سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1995ع (4)

 

صفحو :9

نظام الدين کوسو

نئين ٺُل جا پراڻا گُل

دليل پور ۽ ڀرپاسي جو احوال

        هن سلسلي ۾ پهريون ڀاڱو انڙ واهه ريلوي اسٽيشن ۽ ريلوي لائين جي باري ۾ هو، جو ” مهراڻ “ (1/1995ع) ۾ ڇپجي چڪو آهي. هينئر هي سلسلو انڙ واهه کان ڏکڻ طرف لاءِ شروع ڪجي ٿو.

        انڙ واهه ريلوي اسٽيشن کان ڏکڻ طرف انڙواهه ڪئنال وهندو هو، جيڪو درياءَ کي ٽوڙي بنگلي وٽان نڪرندو هو. انڙ واهه جو منهن سنئون سڌو درياءَ کان هو. ڪنهن ڦاٽ يا ڍنڍ مان ڪونه هو، ٽوڙي بند ذريعي درياءَ جو پاڻي انڙ واهه جو منهن تائين هو. اُن تي نهايت مضبوط ريگيوليٽر 1901ع جو ٺهيل هو. آبڪلاڻي جي چاڙهه ۾ ٽوڙي بنگلي وٽان درياءَ سنڌ جي ڇولين جو نظارو نهايت خوش منظر هوندو هو. اُن وقت جي قداور ماڻهو جهارو ڀيو جو نشان به بنگلي تي اڃا لڳل آهي. چون ٿا ته عالم چنا کان به ڊگهو هو. انڙ واهه ڪئنال جي 24 ميل تي انڙ واهه ريلوي اسٽيشن هئي.اُن جي ڀرسان هڪ عاليشان پڪسرو انسپيڪشن بنگلو ٺهيل هو، جيڪو ڪلاس مطابق سيڪنڊ ڪلاس هو. ان ۾ جدا اصطبل ۽ سرونٽ ڪوارٽر به ٺهيل هئا. نهايت هوادار ۽ مٿي ٿلهي تي ٺهيل هو. چوڌاري پڪي چؤڌيواري هيس. اندر نلڪو ۽ گلن جا ٻوٽا ۽ گهاٽا وڻ به هوندا هئس. مون جنهن زماني ۾ انهيءَ بنگلي کي ڏٺو ته اُن وقت نهايت عاليشان ۽ آباد سرڪاري بنگلو ڏسبو هو.حضرت امين الملت جڏهن علي ڳڙهه مان ايندو هو ته ڪنهن شام جو ٽانگي تي چڙهي انهيءَ پاسي بنگلي وٽان رستي سان وڃبو هو. اسان جي هڪ عزيز حاجي ايوب خان جو ڳوٺ انهيءَ بنگليءَ واري ديهه ۾ هو، سو ايندي ويندي بنگلي جونظارو ٿيندو هو. بنگلي جي اڳيان گُلن جو چمن هوندو هو ۽ پاسي سان گهاٽا ڊگها وڻ هوندا هئس. ڪڏهن ڪڏهن موسم آهر اتي وَهيا به اچي ويهندا هئا ته اسان شڪار خاطر بندوق جي هڪ ڪارتوس سان ويهارو وهيا ماري وجهندا هئاسون. بنگلي لاءِ خاص چوڪيدار رکيل هويا نه سا خبر ڪانهي، باقي اسانکي ڪڏهن بنگلي اندر يا ٻاهر ماڻهوڪونه نظر ايندو هو. بنگلي جي ڀرسان ڪئنال جي ٻئي پاسي ڀرچونڊي شريف جي جماعت وارن فقيرن جا گهر هوندا هئا. پير صاحب جي آمد تي هزارين فقير اچي اتي گڏ ٿيندا هئا. پر مجال آهي جو ڪنهن فقير انهيءَ بنگلي سان کؤنس ڪئي هجي. فقيرن لاءِ ته اهو ٽڪروڄڻ ممنوعه علائقي وانگر هو. انهيءَ جماعت جا فقير ڏاڍا ارڏا هوندا آهن پر انهن ڪڏهن به ڪئنال يا بنگلي جي ڪنهن وڻ تان ڪو ڏندڻ به پٽيو هجي. ڪئنال سان ٻٻرن جا گهاٽا ۽ ڊگها وڻ هوندا هئا. انگريزن جو دؤر هو، باقاعده انهيءَ جي شجر شماري ٿيندي هئي. ڪنهن ڪمي بيشيءَ تي بيلدارن جي پگهار ڪٽبي هئي. داروغا، اوورسيئر، اسسٽنٽ انجنيئر باقاعده مهيني ۾ هڪ اڌ ڀيرو ڪئنال جي انسپيڪشن ڪندا هئا. ڪئنال تي ٺهيل انسپيڪشن پاٿ جي ايڏي ته حفاظت هوندي هئي جو باقاعده ٻُهاريل هوندي هئي ۽ ڪنهن کي به اُن تي پير گهمائڻ جي اجازت ڪانه هئي. هميشه لوڙهي سان بند هوندي هئي. جڏهن ڪو عملدار انسپيڪشن لاءِ اچڻو هوندو هو ته 24 ڪلاڪ اڳ ۾ ڪئنال وائر ذريعي اطلاع ٿيندو هو، پوءِ اهي لوڙها کولي ٻهارو ڏبو هو. سڄي حد جا بيلدار پنهنجي ’ڪوڏر‘ ۽ ’پاٺوڙي‘ سان حد اندر حاضر رهندا هئا. موٽرن جو زمانو ڪونه هو.. عموماً عملدار ” مَهريءَ“ تي سواري ڪندا هئا. اهي اٺ نهايت تيز رفتار ۽ ڏاڍا سهنجو هلڻ وارا هوندا هئا. اهي اُٺ سرڪاري هوندا هئا. انهن جي واڳ هلائڻ وارا شتر سوار به سرڪاري طرح هميشه پگهار تي مقرر هوندا هئا، جيڪي عموماً جت قوم جا ڀرتي ٿيندا هئا، جن کي ” گَل ڦان“ سڏبو هو.

