سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1984ع (2)

 

صفحو :14

رباعيات

خوش آن وقتي که عشق غمخوارم بود – آه شب و کريهء سحر کارم بود

بد کرديءَ چرخ بين که بامن نگذاشت- کالايء غمي که زيب بازارم بود

(2)

عشقي خواھم که از خودي پاک کند- آب مڙده که دھر نمناک کند

پسايء که بيابان اصل راسپرد- دستي که گريبان ھوس چاڪ کند

(3)

جري به من ورحم باوھر دوبده- داد من و آن بھانه جوھر دوبده

من زندگيش خواھم و او مردن من- يارب تو مراد من و او ھر دوبده

 

مرزا غازي بيگ ترخان

مزا جاني بيگ جي وفات کان اڳواٽ ئي اڪبر بادشاھه جي حڪم سان مرزا غازي بيگ پيءُ واري مسند تي واليء سنڌ تسليم ڪيو ويو. ان وقت مرزا غازي بيگ 13-14 سالن جي عمر جو ھو ۽ ھن ٻن ٽن سالن اندر حڪمراني جو مثال قائم ڪيو. سن 1013 ھه 1604ع ۾ اڪبر بادشاھه، مرزا غازي بيگ کي آگري ۾ گھرائي ڏسڻ ٿي چاھيو. حڪم مطابق غازي بيگ وڃي پھتو پر اڪبر بادشاھه چند مھينن بعد وفات ڪئي. ان بعد جھانگير بادشاھه، مرزا غازي بيگ کان متاثر ٿي کيس ”فرزند ارجمند“ جو خطاب ڏنو ۽ بعد ۾ کيس ٺٽو، سيوستان، بکر، ملتان ۽ قنڌار جاگير ٿي مليا. غازي بيگ موسيقاري جي فن ۾ ماھر، استاد ھو ان سان گڏ نھايت عقلمند بھادر سخي دريا دل حاڪم ھو. مرزا غازي بيگ شاعر ھو ۽ سندس تخلص ”وقاري“ ھو. ھن تقريبن ھزار اشعار جو ديوان ڇڏيو. طالب املي، مرشد بروجردي ۽ سنجر طباطبائي ھن جي درٻار جي رونق ھئا.

سن 1021ھه- 1612عجي قنڌار ۾ سندس نديم ڀائي خان ابن خسرو خان چرڪس کيس سندس غلام عبداللطيف جي ھٿان زھر ڏياريو  جنھن سبب وفات ڪيائين. ان وقت ھن لاولد نوجوان جي عمر 25 سالن جي ھئي. سندس لاش قنڌار مان مڪلي (ٺٽي) جي قبرستان ۾ آيو، جتي پنھنجي والد مرزا جاني بيگ جي ڀرسان دفن ٿيو. مرزا غازي بيگ جي وفات بعد ترخان حڪومت جو آفتاب ھميشه لاءِ غروب ٿيو.

 

غزل

در عھد تو مارا ھمه باغير خطان است- سر پنجهء مزگان و گريبان عتاب است

در برنگهء حيرت توبي خبران را- کيفيت ديدار تو از جنس شراب است

آھم زغم سويء توھم نافهء مشک است- اشکم ز گل رويء تو ھم طبع گلاب است

از ديد گل ديده اگر تيره نه گشتي- آئينه مرا پيش تو باچشم پر آب است

شاخ مڙه ام سبز شد و غنچهء خون کرد- اينھا ھم از تربيت چشم پر آب است

از روز  ازل نغمه پرستم ”وقاري“

ديوانگيءَ ما گل مضراب رباب است

ميان سرفراز خان (ڪلھوڙو)

