نيٺ ڪجھه مدت بعد، حالتن ڦيرو کاڌو ۽ طبيعت خراب ٿي پئي ۽ آئون
واري جي تپ (مصنف ”تپ ريع“ لکيو آھي، جيڪو ھر
چوٿين ڏينھن اچي ٿو)، جيڪو ھن علائقي ۾ ٿيندڙ آھي
۽ مبتلا ٿي ويس. علاج صحيح نه ھجڻ سبب وري جلندر
جو عارضو به ٿي پيو. ھيءَ مرض اٺ مھينا جاري رھيو
۽ ايترو ڪمزور ٿي ويس، جو چري پري به نه پيو
سگھان. ان وچ ۾ حاذق حڪيم ۽ طبيب مولانا صلاح
الدين سيوھاڻيءَ جو سايو سر تي پيو (12) ، جنھن
ھريڙ جي رس ذريعي (ص 97)، ڇھن ڏينھن ۾ ھن مرض جو
ڪامياب علاج ڪيو. جڏھن چاڪس ٿيس، تڏھن ھن ملڪ کان
موڪلائڻ ۽ پنھنجي وطن واپس ٿيڻ جي تمنا اھڙو ته
تنگ ڪيو، جو دل کان زبان تي ۽ زبان کان بيان
(ٻڌائڻ) ڪرڻ تي مجبور ٿيس ۽ شھر جي واليءَ کان
جنھن سان رڳو صحبتون قائم قائم ھيون، موڪل گھري،
کيس اجازت ڏيڻ تي راضي ڪيم، جنھن اجازت مون کي
گنجابه پرڳڻي (13)، جيڪو افغانستان جي حدن ۾ واقع
آھي، جو منتظم مقرر ڪيو. مان به ڳڻ ڳوت کانسواءِ،
ھائو ڪري ھٿ وڌائي ويٺس (يعني راضي ٿيس) ۽ اتان
روانو ٿي ويس (ص 98).
محمود بن امير والي، بکر مان شعبان 1040ھ- مطابق مارچ 1631ع
ڌاري وطن لاءِ نڪتو. ھتان سياح، بکر جي فوجدار
پاران گنجابه جي حاڪم طور روانو ٿيو. ليڪن جيئن ئي
اتي پھتو، تيئن شير خان افغان حملو ڪري، کيس
گرفتار ڪيو. جڏھن بلخ جو ھي سياح آزاد ٿيو ته وري
سفر جاري رکي، پنھنجي وطن واپس پھتو ۽ اتي جي حاڪم
جو لائبررين مقرر ٿيو.
(ب) سنڌ جي شھرن جو احوال
ياد رھي ته”بحر الاسرار“ جو اھو ڀاڱو، جنھن ۾ شھرن جو ذڪر آيل
آھي، اصلي حالت ۾ اڃان ڪٿي به نه ڇپيو آھي. اسين
ھي احوال ڊاڪٽر رياض الاسلام جي مقالي ”اي سيونٽنٿ
سينچري اڪائونٽ آف سنڌ“(انگريزي) جي مدد سان، سنڌ
جي شھرن متعلق ھي قيمتي احوال ھتي ڏئي رھيا آھيون.
بکر: بکر سنڌ جي شھرن مان ھڪ آھي. اھو سنڌو درياھ جي وچ ۾ ھڪ
ٻيٽ وانگر واقع آھي. پراڻي زماني ۾ ان کي منصوره
سڏبو ھو (14) . ھي هن کي هڪ زبردست قلعو آهي ۽
ڪيترا مدرسا ۽ مسجدون پڻ. هي سڀ اجير
(Ajir)
(سرون ۽ سينگاريل پٿر) سان ٺھيل ۽ ڪاشيءَ سان
سينگاريل آھن. بکر کي ڪيئي تابع ملڪ (علائقا) ۽
مضافات
(Suburbs)
روھڙي ۽ سکر آھن. ھي ٻئي جايون نديءَ جي ٻنھي پاسن
واقع آھن، جن مان روھڙي ساڄي ۽ سکر کاٻي پاسي آھي
(15). بکر ۾ کجي، ڊاک، ڏاڙھون، گدرا (ڇانھيون) ۽
انب پيدا ٿين ٿا. ھن شھر ڪيئي عالم ۽ سٺين خوبين
وارا ماڻھو پڻ پيدا ڪيا آھن. ھتي جا ماڻھو شريف،
حياءَ دار ۽ قناعتي آھن، ليڪن حجاب (حياءُ) گھٽ
آھن. ھتان جون عورتون پاڻ کي صاف نه ٿيون رکن ۽
ائين پنھنجي ملڪ ۽ ماڻھن لاءِ ڌڪار جو سبب بڻيل
آھن. جيڪڏھن ڪو کين ٻاھر ھلڻ جي آڇ ڪري ٿو ته اھي
مائٽن، ٻارن ۽ مڙسن کي ڇڏڻ لاءِ به تيار ٿيو وڃن.
(16) پر جيئن ته اھي چھري ۽ ڊول ۾ سھڻيون نه آھن،
ان ڪري سواءِ چند خر مغز واپارين جي، جيڪي ٻاھر
وڃي کين وڪڻن ٿا، ٻيو ڪوبھ انھن کي ٻاھر وٺي وڃڻ
پسند نٿو ڪري.
سبي ۽ گنجابو: محمود، سبي ۽ گنجائيه (ھاڻي بلوچستان) کي، سنڌ جي
تابح ٻڌايو آھي. سندس چوڻ آھي ته گنجابه ۾ بلوچ
قبيلا، لشاري، مگسي، ڊومڪي ۽ رند رھن ٿا، جڏھن ته
سبيءَ تي پٺاڻن جو تسلط آھي.