        ڪئنال جي ڪڙ ۽ ڪڙين جي وڏي حفاظت هوندي هئي. موريءَ  جي مقرره ماپ کان رکڻ ڏوهه هو. باقاعده ڏنڊ جا فارم ڀربا هئا. اهو ڏنڊ ڍل وانگر زوري وصول ٿيندوهو. انگريزن پنهنجي ملازمن جي حفاظت لاءِ ” نوڪري اٽڪاءُ“ جهڙو قانون به ٺاهيو هو، تنهنڪري ملازمن کي نوڪري ڪندي ٻئي ڪنهن پبلڪ جي مداخلت جو خطرو ڪونه هوندو هو؛ سو ڪئنال جي ڪڙ، ڪڙيا، وڻڪار ۽ اهلڪار سڀ پبلڪ جي کؤنس کان محفوظ هئا. انهيءَ قانوني سختي جي ڪري ڪئنال مان پاڻي جي تقسيم به منهن کان پڇڙيءَ تائين يڪسان ۽ مُسلسل ۽ آبڪلاڻيءَ جي موسم ۾ مڪمل ٿيندي هئي. هر ڪنهن کي ايراضي آهر پاڻي ميسر رهندو هو. انڙ واهه جي 25 ميل ريگيوليٽر تي هميشه فل سپلاءِ گيج تي اٺ فوٽ پاڻي هوندوهو.ڪئنال سان گشت ڪندڙ عملدار بلا خوف رات جو به سفر ڪندا هئا. ڇاڪاڻ ته اونهاري جي موسم رات جو معتدل هئڻ ڪري ڏينهن کان وڌيڪ گهمڻ لاءِ موزون سمجهبو هو. انڙ واهه جي خاص ڪري مذڪوره ٽڪري تي ٻن ٽن ميلن تي رات جو وسنڌ سمان رهندوهو. بنگلو به اتي هو ته وري فقيرن جا گهر به ميلن جي ڊيگهه ۾ ٺهيل هئا. مغرب کان عشاءَ تائين ذڪر جو آواز پيو ڪڙ کان ٻڌبو هو ۽ خاص ڪري اسر مهل ته گهه گهه جا سڀئي ڀاتي اٿي ذڪر ۾ مشغول ٿيندا هئا، الله تعالي جو مٺو نالو  پيو ڪنين پوندو هو، ڀرچونڊي شريف جا فقير ذڪر جي پابندي ان زماني ۾ ضروري ڪندا هئا ذڪر الاهي جي ’پڙلاءُ‘ سبب انسپيڪشن بنگلو هميشه محفوظ رهيو. ڪنهن به فقير يا ڪنهن به ڪاموري ان ڏانهن غير نگاه نه وڌي. بنگلي واري سڄي ديهه برڪت ڀري هوندي هئي. ”ڀرچونڊي شريف جي ڀلارن“ جي آمد سبب هر طرح محفوظ ۽ آباد هئي. آزاديءَ جي اچڻ تائين اها برڪت ڀرئي حالت سلامت رهي، پوءِ فرض شناس آفيسرن جي وڃڻ کان بعد انڙ واهه ڪئنال جي حالت تمام خسته ٿيندي وئي. جتي 8 فوٽ فل سپلاءِ گيج هوندي هئي اُتي هاڻ اڌ فوٽ به پاڻي نٿو اچي. وڻن جي پاڙ پٽجي وئي. بنگلي کي ڪنهن سب ڊويزنل آفيسر صاحب جيڪو” لڪڙ هضم پٿر هضم“ قسم جو ماڻهو هو، تنهن ’پاڙون پٽائي‘ ڇڏيو. آئرن جون سرون به وڪڻي ڇڏيائين ۽ هاڻي ان بنگلي واري جاءِ تي ”حر مجاهدن“ جو ڳوٺ آهي. هوڏانهن وري ٻئي ڀَر ڀرچونڊي شريف جي فقيرن جا ڳوٺ آهن باقي انڙ واهه ڪئنال جو نشان آهي نه انڙ واهه انسپيڪشن بنگلي جو ڪو نشان _ رڳو يادون وڃي رهيون آهن. بنگلي ۾ منزل انداز ٿيندڙ آفيسر جو دٻدٻو، ڪامورن، بيلدارن جي ڪار گذاري به ڪنهن ڪنهن ڪُراڙي ماڻهو کي ياد هُجي ته هجي نه ته نئين نسل جي ماڻهن کي خبر ئي ڪانهي ته انهيءَ ٽڪري ۾ به ڪڏهن ڪو حڪومتي رُعب رهيوهوندو.انڙ واهه ڪئنال ۽ انڙ واهه  بنگلي جي ياد ۾ ٿڌا شوڪارا ڀريندي انهيءَ ساڳي ديهه جي ڪن ماڳن جو ذڪر ڪجي. ديهه دٻلي ۾ سو سال اڳ ڏکڻ طرف حاجي دليل خان بنگلاڻي پنهنجي ڏاڏاڻي ڳوٺ مان لڏي هتي اچي ڳوٺ ٻڌو. هڪ وڏو ڪوٽ ڪڍائي اندر لانڍيون جوڙائي ڳوٺ کي آباد ڪيائين. هي اهو دؤر هو جنهن ۾ سنڌ اندر انگريزن زمينن جي نئين سروي ڪرائي هئي. سروي نمبر ماپ موجب ٺاهي ديهن جا نقشا تيار ڪيا هئائون. جن زمينن تي اڳ ۾ ئي ماڻهو جو قبضو هو تنهن ” والار“ کي قبول ڪري لئنڊ رجسٽر نمبر پهرين ۾ انهيءَ ايراضيءَ جي سروي نمبرن کي انهيءَ ” قبضه دار “ جي نالي پڪي طرح کاتو داخل ڪيائون. انڙ واهه ڪئنال جي اُترئين طرف اسان جي ڏاڏي امين خان کي به زمين ملي جيڪو ان وقت پوليس عملدار هو. ڏاڏي مرحوم اها زمين انگريزن کان قسطن تي حق مالڪاڻه سان خريد ڪئي هئي ڏاڏو ايماندار آفيسر هو. هُن پوليس جهڙي کاتي ۾ نوڪري ڪندي به پنهنجي دامن کي حرام جي ڪمائي کان بچائي رکيو . هو هتي 1880ع ۾ اچي رهيو. ڳوٺ ۾ به رهندو هو ته ٿاڻي ٺل تي به رهندو هو. سروي 1884ع ۾ ٿي. ڏاڏو سروي کان به اڳ هتي آيو. انگريزن کيس انعام ۾ ديهه سعدو ڪوٽ ۾ به اڻ سروي ٿيل زمين ڏني هئي ( جيڪا پوءِ خان بهادر کهڙي جي ليگي حڪومت ضبط ڪئي.)

        لئمبرڪ صاحب انگريز سول سروس آفيسر هو، جنهن جيڪب آباد ضلعي جي ڊپٽي ڪمشنر جو عهدو چڱو عرصو گذاريو ۽ سنڌ جي ٻين جاين تي به رهيو. هو سنڌ جي تاريخ ۽ جاگرافيائي حالتن کان ڏاڍو واقف هو. هُن هڪ نقشي ۾ سنڌ جي اپر سنڌ حصي ۾ رهندڙ بلوچ قومن جي تقسيم ڏيکاري آهي ته ڪهڙي قوم ڪهڙي ايراضيءَ تي قابض رهي هئي. انگريزن کان اڳ تعلقي ٺل جا اصل باشندا ” ڄاموٽ “ هئا. سٻايا، ڀُٽا، سرڪي، ڀنگر، مهر، پهوڙ ٻُرڙا ۽ چنا اتان جا وڏا زميندار هئا. سندن راڄ مهاڄڻ به سندن ئي قوم جا ماڻهو هئا. ڄاموٽ زميندارن وٽ ڪافي زمين هئي پر غير آباد رهندي هئي. وڏيرا شراب ۽ ڪباب جا شائق هئا. ٻروچن وٽ ٻاڪرو ۽ ريڍومال جام هوندو هو، سو ڄاموٽن کي رڍون ۽ ٻڪريون سجي لاءِ ڏيئي کانئن زمينون حاصل ڪندا ويا. انگريز آيا ته قبضا ٻروچن جا ثابت ٿيندا ويا ۽ سروي پُجاڻا لئنڊ رجسٽرن تي ٻروچن جا کاتا چڙهي ويا.

        اُنڙ واهه ڪئنال جو نالو به اُنڙ قوم جي نالي تي پيوهو. اُنڙ واهه جي منهن وٽ، درياءَ جي ڪچي ۾ ڄاموٽ قوم جا ماڻهو رهندا هئا ۽ هينئر به انهن جي اڪثريت آهي،جيئن ميربحر، چاچڙ ۽ ڀيا وغيره. ٽوڙي بنگلي ڀرسان ڪچي ۾ اڃا به چاچڙن جو ڏيڍ سؤ سال اڳ جو ڳوٺ آهي، جنهن کي ” ڄام سونهارو“ سڏيندا آهن. انڙ به سماٽ قوم جي ڪا شاخ آهي سو انهيءَ نسبت سان اُنڙ واهه تي نالو ان ڪري پيو، ۽ انڙ واهه جي ڪناري ريلوي اسٽيشن ٺهڻ سبب ۽ بنگلي ڪئنال جي ڪري به اسٽيشن تي نالو انڙ واهه پيو.