ميان سرفراز خان ملقب ”خدا يار خاني“، ميان غلام شاھه خان جي وفات بعد سنه 1182 ھه (1772ع) ۾ سنڌ جو حاڪم ٿيو. ھن پنھنجي سياسي ڪمزورين سبب، راڄو ليکي جي چوڻ تي پنھنجي بھادر ۽ وفادار سپھه سالار ۽ وزير مير بھرام خان ٽالپر ۽ ان جي فرزند مير صوبدار خان کي بي گناه شھيد ڪرايو. جنھن ڪري ٻروچ مٿس ڪاھي آيا ۽ ھي نئين خدا آباد مان ڀڄي حيدرآباد ۾ پھچي پنھنجي پيءُ جي ٺھرايل قلعي ۾ اچي پناھه گزين ٿيون، جتي اميرن جي فيصلي بعد ھي پٽ سميت قيدي جي حالت ۾ گڏ رھڻ لڳا. سنه 1190ھه (1772ع) ۾ ميان عبدالنبي خان کين بيدردي سان قتل ڪرايو.

ميان سرفراز خان نھايت عقلمند ۽ پنھنجي وقت جو عالم ۽ شاعر ھو. تخلص ”سرفراز“ ڪيائين. ديوان سرفراز ۾ عزليات، مثنويون، قصيده، قطعات ۽ زباعيون چيل آھن. ھن جي دربار جي روشن چراغن مان مولوي غلام علي مداح، سيد ثابت علي شاھه، منشي شيوڪرام ”عطارد“ سيد عظيم الدين، محمد پناھه ”رجا“ قابل ذڪر شاعر آھن. ڪلھوڙا حڪمرانن سان فقط ميان سرفراز خان، صاحب ديوان شاعر ٿي گذريو آھي.

غزل

تو اي مرغ چمن دلشاد ميکن- به مرغان قفس ھم ياد ميکن

تو چون پاگل نشيني ھم نگاھي- بدام افتاده صياد ميکن

تو چون برشاخ گل باشي نواسنج- بياد مادمي فرياد ميکن

تو چون پرواز گيري در گلستان- زبال بسته من ياد ميکن

تغافل چند اي سرو ”سرفراز“

يڪ بندم پا ب لطف آزاد ميکن.

 

مير غلام علي خان ٽالپر

مير غلام علي خان ملقب به ”بندگان سرڪار عالي“ پنھنجي وڏي ڀاءُ فاتح سنڌ مير فتح علي خان جي وفات کانپوءِ سنه 1217ھه (1802) ۾ سنڌ جو بادشاھه ٿيو ۽ پھرين ٽالپرن جي چؤياري سان ٻيو حاڪم ھو. ھن جي ڏينھن ۾ سنڌ ۽ قلات جا تعلقات تمام وڌي ويا ڇو جو قلات جي حاڪم مير نصير خان جي پٽ مير محمود خان جي ڀائٽيءَ سان ڀاڳناڙيءَ (لاڙڪاڻي) جي شھر ۾ مير غلام علي خان جي شادي ٿي. مير غلام علي خان شڪار جو شوقين ھو. ھڪ دفعي  ھرڻ جي شڪار تي ويو، ھرڻ کي پاڻ تڪبير وڌائين، ان وقت اتفاق سان ھرڻ جي سڱ جي چھنب مير صاحب جي پير ۾ اھڙي ته لڳي جنھن جي زخم کان سنه 1227 ھه (1812ع) ۾ وفات ڪيائين، ٽالپر حڪمران خاندان مان ھي پھريون شاعر ھو ۽ ڪڏھن ڪڏھن شعر چوندو ھو ۽ ھي بيت سندس چيل آھي.

چون سربرھنه بوده ام سر پيش کس نه برده ام

سر زير بار منت دستار کيرده مارا[1]

 

