مرزا عباس علي بيگ
سنڌ جا فارسي گو حڪمران شعراء
تاريخي پسمنظر
خداداد مملڪت پاڪستان جي صوبي سنڌ ۾ اسلامي تاريخ جو آغاز سنه
92 ھه (711ع) ۾ محمد بن قاسم جي فتح سنڌ کان ٿئي
ٿو، جتي تقريباَ ٽن سؤ سالن تائين عرب حڪومت
برقرار رھي. ھي علائقو مسلمانن جي عظيم الشان
حڪومت جو جزو بنيو رھيو. جنھن جو مرڪز پھرين دمشق
۽ پوءِ بغداد ھو. ھي اھو زمانو ھو جنھن ۾ سنڌين ۽
عربن جي مابين سياسي ۽ معاشرتي اختلاف پيدا ٿيا.
عباسين جي عھد جي عربي ڪتابن ۾ سنڌ جي اھل علم ۽ ارباب قلم جا
اسماء گرامي ملن ٿا. سنڌي مسلمان بغداد جي درٻار ۾
علماء، فضلا، حڪما ۽ اطبا جي اعليٰ عھدن تي فائز
ھئا، جتي ھو ترجمي ۽ طب جون خدمات سرانجام ڪندا
ھئا.
خليفي المعتمد عباسي، سنڌ جو نظم و نسق، مشھور ايراني يعقوب بن
ليث صفاري کي سنه 247ھه (861ع) ۾ سپرد ڪيو، جنھن
بعد سنڌ ۾ فارسي زبان کي اُڀرڻ جو خاصو موقعو
مليو.
[1]
چوٿين ھجري/ ڏھين صدي جا ڪي مورخ، سياح ۽ جاگرافيدان سنڌ ۾
فارسي زبان جي روز افزون مقبوليت جي طرف اشارا ڪن
ٿا. اصطخري ۽ ابن حوقل جي قولن مطابق صفارين جي
عھد ۾ منصوره ۾ ملتان جا ماڻھو سنڌي ۽ عربي
ڳالھائيندا ھئا ۽ مڪران ۾ مڪراني ۽ فارسي
ڳالھائيندا ھئا. بشاري کان پڻ منقول آھي ته ملتان
۾ فارسي جا ڄاڻو ھئا:
بلوچستان ۾ سنه 329ھه (940ع) جي لڳ ڀڳ فارسي جي ھڪ مشھور شاعره
پيدا ٿي، جنھن جو نالو رابعه
(I)
بنت ڪعب القصداري ھو. قصدار يا قزدار، توران
علائقي (بلوچستان) جو دارالخلافه ھو. اھو امر ثابت
ٿوڪري ته ان زماني ۾ سنڌ ۽ بلوچستان ۾ فارسي جو
چڱو خاصو رواج ھو، يعني ھي تاريخ ۽ ادبي حقيقت خاص
طور قابل ذڪر آھي ته پاڪستان ۾ فارسي ادب جو آغاز
سنڌ ۽ بلوچستان مان ٿيو.
سنه 416 ھه (1025ع) ۾ سلطان محمود غزنوي ملتان ۽ اُچ تي قبضو
ڪيو. سنه 417ھه (1026ع) ۾ وزير عبدالرزاق سيوھڻ ۽
ٺٽي تي قبضو ڪري عرب حڪومت جو خاتمو ڪيو. خسرو ملڪ
تائين سنڌ غزوين جي تصرف ۾ رھي. ان بعد وري سنه
591 ھه (1194ع) ۾ سلطان شھاب الدين غوري ملتان ۽
اُچ کي تصرف ۾ ڪيو. ٽن مھينن بعد ان جي غلام قطب
الدين ايبڪ سموري سنڌ فتح ڪئي ۽ سلطان شھاب الدين
غوري جي وفات بعد دھلي جي تخت تي متڪمن ٿيو. ھن
خاندان مان شمس الدين المتش جي عھد سلطنت
(607-633ھه) ۾ سنڌ، اُچ ۽ ملتان ناصر الدين قباچه
جي زير اقتدار ٿيا. قباچه کان بعد سنڌ، سلطنت دھلي
۾ شامل ٿي، جتان پڪي بعد ديگري گورنر مقرر ٿيندا
آيا. سنه 697ھ (1297ع) ۾ مغلن سيوھڻ تي حملو ڪري
تاخت و تاراج ڪيو ليڪن علاوالدين جي حڪم سان نصرت
خان لشڪر ڪشي ڪري ھنن کي ماري ڀڄايو. ان بعد سنه
700ھه کان 927ھه تائين سنڌ تي ڏيھي حاڪمن سومرن ۽
سمن حڪومت ڪئي. ان وچ ۾ تيمور جي پوٽي ميرزا پير
محمد سنه 800ھه (1397ھه) ۾ سنڌ، اُچ ۽ ملتان تي
حملو ڪيو ليڪن پير محمد جي قبضي بعد اھل سنڌ جو
ھندوستان جي حڪومت سان واسطو بلڪل ختم ٿي ويو يعني
سنڌ دھلي جي ماتحتي کان علحده ٿي.