        اَپر سنڌ ۾ واهن جو سلسلو ڪلهوڙا دؤر ۾ شروع ٿيو هو. ڪلهوڙا فقيري سان گڏ زمينداري جا به ماهر هئا. بيگاري واهه، نورواهه ، مُراد واهه، شاهي واهه، انڙ واهه، سون واهه وغيره وغيره سڀ ڪئنال انهيءَ دؤر جا کوٽايل آهن. ان زماني ۾ درياءَ تي بند ڪونه هئا، آبڪلاڻيءَ جي موسم ۾ چاڙهه ٿيڻ سان اهي واهه وهندا هئا. ڪجهه آبادي سانوڻ جي بارشن تي به ٿيندي هئي اُن زماني ۾ سانوڻ ۾ بارشون تمام گهڻيون پونديون هيون. انهيءَ سبب درياءَ جي اٿل سبب زمينن ۾ گاهه گهڻو پيدا ٿيندو هو، سو ٻروچ ماڻهو مال ججهو رکندا هئا. ۽ گذر سفر انهيءَ تي هوندي هئن. ٽالپرن جي لاءِ تاريخ ائين جاڻائي ٿي ته ٻڪرين جي ڌڻن سان ۽ ڏاس جا ڍيرا وٽڻ سان سنڌ اندر داخل ٿيا هئا، ڪلهوڙن جا مريد هئا.

 انهيءَ آڳاٽي دور گذرڻ کان پوءِ فرنگي فريبي اچي پهتا. انهن جي دؤر اچڻ سان طوائف الملوڪي ختم ٿي، امن امان جو بندوبست ٿيو.

        1880ع کان پوءِ حاجي دليل خان بنگلاڻي به اچي انڙ واهه جي ڀرسان ڪوٽ اڏيو. چون ٿا ته پنهنجي ڏاڏاڻي ڏيهه مان خزاني جون ديڳون کڻي آيو هو. انڙ واهه جي ” ڪاٽڪو ماڻهن “  ۾ هُل مچي ويو. سانباها ڪرڻ لڳا ته ڪيئن به ڪري اهي ديڳون ’تڳايون‘. ڪن ” تمام آڙاهه چورن“ ، ’رُنبا‘، ’رسا‘ ۽ ٻيو سامان کڻي هڪ رات ڪوٽ کي اچي پاسو ڏنو. زمانو امن جو هو سو پهري وغيره رکڻ جو دستور به ڪونه هو: چورن ڪوٽ کي کاٽ هڻڻ جون تياريون ڪيون ته ڏسن ته حاجي دليل خان بنگلاڻي ڪوٽ جي ڪنڊ ۾ بيٺو آهي. چور اهو ڏسي لڪي ڀڳا. وري ڪنهن ٻي رات تياريون ڪري آيا ته وري به ” ساڳيو لقاءُ“ نظر پين. پوءِ اچي ڊنا ته هتي ڪو غيبي پهرو آهي سو هن ڪم کان باز اچجي. چورن انهيءَ لقاءُ جو ڪن ٻين سان به ذڪر ڪيو هوندو سو ماڻهن جي وات چڙهي ويو ته ”حاجي دليل خان ڪرامت دا مالڪ هي“ . ماڻهن ۾ انهيءَ عام هُل دليل پور ڳوٺ کي وڏو تحفظ رسائي ڇڏيو. ڪيترن ٻين قومن جا ماڻهو لڏي اچي  هن ڳوٺ ۾ ويٺا. اُن زماني ۾ رڳو مينگهواڙن  جا پنجاهه جهوپڙا ٺهي چُڪا هئا. اوري پري جا مينگهواڙ لڏو کڻي اچي دليل پور ۾ ديرو ڪري ويٺا. اتي انهن پنهنجي مذهبي ’مڙهي‘ به جوڙي، ته پنهنجو ٻائو به مقرر ڪيائون. انهيءَ ئي ٻائي لاءِ مشهور هو ته هو جادو جو ڄاڻو آهي ۽ ناڪام عاشقن جي دلي ’مراد‘ پڄائيندو آهي. ڪيترا ’عاشق جيئڙا‘ مسلمان سڳورا به انهيءَ ٻائي وٽ سوالي بڻيا بيٺا هوندا هئا. ٻائو کين ڪي جادوئي ڪاغذ ليڪي ڏيندو هو. انهيءَ ۾ هڪ اهو به ڪم هوندو هو ته ’عشق جي راهه‘  ۾ ” رڪاوٽ وجهندڙ “ کي جادو جي زور تي ’موچڙا‘ هڻائيندو هو. منهنجي پنهنجي ڄاڻ موجب به هڪ واقعو معلوم ٿيو جو هڪ اهڙي ’رنڊڪ وجهندڙ‘ کي از غيبي جوتن جي مار ملي جو وري سڄي عمر کؤنس ڪانه ڪيائين. اهو هو هڪ مينگهواڙ  هٿان ٿيندڙ  هڪ ’ڪلمه گو‘ سان ڪلور.  اسان وٽ اسان  جي واهن جون کاٽيون ٽوڪرين ذريعي اهي مينگهواڙ  ڪندا هئا. انهن جو جمعدار هوندو هو مينگهلو مارواڙي، انهيءَ ٻاوي  جو پٽ، سو اُهو مزي سان ان قسم جون خبرون ڪندو هو.

        انهن مينگهواڙن مان هڪ ڪراڙو وري سرود قسم جو ساز وڄائيندو هو، جنهن جو آواز ڏاڍو ’لڱ ڪانڊاريندڙ‘  هوندو هو. ڪڏهن ڪڏهن  اسان جي ڳوٺ به گدا ڪرڻ ايندو هو. ساڻس هڪ ڇوڪرو به هوندو هو، جنهن جا وار ’ٻاٽوان‘ ٿيل هوندا هئا. پٽڪو ٻڌل هوندو هوس. نازڪ بدن هوندو هو ۽ ڏاڍو جاذب نظر پڻ. اهو ڪراڙو ساز وڄائي وجد ۾ وجهي ڇڏيندو هو ۽ ڇوڪرو وري جُهمر هڻندو هو. ڪراڙو ۽ ڇوڪر ڪُجهه  ڳائيندا به هئا. ڪو زمانو ٿي ويو. مون کي هينئر اهي ياد ڪونه آهن. تنهن زماني ۾ انهيءَ فقير کان ٻڌي ٻڌي ڪي بند ياد ٿي ويا هئا. اڄ به اکين اڳيان اهو نظارو پيو ڦري ۽ ڪنن ۾ آواز پيوگونجي ته :

” پوپري ري پوپري، تنون ڪون ماري ري“

انهن ڍنڍن کان علاوه دليل پور ۾ ڪي ٻيا ٻه شيڊول ڪاسٽ جا ماڻهو اچي ويٺا ها. اوڏ، باگڙي، جوڳي وغيره وغيره به پنهنجي گذران لاءِ انهيءَ ڳوٺ ۾ ويٺا. اصلي سبب ته حاجي دليل  خان جي ’غيبي ڪرشمي‘  جي ڪري و سنڌ ٿي. ٻيو وري ڳوٺ جي ٻاهران تمام گهڻي ايراضي غير آباد هئي جنهن ڪري ٻهراڙي وارن ماڻهن کي ” جهنگ  جي اُٿي ويٺي “ جي وڏي سهوليت هئي، سو ڳوٺ ويو وڌندو.