ٺٽو: ھي سنڌ جي شھرن مان ھڪ آھي. اھو پھرين ولايت ۾ آھي، پر ڪي
ان کي ٻي ولايت ۾ رکن ٿا. ٺٽو ڪيچ ۽ مڪران جي ڀر ۾
آھي، جيڪو ايران ۽ ھندستان کي ملائي ٿو. شروع ۾ ھن
جاءِ کي بيبل، پوءِ ديبل ۽ پوءِ اتي جي گرم آب ھوا
سبب ٺٽو سڏيو ويو (17). ھي بحر ھند جي ڪناري تي
واقع ۽ مشھور بندرگاھن مان ھڪ آھي. گرم ملڪن ۾
پيدا ٿيندڙ ميوو، ھتي جھجھي انداز ۾ پيدا ٿئي ٿو
(18). ھن (ٺٽي) جي ڀرسان مھراڻ وھي ٿي، جيڪا ھندي
سمنڊ ۾ وڃي ڇوڙ ڪري ٿي. ڪپڙو ۽ ايران توڙي ھند جون
مصنوعات به ھتي موجود آهن. ھتي جي ڀرپاسي ۾ رھزن
ڌاڙيل جام ڏسجن ٿا (19). ھتان فارس، عراق ۽ عرب
بندرن جا واپاري وڏي تعداد ۾ لنگھن ٿا. سندس اڪثر
آبادي حنفي فرقي سان واسطو رکي ٿي، جيڪي زاھد ۽
روزي نماز جا وڏا پائبند آھن.
ملتان: ھي سنڌ جي شھرن مان ھڪ آھي ۽ ماضيءَ ۾ ان جو تخت گاھه
ھو (20). ھتان جي ماڻھن ھند- سنڌ ۾ سڀني کان اڳ
اسلام قبول ڪيو. رسول صلعم جا ڪيئي ساٿي (اصحاب)
پڻ ھتي پھتا ھئا. اسلام کان اڳ ھت ھڪ وڏو مندر ھو،
جنھن ۾ ملتان نالي ھڪ بت ھو، جنھن جي پٺيان ھن شھر
جو نالو رکيو ويو. مسلم فاتحن ھتان لٽ جو ھيڪاندو
مال ھٿ ڪيو، جنھن کين ايترو ته خوش ڪيو، جو انھن
ھن شھر کي بيت الفرج (خوشين جو گھر) ۽ بيت الذھب
(سون جو گھر) سڏيو (21). ھن جا ٻيا نالا به آھن.
ھي شھر مھراڻ تي واقع آھي، جنھن کي ھاڻي پنجاب
(نھر) سڏجي ٿو. ھي واپاري رستو آھي، جيڪو اولھه ۾
خراسان، عراق ۽ ٻين ملڪن ۽ اوڀر ۾ ھندستان کي
ملائي ٿو. سنڌ جي اڪثر جاين کان ھتي جي آب ھوا سٺي
آھي ۽ ھتي ان ۽ ميوو جھجھي تعداد ۾ پيدا ٿئي ٿو.
قديم دور ۾ ملتانين کانسواءِ ھند- سنڌ جو ڪوبه
ماڻھو، ايران توران ڏي نه ويندو ھو. ان ڪري اڄ به
ڪو ھند، سنڌ مان، ٻاھر وڃي ٿو ته ملتاني سڏجي ٿو.
وڏن بزرگن مان شيخ ذڪريا ملتاني ملتان سان واسطو
رکندو ھو. بزرگي سندن ورثو آھي، جيڪو به ھن منصب
تي ويھي ٿو، اھو خدا وارو ٿئي ٿو.
سمجھاڻيون
بلخ جي حاڪم نظر محمد (1641-1650ع) جي احوال لاءِ ڏسو ايم- پي-
سري واستاوا جو ڪتاب: ”پاليسيز آف دي گريٽ مغلز“ ص
136- 144؛ ناشر بڪ ٽريڊرس، لاھور 1979ع.
محمود بن امير جي سوانح، ڊاڪٽر رياض الاسلام جي ايڊٽ ڪيل ”بحر
الاسرار“ جي انگريزي مقدمي تان کنيل آھي.
- ”بحر الاسرار“ جي اشاعت کان اڳ، ھن ڏس ۾ ھي
مضمون ڇپيا آھن.
1. B.G. Gafurov: “The Bahr- al- Asrar”,
2. Dr. Riazul- Islam: “The Bahr- al- Asrar- A note on the
travel portion.”
3. Dr. Riazul- Islam: “A Seventeenth Century account of Sindh.”
ھي سڀ آرٽيڪل، پاڪستان ھسٽاريڪل سوسائٽيءَ، جي
انگريزي رسالي ۾ه ڇپيل آھن.
ڏسو عبدالغني مرزايف جو آرٽيڪل: ”سنڌ ۽ راءُ النھر
جي ادبي لاڳاپن جا ڪجھه پھلو“ (رسالو: سنڌ
ڪئارٽرلي 3-1978ع، ڪراچي سنڌ)
قاطعي ھروي: ”مجمع الشعراء جھانگير شاھي“ ايڊٽ ڊاڪٽر سليم اختر؛
ص 61، 62 ۽ 114: ناشر ويسٽرن اينڊ سينٽرل ايشن
انسٽيٽيوٽ، ڪراچي يونيورسٽي سال 1979ع.
اروڙ اسلام کان اڳ سنڌ جو گادي ھو. ھن شھر جا آثار به روھڙيءَ
کان اٽڪل 5 ميل ڏکڻ، اوڀر، طرف موجود آھن (ڏسو:
”چچ نامه“ ص 21 ۽ 375، حاشيا ڊاڪٽر نبي بخش خان
بلوچ).
مغل دور ۾ ”بکر“ سنڌ جي ڇھن ڊويزنن (سرڪارن) مان ھڪ ھو، جنھن ۾
اٺ پرڳڻا ھئا: ماٿيلو: اروڙ، لڌو گاگن، ڪاڪڙي ۽
درٻيلو (روھڙيءَ طرف) ۽ جتوئي، ٽڪر ۽ چانڊڪا (سکر
طرف) [”تاريخ مظھر شاھجھاني“ ص 5- 22، ايڊٽ سيد
حسام الدين راشدي، ناشر سنڌي ادبي بورڊ 1962ع ].