المختصر سما حڪومت جي آخري ايام م سنڌ ۾ خانهء جنگي ڏسي سنه
927ھه (1520ع) ۾ شاھه حسين بايقراء جي اميرن مان
چند ارغون خاندان جا فرد سنڌ ۾ وارد ٿي پنھنجي
حڪومت جو بنياد وجھي، سنڌ جا حاڪم ٿي ويٺا. ھن
خاندان مان پھرين مرزا شاھه بيگ ارغون سنڌ تي سنه
927ھه کان سنه 928ھه (1520ع کان 1521ع) تائين
حڪومت ڪئي. کانئس بعد سندس فرزند مرزا شاھه حسن
ارغون سنڌ جو حاڪم ٿيو، جنھن جي مرڻ بعد سنه 962ھه
(1554ع) ۾ سنڌ جي ٻن حصن ۾ تقسيم ٿي. بالائي سنڌڏ
مرزا سلطان محمود بکري جي قبضي ٿي ۽ زيرين سنڌ
مرزا عيسيٰ ترخان جي تصرف ۾ ٿي. سنه 981 ھه
(1573ع) ۾ مرزا سلطان محمود بکريءَ جي وفات بعد
بالائي سنڌ تي ھندوستان جي اڪبر بادشاھ قبضو ڪري ۽
پوءِ سنه 999ھه (1590ع) ۾ پنھنجي سپهه سالار خان
خانان کي سنڌ ۾موڪلي جنھن ترخان حاڪم مرزا جاني
بيگ سان جنگ ڪري، سنڌ فتح ڪئي ۽ فتح بعد مرزا جاني
بيگ کي قيد ڪري، اڪبر بادشاھه جي حضور ۾ پيش ڪيو.
ھاڻي ساري سنڌ اڪبر بادشاھه جي قبضي ۾ ٿي ۽ کانئس
يڪي بعد ديگري ٻيا مغل بادشاھ سنڌ تي حڪومت ڪندا
آيا. سنه 1118ھه (1706ع) ۾ اورنگزيب جي مرڻ بعد
سندس پٽن ۽ پوٽن ۾ خانه جنگي اھڙو ته اثر ڪيو، جو
ھندستان ۾ جتي ڪٿي سندن گورنرن پنھنجن پنھنجن صوبن
۾ خودمختيار حاڪم ٿي ويٺا. اھڙي عالم ۾ سنه 1151ھه
(1738ع) ۾ ميان نور محمد خان ڪلھوڙو سنڌ کي مغلن
جي ماتحتي کان ٽوڙي پاڻ خودمختيار ڏيھي حاڪم ٿيو.
ڪلھوڙن جي حڪومت جو آفتاب سنه 1196ھه (1781ع) ۾
ھالاڻي جي ميدان ۾ ٽالپورن ھٿان غروب ٿيو، جنھن
بعد ٽالپر خاندان مان پھريون سنڌ جو حاڪم مير فتح
علي خان ٽالپر ٿيو. ھي به ڏيھي حاڪم ھو. مذڪور
خاندان جي حڪومت جو خاتمو سنه 1843ع ۾ انگريزن
ھٿان ٿيو، ان بعد سنه 1947ع ۾ پاڪستان وجود ۾ آيو
جنھن ۾ سنڌ جو صوبو پڻ شامل آھي.
فارسي زبان ۽ ادب
سنڌ ۾ عربي زبان جو رواج ھئڻ ته يقيني ھو، جو آغاز اسلام کان ئي
سنڌ جا حڪام عرب ھئا ۽ اشاعت اسلام لاءِ عربيءَ جو
درس تدريس پڻ ضروري ھو. اھڙو سلسلو عرب عھد کان اڄ
تائين جاري ۽ ساري آھي. نھ رڳو ايترو، بلڪه سنڌي
مسلمان ھر دؤر ۾ عربي زبان ۾ ڪيترائي ڪتاب تاليف
ڪيا، جن جي احوال سان تذڪره ڀريا پيا آھن. ان ڏس ۾
ڪيترن ئي عالمن، جن مان ڪي سنڌ جا باشندا ۽ ڪي سنڌ
کان ٻاھر جا رھاڪو جن سنڌ جي ڏيھي حاڪمن جي علم
پروري ۽ سنڌ ۾ عالمن جي قدرافزئي جي ھاڪ ٻڌي عربي
زبان ۾ ڪتاب تاليف ڪري، وقت جي حاڪم کي بطور
نذرانه جي پيش ڪندا ھئا. جھڙوڪ علم حڪمت تي
[2] (الجزء الاول من
الزبدة شرح الشھ في علم الميزان“ ڪتاب عربي زبان ۾
مولانا علاؤ الدين منگلوري ابن قاضي منگلور تاريخ
2 ماھ شعبان سنه 1081ھه (1670ع) جي اساول (گجرات)
۾ لکي، سمي حاڪم ڄام سڪندر ثاني محمد عرف انڙ بن
ڄام فتح خان بن صدر الدين سڪندر بن خير الدين ڄام
طغاچي بن علاؤ الدين ڄام جوڻي جي خدمت ۾ پيش ڪيو.
