڻ ڪوئل جو ميت به
شايد منھنجي
پريتم جيان
رٺل آھي.
اي!
ڪوئل ور ور
ائين نه ڪوڪ
بخشڻ مھراڻوي
نثري نظم
ڪوتا
ٽڙيل مکڙين،
چنڊ جي چانڊاڻ ۾،
گلن جي سڳنڌ ۾،
پريم جي گيتن ۾،
سونھن ڀريل نظارن ۾،
سپنن جي ڏيھ ۾،
توکي ڏسندو رھيو آھيان.
تون!
مون ڪاڻ،
اُھو ساز آھين،
جنھن جي مَڌر ڌُن تي،
زندگيون رقص ڪنديون آھن.
جي اھو ساز نه رھيو.
ته- مان- مان- نه رھندس!!!
بشير احمد ”شاد“
گيت
آءُ ته ٻاريون لاٽ، او پيارا،
آءُ ته ٻاريون لاٽ.
دنيا ساري پياسي، جنھن کي،
پيار جي اُڃ اُساٽ، پيارا،
آءُ ته ٻاريون لاٽ.
رات انڌيري پنڌ پريرو،
ناھي سونھين واٽ، پيارا،
آءُ ته ٻاريون لاٽ.
گونگو مينھن وسي ٿو، ناھن،
کنوڻين کاڌا ڦاٽ، پيارا،
آءُ ته ٻاريون لاٽ.
ڪو ته اُجالو آڻي جڳ ۾،
ڪو ته ڪري، چمڪاٽ، پيارا،
آءُ ته ٻاريون لاٽ.
شمس صابر
غزل
نگاھ ناز سان مون کي نھاري تون نه مارين ھا،
لڳائي دل صنم سُھڻا نه مون کي تون ڌڪارين ھا.
ڪيئه جي قول اُلفت جا سندم آغوش ۾ دلبر،
اُھي اقرار ۽ انجام تون ھڪوار پارين ھا.
ٻڌائي ٻول ٻاجھارا ۽ پنھنجو رازدان سمجھي،
سڏي محفل ۾ مون کي تون ته گوڏي گڏ ويھارين ھا.
سندم ئي روبرو جاني رقيبن سان گھمڻ تنھنجو،
ستم ”صابر“ سھي ھا ڇو اگر تون ھوش ڌارين ھا. |