        سنه 1930ع ڌاري ڳوٺ ۾ هڪ عاليشان مسجد ڪاشيءَ سان سينگاريل تيار ٿي. اپر سنڌ جي مشهور بزرگ مولانا نبي بخش صاحب شڪارپوري جوهڪ فرزند مولانا عبدالعلي صاحب سومروانهيءَ مسجد شريف جو پيش امام ٿي آيو ۽ هڪ وڏو مدرسو ” شمس العلوم“ جي نالي سان جاري ڪيائين. انهيءَ عالم سڳوري جي صُحبت ۾ رهي حاجي دليل خان جا ٽيئي پٽ نهايت نيڪ ۽ ديندار بڻيا. مولوي صاحب وڏو عالم ۽ بُزرگ هو. کيس حضور عليہ الصلوات والسلام جن جي خواب جي زيارت نصيب ٿي هئي. هن عاجز کي پهريون سبق به انهيءَ عالم سڳوري اچي پڙهايو منهنجي والد صاحب انهيءَ ڪم لاءِ خاص طرح عزيز آباد کيس گهرايو هو. انهيءَ اهل الله جي ڏنل سبق جي طفيل مون کي پڙهڻ لکڻ اچي ويو. اهو مولوي صاحب مون تي ڏاڍو مهربان هوندو هو. وٽس ڪڏهن ڪڏهن دليل پور ويندو هوس. منهنجي والد بزرگوار جي جنازي نماز به هن بزرگ پڙهائي هئي. والد صاحب جي وفات بعد هي اسان جي چاچي وٽ ايندو هو. منهنجي چاچي کيس صلاح ڏني ته ديني تعليم جي خدمت سان گڏ هو طبي خدمت به ادا ڪري، ڏکي بيمار ماڻهن جي دوا درمل ڪرڻ سان وڏو اجر ٿيندو. مولوي صاحب پوءِ هڪ گهوڙي خريد ڪري، درس تدريس کان واندي ٿيڻ بعد پسگردائي ۾ نڪري پوندو هو. جتي ڪو بيمار ٻُڌندو هو ته اُن جي گهر ويندو هو. اُن جي دوا درمل ڪندو هو. خدا تعاليٰ سندس هٿ ۾ شفا جو اثر رکيو هو، سو ڳوٺاڻا سندس ٿوري توجهه  سان چڱا ڀلا ٿي کيس دعائون ڪندا هئا. مولوي صاحب انهيءَ سلسلي ۾ في وغيره ڪونه وٺندو هو، سڄو ڪم في سبيل الله ڪندو هو.

        دليل پور ۾ مولوي صاحب جي ڪري دين اسلام جو وڏو غلغو پيدا ٿيو. ڳوٺ جي مالڪ حاجي دليل خان جا ٽيئي پُٽ حاجي ته بڻيا پر ايڏا  نيڪ نمازي ٿيا جو صلوٰت تسبيح روزانه علشاءَ جي وقت ادا ڪندا هئا. مولوي صاحب جو تعلق حضرت امروٽي رحمت الله عليه جي جماعت سان هو ۽ حضرت مروٽي حافظ الملت حافظ صاحب ڀرچونڊي شريف وارن جو خليفو هو.

        اهو زمانو سُڪر سڻاوي جو هو. سم سيڪ ڪلر ڪونه پيدا ٿيل هو. خشڪ پوکي جو دؤر هو. اگهه به هروڀرو ڪريل ڪونه هئا. ماڻهن ۾ آسودگيءَ سان گڏ دين ايمان جي سڃاڻ هئي. زميندار خواه هاري آسوده هئا. حاجي دليل خان بنگلاڻي جي وفات بعد سندس قبر سنگ مرمر سان ٺهرائي وئي هئي. مسجد کي حجره ۽ اڳيان مقبره به ٺهرايل هئا. ڪاشي جي سرن سان سينگاريل مسجد جو نظارو ڏاڍو وڻندڙ هوندو هو.

        حاجي دليل خان کان پوءِ سندس وڏي پٽ حاجي محمد نواز خان بٺيءَ جو سلسلو شروع ڪيو. ان جي لاءِ اٽي پيهڻ واسطي اُٺ جي جانڊه ٺهرايائين. تر پاسي جو ماڻهو  سندس لنگر تان ماني وٺندو هو.

        انهيءَ دؤر ۾ هندن به واپار مان چڱو ڪمايو هو هر هندو آسودو هو ” ڪانگريس “ جهڙي معتدل سياسي جماعت سان سڀئي هندو واسطيدار بڻيا. ڪي هندو ” مهاسڀا“ جهڙي ڪٽر  ۽ تعصبي ٽولي سان به وڃي ڳنڍيا. اُنهيءَ ڪن هندن جو ’مٿو ڦيري‘ ڇڏيو هو. غالباً 1937ع ۾ ميرپور ٻرڙي ڳوٺ جي ڪن شرير هندن ’قبيح حرڪت‘ ڪري وڌي. ڪنهن مسجد شريف ۾ رات جو وڃي ڪي قرآن ڪريم ’شهيد‘ ڪيائون.سندن اهڙي حرڪت  سبب اوسي پاسي جي مسلمانن ۾ ديني غيرت جو جوش اُڀريو، سو ڏينهن منجهند جو ٺل ميرپور سڙڪ تي ٺل کان ايندڙ ٽانگن ۾ سوار ٿيل پنجن هندن کي ٽانگن مان زوري لاهي کين ڪهاڙين سان ڪٺو ويو. اهو ڪم ته ڪنهن جوشيلي جماعت جي جوانن ڪيو، پر انگريزن کي ڪاوڙ آئي ته سندن حڪومت ۾ ههڙو دليري جو ڪم ڪنهن طاقت واري ماڻهو کان سواءِ ٻيو ڪير ڪندو هوندو، سو ميرپور ٻرڙي جي سردار گنج بخش خان ٻرڙي ۽ دليل پور جي حاجي محمد نواز خان بنگلاڻي کي کڻي زور بار هيٺ آندائون.

        حاجي محمد نواز نهايت شريف النفس، ڪَس  مَ آزار ۽ نيڪ انسان هو. سندس ملائڪن کي به انهن خونن جي خبر ڪانه هئي، پر ’ڦلنگي فيل مست‘ کي هندو ڪٽر مهاسڀائين جي ليڊرن مڇرائي ڇڏيو ته اهڙا ڪم ته اهڙن ئي مذهبي ماڻهن هٿان ٿيا آهن.

        حاجي محمد نوازخان منهنجي والد جو پاڙيسري دوست هو، هُو وٽس ڪهي آيو ته هن ” ناگهاني آفت “ کان سندس جان خلاصي ڪرائڻ لاءِ ڪو ’بلو‘ ڪري. منهنجي والد کيس وٺي وڃي سکر ۾ سردار بهادر عبدالرحيم خان کوسي ۽ سردار بهادر قيصر خان بوزدار جي حوالي ڪيو . ٻنهي سردارن جو انگريزن تي اثر هو ۽ انگريزن جو به مٿن اعتماد هو، سو ٻنهي صاحبن گڏجي حڪومت کي خاطري ڏني ته حاجي محمد نواز خان بي قصور آهي، هُو اهڙي قسم جو ماڻهو ئي نه آهي. تڏهين مس مس وڃي حاجي صاحب جي جان ڇُٽي. حاجي صاحب اُن وقت کان جو صلوات تسبيح پڙهڻ شروع ڪئي ته وري ڪڏهن به اُن ۾ ناغو نه ڪيائين. هوڏانهن وري سردار ٻُرڙي لاءِ نواب محراب خان بگٽي ۽ نواب بخش خان مزاري انگريزي حڪومت کي يقين ڏياريو ته سردار گنج بخش خان بي قصور آهي، هُو مذهبي جنون کان آزاد آهي سو اهڙو مولائي ماڻهو ڪٿي ٿو اهڙو ’خونام‘ ڪرائي. سردار گنج بخش خان جي به مس مس جان آزاد ٿي.