ڪتاب جي آخر ھي عبارت تحرير ٿيل آھي ”....... وھو
الملک المعظم ذوالعلم والحلم والجود والکرم محمد
المعروف به اُنڙ بن فتح خان بن صدر بن طغاچي بن
ڄام الازال لھ من التوفيق قوام...... ان کتب ما
يجره امجري الشرح اللمشته في الميزان لينتفع به من
يھتم بشانھا من الخلان. الخ“ مٿين عبارت مان معلوم
ٿيندو ته ڄام سڪندر ثاني، جھڙو باڊشاھ ھو تھڙو ئي
علم و حلم ۽ جودو سخا وارو ۽ عالمن جو قدردان ھو.
نه رڳو ايترو، بلڪه علم حڪمت کان پڻ واقف ھو. ياد
رھي ته سمورا حاڪم عالم ھئا.
اھڙو مثال ٻيو به پيش ڪجي ٿو يعني مير ڪرم علي خان ٽالپور جي
حڪم تي مخدوم صادق کيبري ڪتاب ” انشائي ھرڪرن “
فارسي مان عربي ۾ ترجمو ڪري مير صاحب کي پيش ڪيو.
ڪتاب جي پھرين ورق جي ٻاھرين پاسي مٿان ڪنڊ تي
ننڍن اکرن ۾ ساڳئي ڪاتب جي ھيءَ فارسي ۾ عبارت
تحرير ٿيلآھي، ”ان کتاب انشائي ھرکرن عربي تعريب
کرده، استاذي ومشفقي و مخدومي محمد صادق کيبري به
اشاره مخدوم المخاديم دين محمد بوڪائي و مير صاحب
جناب مير ڪرم علي خان ٽالپور دام اقباله“ ساڳئي
ڪتاب : جي متن ۾ شروع واري ھيءَ عبادت عربي ۾ آھي.
”بعدالحمد و الثناءَ الذي نلذي الجود و العطا ء
بقول العبد الملتجي اتي الملڪ الغني ھذا تعريب
الانشاءَ الفارسي الشھير ”لکٻوه ملتاني“ باشاره
صاحب الواي الجلي التسھيل طريق الخط العربي علي
الغريق العجمي مشملاعلي سيع ايواب، الخ“ ڪتاب جي
آخر ۾ متن بعد ھيءَ عبادت آھي ”ھذا الصحيفه مبلغھ
في نظر ملجاء المشيحته تم علي يدا جوع الي الصمد
الا ضعف جان محمد غفرالله ذنوبھ وستر الله
عيوبه“.*
مذڪوره ٻنھي عربي ڪتابن جي ياد آوري مان معلوم ٿيندو ته عرب دؤر
کان ٽالپور دؤر تائين سنڌ جا سمورا حاڪم فارسيسان
گڏ عربي زبان جا به ماھر ھئا ۽ سندن علم پروري ۽
جود و سخا جي ھاڪ نه رڳو سنڌ بلڪه سنڌ کان ٻاھر پڻ
ملڪان ملڪ ھئي.
المختصر سنڌ ۾ عربن کان ٽالپور عھد تائين بلڪه سندن دؤر کان
پوءِ به سنڌ ۾ ڪيترن علمائن عربي ۾ ڪتاب تاليف ڪيا
آھن جن جي احوال ڏيڻ سان مقالي جي طول ٿيڻ جو
امڪان آھي. جيئن ته ھي مقالو سنڌ جي فارسي شاعري
متعلق آھي تنھن ڪري اڪتفا کان ڪم وٺي پنھنجي اصل
مقصد تي اچون ٿا.
محمد بن قاسم جي فوج ۾ ايراني سپاھين جو اچڻ تاريخ ۾ مسلم آھي.
چچه نامه ۾ ابو صابر ھمداني جو نالو پڻ مذڪور آھي،
جيڪو لشڪر اسلام ۾ شامل ھو ۽ جنھن کي جھنڊو ڏئي
ھاٿين جي مقابلي لاءِ بيھاريو ويو. صفارين جي عھد
تسلط ۾ پڻ فارسي ڳالھائڻ وارا ڪافي تعداد ۾ ھئا.