مير ڪرم علي خان ٽالپر

سنه 1278ھه ۾ مير غلام علي خان ٽالپر جي وفات بعد مير ڪرم علي خان ملقب به ”سرڪار عظمت مدار“ سنڌ جو بادشاھه ٿيو. حڪومتي ڪاروبار ھلائڻ ۾ سندس ڀاءُ مير مراد علي خان ساڻس شامل ھو. مير ڪرم علي خان سخن فھم، سخن سنج ۽ اھل فن جو قدردان ھو. ڪيترائي ايران، ھندستان ۽ سنڌ جا شاعر، عالم، اديب ۽ مصنف سندس دربار جي رونق ھئا. مير ڪرم علي خان قرآن مجيد جو حافظ ھو ۽ سندس شاعريءَ جو آغاز فاتح سنڌ مير فتح علي خان جي عھد کان ٿيو. پنھنجو تخلص ”ڪرم“ ڪيائين. سندس تصنيفات مان ”ديوان ڪرم“ ۽ ”مجموعه دلڪشا“ مشھور آھن. سيد مير غلام علي ”مائل“ مخدوم نور محمد بوبڪائي، منشي صاحبراءِ ”آزاد“ مير صاھب جي دؤر جا مشھور معروف شاعر ھئا.

مير ڪرم علي خان سنه 1244 ھه (1828ع) جي حيدرآباد ۾ وفات ڪيائين. ٽالپر حڪمران خاندان مان ھي پھريون ھاڪم ھو، جنھن کي سندس وصيت مطابق نئين خدا آباد جي بدران حيدرآباد ۾ قبن واري ٽڪرِيءَ تي دفن ڪيو ويو ۽ سنه 1245ع ۾ه مٿس بھترين مقبرو تعمير ٿيو.

غزل

لطف ايز ھست ھردم يار ما- زين سبب بگرفت رونق کارما

از نسيم فيض او خواھد شگفت- تازه گل در گلشن گلزار ما

مطلع خورشيد را شرمنده ساخت- مه جبين از مطلع انوار ما

بنده ام تا زنده ام اي نازنين- نيست مخفي عھد ما اقرار ما

نيست حاجت تا ”کرم“ سازد بيان

کارساز ما بفگر کار ما.

مير مراد علي خان ٽالپر

مير ڪرم علي خان جي وفات بعد سنه 1244ھه ۾ مير مراد علي خان ٽالپر سرير آرائي سلطنت ٿيو. مير مراد علي خان 55 سال سنڌ تي حڪومت ڪئي، يعني 49 سال، مير فتح علي خان، مير غلام علي خان ۽ مير ڪرم علي خان وارا ۽ پويان، ست سال پنھنجي دؤر حڪومت جا ھي مير صاحب سياسي بصرت ۽ شعور کان بخوبي واقف ھو، جنھن ڪري پنھنجي حڪومت وارو عرصو نھايت سياڻپ ۽ عقلمنديءَ سان طئي ڪيائين. مير مراد علي خان به قرآن مجيد جو حافظ ھو. ھي جھڙو بھادر ۽ عقلمند ھو، تھڙوئي سخن فھم، سخن سنج، عالم ۽ شاعر ھو. سندس تخلص ”علي“ ھو. مير صاحب جي تاليفات مان ”طب مراد“ ۽ ”محڪ خسروي“ ناياب شاھڪار ڪتاب موجود آھن. دستور مطابق مير صاحب جي دربار ۾ عالم فاضل۽ شاعر موجود ھئا، جن مان آزاد ڪشميري، آخوند محمد قاسم ھالاڻي ۽ نواب ولي محمد خان لغاري قابل تحسين شاعر ھئا. مير مراد علي خان 63 سالن جي عمر ۾ سنه 1250ھه (1834) ۾ وفات ڪئي ۽ حيدرآباد ۾ قبن واري ٽڪريءَ تي سندس مدفن آھن.