محمود والي ھندن ۽ مسلمانن جي وچ ۾ فرق معلوم نه ڪري سگھيو آھي.
حقيقت ۾ ھيءَ رسم ان وقت سنڌ جي ھندن ۾ رائج ھئي.
محمود جي سنڌ مان روانگيءَ کان صرف چار سال پوءِ
(1044ھه)، ميرڪ يوسف سنڌ جي ھندن جي ھن رسم متعلق
لکي ٿو: ”ھن ڳوٺ ۾ ڪوهه کن پرتي جبل ۾ گندرف جو ھڪ
چشمو آھي. ھتي رات ڏينھن سيوھڻ توڙي ٻين پاسن، بکر
۽ ٺٽي جا ھندو، ٻارين ٻچين وھنجندا آھن، ھي تماشو
سدائين جاري آھي. زالون توڙي مرد بُت اگھاڙا ڪري
پاڻي ۾ غسل ڪن ٿا. مرزا جاني بيگ ھي تماشو لڪي
ويھي ڏسندو ھو“ (ڏسو: ”مظھر شاھجھاني“، ايڊٽ سيد
حسام الدين راشدي، ص 262، سنڌي ادبي بورڊ سال
1926ع).
بکر جي ميون لاءِ وڌيڪ ڏسو: ”تذڪره امير خاني“ ص 57 ۽ 58، مولف
سيد حسام الدين راشدي، سنڌي ادبي بورڊ سال 1961ع.
محمود سياح جي زماني ۾، بکر جو فوجدار مرزا حسيني ھو. مرزا جي
سلسلي ۾ ڏسو: ”لب تاريخ سنڌ“ (ايڊٽ ڊاڪٽر نبي بخش
بلوچ) 77، ناشر سنڌي ادبي بورڊ سال 1959ع؛ ۽ پڻ
ڏسو فريد بکري: ”ذخيرة الخوانين“ (ايڊٽ ڊاڪٽر معين
الحق) ص 242 ۽ 243، جلد ٻيون، ناشر پاڪستان
ھسٽاريڪل سوسائٽي، ڪراچي سال 1970ع.
بکر جي قلعي ۽ ان جي اھميت لاءِ ڏسو: ”سنڌ جا قديم آثار“
(انگريزي)؛ ھينري ڪوزنس؛ ص 142، آڪسفورڊ يونيورسٽي
پريس ڪراچي، سال 1975ع.
ڪتاب جو ھي ڀاڱو اڻ لڀ آھي.
ھيل تائين معلوم سنڌي طبيبن (مغل دور) ۾، مولانا
صلاح الدين سيوھاڻيءَ جو ذڪر ڪٿي به نه ٿيو آھي
(ڏسو: حڪيم نياز ھمايوني ”سنڌ جي طبي تاريخ“ جلد
ٻيون، ص 525- 535؛ ناشر سنڌ سائنس سوسائٽي
حيدرآباد، سال 1976ع).
گنجابو ”سبي ملڪ“ ۾ شامل ھو. ياد رھي ته مغل سنڌ چئن ملڪن ۾
ورھايل ھئي، جنھن مان سبي به ھڪ (ڏسو: ”مظھر
شاھجھاني“، ص 2 ۽ 28، فارسي ڇاپو).
بکر کي مغليه مؤرخن پڻ، غلطيءَ مان منصور سڏيو آھي (ڏسو: آئين
اڪبري“ ص 1037، مترجم: مولوي فدا علي، جلد پھريون،
ڀاڱو ٻيون، ناشر سنگ ميل پبليڪيشنز، لاھور
سال ؟) (ياد رھي ”منصوره“ عربن جو تختگاھه
ھو، جيڪو سانگھڙ ضلعي ۾ ھو).
روھڙي درياء کاٻي ۽ سکر ساڄي طرف آھي.
سنڌ جي عورت تي، ھي صرف الزام آھي.
ھن قسم جو اظھار قدر الله فاطمي پڻ، پنھنجي مقالي
”ديبل جاڙا بندرگاھه“ ۾ ڪيو آھي (”سنڌ ٿرو دي
سينچريز“ ص 97-105،مرتب: ڊاڪٽر حميده کھڙو،
يونيورسٽي آڪسفورڊ پريس، ڪراچي 1981ع).
حوالو (8)
ٺٽي ۾ جوکيا، نومڙيا ۽ ٻيا قبيلا مغلن خلاف برسر
بيڪار رھيا. افسوس جو ھندي ۽ مقامي مؤرخن وانگر،
محمود والي پڻ، ھنن قبيلن کي رھزن سڏيو آھي. ھن
سياح کان ويھه سال پوءِ (سال 1-1060ھه)، اورنگزيب،
شاھجھان کي، پنھنجن خطن ۾ ھنن ساڳين قبيلن جي
سرگرمين کان آگاھه ڪيو ھو (ڏسو: ”ادب عالمگيري“
(فارسي) جلد پھريون، ص 24 ۽ 25؛ ايڊٽ چوڌري
عبدالغفور، رسرچ سوسائٽي آف پاڪستان، پنجاب
يونيورسٽي، لاھور سال 1971ع.)
اسلام کان اڳ ملتان، سنڌ جي چئن صوبن مان ھڪ جو دارالحڪومت رھيو
آھي (چچ نامه، ص 23). دھلي سلطنت جي زماني ۾، پڻ
ھي شھر سنڌ جو تختگاھه ليکيو وڃي ٿو.
”چچ نامه“ (از مخدوم امير احمد) ص 4- 358، ناشر
سنڌي ادبي بورڊ.