فارسي شعر و ادب جي روايت جو آغاز رابعه کان ٿئي
ٿو. در حقيقت ھن درخشان ۾ ثروت مند فارسي ادب جي
تاريخ جي ھزار ساله باقاعده ابتدا غزنوي دؤر کان
ٿئي ٿي. سلطان محمود غزنوي (388/998/421/1020)
برصغير فاتحانه جنگيون وڙھيو. سلطان محمود ترڪ
نزاد ھئڻ جي باوجود پنھنجي وسيع سلطنت ۾ سياسي
ثقافتي نظام قائم ڪيو ھو، شعر و ادب ۽ علم و حڪمت
جو صحيح سرپرست ھو. ھن جي دؤر ۾ فارسي ادب جي
روايت غزنه کان سنڌ تائين پھتي. ھن سنه 401ھه (سنه
1010ع) ۾ ملتان کي ۽ سنه 416ھ (سنه 1025ع) ۾
منصوره (سنڌ ) کي فتح ڪيو، ان وقت جي ايراني شاعرن
مختلف صورتن ۾ سنڌ کي ياد ڪيو آھي جو اڄ تائين
سندن دواوبن ۾ آھي اشعاد موجود آھي. جھڙوڪ دقيقي،
فرخي، عنصري، قطران تبري، ناصر خسرو، عسجدي مروزي،
امير معزي، مختار غزنوي، مسعود سعد سليمان، ابوبڪر
احمد الجامجي وزير، امير خسرو ۽ صائب وغيره وغيره.
سنه 603 ھ (سنه 1306ع) جي آخر ۾ 58 سالن جي عمر ۾ محمد بن علي
بن حامد بن ابي بڪر عوفي اُچ مان نڪري اروڙ ۽ بکر
۾ اچي قاضي اسماعيل بن علي بن محمد ثقفي جي خدمت ۾
رھي عربي ڪتاب (نھاج الدين و المک) جو فارسي ۾
ترجمو ڪري مٿس ”فتح نامه سنڌ“ نالو رکيائين، جيڪو
ھاڻي چچه نامه، جي نالي سان مشھور آھي ۽ ناصر
الدين ابوالفتح قباچه والي سنڌ جي وزير عين الملڪ
حسين بن شرف الملڪ رضي الدين ابوبڪر الشھري سان
منسوب آھي.
ان بعد سنه 618 ھ (1221ع) ۾ محمد بن قام محمد بن يحيٰ بن طاھر
بن عثمان العوفي، اُچ (سنڌ) ۾ مقيم ھو ۽ اتي ڪتاب
تذڪره ”لباب الالباب “ فارسي زبان ۾ تاليف ڪيائين،
جنھن ۾ آل طاھر کان مؤلف پنھنجي زماني تائين ۽ آخر
۾ انھن علماء فضلا، شعراء جو ذڪر ڪيو آھي جي ناصر
الدين قباچه جي دربار سان وابسته ھئا. ھي ڪتاب به
قباچه جي وزير عين المالڪ حسين جي نالي سان منسوب
آھي. دربار قباچه جي شعراء مان شمس الدين محمد
ڪاتب بلخي، فضلي بخارائي ۽ ضياالدين سنجري جانالا
مشھور آھن.
تغلق دور جي آخري عھد ۾ شيخ عثمان سنه 638ھه (1240ع) جي لعل
شھباز جي نالي سان مشھور آھي. ايران مان سنڌ ۾ آيو
ھو، آذربائيجان جي شھر مرند جو رھاڪو ھو سنڌ ۾
اچي، سيوھڻ ۾ آباد ٿيو. ھي امر به قابل توجه آھي
ته سنڌ ۾ فارسي ادب جو آغاز لعل شھباز جي اشعار
کان ٿئي ٿو. سندس مقبول ۽ مشھور غزل جا چند بند،
جن مان وجد ۽ مستي نمايان آهي، سي حسب ذيل پيش ڪجن
ٿا:
غزل
زعشق دوست ھر ساعت درون نار مير قصم
گھي بر خاک ميغلطم گھي برخار مير قصم
شدم بدنام در عشقت بياري يار من اکنون
نمي ترسم زرسوائي بھر بازار مير قصم
بيا اي مطرب، مجلس سماع و ذوق را درد.
که من ازشاديء وصلش قلندر وار مير قصم
منم عثمان مروند کي يار خواجه منصورم
ملامت ميکند خلقي و من بردار مير قصم.
قلندر شھباز سنه 538ھه 1143ع ۾ تولد ٿيو ۽ 112 سالعمر گذاري،
سنه 650ھه (1252ع) ۾ وفات ڪيائين. حسب ذيل قطعه
تاريخ سان بحساب جُمل ٽنھي سالن جا مادهء تاريخ
نڪرن ٿا.
قطعھ تاريخ
بجو تاريخ شمس الدين عثمان
بدرکن ”رنج“ از ”فلک “ کرامت“
538
=
253 - 791
سن عمرش ”ولي الله“ وفاتش سروش غيب
ميگويد ”برحمت“
112
650ھه
سومرن جي دؤر ۾ دھلي جو بادشاھ سلطان محمد تغلق،جنھن ستاويھه
سال حڪومت ڪئي پر پنھنجي آخري ايام ڪاري واري
زماني ۾ نھايت ظالم ٿي پيو ۽ طرحين طرحين جون
سزائون ڏيندو ھو. ٻيو ته ٺھيو پر جيڪڏھن ڪنھن
ڏوھاريءَ کي ڦاسي جي سزا ڏيندو ھو ته پوءِ ان جا
ٻار ٻچا ۽ زال جلاد جي حوالي ڪندو ھو، جيڪو انھن
کي وڪڻي مطلب حاصل ڪندوھو. نيٺ حد کان زياده ظلم و
ستم سبب، ڪاروبار مملڪت ۽ امور سلطنت ۾ خلل پيدا
ٿيو ۽ بادشاھه تي به پريشاني رنج ۽ اندوھه سببان
خطرناڪ بيماري غلبو ڪيو، اھڙي بيماري جي حالت ۾ ھن
ٺٽي تي چڙھائي ڪرڻ جو پڪو قصد ڪيو، جيتوڻيڪ چند
ڏينھن بعد صحتياب ٿيو پر پنھنجي قصد کان باز نه
آيو.