        هيڏانهن وري اسان جي ڳوٺ جي مُلان پيرل بروهي جي مال چاريندڙ ’حافظ پُٽ‘ ٻڌو ته ميرپور ۾ ڪي واڻيا ڪُسجي ويا آهن سو هي اچي آڪڙ ۾ پيو. چي اهي واڻيا ته مون ماريا آهن، ٻيو ڪنهن کي ڪهڙي طاقت هئي. جهنگ جهر ۾ وتي چوندو ته ” من جت بخالا ڪلهاڙي بخالا ڪُت ٽين“ يعنيٰ مون هنئي ڪراڙ کي ڪهاڙي ته ڪراڙ  کان ٽِٽ نڪري ويو. سو اهي ڳالهيون جهنگ مان نڪري وڃي اُڀ ڦاڙ ٿيون. ڪنهن وڃي حڪومت کي خبر رسائي ته عزيز آباد جو مُلان هيئن پيو ٻٽاڪون هڻي. مون کي چڱيءَ طرح ياد آهي ته هڪڙي صبح جو پوليس جا ٽي جوان آيا. مُلان کي مسيت مان سڏي  چيائون ته پُٽ  قادر بخش کي پيش ڪري. ميان جي ويچارو گهران پٽ کي سڏي آيو. پوليس وارن ٿيلهي مان هٿ ڪڙيون ڪڍي قادر بخش  کي هنيون. ملان پيرو گهران هڪ حمائل شريف چمڙي جي ٿيلهي ۾ وجهي آڻي پٽ جي ڳچي ۾ وڌو. اهو ڏينهن ۽ اڄوڪو ڏينهن  وري ڪنهن انهيءَ قادر بخش جي شڪل هتي نه ڏٺي.

        قادر بخش کي ڊپٽي ڪمشنر وٽ پيش ڪيائون. تنهن بنا دريافت کيس ٽي سال سنڌ فرنٽيئر ريگيوليشن هيٺ سزا ڏيئي ڇڏي ۽ سندس سڀني گهر وارن لاءِ گرفتاريءَ جا وارنٽ  جاري ڪيا. پٺيان وارن کي به پتوپئجي چڪو، راتواهه ڪري عزيز آباد ڇڏي هليا ويا. سندس گهر اسان جي ڪوٽ جي ڀرسان هئا، مجال جو سندن ڪو آواز ٻڌو ويو. ڍورن به آواز بند ڪري رکيا هئا. رات جو چپ چاپ  ٽپڙ کنيون هليا ويا. سالن پڄاڻان پتو پيو ته کين انهيءَ نموني نڪري وڃڻ ۾ جماعت ڀرچونڊي شريف جي فقيرن مدد ڪئي. ڪي ٽولا راتو رات پهچي هنن کي آرام سان ٽپڙ کڻڻ ۾ مدد ڪري کين سنڌ جي سرحد کان پار ٽپائي ڇڏيائيون. هي هتان نڪري سڌو بلوچستان جي اوسته محمد تحصيل جي جبل جي پاسي وڃي لڪي ويٺا ۽ اهڙيءَ طرح گرفتار ٿيڻ کان بچي ويا، ۽ قادر بخش به ٽي سال ڪاٽي وڃي انهن سان اتي مليو. هيءَ پوءِ خليج جي رياستن جا پنڌ ڪرڻ سکيا. اُتان لڪ چوري جو مال آڻي وڏا  مالدار بڻيا ۽ اوستي محمد جي ڀرسان زمينون وٺي ڏاڍا  آسودا ٿي ويا. پاڪستان ٿيڻ کان پوءِ هڪ دفعي حافظ قادر بخش جو وڏو ڀاءُ حافظ سبز علي آيو هو. ’وڏي لٺ‘ ، ’وڏي پڳ‘  سان ڊگها لٽا پايون پير بڻجي هن وطن ۾ گهمڻ ڦرڻ آيو هو.

        واڻين ناحق تي بي گناهه ماڻهو زير بار آندا، تنهنڪري اصلي قاتل ظاهر ڪونه ٿي سگهيا. سندن خون ائين ئي لڙهي ويا. مون  کي به گذريل سال ڪنهن ميرپور ٻرڙي جي هڪ دوست ٻڌايو ته اهي پنج واڻيا فقط هڪڙي ماڻهو ڪهاڙي سان ڪُٺا هئا.  قاتل فقط هڪ هو. جيڪو ماڻهو هُن ٻڌايو اهو منهنجو واقف هو. ” راڪاس “  قسم جو ماڻهو هو. هينئر هو وفات ڪري ويو. خدا جون رحمتون هجنس،جو قرآن  ڪريم جي حرمت لاءِ غيرت ڪيائين.

        هندو تنهن زماني ۾ ڏاڍو زور وٺي ويا هئا. ميرپور واري واقعي  کان ٻه ٽي سال اڳ جيڪب آباد ڻ به هڪ عالم سڳوري جي بي حرمتي ڪري وڌائون. اُن تان به ڪي هندو مارجي ويا هئا. اُن وقت به هندن ناحق تي حڪيم قائم الدين صاحب کي ۽ خان بهادر دلمراد خان کوسي کي ڪيس ۾ قابوڪرايو هو. حڪيم صاحب ته اوئلي جانچ ۾ جان ڇڏائي ورتي پر خان بهادر ڪيس هيٺ اچي ويو. تنهن زماني ۾ جيڪب آباد جا ڪيس به سکر سيشن ڪورٽ ۾ هلندا هئا. خان بهادر  ان وقت جي مشهور وڪيل سر شفيع کي لاهور مان پنهنجي ڪيس جي لاءِ آندو هو. سر شفيع ان زماني ۾ روزانه هڪ هزار رپيه في وٺندو هو. ڪيس ڪيترو وقت هليو. خان بهادر جو بچاءُ  مضبوط هو. انگريزن ۾ به انصاف هو، سو مس مس وڃي انهيءَ آزار مان آزاد ٿيو. خان بهادر کي مالي طرح وڏي تڪليف اچي ويئي هئي.

        ميرپور واري واقعي کان سال ٻه پوءِ وري سکر جي هندن، حضرت پير صاحب ڀرچونڊي شريف جي وڏي فرزند کي سخت زخمي ڪيو. ان تي وري مسلمانن ڀڳت ڪنوررام جهڙي مسڪين الله لوڪ کي ماري رکيو.

        هندن جي انهيءَ ارهه زورائيءَ واري زماني ۾ چڱا ڀلا مذهبي خيال رکندڙ مسلمان آزار هيٺ هوندا هئا، پر اسان جو مولانا عبدالعلي  صاحب شڪارپور جهڙي هندو ڳڙهه جو باشندو هوندي به الله تعاليٰ جي حفظ ۽ امان ۾ رهيو.  مولوي صاحب کي ’ڪشف قبور‘ جي علم تي به دست رسي حاصل هئي. دليل پور جي گرد نواح ۾ هڪ مسلمان اوچتو غير طبعي موت مري ويو. سندس وارث مولوي صاحب وٽ آيا ته صاحب قبر کان کين معلوم ڪري ڏي ته سندس موت ڪهڙي سبب سان ٿيو آهي. مولوي صاحب هڪ ٻه واقعا اڳ به اهڙا معلوم ڪري ڏنا هئا. انهيءَ فوتي جي قاتلن کي پتوپيو ته مولوي صاحب ذريعي اهولڪ ظاهر ٿيندو ۽ کين ڏوهي بڻايو ويندو سو وجهه وٺي رات جومولوي صاحب جي کاڌي ۾ ڪجهه ملائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. مولوي صاحب ننڊ ۾ ئي واصل حق ٿي ويو. شڪارپور جي وڏي قبرستان ۾ هن سومري علماءَ خاندان جو جدا قبرستان آهي سو صبح جو دليل پور مان مولوي صاحب جو جسد خاڪي کڻي وڃي شڪارپور ۾ دفن ڪيائون.