ڊاڪٽر نواز علي ”شوق“
محمد ھاشم مخلص
(اديب، شاعر، صحافي ۽ مزاح نگار)
سنڌ جي مشھور اديب، صحافي ۽ مزاح نگار محمد ھاشم مخلص جي ولادت
سنه 1860ع ۾ ٽکڙ ۾ ٿي. ابتدائي تعليم حافظ محمد
يوسف جي مدرسي ۾ حاصل ڪيائين. پوءِ ڪجھه وقت
پنھنجي والد جو ڪاروبار سنڀالڻ لڳو. جڏھن سندس ٻيو
ڀاءُ محمد دائود جوان ٿيو، تڏھن اھو حڪمت ۽ ڪپڙي
وارو ڪاروبار ان جي حوالي ڪيائين ۽ پاڻ پنھنجي
والد بزرگوار سان سير سفر ڪندو رھيو. سرڪار خلاف
سخت مضمون لکڻ سبب، ان جي عتاب ھيٺ آيو. سن 1904ع
کان 1913ع تائين ھندوستان جي مختلف رياستن ۾
روپوشيءَ جي زندگي گذاريائين. ڪجھه وقت جوڌپور ۾
حڪمت به ڪيائين. اتي محمود علي نالي ھڪ وڪيل سان
سندس دوستي ٿي ويئي. ھو به سندس ذھانت کان ڏاڍو
متاثر ٿيو ۽ کيس پنھنجو مشير مقرر ڪيائين. مختلف
رياستن جي وچ ۾ مسئلا حل ڪرڻ لاءِ محمود علي کيس
پاڻ سان گڏ وٺي ويندو ھو. اھڙي ريت ھن ڪيترين ئي
رياستن جو سير سفر ڪيو.
ان زماني ۾ خلافت تحريڪ سنڌ ۽ ھند ۾ه شروع ٿي چڪي ھئي. مخلص
مرحوم ان تحريڪ جي جلسن ۾ باقاعدگيءَ سان شريڪ
ٿيندو ھو، جتي وڏن وڏن عالمن ۽ سياسي رھنمائن سان
سندس ملاقات ٿي ۽ دوستانه تعلقات پيدا ٿيا.
مخلص جي شاعريءَ جي ابتدا ٽکڙ کان ٿي. کيس پنھنجي گھر ۾ ئي
شاعرانه ماحول مليو. ان کان علاوه اتان جي ادبي سر
زمين سندس شاعرانه ذوق شوق ۾ واڌاو آندو. ڪجھه وقت
کانپوءِ ھو ٽکڙ ڇڏي، حيدرآباد ھليو ويو، ته اتي
کيس اڃان وڌيڪ علمي ادبي ماحول ميسر ٿيو ۽ سندس
طبع جا وڌيڪ جوھر کلڻ لڳا.
مخلص کي شعر و شاعريءَ تي وڏو عبور حاصل ھو. ھو في البديھه
ڪيترائي شعر چئي ويندو ھو. سندس ڪلام ۾ بيحد رواني
آھي. ھن تمام گھڻو ڪلام چيو آھي، پر افسوس اڄ
ڏينھن تائين سندس ڪلام جو ڪو مجموعو شايع ٿي نه
سگھيو آھي. سنڌي ادبي بورڊ يا سنڌ الاجيءَ کي سندس
ڪليات ڇپرائڻ گھرجي، ڇو ته مخلص جي شاعري ان دؤر
جي سياسي، سماجي ۽ ادبي تاريخ آھي. سندس شاعري
انگريزن جي خلاف ماڻھن جي دلين ۾ وڏي نفرت پيدا
ڪئي ۽ ان دور جي تحريڪن کي خوب زور وٺرايو. ان کان
علاوه اخبارن ۽ رسالن ۾ لکيل سندس ايڊيٽوريل ۽ ٻيا
مضامين پڻ ڇپرايا وڃن.
مخلص ته صرف ھڪ اعليٰ شاعر ھو، پر وڏو مزاح نگار به ھو، ۽ نثر
نگاريءَ ۾ به پنھنجو مَٽ پاڻ ھو. سندس نثر نگاريءَ
جا جوھر سندن مضمونن سان ظاھر ٿين ٿا. انھن خوبين
کان علاوه ھو ھڪ بي باڪ صحافي پڻ ھو. اھڙو صحافي،
جيڪو روپوش ھوندي به صحافتي فرائض ادا ڪندو رھيو.
مخلص مرحوم جي ادبي ۽ صحافتي خدمتن تي جيڪڏھن سير حاصل بحث ڪيو
ويندو ته ھيءَ مقالو تمام طويل ٿي ويندو، تنھن ڪري
اختصار کان ڪم وٺندي، ھتي صرف سندس صحافتي خدمتن
جو مختصر ذڪر ڪيو وڃي ٿو ۽ ان سان گڏ سندس مزاحيه
شاعريءَ جو ڪجھه نمونو پيش ڪجي ٿو.
سڀ کان پھرين انھن اخبارن ۽ رسالن جو ذڪر ڪيو وڃي، جن سان مخلص
مرحوم جو ڪنھن نه ڪنھن طرح واسطو رھيو.
الحق: ھيءَ اخبار 1895ع ۾ پھريائين حيدرآباد مان جاري ٿي. ھن
اخبار جي جاري ڪرڻ ۾ ڪراچي واري شيخ محمد سليمان ۽
ان وقت جي سکر جي ڊپٽي ڪليڪٽر سردار محمد يعقوب جو
وڏو ھٿ ھو. ھي اخبار ڪجھه وقت کانپوءِ سکر منتقل
ٿي وئي. مرحوم محمد ھاشم مخلص ڪجھه وقت لاءِ ھن
اخبار جو ايڊيٽر ٿي رھيو. الحق جو پھريون ايڊيٽر
مرحوم علي محمد دھلوي ھو. بعد ۾ مرحوم محمد ھاشم
مخلص جي ادارت ھيٺ شايع ٿيڻ لڳي.