بھرحال ھي ٺٽي جي جڏھن ويجھو 14 ڪوھن تي، دريائي سنڌ جي ڪناري
تي پھتو تڏھن ساڳئي بيماري وري مٿس حملوڪيو، جنھن
جي نتيجي ۾ تاريخ 21 ماھه محرم سنه 752ھه ( سنه
1351ع) جي آئيني وفات ڪيائين.
بقول، صاحب ”تاريخ فرشته“ سلطان محمد تغلق ٺٽي ۾ مرڻ کان ڪجھه
وقت اڳ اُتي حسب زيل اشعار چيا.
بسيار درين جھان جھيديم- بسيار نعيم و ناز ديديم
اسپان بلند برنشتيم – ترڪان گران بھا خريديم
ڪرديم و بسي نمود رعنا – چون قامت ماهه نوخميديم
بروقت سندس ننڍي ڀاءُ (سپھدار) اسپدار رجب جو فرزند فيروز شاھ
تغلق جيڪو ساڻس گڏ ھو، تنھن تاريخ 23 ماھه محرم
سنه 752ھ جي ساڳئي ھنڌ درياھه سنڌ جي ڪناري تخت
مملڪت تي جلوس فرمايو. سمورن طبقن جا اراڪين
سراپرده شاھي ۾ جمع ٿيا. سمورا ارڪان مملڪت ۽
اعيان سلطنت بي انتھا خوشي و مسرت سان بادشاھ جي
تابع ٿيا. فيروز شاھه ٻئي ڏينھن اُتان لشڪر سميت
روانو ٿيو ۽ محمد تغلق جي لاش کي جا اڳيئي
سينگاريل ھئي تنھن کي ھاٿي تي رکي مٿس چتر شاھي
چاڙھي منزلون ڪندو سيوھڻ ۾ پھچي چند ڏينھن ترسي
دھلي روانو ٿيو. ان وچ ۾ سيوھڻ ۾ جمع ڏينھن سندس
نالي جو خطبو پڙھيو ويو ۽ محمد تغلق شاھه جي لاش
کي پڻ سيوھڻ ۾ خانقاه جي ٻاھر، مگر متصل الھندي
پاسي دفن ڪيو ويو، جنھن جي قبر تي ٻھ لوح مزار آھن
(II)
پھرين جو حاصل ھي آھي ته ”محمد شاھه (تغلق) ھن خاڪ
۾ مدفن آھي، جيڪو محرم ۾ ڇنڇر جي رات جو 12 محرم
جي سنه 752هه جي فوت ٿيو. الهندي پاسي واري ڪتبي
جو مضمون هي آهي، ته فيروز شاهه (تغلق) جي عهد ۾
سن 754هه (سن 1353ع) ۾ ھن سلطان دين پرور (محمد
تغلق شاھه جي قبر) تي گبند بنايو ويو جنھن کي
سرمست معمار ٺاھيو.
محمد تغلق شاھه جي اڄ تائين سيوھڻ ۾ قبر موجود آھي. فيروز شاھه
تغلق وري سن 766ھه -1364ع ۾ ٺٽي تي ٻيھر فوج ڪشي
ڪئي، نيٺ سيد جلال الدين بخاري اُچ واري وچ ۾ اچي
ٺاھه ڪيو، جنھن بعد پھرين بابينو فيروز شاھه وٽ
وڃي پيش پيو ۽ پوءِ ساڳئي ڏينھن ڄام به فيروز شاھه
جي پيش پيو، سلطان فيروز ٻنھي کي خلعت فراوان سان
نوازي ۽ پوءِ پاڻ سان دھلي وٺي ويو.
سلطان فيروز شاھه به پنھنجي وقت جو اعليٰ غزل گو شاعر ھو. سندس
تخلص فيروز ھو، ھن جي ڪلام مان ھڪ غزل ھن ھيٺ پيش
ڪجي ٿو.