غزل

نباشد فضل چون فضل بھاران چه خوش باشد ولي باد دوستداران

نه مانند رخت آن مھر تابان- نه مانند عذارت گلعذاران

بوصل تو چنان مشتاق مارا- که باشد تشنهء مشتاق باران

چه خوشخطي دميده بر رخ يار- چو سبزه توميده فضل بھاران

”عليءَ ھست از غلامان شه دين

چه پروا باشم از دشمن ھزاران

مير نور محمد خان ٽالپر

سنه  1250 ۾ مير ميرادعلي خان جي وفات کانپوءِ سندس وڏو فرزند مير نور محمد خان ملقب به ”سرڪار عالي مدار“ سنڌجو بادشاھه ٿيو. مير محمد علي خان ابن مير صوبدار خان ابن فاتح سنڌ مير فتح علي خان، مياڻي واري لڙائيءَ بعد ڪلڪتي ۾، نظربندي جي ايامڪاريءَ“ منظوم ”شھنشاھه نامه “فارسي مثنوي ۾ تصنيف ڪيو آھي، جنھن ۾ پنھنجي بزرگن جو ذڪر ڪندي، ھڪ ھنڌ لکي ٿو ته ”جيڪڏھن مير نور محمد خان اڃان به جيئروھجي ھا ته اسان جي حڪومت ھرگز ختم نه ٿئي ھا. جيئن ته کيس الله تعاليٰ اھو سياسي شعور ۽ عقل عطا ڪيو ھو، جنھن جي بنا تي، انگريز کائونس ڊڄندا پئي آيا. جيتوڻيڪ مير مراد علي خان جي وفات بعد شاھه شجاع، رنجيت سنگھه ۽ انگريز پنھنجي سياسي چالن سبب حڪومت کي ڏاڍو پريشان ڪيو، پر مير نور محمد خان جو سِرُ ھو، جنھن ھنن کي پنھنجي سياسي بصيرت سان پئي منھن ٽوڙ جواب ڏنو . “ مير نور محمد خان سنه 1256ھه (1840ع) ۾ وفات ڪئي. ھن مير صاحب به امام رضا عليھ السلام جي روضه (مشھد) تي مطلا قرآن مجيد موڪليو. ٽالپر حڪمرانن سان مير نور محمد خان بھترين خطاط ھو ۽ شاعر به ھو. دستور مطابق سندس دربار ۾ علماءَ، دانشور، اڪابر ۽ شاعر موجود ھئا. ھن مير صاحب جي دور ۾ شرڪت، نور محمد جوھري ۽ محمد روشن قابل داد شاعر ھئا. سرڪار عالي تبار مير حسين علي خان پنھنجي ڪتابچه ”ياد رفتگان“ ۾ لکيو آھي ته ”مير نور محمد خان شاعر ھو ۽ ڪڏھن ڪڏھن شعر چوندو ھو“. ليڪن اڄ تائين ڪوبه نظم، غزل، يا شعر، مير صاحب جو اسان جي نظر مان نه گذريو آھي، تنھن ڪري فقط مير صاھب جي احوال تي اڪتفا ڪجي ٿي. [2]

 

مير محمد نصير خان ٽالپور

مير محمد نصير خان ملقب به ”سرڪار فيض آثار“ پنھنجي وڏي ڀاءُ مير نور محمد خان جي وفات بعد سنه .........ھه جي سنڌ جو حاڪم ٿيو. ھي ٽالپر خاندان مان سنڌ جو آخري بادشاھه ھو. ھي به پنھنجي بزرگن وانگر بھادر عالي ھمت سخي دريا دل عالمن ۽ فاضلن شاعرن جو قدردان ھو. آخوند محمد بچل ”انور“، محمد روشن، محمد يوسف ۽ ميرزا طاھر  مير صاحب جي خاص شعراءَ مان ھئا. مير نصير خان شاعر ھو ۽ سندس تخلص (جعفري) ھو. مير صاحب جي تصنيفات مان ”ديوان جعفري“ منظوم قصئه ”مرزا صاحبان“ ۽ ”مختيار نامه“ فارسي ۾ موجود آھن. مير نصير خان به امام علي موسيٰ الرضا عليه السلام جي روضي تي ”پنج ھزاري“ مطلا قرآن مجيد موڪليو.