شيخ محمد سليمان جي وفات بعد سندس ننڍو ڀاءُ عبدالحڪيم شيخ
اخبار جو ڪم ڪار سنڀاليندو رھيو. پر اخبار جو اھو
اڳوڻو اوج ختم ٿي چڪو ھو، صرف حڪومت جي تعريف مان
ڀريل ھوندي ھئي ۽ اشتھارن جي آڌار تي پئي ھلندي
ھئي. 1901ع ۾ جڏھن حيدرآباد مان شايع ٿيڻ لڳي،
تڏھن مرحوم شمس الدين بلبل ان جو ايڊيٽر مقرر ٿيو.
بلبل، جنھن کي سنڌي ادب ۽ صحافت جو ڏاڏو آدم سڏيو
ويو آھي، تنھن ھن اخبار ۾ نئين سر روح ڦوڪيو، سندس
دؤر ۾ اخبار کي وڏي مقبوليت حاصل ٿي.
ھيءَ اخبار علي ڳڙھه تحريڪ جي حامي ھئي. اخبار جي اھا پاليسي
ھئي ته انگريزن سان ملي، مسلمانن جي تعليم ۽ ترقي
لاءِ ڪوشش ڪرڻ گھرجي، بنگلا جي ورھاڱي جي سلسلي ۾
مسلم پريس ان جي فائدي ۾ رايو ڏنو، جنھن ۾’الحق‛
پڻ نمايان ڪردار ادا ڪيو. ھندن جون اخبارون ھن
ورھاڱي جي خلاف ھيون، تنھن ڪري ھنن سازش سٽي ’الحق‛
تي ڪيس ڪيو. اھوئي سبب آھي جو ھيءَ اخبار ڪيترائي
ڀيرا بند ٿي ۽ وري جاري ٿي. آخرڪار 1907ع ۾ مالي
مشڪلاتن جو شڪار ٿي، بند ٿي وئي. ھن اخبار مسلمانن
جي تعليم ۽ ترقيءَ جي سلسلي ۾ اھم ڪردار ادا ڪيو.
تحفھ احباب: ھي رسالو مخلص مرحوم 1904ع ۾ حيدرآباد سنڌ مان جاري
ڪيو. ھن رسالي جي جاري ڪرڻ ۽ ٽکڙ جي مشھور شخصيت
علامه اسد الله انگريز سرڪار خلاف ڪيترائي طنزيه
مضمون لکيا، جنھن سبب سرڪار نامدار کيس گرفتار ڪرڻ
جي ڪوشش ڪئي، پر ھو روپوش ٿي ويو. ان روپوشيءَ جي
دؤر ۾ ھندستان جي مختلف رياستن جھڙوڪ جوڌپور،
ناگپور ۽ بيڪانير ۾ زندگيءَ جا ڏينھن گذارڻ لڳو،
پر سندس اھو ڪمال آھي جو ان روپوشيءَ واري دؤر ۾
به ھو لکڻ کان نه مُڙيو ۽ ”حڪيم ناصر عليءَ“ جي
فرضي نالي کانسواءِ زبردست مضمون لکندو رھيو.
سنه 1905ع ۾ علامه سيد اسد الله شاھه فدا جي سرپرستي ھيٺ ٽکڙ
مان ” بھار اخلاق“ نالي ھڪ ماھوار رسالو جاري ٿيو.
مخلص مرحوم پنھنجي روپوشي واري دور ۾ ھن رسالي جو
ايڊيٽر ٿي رھيو ۽ خوب طنزيه مزاحيه مضمون لکيائين.
ھن رسالي سنڌي شاعري کي گھڻي ترقي وٺرائي.
جعفر زٽلي: ھيءُ رسالو محمد ھاشم مخلص 1909ع ۾ حيدرآباد مان
جاري ڪيو. ھن رسالي جي اجراء ۾ رئيس غلام محمد
ڀرڳڙي مخلص مرحوم جي ڪافي مدد ڪئي ھئي. جيئن ته،
مخلص مرحوم ان زماني ۾ سرڪار جي عتاب ھيٺ ھو ۽
روپوشيءَ جا ڏينھن گذاري رھيو ھو، تنھن ڪري ان
رسالي جو ايڊيٽر پنھنجي ھڪ عزيز ماستر عبدالرحيم
شائق کي مقرر ڪيائين. ”شائق “ صرف نالي ۾ ايڊيٽر
ھو پر رسالي جو حقيقي ايڊيٽر محمد ھاشم مخلص ھو.
ھيءُ رسالو سنڌي طنزيه مزاحيه ادب ۾ پنھنجو مٽ پاڻ
ھو. مخلص ھن رسالي ذريعي پنھنجي خداداد قابليت جا
خوب جوھر ڏيکاريا. ھيءُ رسالو پڙھندڙ ۾ تمام گھڻو
مقبول ھو.
الشائق : سنه 1912ع ۾ مخلص مرحوم ھيءُ رسالو حيدرآباد سنڌ مان
جاري ڪيو. ان زماني ۾ ھو روپوش ھو. ھن رسالي کي پڻ
تحفه احباب وانگر شعر و ادب ۽ طنز و مزاح ۾ ھڪ
مثالي حيثيت حاصل ھئي، تنھن ڪري رسالي کي گھڻي
مقبوليت حاصل ٿي.
ميرپورخاص گزيٽ: مرحوم محمد ھاشم اٽڪل ٻه سال کن ميرپورخاص گزيٽ
جو ايڊيٽر ٿي رھيو. اھا اخبار سنه 1912ع ۾ گر ڏني
مل ٽھل سنگھه ميرپورخاص مان جاري ڪئي ھئي.ھن اخبار
۾ سياسي مضمون شايع ٿيندا ھئا. رشوت وٺندڙ ڪامورن
خلاف ھن اخبار ۾ گھڻو ئي مواد ڇپجندو ھو. بيوسيلن
جي حمايت ۽ مظلومن جي مدد ڪرڻ اخبار جي خاص پاليسي
ھوندي ھئي. ان کان علاوه حق ۽ سچ چوڻ سندس اصول
ھئا. مضمونن جي لحاظ سان به ھيءَ اخبار ھڪ مثالي
اخبار ھئي.