        حضور عليہ الصوات والسلام فرمايو آهي ته علماء اسلام باران رحمت وانگر آهن سندن فيض کان علائقي جا مسلمان پنهنجي ايمان کي سبزه تازه ڪندا آهن. مولوي صاحب به هن علائقي ۾ ڏاڍو فيض رسايو هو. پاڻ حضرت امروٽي رحه جي مسلڪ جوهو.

        دليل پور ۾ برڪتون هيون سو ڪيترائي ماڻهو انهيءَ ڳوٺ ۾ اچي رهيا. ڪابلي پٺاڻ به سياري جي موسم ۾ نيلامي ڪوٽ کڻي هتي وڪڻدا هئا. 1937ع واري ڏڪار سبب رياست جوڌپور، جيسلمير ۽ بيڪانير مان مسلمان مهر قوم جا ماڻهو به هتي آيا هئا. پاڪستان قائم ٿيڻ تائين هتي ويٺا رهيا. هي کاٽي جو ڪم ڪندا هئا. چوندا هئا ته رياست باگڙيان جا باگڙي به اول هتي هن ڳوٺ ۾ آيا هئا. انهيءَ قوم جو لٺ سردار گجر فقير هوندو هو. سندس ڀاءُ قالو فقير خان بهادر سيد خان رند آنرري مئجسٽريٽ جو ٽپالي هوندو هو. سندس ڳوٺ حضور آباد، چاليهه ميل جيڪب آباد کان پري هو. قالو فقير روزانو ٽپال کڻي ڏينهن جيڪب آباد ٽپال رسائي وري اُتان ٽپال کڻي سنجهي مهل جعفر آباد پهچي ٽپال خان بهادر جي حوالي ڪندو هو. خان بهادر جي وفات کان پوءِ اهي باگڙي هن تر ۾ آيا. جڏهن 1938ع جي ضمني چوند ۾ حضرت امين المت محمد امين خان کوسو سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو تڏهن ڪانگريس جو وڏو نالو نڪتو هو ۽ ڪامياب ٿيندڙ نوجوان جي لاءِ هتان جي ماڻهن ۾ وڏي محبت پيدا ٿي. باگڙين جو لٺ سردار گجر فقير پنهنجي ڀاءُ قالو فقير سان گڏ عزيز آباد اچي پهتو. ابي مرحوم کي اچي واڌايون ڏنائين. چيائين ته تنهنجو پٽ ’راجا وير‘ آهي، اسان هاڻي هتي جُهڳا اڏي ويهنداسون. گجر فقير ابي مرحوم جي ڪوٽ کي رات جو پهرو ڏيڻ لڳو. ۽ قالو فقير وري چاچي مرحوم وٽ سندس اوطاق تي وڃي روز حاضري ڀريندو هو. ڏاڍو ” جهان گشت “ هو. تمام گهڻي ڄاڻ هئس. سندس ڳالهيون عجيب و غريب هونديون هيون، سو چاچو سائين کيس منجهند تائين ويهاريون ويٺو هوندو هو. سندس ڳالهيون ٻڌندو هو. قالو فقير چوندو هوته ” وڏيري صاحب جي مرضي آهي ته ’کائوپيئو اَپڻا اور رهو هماري ساٿ‘ “، پر اسان گداگر فقير سڄو ڏينهن ويهي ويهي ڄاڙيون مُفت جون هڻي گهرسکڻا وڃون ته کائون ڇا؟“ انهيءَ تي چاچي مرحوم کيس اَن مقرر ڪري ڏنو هو، هفتي جيترو راشن چاچي کان وٺي ويندو هو.

        اُهي باگڙي ”واڙي“ پوکڻ جا به ڪاريگر هوندا هئا. زميندارن کان وٺي اُن ۾ گدار، هنداڻا، ونگيون ، ميها وغيره پوکي وڏي اُپت کڻنداهئا. مون کي ياد آهي هت اُپت جو اڌ ايمانداريءَ سان زميندارن کي پڄائيندا هئا. اسانوٽ به واڙي ڪندا هئا. اسان وٽ سڄو سال انهيءَ واڙي ۾ اُپت ٿيل رقم ۾ آيل آڌيون پائليون پيون هلنديون هيون. گجر فقير ”نانگ جي ڏنگ“ لاءِ ’مانڊو‘ به هو. نانگ ڏنگيل مريض کي نوڙيءَ جون ’سُٻيون‘ ٻڌي وڏي آواز سان ڪي منتر پڙهندو هو. هفته اندر اهومريض انهيءَ زهر کان آجو ٿي چاق چڱو ڀلوٿي پوندو هو. باگڙين کان علاوه دليل پور ۾ جوڳين به اچي جُوءِ ڪئي. وڏا ڪن ڦاڙ والا وڌل جوڳي ڪاريهرنانگ کنيون گهمندا هئا. مُرلين جا لهرا وڄائي نانگن کي ڦڻ کڻائي لهر ڪرائيندا هئا. انهيءَ راندگيريءَ سان گڏ ڪاريگري  به ڪندا هئا. پُراڻن جستي پيتين کي ڦاٽل جاين تي چتيون هڻي ڏيندا هئا. غريب ماڻهن جي ٽنگر ٽٽل جستي وٽن، ديڳڙين ۽ لوٽن کي به چتيون هڻي درست ڪري ڏيندا هئا. انهيءَ کان علاوه جوڳين جو اهم ڪم هوندو هو ’ڍارو هڻڻ‘  ڳوٺن جي ’اٻوجهه‘ ۽ ’توهم پرست‘ اياڻين عورتن کي ڍاري ذريعي ڪشمڪش ۾ وجهي ڇڏيندا هئا. کانئن سندن مطلب پوري ٿيڻ لاءِ اٽي لپ ڪجهه سرس ڪري وٺندا هئا. جوڳين جو مطالبو ڪو روپين لاءِ ڪونه هوندو هو، فقط لپ اٽي جي يا ان جي پڻڪي اڌ وڌيڪ وٺڻ جي تمنا هوندي هئي. ” مائي! تنهنجو لوڻ ڪڏڻو آهي، توسان ڪا مائي پئي کونسي. پئي توسان ڪُرڪي، سو تون ڪجهه دان ڪر ته اسان تنهنجي دشمن جي دل تي منڱ ڏريون. ڏنو ٻنو ٿيندو آهي مائي! آڻ پڻڪي ان جي ته ڪيون ڪُجهه ڍاري کي منت.“ سو ڍارو سندن ڳچيءَ ۾ پيل عاج جو هڪ نقش ٿيل ٽڪرو هوندو هو. اَن وٺڻ بعد ڍاري کي ڦيرائي گهيرائي چپن ۾ ڀڻ ڀڻ ڪري پوءِ چوندا ته ” مائي هاڻ ڍارو سِڌو ٿي پيو آهي ۽ ٻولي ٿو ته اها مائي هاڻي دشمن جي دنگ کان ٻاهر نڪتي بيٺي آهي.“ اهڙي نموني جون ڪي خوش ڪندڙ ڳالهيون ٻڌائي ٻهراڙيءَ جي عورتن کان ڪجهه سرس خيرات ڪڍندا هئا. جوڳي نانگ جي ڏنگ لاءِ به ’تير بهدف‘ معالج هوندا هئا. ’جهاڙڦوڪ‘ کان علاوه مريض کي گيهه سان گڏ بصر کارائي سندن جان مان رت کان زهر چوسي ڪڍڻ جا به ماهر هوندا هئا. ’زهر‘ واري جاءِ تي اهڙي طرح چپ رکي چوس ڏيندا جو سڄو زهر رت مان ڇڻي نڪري انهيءَ زخمي جاءِ تي ايندو هو ۽ جوڳي اُن کي چار پنج گهمرا چوسي ڪڍي ٿوڪاري ڦٽي ڪندا هئا. ان کان علاوه  ڪن ڪن جوڳين وٽ ’زهر مهره‘ وارو مڻڪو به هوندو هو، جنهن ۾ زهر ڇڪي آڻڻ وارو اثر هوندو هو. انهيءَ مڻڪي کي ڏنگ واري جاءِ تي ٽڪو ڏيئي گوشت اندر رکندا هئا. ڏهاڪو منٽ کن رکي وٺي ٻاهر ڪڍي کير ۾ وجهندا هئا ته کير سڄو پيلو ٿي پوندو هو. اهڙيءَ طرح ڪيترا دفعا ڪندا رهندا هئا. جڏهن ’مڻڪي‘ وجهڻ سان کير جو رنگ نه ڦٽندو هو تڏهن سمجهند اهئا ته زهر سڄونڪري چڪو آهي. بروقت اهڙن تدبيرن پهچڻ سبب نانگ ڏنگيل ماڻهو بچي ويندا هئا. جوڳين جي انهيءَ منڊ ۽ جهاڙ جو اثر فقط ”مٿي ميري “ ماڻهو تي نه ٿيندو هو.