غزل
زھي کمال لطافت که يار ما دارد- که ھم ملاحت خوبي وھم وفادارد
مگر فتاد زروي تو پرتو برمھر – وگر نھ مھر چنين وري راز کجا
دارد
ھميشه عاشق مدھوش را بقا باشد- چراکه مثل تو معشوق خوش لقا دارد
فداي قامت ان گلعذار جان ودلم- که قامت خوش و موزون دلربا داد
حکايت از لب لعل تو ميکند ”فيرو“
اذان سبب سخن خوب جان فرا دارد
سمن جي آخري دؤر ۾ چند شاعرن جا اسماء گرامي ملن ٿا (سن 733ھه-
1332ع) جن مان ٻه صوفي شاعر مشھور آھن. شيخ عيسيٰ
۽ شيخ حماد جمالي. شيخ عيسيٰ سمن جي آخري دؤر ۾
ٺٽي ۾ مڪلي جي ٽڪري تي اچي مقيم ٿيو ۽ (سن
831ھه-1428ع) جي وفات ڪيائين حماد جمالي سندس ھم
عصر شاعر ھو ۽ ساڻس رھاڻيون ڪندو ھو. سمه حڪمران
خاندان مان ڄام نظام الدين (سنه 914 هه-1508ع)
جنھن کي ڄام نندو به چوندا ھئا سو به فارسي شاعر
ھو. مخدوم بلاول (سن 929 ھه – 1522ع) ۾ ظاھري
باطني علوم ۾ ماھر ۽ علم تفسير و حديث ۾ سرآمد
فضلا ھو ۽ پڻ شاعر ھو. اثير الدين ابھري مذڪوره
دؤر ۾ شاعر ھو جيڪو اصل ھرات جو ھو ۽ پوءِ اچي سنڌ
۾ آباد ٿيو. ھن آخري ڄام فيروز جي مدح ۾ قصيده چيا
آھن. اثير الدين جو والد مولانا عبدالعزيز ابھري
به مذڪوره دؤر ۾ ايران مان سنڌ ۾ آيو. سنه 901ھه-
1495ع ۾ مشحد مقدس مان سيد يعقوب ۽ سيد اسحاق لڏي
اچي ٺٽي ۾ رھيا، جن جو اولاد اڃا تائين سادات
مشھدي جي نالي سان مشهور آھي. ان بعد (902ھه-
1500ع) ۾ سيد محمد عابد مشھدي جا ٻه فرزند سيد
احمد ۽ سيد محمد، سي به ايران مان لڏي سنڌ ۾ آيا.
ڄام نظام الدين پنھنجي عھد ۾ سرڪاري خرچ تي پنھنجو
يادگار ”مغلپوره“ ٺٽي ۾ پنھنجو مسڪن ڪن. صاحب،
”تاريخ معصومي“ کان منقول آھي ته مولانا جلال
الدين دواني (المتوفي سن 908ھه) سنڌ ۾ اچڻ لاءِ
تيار ٿيو. پھرين سندس شاگرد ٺٽي ۾ آيا. مير شمس ۽
مير معين، جن ٺٽي ۾ ديني دنيوي علم جي اشاعت ڪئي ۽
پوءِ مولانا جلال الدين ڏي راھه جو خرچ به موڪليو
ويو ته سنڌ ۾ اچي، ليڪن افسوس جو خرچ پھچڻ کان اڳ
مولانا وفات ڪري ويو.
سمن جي دؤر کانپوءِ سنڌ جي حڪومت ارغون ۽ ترخان خاندان جي تصوف
۾ آئي جا (سن 928 ھه- 1520ع) کان (سن 1021 ھه-
1612ع) تائين ھلي. ارغون گھراڻي جو پھريون حاڪم
مرزا شاھه بيگ ارغون شاعر ھو ۽ سندس تخلص ”نفسي“
ھو. کائونس بعد سندس فرزند مرزا شاھه بيگ ارغون به
شاعر ھو جنھن جو تخلص ”سپاھي“ ھو. ترخان گھراڻي
مان مرزا جاني بيگ پڻ شاعر ھو، تخلص ”حليمي“
ڪيائين. ان بعد سندس فرزند مرزا غازي بيگ به شاعر
ھو جيڪو ”وقاري“ جي تخلص سان مشهور آھن. مذڪوره
ٻئي حڪمران گھراڻا علم و ادب جا دلداده ھئا، علماء
فضلاءَ شعرا ھنن جي دربارن سان وابسته ھئا، ٻنھي
گھراڻن جا شھزادا، امير وزير پڻ شاعر ھئا. ھنن
فارسي تعليم لاءِ مدرسا قائم ڪيا. ھنن جي فياضانه
سرپرستي جي ڪشش سبب ڪيئي ايراني شاعر عالم دانشور
سنڌ ۾ آيا، جن سنڌ ۾ فارسي تمدن جي دنيا پيدا ڪئي.