الامين: ھيءَ اخبار سنڌ جي بيباڪ سياسي اڳواڻ ۽ تحريڪ آزاديءَ
جي مخلص رھنما مرحوم غلام محمد خان ڀرڳڙي سنه
1918ع ۾ حيدرآباد سنڌ مان جاري ڪئي. محمد ھاشم
مخلص کي ان جو ايڊيٽر مقرر ڪيو ويو، پر ڪجھ وقت
کانپوءِ شيخ عبدالمجيد سنڌي کي اخبار جو ايڊيٽر
مقرر ڪيو ويو. انھيءَ ڳالھ تي مخلص، شيخ صاحب جو
سخت مخالف ٿي پيو ۽ ھميشه سندس خلاف لکندو رھيو.
مخلص جي ناراض ٿيڻ جو سبب اھو ھو جو ھن ائين
سمجھيو ٿي ته شيخ صاحب سندس روزگار تي لت ھنئي
آھي، پر حقيقت ائين نه ھئي. دراصل مخلص جڏھن
الامين جو ايڊيٽر ھو، تڏھن ھو حڪومت خلاف سخت
مضمون لکندو رھيو، سندس سخت لکڻين سبب ڀرڳڙي مرحوم
کي ڊپ ٿيو ته متان سندس اخبار کي ڪو نقصان پھچي،
يا مخلص مرحوم کي ڪا تڪليف پھچي، تنھن ڪري ھن مخلص
جي بجاءِ شيخ عبدالمجيد کي ايڊيٽر مقرر ڪيو. پر
مخلص جي دل ۾ غلط فھمي ھميشه جي لاءِ رھجي وئي.
اھوئي سبب آھي جو ھو سدائين شيخ عبدالمجيد سنڌي جي
خلاف لکندو رھيو. مگر ڀرڳڙي صاحب سان سندس تعلقات
اڳي وانگر سٺا رھيا، انھن ۾ ڪو فرق ڪونه آيو.
انھيءَ واقعي کانپوءِ ڀرڳڙي مرحوم جڏھن لنڊن وڃي
رھيو ھو، تڏھن مخلص سندس خدمت ۾ ھڪ الوداعي نظم
پڙھيو ھو، جنھن جي پھرين مصرع ھن ريت ھئي:
”وٺي توکي وڃي ٿي، اڄ وري تقدير لنڊن ۾“
ڪچڪول: مخلص مرحوم کي جڏھن الامين جي ايڊيٽريءَ تان ھٽايو ويو
ته پوءِ ھن سنه 1919ع ۾ ”ڪچڪول“ جي نالي سان ھڪ
ماھوار رسالو جاري ڪيو. ھو پنھنجي ان رسالي ذريعي
شيخ عبدالمجيد سنڌي خلاف خوب لکندو رھيو، اھڙيءَ
ريت پنھنجو ساڙ پاڙيندو رھيو. پر ان سان گڏوگڏ
ماھوار ڪچڪول ۾ شعر و سخن جي رنگيني ۽ طنزو مزاح
جي چاشني پڻ شامل ھوندي ھئي.
مخلص فارسي تعليم جو وڏو حامي ھو. جڏھن ٽريننگ ڪاليج حيدرآباد
مان فارسي کي خارج ڪيو ويو، ته ھن ان جي خلاف
”بيجان لاش“ جي عنوان سان ھڪ نھايت ئي اثرائتو
مضمون لکيو. ان کان علاوه پنھنجي ھمعصر اديب،
شاعر، صحافي ۽ مزاح نگار شمس الدين بلبل جي وفات
تي ھڪ شاھڪار مضمون ”فرياد گل“ جي عنوان سان شايع
ڪيائين.
ڪن مجبورين سبب هي رسالو گهڻو وقت هلي نه سگهيو، ٿورن
پرچن شايع ٿيڻ بعد بند ٿي ويو. پر ان ٿوري عرصي ۾
هن رسالي کي وڏي شهرت ۽ مقبوليت حاصل ٿي.
مسلمان: مخلص مرحوم گھڻو وقت مسلمان اخبار جو ايڊيٽر ٿي رھيو.
مسلمان ھفته وار اخبار ھئي. ھيءَ اخبار ميرپورخاص
جي زميندار ائسوسيئيشن طرفان سنه 1924ع ۾
ميرپورخاص مان جاري ٿي. مخلص مرحوم پنھنجي خداداد
قابليت ۽ محنت سان ھنا خبار کي ھر طرح معياري
بڻايو. ھن اخبار جو ھر شمارو نثر ۽ نظم جو ھڪ
مثالي نمونو ھوندو ھو. مخلص مرحوم جيئن ته بنيادي
طور ھڪ مزاح نگار اديب ۽ شاعر ھو، تنھن ڪري ھنا
خبار ۾ طنز مزاح وارومواد پڻ شايع ٿيندو رھندو ھو.
