وقت وقت جي ڳالهه آهي. اڳي عالم سڳورا قرآن جي تعليم في سبيل
الله ڏيندا هئا. ان لاءِ ڪو ٽڪو پيسو ڪونه وٺندا
هئا. پنهنجو گذر سفر طب تي ڪندا هئا. قرآن پڄائڻ
تي طالب العلم کي اڃا پنهنجي کيسي مان روپيو ڏيڍ
ڏيئي ڇڏيندا هئا. ماڻهن کي وعظ ذريعي جمع جي نماز
وقت گناهن جي سزا کان آگاهه ڪندا هئا. ڪاٿي ڪهي
وڃي ڏوڪڙ وٺي وعظ وغيره ڪونه ڪندا هئا. مسجد شريف
۾ مدرسي جي احاطي کان ٻاهر ڪونه نڪرندا هئا.سندن
تبليغ جو وقت فقط جمعي جو خطبو هوندوهو. پاڻ
پرهيزگار هوندا هئا سندن ظاهر باطن صاف سٿرو هوندو
هو. سندن زبان مان نڪتل اکرن ۾ اثر هوندو هو. عام
ماڻهو کڻي سڀئي نيڪ نمازي ۽ مسجدن ۾ ڪونه ايندا
هئا، پر منجهن خدا شناس ۽ سندس خوف گهڻو هوندو هو.
عام طرح هر ڪو ايماندارهوندوهو. انهن الله لوڪ
عالمن جي گذري وڃڻ کان پوءِ وقت به ڦير کاڌو. ٽڪين
تي گذران ڪندڙن ۽ ڏيئي جي لاٽ تي تڏن مٿان پڙهندڙن
جو تعداد ختم ٿي چڪو. هينئر انگريزي گٽ مٽ ڪندڙ
ماڻهو مولوي ٿو بڻجي ته منجهس انگلش جو اي
A
(آڪڙ) اثر ڪري وڃي ٿو، سو عربيءَ وارو ع ( عاجزي)
سندس روح سان ميلو نٿو کائي.
ٽي وي ۽ ڊش انٽينا ته ماڻهن مان روح اسلام ڪڍي رکيو آهي. اسلام
ته پنهنجيءَ جاءِ تي پر انسانيت جو اکر به ماڻهو
مان مٽايو ويو آهي. اهو سڄو کيل ادب، احترام، شناس
۽ انسانيت جي منافي آهي. ان ذريعي حيله سازي، ڪوڙ،
بي حيائي، ارڏائي ۽ ڌوڪي بازي اچي جاءِ ولاري آهي.
هندو مسلم نفرت ۽ احساس جدائي ته انگريزن جي وقت شروع ٿيو پر
اُن وقت انصاف هو. تقسيم کان پوءِ انتخابي عذاب
اچي نازل ٿيا. مسلمان جو مسلمان سان نفاق پيدا
ٿيو. نور بشر جي جهڳڙي ته نفرتون پيدا ڪري وڌيون.
مسلمان مسلمان کي علي الاعلان، اسٽيج تي بيهي
لائوڊ اسپيڪرن جي آواز تي ڪافر سڏڻ شروع ڪيو تازو
انڙ واهه تي اهڙا مظاهرا ٿيا آهن. مذهبي تعصب کان
علاوه سياسي ’نا اتفاقي‘ به عروج تي پهتي آهي.
هن وقت جي جماعتن اليڪشن ۾ حصا وٺي عام ماڻهن جي ذهن ۾ ’زهر‘
ڀري ڇڏيو آهي. هتان جي ڳوٺن ۾ عجيب عجيب رنگ جا
جهنڊا لڳندا آهن پيءُ پٽ کان علحيده، زال مڙس کان
زور ۽ پٽ پيءُ کان پري جدا جهنڊو کنيو نعرو هڻندو.
مطلب ته 1937ع کان اڳ جنهن علائقي ۾ امن هو، سُک
هو ۽ ايڪو هو، برادريءَ جو ” مَرم“ هو، پاڙي جو
لحاظ هو، وڏي جو ادب هو، ننڍي لاءِ ’پيار‘ هو،
عالمن لاءِ ’عزت‘ هئي، مُلان مسيت جو احترام، هو،
قرآن ڪريم جو ’شناس‘ هو، پنهنجي پرائي جو ’تميز‘
هو، خير خيراتن ڪرڻ جو خيال هو، هر طرف ’چڱائي ۽
چهچٽو هو، سو سمورو سلسلو انهن تفرقن جي سيلابن ۾
لڙهي ويو. هاڻي ڪنهن کي به اها پڪ ڪانهي ته سندس
پٽ سندس مرضي سان هلندو الائي نه، سندس پٽ کي وري
اهو انديشو هوندو ته ابو الائي اوباش سنگت سان گڏ
هلڻ سهندو الائي نه . مالڪ کي اها پڪ ڪانهي ته ڪو
ملازم سندس ڏيکاريل ڪمن جي پورائي ڪندو الائي نه ،
مطلب ته سڄي ماحول ۾ بي يقيني اچي واسوڪيو آهي.