        گداگرن جي ٽولي ۾ فقط مسلمان مان هوت بلوچ فقير به دليل پور ۾ سياري جي مند ۾ تنبو هڻي ويهندا هئا. مرد ڀولا ۽ رڇ گهمائي خيرات وٺندا هئا. گهوڙن تي چڙهي دليل پور کان تمام پري وڃي در در صدا هڻندا هئا ته هي واڻيو مسلمان ٿيو آهي. امروٽ واري بزرگ کيس مسلمان ڪيو آهي. هندن کيس برادريءَ مان ڪڍي ڇڏيو آهي سو هاڻي مسلمين ڀائرن وٽ چندي لاءِ نڪتو آهيان. اهڙيءَ طرح مسلمان کيس خيرات چڱي ڏيندا ته هو خوش ٿي دعائون ڪندو وڃي. حقيقت ۾ فقراءِ جي ٽولن ۾ فقط هوت بلوچ رڇ ڀولن وارا ختسه حال هوندا هئا. کين ” مائي سسئي“ جي ’پِٽ‘ جو اثر هو.

        دليل پور گداگرن لاءِ هڪ وڏو آماجگاهه هو. سياري جي موسم ۾ اتي ڪٽڪ اچي گڏ ٿيندا هئا. عزيز آباد جو ڳوٺ دليل پور جي نڪ سامهون ٻن ميلن پنڌ تي اتر طرف آهي، سو هر صبح جو انهيءَ گداگرن جو يلغار ڳوٺ عزيز آباد تي هوندو هو. هر در تي ” آهي الله “ جي صدا پئي لڳندي هئي. برڪت ڀريو دؤر هو. گهرجي در تي هر فجر جو ” آهي الله “ جو نعرو برڪتون وجهي ڇڏيندو هو. هر گهر مان روز الله جي نالي پنج ڪڻي پئي نڪرندي هئي، سو ان پلين ۾ يا گُندين ۾ ڀريو ئي رهندو هو. ڪڏهن به ڪنهن جي پلي يا گُندي خالي نه رهي. خيرات گهڻو ڪري ان جو ڏبو هو، روپين ڏيڻ يا گهرڻ جو دستور ڪونه پيدا ٿيو هو. گداگرن مان ڍيڍ، اعواڻ فقير، هوت بلوچ، باگڙي، ڪلهوڙا هر روز سياري جي مند ۾ پيا ايندا هئا. هر ڪوپنهنجي نصيب مطابق خيراتون حاصل ڪيون ويندو هو.

        دليل پور جي تر ۾ دستور هو ته اگر ڪو غريب مهمان آيو ته کيس جوئر جي ماني ۽ لسيءَ جو وٽو ملندو، جي ڪو چئن گهرن جو ڪو رئيس ايندو ته ” بُسري“ ملندي. ڪو پڙهيل ماڻهو آيو ته کيس سڳداسي چانور مُستي ٻُرڪيل ملندا. ڪو زميندار دوست آيو ته اُن لاءِ ”ڪڪڙ ڪهڻ“ جو رواج اصل ڪونه هو. ان لاءِ هڪدم هڪ ” هلواڻ ليلو“ هٿ ڪري وٺبو . اهو ڪُسجي ويندو. اُن جو ٻوڙ ٿيندو، هڪ اڌ ران يا ڪنڊي وارو حصو ۽ جيرا بڪين سميت سيخ ٿيندو، پُلاءُ پچندو، کيرڻي ٺهندي، ماني مکجي ايندي. اهڙي قسم جو طعام هميشه جو دستور هو، هر چڱي آبرو مند مهمان کي پيش ڪرڻ جو. تنهن زماني ۾ ڪنهن به مهمان کي دال کارائڻ معيوب سمجهبو هو.

        دليل پور کي بئراجن جي نڪرڻ سبب وڏو نقصان رسيو. پهرين سکر براج نڪرڻ کان پوءِ ڳوٺ جا جت هاري ڳڙهي ياسين طرف هليا ويا، جيڪي ڳوٺ جي اڌ و سنو ختم ڪيون ويا. وري گڊو براج نڪرڻ کان پوءِ انڙ واهه کي اڌ مان ڪپي صيفل وٽان موسيٰ الله آباد نئين شاخ ڪڍيائون. اُنڙ واه جيڪو دليل پور جي زمينن کي پاڻي پهچائيندو هو سو ننڍڙو واهه ٿي پاڻي پهچائي نه سگهيو، زمينون غير آباد ٿيڻ لڳيون، موسيٰ الله آباد دليل پور کان ميل اڌ تي نڪتو، جيڪو سڄو ” ٻوڦي“ تي نڪتل هو، جنهن سم ڪري وڌو.

        دليل پور جنهن جاءِ تي ٻڌل آهي اهو ڪنهن زماني ۾ سنڌونديءَ جو وهڪرو هو. هن وقت به اُن جا آثار آهن، سو ان جي ڍوري وارن حصن ۾ سڄو سال پاڻي بيٺو هوندو آهي ۽ ڪٿي وري دڙآ آهن. هينئر به ’چوڪ جا دڙا‘ ۽ ’جمعي ڊکڻ جو دڙو‘ موجود آهن.

        زمينن جي غير آباد ٿيڻ سان ڳوٺ جي وسنديءَ تي به وڏو اثر پيو. هن وقت فقط هڪ اڌ گهر ڍيڍن جو، مولوي صاحب ڌڻي بخش خان جو ڪوٽ، مسجد شريف ۽ حاجي محمد نواز خان جو ٺهرايل اٺاس بنگلو خسته حالت ۾ موجود آهي. مسجد شريف جي مرمت لاءِ ٻن لکن کان به وڌ خرچ ايندو. سڄي ڪاشي، ڪلر جي سيڪ سبب کاڄي وئي آهي. اسان جي علائقي جي ڳوٺن مان دليل پور جيڪو مُنو سؤ سال اڳ ڏسڻ وٽان هو سو بلڪل ويران ٿي ويو آهي. درياءَ لاءِ چوڻي آهي ته ” ٻوڙي يا سُڪائي “ سو پُراڻي وهڪري واريءَ جاءِ کي به صدين بعد سُڪائي ڇڏيائين.