مرحوم ڀرڳڙي جڏھن بمبئي ڪائونسل ۾ لاپي ۽ رسائي بند ڪرائڻ جي
تجويز پيش ڪئي، ته مخلص مرحوم انجي فائدي ۾ زوردار
ادارتي نوٽ لکيا. ان ئي عرصي ۾ مخلص جو ھڪ صحافتي
مخالف مولانا نور محمد نظاماڻي پنھنجي اخبار
”نوراسلام“ ۾ مخلص جي خلاف لکندو رھيو. ٻئي وڏا
قابل شخص ھئا. وڏي ڳالھه ٻئي مزاح نگار ھئا. ٻنھي
جي دلچسپ ڏي وٺ ڪجھ عرصو ھلندي رھي. جيڪڏھن حقيقت
جي نگاھه کان ڏٺو وڃي ته ان قلعي جنگ ۾ مولانا نور
محمد نظاماڻي مخلص کان مٿڀرورھيو. مخلص مجبور ٿي
جيڪب آباد ۾ مولانا نظاماڻيءَ جي خلاف بدناموسيءَ
جو ڪيس ڪيو. مولانا نور محمد نظاماڻي پير علي محمد
راشديءَ جي خلاف به لکندو رھندو ھو. پير علي محمد
راشدي صاحب مٿس بدناموشيءَ جوڪيس ڪيو. اھا ڳالھه
1934ع جي ڳالھه آھي.
”مسلمان“ اخبار ڪڏھن 12 ته ڪڏھن 16 صفحن تي شايع ٿيندي ھئي.
اخبار جي پھرين صفحي ۽ اندرين ٻن ٽن صفحن تي مخلص
مرحوم جا تازه نظم شايع ٿيندا ھئا. مخلص ھن اخبار
ذريعي ”ميرپورخاص گزيٽ“ جي ايڊيٽر گر ڏني مل
[1]حڪيم فتح محمد
سيوھاڻي، پير محبوب علي شاھه جھنڊي واري ۽ شمس
الدين بلبل خلاف ھڪ محاذ قائم ڪيو.
ان کان علاوه ھفته وار تنظيم جي ايڊيٽر نواب خالقداد خان عاجز
سان سندس ادبي ڏي وٺ ھلندي رھندي هئي، مطلب ته ھو
اڪثر اخبارن ۽ انھن جي ايڊيٽر خلاف لکندو رھيو ھو.
ڪڏھن اصولي اختلافن سبب، ته ڪڏھن وري ذاتي رنجشن
سبب. پر ھن سڀ کان گھڻو روزانه الوحيد ۽ شيخ
عبدالمجيد سنڌي خلاف لکيو. نه صرف ايترو بلڪه ھن
مولانا دين محمد وفائي ۽ مولانا عبدالڪريم چشتي کي
به معاف نه ڪيو، انھن جي خلاف به ڪي نظم لکيائين.
بھرحال، ان حقيقت کان ڪو انڪار ڪري نه سگھندو، ته سنڌ وري مخلص
جھڙي ھم گير شخصيت پيدا ڪري نه سگھي. سنڌي ادب ۽
صحافت جو ھي ستارو 74 ورھين جي ڄمار ۾ سنه 1934ع ۾
ھميشه لاءِ غروب ٿي ويو.
طنز ۽ مزاح مخلص جي زندگيءَ جا اھم جزا ھئا. طنزيه ۽ مزاحيه
شاعريءَ ۾ سندس اعليٰ مقام آھي. طنز و مزاح ۾
مرحوم شمس الدين بلبل، مولانا نور محمد نظاماڻي ۽
محمد ھاشم مخلص جو ڪو مٽ ملڻ مشڪل آھي. مخلص
انگريز ۽ انگريز جي ڇاڙتن جا خوب ڇوڏا لاٿا، ھن
پنھنجي سياسي ۽ نظرياتي مخالفن سان به خوب ملھون
ڪيون. ڪيترن ئي اھڙا ادبي ڌڪ ڏنائين، جي سڄي عمر
انھيءَ سور ۾ ڪنجھندا رھيا. سندس طنز جي تير
ڪيترائي پير، مير، وڏيرا ۽ امير زخمي ڪري وڌا.
شيخ سعدي جي ڪريما کي وڏي شھرت حاصل آھي. ان جي تنبع ۽ تضمين
طور سنڌ جي ڪيترن ئي شاعرن شعر چيا آھن. پر مرحوم
شمس الدين بلبل ۽ مرحوم محمد ھاشم مخلص جو ڪو مٽ
ملڻ مشڪل آھي.
پھريائين بلبل جي ”نيچرل ڪريما“ مان ٻه شعر نموني طور پيش ڪجن
ٿا، فرمائي ٿو:
پيارج ڪو اڄ بير وسڪيءَ جو پاءُ،
ڪريما ببخشائي برحال ما.
ولايت وڃڻ لئي وڏا ڪيان ٿو وَس،
نداريم غير از تو فرياد رس.
ھينئر مخلص جي ھڪ نظم جا ڪجھ شعر ملاحظه فرمايو، جيڪي ھن ڪريما
جي تضمين ڪندي چيا آھن. بلبل پنھنجي ان نظم ۾
اليڪشن وڙھندڙ ھڪ اميدوار جي آس بيان ڪئي آھي. اھو
ھمراھه جلس جلوسن ۾ وڏا پئسا خرچ ڪري ٿو. خوشامد
۾ به حد ڪري ڇڏي اٿس. پر افسوس جو اڃا سندس مَنَ
جي مراد پوري ڪانه ٿي آھي. اوھان به سندس حق ۾ دعا
گھرو ته جيئن سندس لايا سجايا ٿين.
ڪريما ببخشائي برحال ما،
اليڪشن ۾ ٿئي ڪاميابي عطا،
توئي ووٽران را حيا بخش بس،
نداريم غير از تو فرياد رس.
نگھدار مارا ز راھه خطا،
ڏيارج مون کي ووٽ تون يا خدا.
زبان تا بود دردھا جائگير،
چوان آءُ گورنر کي پردا پير،
چھل سال عمر عزيزم گذشت،
نه ڪونسل ۾ مونکي ملي ڪا نشست.
زر وسيم در جلسه ھا باختم،
دمي با حڪومت نَه پداختم.
سنڌي شاعريءَ تي فارسيءَ جو ڪافي اثر آھي. ان موضوع تي ڊاڪٽر
عبدالجبار جوڻيجي صاحب گھڻو ڪجھه لکيو آھي.