اهڙي حالت هن علائقي ۾ به اچي وئي آهي! مون 1937ع
۽ جنوري 1946ع واريون انتخابي مهمون ڏٺيون. اهي
انگريزن هٿان هيون. ان زماني ۾ نڪو ڪنهن ووٽر کي
قرآن شريف مٿي تي رکايو ويو، نڪي اميدوار کان
ڪنهن ووٽر ووٽ لاءِ روڪ رقم وٺي قسم هجي باقي
ڊسمبر 1946ع جي پڇاڙي ۾ جيڪا اليڪشن ٿي تنهن سڀ
ايمان جا بند ڀڃي ڇڏيا، بس اتان کان وٺي اهو عذاب
نازل ٿيو، جيڪو اج تائين پيو هلي تنهن زماني ۾ وڌ
۾ پنجن روپين تي پئي ووٽ روڪ وڪاميو، هينئر ته
ڪروڙن ۾ پيو وڪامجي، وُڪاڻل گهوڙي ‘ جو اکر به
هاڻي لغت ۾ آيو آهي! مان جنهن علائقي جو آهيان، ان
۾ 1940ع تائين سُڪار ئي سڪار هو. برڪت ڀريا ڳوٺ،
برڪت ڀريا ماڻهو ۽ ” برڪت ڀري فضا “ هئي. اهو دؤر
ياد ٿو پوي ته اڄ ڪلهه جي حال ڏسڻ سان اکين مان
پاڻي وهي ٿو وڃي! اکيون انهيءَ دؤر جي ڏسڻ لاءِ
آتيون آهن، پر اهو دؤر وري نه اچڻو آهي. چوندا آهن
ته هڪ صدي گذرڻ بعد ماحول ۾ تبديلي ايندي آهي ۽
پنج صديون گذرڻ بعد جاگرافي حالت ڦِري ويندي آهي.
جتي آبادي هوندي اُتي رڻ پٽ هوندو، جتي رڻ هوندو
اتي ٻيلا ٿي ويندا، جتي دريا هوندا اُتي واري جا
دڙا ٿيندا. هاڻي به اُهڃاڻ ته ائين ئي آهن. ڪنهن
دؤر ۾ دليل پور وٽ درياءُ وهندو هو، اڄ اتي صدين
کان پوءِ سِم جا درياء آهن، مڇين جا تلاءُ آهن،
پوک جي پچار ڪانهي.
جمعو ڊکڻ، عبدالغني شاهه، چوڪ ۽ جونگل جو احوال
ٺُل تعلقي جي حدن اندر اهڙا آثار اڃا به آهن جن مان معلوم ٿئي
ٿو ته هتي ڪي صديون اڳ سنڌو درياءَ جو وهڪرو هو يا
ڪا وڏي اُٿل آيل هوندي. ڇاڪاڻ ته ڪٿي ” ترايون“
آهن، ڪٿي ”واريءَ جا وڏا ذخيرا“ آهن ۽ ڪٿي وري لٽ
پڪي مِٽيءَ“ وارا وڏا دڙا آهن. جمعو ڊکڻ ڳوٺ به هڪ
وڏي دڙي تي انگريزن جي اچڻ کان اڳ جو ٻڌل آهي. اهو
واحد ڳوٺ آهي جيڪو ڪنهن زميندار جي نالي تي ناهي
۽ منجهس فقط هڪ قوم جا ماڻهو رهائش پذير آهن.
1925ع ۾ به هي وڏو ڳوٺ هو. تنهن زماني ۾ به هتي
پرائمري اسڪول هو ۽ ڇوڪريون به ان ۾پڙهنديون هيون.