        دليل پور جي وسنوَ ختم ٿيڻ سان هن علائقي ۾ اڄ ڪلهه  ”آهي الله“  سئڻ هڻڻ وارو ئي ڪونه رهيو آهي. هن جوءِ ۾ امن نه هئڻ ڪري فقيرن وڃي وڏن شهرن جو پاسو ورتو. فقيرنجي نه اچڻ سبب. ’پنج ڪڻي‘ ڪڍڻ به بند ٿي وئي ته برڪتن به پويون پير ڪيو آهي. هينئر ڪنهن وٽ به ’اَن پلي‘ يا ’اَن گندي‘ سڄو سال ان سان ڀريل نه رهندي آهي. ڀلا جنهن گهر مان مهيني ۾ به هڪ ڏينهن الله جي نالي ان نه نڪري ته پوءِ برڪت ڪٿان اڏامي ايندي. ’پنج ڪڻي‘ مهر گهڻي‘ وارو معاملو ختم ٿي چڪو.

        برڪتن جي ڳالهه آهي ته اڳي ماڻهو هتي هر ڪاهڻ لاءِ ’اسر ويل‘ ٻني ۾ ايندا هئا، جيڪا برڪت ڀريل مهل آهي. بسم الله ڪري الله توهار چئي ڏاندن کي وهائڻ شروع ڪندا هئا. هر واراڻي تي ’بسم الله‘ ’الله توهار‘ چوندا هئا. پٺيان وري مايون گهرن ۾ اسر ويل اُٿي جنڊ تي اٽو پيهڻ ويهنديون هيون. ان پيهڻ جي ڪم سان گڏ ذڪر الاهي به ڪنديون هيون.

        هتي هن زماني ۾ ڏاندن رکڻ جو دستور نڪري چڪو آهي. ’بيل گاڏي‘ جي جاءِ تي ” لاسي گڏهه“ گاڏين جو رواج پئجي ويو. افغان لاسي گڏهن جي هينگ سان رحمت جا فرشتا ڳوٺ مان اُڏامي ويندا آهن. قرآن ڪريم به ” صورت الحمير“ ۾ ان کي منحوس ٺهرايو آهي.

        انهن گڏهن جي هينگن کان وڌيڪ وري ٽريڪٽرن تي فٽ ٿيل تيز آواز وارا لائوڊ سڄي رات ننڊ آرام حرام ڪندا آهن. اڳي بسم الله سان هر هلندو هو ته هينئر جلال چانڊيو ۽ روبينه حيدري جي مُهاڏن وارن ڪچن اکرن جي ڪيسٽن سان ٽيپ پيو هلندو ۽ هر پيوڪاهبو. ٽريڪٽرن تي وري ’ننڍا ڇورا‘ ڊرائيوري سکڻ جا آتا اچي اسٽرنگ تي ويهندا، جيڪي ’حيا‘ ۽ ’حجاب‘ جا سڀ ليڪا لتاڙيل هوندا، ۽ سندن غسل به لٿل ڪونه هوندو. انهن اڀاڳن جي هر ڪاهيل ٻنيءَ جي پوک کي ” اسٽيم بورر“ نه لڳندو ته ٻيو ڇا ٿيندو. ساريون پوک ته انهيءَ کي ’اسٽيم بورر‘، ڪڻڪ پوک ته ان کي تڏ، چڻا پوک ته ان کي وري ’سائو بُوجرو ڪينئون، لڳندو، مطلب ته بي برڪتي جا سڀ سامان موجود هوندائي هوندا. زميندار ۽ هاري وري وياجن تي ’ورنوَ‘ وٺي پيا گذارو ڪندا.

        دليل پور جي مولوي صاحب هن جُوءِ ۾ الله تبارڪ تعاليٰ، رسول صلعم جي ثناءَ سان گڏ اصحاب سڳورن رضوان الله تعاليٰ عليهم اجمعين جي به سڃاڻ پيدا ڪئي هئي. ماڻهن کي اصحابن جي لاءِ حُب ۽ ادب سيکاريو هئائين. مولوي صاحب ڪوشش ڪري هن تر جي سڀني ڳوٺن جي مسجدن اڳيان ’پڪيون کوهيون‘ کڻايون هيون جن تي چرغي ذريعي خاص ڏول سان پاڪائي سان وضو لاءِ پاڻي ڪڍڻ وارا هاشمي ڪؤنرا رکايائين، جن ۾ مقرره مقدار جيترو پاڻي وضو لاءِ ماپيندو هو. سياري جي مند ۾ کوهي ڀرسان پڪين سرن سان بخاريون ٺاهي انهن مٿان وڏا مٽ ليپائڻ جو دستور ٺاهيائين. مٽن ۾ پاڻي وجهي مٿن ڳرا ڪاٺ جا ڍڪڻ رکڻ جو قانون سيکاريائين. رات جو انهيءَ ’بخاري‘ کي ڀاڻ سان ڀري باهه ڏيئي ڇڏبو هو ته جيئن صبح جو نماز لاءِ وضو ڪرڻ واسطي گرم پاڻي موجود هجي. مٽن مان پاڻي ڪڍي ڪؤنرن ۾ وجهڻ لاءِ زنجير سان ٻڌل ڏولڻا هوندا هئا. ان ذريعي پاڪ پاڻي ڪڍي ڪؤنري ۾ وجهي وضو ڪبو هو. مسجدن اڳيان پڪا ’غسل خانه‘ به ٺهيل هوندا هئا ته جيئن جمع جي رات ملهائڻ وارا مسلمان ساجهر اچي غسل ڪري نماز لاءِ تيار ٿي سگهن.

رمضان شريف ۾ تراويحن ۾ قرآن ڪريم ٻڌائڻ جو دستور ڀرچونڊي شريف کان هن تر ۾ اُتان جي فارغ ٿيل حافظ سڳورن آندو.” في سبيل الله“ سڄو مهينو رهي قرآن ڪريم سُڻائيندا هئا. ڀرچونڊي شريف ۾ قرآن ڪريم پڙهڻ جي خاص طرز آهي، جيڪا پنهنجو مٽ پاڻ آهي.

مرڪزيت جي سم زده ٿيڻ سبب هينئر تر جي ڳوٺن ۾ گرم پاڻي وارا مٽ ڪونه ڀريل ڏسبا. هينئر ’هئنڊ پمپ‘ جو رواج نڪتو آهي. ڪؤنرن کي ڪوبه استعمال نه ٿو ڪري، سڌو سنئون نل گيڙي وضو ڪن ٿا، جيڪو طريقو اڻ وڻندڙ آهي ۽ ناپاڪ ڇنڊن پوڻ جو به انديشو رهندو آهي.

حافظ سڳورا وري اهڙا اچي ساماڻا آهن جو ذري گهٽ ’قوالي‘ پيا ڪن ۽ ”في سبيل الله ختم القرآن“ جو به ڪو نمونو ئي نه رهيو آهي. اول ٻولي ٻَڌي ٿيندي ته مسجد جي جماعت ڪيتري آهي؟ انهن وٽان 27 تاريخ ڪيتري رقم ملڻ جي اُميد ٿيندي؟ جانچي پرکي پوءِ حافظ سڳورو ’من پسند مسيت‘ ۾ اچي تراويحون پڙهائيندو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com