مير نصير خان ساده لوح طبيعت جو ھو، جنھن ڪري سندس سياسي ڪمزورين سبب انگريز کائونس ڦري ويا، جنھن جي نتيجي ۾ سنه  1843ع ۾ انگريزن ساڻس مياڻي جي ميدان ۾ لڙائي ڪري، ٺڳيءَ سان سنڌ فتح ڪئي ۽ بعد ۾ کيس ڪلڪتي موڪليو ويو، جتي سنه 1845ع ۾ وفات ڪيائين ۽ سنه 1855ع ۾ گورنر جنرل ڊلھوزي جي حڪم سان مير صاحب جو لاش حيدرآباد ۾ آڻي، قبن واري ٽڪريءَ تي دفن ڪيو ويو. ان وچ جو سمورو درد انگيز احوال اسان پنھنجي تاليف ڪيل ڪتاب ”حيدرآباد جي ميرن جي تاريخ“ جي مقدمي ۾ تفصيل سان لکيو آھي.

غزل

يارم امروز ميھمان آمد- دربرم چون به جسم جان آمد

يار برقصر در شب تاريک- ھمچو ماھي برآسمان آمد

آن مسيحا نفس در آغوشم در تن مرده ھمچو جان آمد

جرعهء مئي به من عطا فرمود- يارم از لطف مھربان آمد

دلربا ھم نشين من شده زان- مدعي زار و ناتوان آمد

يار در محفلم زراه وفا- ھمچو سرو  بوستان آمد

برسر ماھمه ز مھر نبي صه- لطف حيدر اچو ساي بان آمد

برکاب شه ”مراد علي“ نصرت از ھر طرف دوران آمد

”جعفري“ راپي ء مدد بھ جھان

”علي“ از لطف مھربان آمد.

مير علي مراد خان ٽالپر

سنه 1843ع (1259ھه) ۾ انگريزن جي سنڌ فتح ڪرڻ بعد خيرپور جي ڏيھي رياست جو پھريون حاڪم مير علي مراد خان ٿيو. ھي به حسب دستور غريب نواز، علم دوست ۽ شاعر ھو، ھندي ڪلام ” مجروح“ ۽ فارسي ڪلام  ۾ ”علي“ تخلص ڪيائين. ھن جي دربار به وقت جي عالمن فاضلن ۽ شاعرن جي آماجگاھه ھئي، جتي انھن جي شايان شان قدر افزائي ٿيندي ھئي.

سنه 1843ع ۾ حيدرآبادي مير نصير خان جي ڪلڪتي وڃڻ بعد، سمورا ايراني ۽ ھندوستاني شعراءَ گھڻي ڀاڱي حيدرآباد دکن ۽ آس پاس ھليا ويا، فقط سنڌي شعراء جھڙوڪ مرزا محمد باقر ”آصف“ گرجي، محمد قاسم ھلائي، سيد غلام مرتضيٰ شاھه ”مرتضائي“ ٺٽوي مرزا احمد علي قلاتي وغيره وڃي خيرپور ڀيڙا ٿي، مير علي ماد خان جي دربار جي زينت ٿيا.

مير علي مراد خان سنه 1311ھه (1894ع) جي خيرپور ۾ وفات ڪئي. وصيت مطابق سندس لاش ڪربلا معليٰ (عراق ۾ دفنايو ويو.

 

غزل

اي شوخ ستمگر ستم بي حساب چيست- پر عاشقان صميميء تازو عتاب چيست

شمشير آبدار کشيدي شتافتي- اين خشم بي گناه بر اين دل کباب چيست

از زلف پيچدار مرا تاب دادهء مزگان تست قاتل چندين عذاب چيست

ظاھر بيا برايء خدا پيش من نشين- اين آمدن به شوخيء عشق به خواب چيست

پابند شدز عشق تو مسکين ”عليمردا“

گاھي خلاف وعده و گاھي صواب چيست

 