پروفيسر اياز قادري صاحب پڻ پنھنجي پي ايڇ ڊي جي
مقالي ۾ ان موضوع تي سٺو بحث ڪيو آھي. مون کي ھتي
ڪنھن تفصيل ۾ ڪونه وڃڻو آھي. مان ھتي صرف مخلص جا
ٻه چار اھڙا شعر پيش ڪريان ٿو. جي سعدي جي زمين ۾
چيل آھن ۽ انھن جو مضمون، خاص طور قافيو، نھايت ئي
عجيب و غريب آھي، فرمائي ٿو:
ديديم ٽمٽمي را، شخصي چڙھيدھه بودھه،
گرد ۾ ان جي ڪالر، ٽائي لڳيدهه بودھه.
حالت جا ان بنائي، ڪھڙو بيان تنھنجو،
سر تي ٿي ترڪي ٽوپي، ڏاڙھي ڏڪيدهه بودھه.
ان کان پڇيم ته مسٽر ”ڪاڏي اوھين وڃون ٿا؟“
چيائين ته ”ماٺ اٿو“. شايد رنجيدهه بودهه
اين طور ماتديدم، ھرگز گزل ڪيسي را،
سعدي نه شعر ھھڙو، ھرگز لکيدهه بودهه.
سڀ شاعران سنڌي، افتاد در تعجب،
وھه واھه شعر ھن کان وڻھار وڄيدھه بودهه.
ھينئر ٽي ٻيا اھڙا شعر پيش ڪيا وڃن ٿا، جن ۾ مخلص ڪاموري جي گھر
واريءَ جي فرمائش، بلڪ حڪم جو ذڪر ڪيو آھي، ته ان
سان گڏ رقيب روسيه جي شڪل و صورت جو بيان ۽ ’شيخ
جي‛
جي کي سھڻي صلاح ڏني وئي آھي، فرمائي ٿو:
اھوئي حڪم ھردم آھه مون کي پنھنجي وائف جو
مون کي تون ناچ ڏيکارج ڪنھن خوشرو طوائف جو
رقيب روسيه جي منھن تي مکجي ڪو ٻيو پوڊر
ڪٿي ڊپ کان نه نڪري دم ڪڏھن مسڪين خائف جو
ذرا حُجري کان ٻاھر ٿي، ڪريو ڪو سير ميخانه
ڪيو ٿا شغل ناحق شيخ جي ورد و وظائف جو.
ذرا ھي شعر به ملاحظه فرمايو ۽ ڏسو ته آھسته آھسته ڇا ٿو ٿئي:
محور مان وري ٿيا پيشڪار آھسته آھسته،
سيکاريو آھه عھدي ڪاروبار آھسته آھسته،
اھو دور حڪومت ٿيو، نه ٿيندا جلد ايل -ايل- بي،
لُھار آھسته آھسته، چمار آھسته آھسته
ڪرڻ جن کي نه آئي ڳالھه سي ليڪچر ڏين ٿا اڄ،
ٿيا تھذيب جا پُتلا، ڳنوار آھسته آھسته.
بغير ازڪورٽ شپ ڪھڙو وري ٿيو لطف شاديءَ جو،
وڌايم ان پري رُو سان پيار آھسته آھسته.
ھينئر ڪجھه شعر نئين تھذيب واري نظم مان ٿي وڃن، ته ڪو ھرج نه
آھي:
واسطو گھٽ ٿيو، سندم اسلام جي قانون سان،
وئي لڪي آخر مسلماني، سندم پتلون سان.
ٿو کڄي پردو نئين تھذيب جي اسٽيج جو،
مشرقي ليلا ملي ٿي، مغربي مجنون سان
ٿو ڪرين ھر موسم گرما ۾ لنڊن جو طواف،
پيرُ چڪر ۾ اچي ٿو تنھنجو ماھه جون سان.
مفت ۾ اخبار، رسالو يا ڪتاب حاصل ڪرڻ جو مرض نئون ڪونه آھي، اھو
تمام پراڻو مرض آھي. وڏا وڏا ويڄ طبيب ۽ مون پارا
مسڪين اديب وس ڪري بيٺا آھن، پر اھو مرض وڃي ئي
ڪونه ٿو. وي- پي موٽائڻ واري ادا به اڄڪلھه جي نه
آھي. پر اھي ناز ۽ انداز ادبي عاشقن لاءِ ھينئر
وڏو عذاب بنجي چڪا آھن. ناز وارا پنھنجي ناز و ادا
کان نٿا مڙن ۽ ويچارا عشق وري پنھنجي وفا کي نٿا
ڇڏين. ھو ڪامورن ۽ وڏيرن کي ڪتابن جون ويپيون
موڪليندا رھن ٿا ۽ اھي ويپيون سندن در دولت تي
فقيراڻي صدا ھڻي، ھٿن خالي واپس ھليون اچن ٿيون.
ھينئر اچو ته ڏسون مخلص ان معاملي بابت ڇا ٿو
فرمائي. مخلص جھڙو سچار ڀلا ڪٿي مرڻ وارو ھو، ھن
کلم کلا، وڏي واڪ چئي ڏنو ته.
ڳالھه ھيءَ آھي مزي جي نا دھندھه سا ته ٻڌ،
مفت اخبارن سندو واپار مردانه تون ڪر.
ڏيئي ڏَٽا اخبار وٺجي، بيڌڙڪ سالن جا سال،
اي پيارا دوست! اھڙي ڪا مردانه تون ڪر.
دل ۾ ڪر ھي عھد پختو ڪانه ڪا پائي ڏبي،
پر گھرڻ جي وقت ۾، اقرار مردانه تون ڪر.
ڪونه ڪو پئسن ڏيڻ جو ڪج ڪڏھن تون ڪر خيال،
جي اچي وي- پي ته پوءِ انڪار مردانه تون ڪر.
|