زير بحث دؤر ۾ غياث الدين منصور دشتڪي شيرازي جي
خاندان مان سيد شڪر الله شيرازي سنڌ ۾ آيو. ساڻس
گڏ سيد ڪمال ۽ سيد جمال ٻئي ڀائر شيرازي سادات سي
به ٺٽي ۾ آيا. مولانا جامي جي دوست شيخ جلال الدين
بايزيد پوراني جو ڏھٽو مير غياث الدين محمد پڻ
پنھنجي اھل و عيال سميت ايران مان سنڌ ۾ اچي مقيم
ٿيو. صاحب ”حبيب السير“ خواند امير جا، ارغون
خاندان سان گھرا تعلقات ھئا، جنھن ڪري سنڌ ۾ آيو ۽
پوءِ ھندوستان ويو جتي وفات ڪيائين. مولانا يار
محمد ياري ھروي، مولانا عبدالخالق گيلاني، مولانا
مصلح الدين لاري، مولانا يونس سمرقندي ۽ حيدر ڪليچ
شاعر، آھي به ساڳئي دؤر ۾ سنڌ ۾ آيا، جتي وفات
ڪيائون. شاھه جھانگير ھاشمي ڪرماني جي مثنوي ”مظھر
الاثار“، فخري ھروي جو تذڪره، ”روضة السلاطين“، فن
شاعري ۾ ”صنايع الحسن“، خواتين شعرا جو تذڪره،
”جواھر العجائب“، ۽ ”ادب المريدين“ اھي سمورا ڪتاب
ساڳئي دور جا اسان وٽ علمي يادگار آھن.
ارغونن کانپوءِ ترخان سنڌ جا حاڪم ٿيا. ھنن جي دؤر ۾ صاحب تاريخ
”نگارستان“ قاضي احمد غفاري قزويني سنڌ ۾ آيو ۽
وفات به سنڌ ۾ ڪيائين. سيد بدر الدين ماڙند لالي ۽
مير غروري جو خاندان ڪاشان مان، اھي به مذڪور دؤر
۾ سنڌ ۾ اچي مقيم ٿيا. بکر جي سلطان محمود حاڪم،
مير ابوالمڪارم کي پنھنجو ايلچي ڪري شاھ طھماسپ
صفويءَ جي درٻار ۾ موڪليو. سن 949هه 1561ع ۾ شاھه
طھماسپ صفوي سلطان محمود ڏي پنھنجو ايلچي نزدي بيگ
عرف حق بردي بيگ موڪليو.
سن 9181ھه- 1573ع ۾ مرزا سلطان محمود جي وفات بعد ھندستان جي
اڪبر بادشاھه بالائي سنڌ کي پنھنجي قبضي ۾ آڻي
پنھنجا گورنر موڪليندو رھيو. ان بعد پوري سنڌ کي
فتح ڪرڻ لاءِ سن 999ھه- 1590ع ۾ اڪبر بادشاھه
پنھنجي سپھ سالار عبدالرحيم خان خانان کي موڪليو،
جنھن مرزا جاني بيگ سان لڙائي ڪري (1002ھه- 1593ع)
۾ کيس اڪبر بادشاھه جي حضور ۾ پيش ڪيو ۽ پوءِ
سموري سنڌ مغليه سلطنت ۾ شامل ٿي.
مذڪور دؤر ۾ فارسي ادب کي متواتر فروغ ملندو رھيو. خود
خانخانان، مرزا جاني بيگ مان ٺٽي ۾ علمي ادبي
محفلن ۽ مشاعرن ۾ شامل ٿيندو ھو. خانخانان سنڌ جي
تھذيب کان متاثر ٿي ٺٽي ۾ فارسي ۽ سنڌي ٻولين ۾
شعر چوندو ھو:
”صاحب ”خزانئه عامره“ کان منقول آھي ته ”خانخانان از امراي جليل
الشان عھد اکبري و جھانگيريست دوراُن دولت عظميٰ
جوھر قابل دريا دل قدر دان، فقراء علماء شعرا و
وسائر ارباب ھمه بود طبع موزون داشت ودر فارسي
وھندي وسندي شعر ميگفت“
(دھلي) مرڪزي حڪومت طرفان، سنڌ جي صوبيدارن مان متعدد شاعر ۽
شعر و ادب جا سرپرست ھئا. ٺٽو ان زماني ۾ سنڌ جو
انتظامي، ادبي ۽ تھذيبي مرڪز ھو ۽ ھتي اسلامي
تھذيب ۽ دانش جون روايتون عروج تي پھتيون. ڪئپٽن
ھملٽن سن 1111ھه (1699ع) ۾ سنڌ ۾ آيو، سو لکي ٿو
ته شھر ۾ چار سؤ اسڪول ۽ ڪاليج آھن.