وضاحتون

(I)رابعه بنت ڪعب چوٿين صدي ھجري قصدار شھر ۾رھندي ھئي. قصدار يا قزدار بلوچستان جي ضلعي جھلاوان جو ڳوٺ آھي ۽ ان شاھراھه تي آھي جا ڪاڇي کان مڪران ۽ قلات کان ٻيله ڏي وڃي ٿي. جيئن ته عوفي کان سواءِ ڪنھن ٻئي قديم تذڪره ۾ رابعه جو ذڪر نٿو ملي. بھرحال تحقيق ۽ جستجو بعد معلوم ٿيو آھي ته رابعه حسين عالم ۽ بھادر ڇوڪري ھئي، ھن جو پيءُ وقت جو حاڪم ھو جنھن پنھنجي وفات وقت پنھنجي پٽ حارث کي وصيت ڪئي ته رابعه جي توکي پارت ھجي. رابعه  حارث جي غلام بڪتاش تي عاشق ھئي ۽ محبت ڀريا اشعار لکي ھن کي موڪليندي ھئي ۽ پنھنجي تصوير به کيس موڪليائين ھڪ دفعي بڪتاش محل جي دروازي تي کيس ڏسي سندس دامن کي جھليو جنھن تي رابعه ڇڙب ڏئي دامن ڇڏائي چيائينس ته خبردار منھنجي اظھار محبت کان ڪٿي ھوس جو نه شڪار ٿي وڃين. ھڪ دفعي بڪتاش جنگ تي ويو ۽ زخمي ٿي ڪري پيو. رابعه ڪاري چادر بدن تي ويڙھي ميدان جنگ ۾ وئي ۽ بڪتاش کي کڻي آئي ۽ ان بعد بڪتاش کي پنھنجي دائي ھٿان عاشقانه اشعار موڪليندي ھئي، اتفاق سان ھڪ مذڪور سموري خبر حارث کي پئي جنھن گھر اچي تحقيق ڪئي. ڪنھن ٻئي غلام کان معلوم ٿيس ته يڪتاش پنھنجي فلاڻي صندوق ۾ جواھر لڪائي رکيا آھن. تفتيش ڪرڻ سان خبر پيس ته ان ۾ رابعه جا خط آھن جنھن تي ”حارث بڪتاش کي کڻي کوھه اڇلايو ۽ رابعه جي نسن مان سيرون کولائي حمام ۾ بند ڪري ڀت کڻائي ڇڏيا تيئن جا آخري دم تائين پنھنجي خون سان ڀتين تي اشعار لکندي رھي. جڏھن اھا بڪتاش کي خبر پئي ته تڏھن کوھه مان نڪري پھرين حادث کي قتل ڪري پوءِ رابعه جي قبر تي وڃي پاڻ قربان ڪيائين.

- (پاڪستان مين فارسي ادب 190)

(II) ”انشائي ھرڪرن“،جو عربي ۾ ترجمون اسان جي ڪتبخاني ۾ موجود آھي. انشائي ھرڪرن، جو مصنف، ديوان ھرڪون ولد مٿرداس ڪنبوح ملتاني، نواب اعتبار خان جھانگيري جو منشي ھو.، انشائي ادب ۾ ”انشائي ھرڪرن“ مقبول ۽ مشهور ڪتاب آھي. مذڪوره ڪتاب تفصيل ذيل، ستن بابن ۾ منقسم آھي.

”(1) نامھا که سلطين بسلاطين بنويسند (2) در اصدار فرامين (3) در شرح پروانجات (4) در نوشتن عرايض (5) درمڪتوبات که ابنائي روزگار بيکديگر نويسند (6) در نوشتن خط قباله شرعي (7) در نوشتن دستک و سرنامه“.