مير معصوم بکري تخلص ”نامي“ اڪبر بادشاھه طرفان پھريون سفير ٿي،
شاھه عباس ايران جي بادشاھ جي دربار ۾ ويو جتي
سفارتي فرائض پوري ڪرڻ سان حڪيم شفائي اصفھاني (سن
1028ھه) محمد رضا فڪري، تقي اوحدي ۽ ٻين ڪيترن
شاعرن سان طبع آزمائي ڪري مشاعرن ۽ ادبي محفلن ۾
شريڪ ٿيندو ھو. مير معصوم ”تاريخ معصومي“ ”ديوان
نامي“ ”طب نامي“ ۽ نظامي جي تتبع تي مثنويون
چيائين. ملا احمد بن نصر الله ٺٽوي، اڪبري علمي
مجلس ۾ علمائن جي زمري ۾ شامل ھو. صاحب ”تاريخ
فرشته“ حڪيم محمد قاسم بن مولانا غلام علي
اسرآبادي سندس شاگرد رشيد ھو. ملا احمد، اڪبر
بادشاھه جي حڪم سان ڪتاب ”معجم البلدان“ جي ٻن سون
جلدن مان ٻارھن جلدن جو ٻن مھينن ۾ عربي مان فارسي
۾ ترجمون ڪيائين. ايران جي مشھور شاعر ”عمر خيام“
جي ٻن ڪتابن ”نوازم المنڪنته“ ۽ ”ميزان الحڪم“ تي
محققانه انداز ۾ شرح ۽ تفسير لکيائين جي قابل
تحسين آھن. سن 1000ھه (سن 1591ع) ۾ اڪبر بادشاھه
جي حڪم سان ڪتاب ”تاريخ الفي“ جي نالي سان اسلامي
عھد جي ابتدائي دؤر کان چنگيز خان جي زماني تائين
ٻن جلدن ۾ لکيائين. مطلب ته فارسي زبان ۾ فرھنگ جا
اثرات سنڌ تي صدين کان پئجي چڪا ھئا. يارھين صدي
ھجري ۾ ڪيترائي ايراني عالم، فاضل ۽ شاعر ھندستان
وڃڻ کان اڳ پھرين سنڌ ۾ اچي مقيم ٿيندا ھئا.
”ميرزا صائب تبريزي“ ۽ سندس شاگرد رشيد ملڪ
تعظيماقمي مذڪور دؤر ۾ سنڌ ۾ آيا جتان پوءِ
ھندستان ويا. محمد سعيد سرمد ڪاشي سن 1070ھه
(1259ع) ۾ ايران کان ٺٽي ۾ آيو.
شاعري کانسواءِ فارسيءَ ادب نجي ۽ قومي ضرورتن جي پيش نظر وجود
۾ آيو، جيئن ته فارسي مدرسن ۾ مڪتبن ۾ پڙھائيندا
ھئا ۽ فارسي ۾ لکڻ پڙھڻ ۽ درسي ڪتابن جو سمجھڻ
سمجھائڻ پڻ ضروري ھو. ساڳي صديءَ ۾ ٺٽي ۾ قابل فخر
مصنف پيدا ٿيا، جن ڪيترائي ضروري ڪتاب لکيا، جن جي
عملي طور ضرورت ھئي جھڙوڪ، ”فرھنگ رشيدي“ ۾ منتخب
اللغات شاھجھاني“.
انشاء پردازي ۽ نامه نگاري لاءِ منشات نمڪين ۽ نگار نامه، درسي
ڪتابن سمجھائڻ لاءِ، مفتاح المخزن، شرح مخزن وغيره
لکيا ويا.
مذهب، اخلاق ۽ تصور جي مسائل سمجھائڻ لاءِ پڻ ڪيترا ڪتاب لکيا
ويا قومي تاريخ جي تحفظ ۽ پنھنجي علائقي جي عزيز و
گرامي شخصيتن جي حوال وڪوائف کي زنده رکڻ جو جذٻو
موجود ھو. جيئن گذشته سنڌ جا شاھي يا حڪمران
خاندان جون تاريخون لکيون ويون ۽ امراء، اولياء جا
تذڪره پڻ مرتب ٿيا. مثلا ادراڪي بيگلاري (سن
1017ھه) تاريخ سنڌ فارسي ۾ ”بيگلار نامه“ جي نالي
سان لکي ۽ سيد طاھر محمد نسيالي ٺٽوي (سن 1030 ھه)
سنڌ جي تاريخ فارسي ۾ ”تاريخ طاھري“ جي نالي سان
لکي. سيد مير محمد بن سيد جلال الدين ٺٽوي (سن
1025ھه) ۾ ”ترخان نامه“ فارسي ۾ لکيو. اھڙيءَ طرح
تاريخ ”مظھر شاھجھاني“ ۽ تذڪره ”ذخيره الخوانين“
”حديقة الاولياء“ تذڪره ”مشايخ سيوستان“ وغيره
لکيا ويا.
شاعري پنھنجي علائقائي ۽ عوامي داستانن کي به نه وساريو ۽
ڪھاڻين کي به فارسي نظم ۾ پيش ڪيو ته جيئن غير
مقامي اشخاص پڻ آشنا ٿي سگھن ٿا. مذڪور دؤر ۾ ان
قسم جون قابل ذڪر ٻه مثنويون مطالعي ۾ آيون آھن.
مثنوي ”چنيسر نامه“ ۽ مثوي ”زيبا نگر“ (قصئه سسئي
پنھون). ھي سموريون حقيقتون ٻڌائن ٿيون ته سنڌ ۾
فارسي زبان جو اھو زرين دور ھو.
|