فرمانن ۾اھي حڪنامه  شامل آھن جي بادشاھه يا حاڪم جي طرفان صوبيدار، قاضي يا ڪوٽوال جي تقرر تي لکيا وڃن ٿا. راھداري جا نمونا به انھيءَ عنوان جي تحت درج آھن. پروانا منصبدارن جي نالي ۾ حڪمنامه پڻ آھن. مثلاَ: فوجدار جي نالي ھي حڪم آھي ته استغائي جي پيروي ڪئي وڃي. فلان شخص کي قرض واپس ڏياريو وڃي. عرضن جي نمونن ۾ اھي رپورٽون پڻ شامل آهن، جي سپھه سالار ۽ سردار، فتوحات جي متعلق مرڪزي دفتر ڏي موڪلين ٿا يا پنھنجي پنھنجي علائقن ۾ امن و امان متعلق احوال و ڪوائف لکي ارسال ڪن ٿا، يا لشڪر جي ضروريات متعلق تفصيل لکن ٿا. ڪتاب ۾ اھڙي قسم جون 18 عرضداشتون مرقوم آهن. نجا خط 34 قسمنجا آھن. مراتب و تعلقات جي بنا تي ھر ھڪ خط ۾ جدا جدا طرز تخاطب ۽ طرز اختتام لکيل آھي. مڪتوب اليه جي ائڊريس لکڻ جو طريقو به ٻڌايو اٿس. مثلا:

”بشرط مطالعه نواب ........... مشرف ياد“

اين نامه (عريضه، مکتوب، کتاب، اشتياق نامه) بخدمت والا- برسانند.

انگريزن کي فارسي انشا سيکارڻ لاءِ ھي ڪتاب منتخب ڪيو ويو ھو ۽ فرانسس بالفور، انگريزي ۾ ترجمو ڪري سن 1781ع ۾ ڪلڪتي مان شايع ڪيو.

(III) اتر واري پاسي پٿر تي ھڪ ڪتبه نصب آھي جيڪو ڊيگھه ۾ ساڍا اڻٽيھه انچ ۽ ويڪر ۾ ارڙھن انچ آھي ھن ۾ڪل 6 بند ڪنده ٿيل آھن، آخري شعر جا ڪي الفاظ ڊھي پيا آھن:

 جھان مردم کش است اي دل مباش از جان وفاداش

        که جزکين و جفا ناملآ زبيدادي  دگر کارش

تواز حال محمد شاھه برگير اعتبار ازوي

        کي چون اورنگ شاھي در ربود اين دور غدارش

شھنشاھيت اين اي خواج کش بيني بخاک اندر

        کي ھم چون بندگان بودند، شاھان جھاندارش

اگرچه پيش ازين صدبار دربارش چنان ديدي

        کنون چشم خود بگشا درليجا بنگر اين بارش

جھان بگشاد از مردي و بخشيد از جوان مردي

        بدھر از کوشش و بخشش فراوان بود کردارش

 [بُـﮧ از؟]  ماه محرم [بست ويک؟] کاندر شب شنبه

        گذشته هفصو پنجاه ودو شد عزم آن دارش

(جيڪي الفاظ خطوط وحداني ۾ ڏنا ويا آھن سي قياسي آھي)

óمغرب جي پاسي وارو پٿر به اُتر واري پٿر وانگر مفيد آھي جنھن تي حسب ذيل ڪتبه لکيل آھي. ھي پٿر ڊيگھه ۾ ساڍا اٺاويھه انچ ۽ ويڪرو ۾ ساٺا ٻارھن انچ آھي.

به عھد دولت فيروز شاه خسرو گيتي

که يزدان برسرير سلطنت يادا نگھدارش

برآن سلطان دين پرور برآمد اينچنين ننبد

کي آمد پيش پاي گنبد گردون دوارش

بسال ھفصد و پنجاه وجھار از ھجرت احمد

قبول بنده درگاه او سرمست معمارش

.........................................گنبد............................................

کي باد از حضرت يزدان ھزاران...............

 


[1]  مير حسين علي خان  جي ڪتابچه ”ياد رفتگان“  ۾ فقط ھڪ بيت مير غلام علي خان جي نالي لکيل آھي.

[2]  مير حسين علي خان جي ڪتابچه ياد رفتگان  ۾ مير نور محمد خان جي نالي سان منسوب ڪيل ھڪ بيت لکيلآھي، مگر ٻنھي مصراعن جا وچ وارا سمورا الفاط ڪرم خورده آھن،جنھن ڪري بلڪل پڙھڻ ۾ نٿو اچي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com