هن ڳوٺ جو باني رئيس جمعو خان سومرو هو جيڪو ڊکڻڪو
ڪم ڪندو هو. ڳوٺ جا گهڻو ڪري سڀيئي ماڻهو ڊکاڻڪو
هنر ڄاڻندا هئا. ان زماني ۾ سم ۽ ڪلر جو نانءُ ۽
نشان به ڪونه هو. ” ڪڙين جي ڪنارن“ ۽ ڳوٺن جي
اندر ۽ ٻنين جي ٻنن سان ٻٻرن جا وڻ جام هوندا
هئا. ” موهن جي دڙي “ واري ڍڳي گاڏي ٺاهڻ جا سٺا
ڪاريگر هتان جا سومرا هونداهئا. اها بيل گاڏي اهڙي
ساخت جي هوندي آهي جو سال ڏيڍ کان پوءِ پراڻي ٿي
بيڪار رهندي آهي، سو هارين کي هر ٻئي سال نئين ڍڳي
گاڏي جي ضرورت ٿيندي هئي.سڄي تر جوءِ ۾ ڍڳي گاڏين
ٺاهڻ جا ڪاريگر جمعو ڊکڻ ڳوٺ ۾ هوندا هئا. سڄو سال
وٽن ڪم هوندو ئي هوندو هو، سواهي ماڻهو مڇي ماني ۾
’پاڻ ڀرا‘ هوندا هئا. مهانگائي ڪانه هئي، خرچ به
ايڏا ڪونه هئا ڏڌ، مکڻ ۽ کير پنهنجو هوندو هو. گذر
سفر لسي ۽ کير کان سواءِ ٻئي ڪنهن خرچ تي ڪونه هو،
پر کاڌي واسطي ڀر پاسي سردار ڪرم خان بجاراني (
ڪرم پور واري) جي ٻنيءَ ۾ هارپ ڪري ان اپائيندا
هئا. پنهنجي زمين نه هوندي به وڏا معتبر هئا.
1901ع جي آدمشماري مطابق تعلقي ٺل جي ڳوٺن کان هي
وڏو ڳوٺ هو. هينئر 1995ع ۾ ڏهوڻو وڌيل آهي. منجهس
ٽي وڏيون پڪيون مسجدون ٺهيل آهن، جيڪي عشاءِ ۽ فجر
جي نمازن تي بلڪل ڀريل هونديون آهن. ڳوٺ جا مرد
ماڻهو سڀ گهڻو ڪري ” روز مزدوري“ جي ڪم تي هوندا
آهن. هينئر ڪاٺ جي ڪاريگري جو ڪم يا اوساري وغيره
جو ڪم به روز مزوري تي ڪندا آهن. سٺ ستر سال اڳ
ڍڳي گاڏيءَ جي ٺهرائڻي ويهه رپيا هوندي هئي، هينئر
ته ڍڳي گاڏي وڃي هزارن جي قيمت تي پهتي آهي. جمعي
ڊکڻ ڳوٺ کي ’ڳاڙهو ڳوٺ‘ به سڏيندا آهن، جو سو سال
اڳ ٻروچ قوم جي عورتن کي سفيد ڪپڙو پارائبو هو. ان
جو ’ڦشّق‘ اڇو هوندو هو. ان جا دامن کليل نه هوندا
هئا. ’ڦشق‘ تي چئن والن کان به وڌيڪ ڪپڙو لڳندو
هو. انهيءَ جي برعڪس ڄاموٽن جي عورتن کي ڳاڙهي ڪلر
تي ڪپرو هوندو هو. ”ٽيئي پيس“ ( قميص، شلوار،
پوتي) ڳاڙهي رنگ جا هوندا هئا، جمعي ڊکڻ ڳوٺ کي
’مِٺي پاڻي‘ جي سهوليت ڪانه هئي، پر پنڌ تي
’ڏاڪوين کوهيون‘ کڻي پاڻي ڀريندا هئا، سو ڳوٺ جون
مايون ٽولا ڪري پاڻي ڀرڻ نڪرنديون هيون ته پري کان
ڳاڙهاڻ نظر ايندي هئي. سو انهيءَ ڳاڙهاڻ سبب ڳوٺ
تي نالو ’ڳاڙهو ڳوٺ“ به پيو.
منهنجو ڏاڏو امين خان ٺل تعلقي تي پوليس آفيسر ٿي آيو ته انهيءَ
ڳوٺ جي رئيس يوسف خان سومري سان سندس واقفيت ٿي.
رئيس ڏاڍو سمجهدار ۽ معتبر ماڻهو هو. ڏاڏي مرحوم
جي ساڻس دوستي ٿي ويئي. اها دوستي پوين ۾ به هلندي
اچي. اسان جي خاندان سان جمعي ڊکڻ جي سمورن سومرن
جي دوستي ۽ واسطيداري هلندي اچي ٿي. جمعي ڊکڻ جا
سومرا اصل کان شريف ۽ معتبر هئا، هينئر به سڄو ڳوٺ
ديندار آهي. مسجدون آباد آهن، ڳوٺ جي هڪ ڪاريگر
صوفي حاجي گلاب الدين کي حضرت امين الملت ( محمد
امين خان کوسو) خاص طرح گهرائيندو هو. ڪم جي بهاني
کيس مهينن جا مهينا پاڻ وٽ جهليون ويٺو هوندو هو.
کيس چوندوهو ته مون کي ڪم جي ته ضرورت ڪانهي پر
تنهنجو گذر سفر جو سبب هوندو ته تون هتي رهي
منهنجي مسجد شريف آباد رکندين.
جمعي ڊکڻ ڳوٺ کان اتر طرف چوڪ جو ڳوٺ آهي، جيڪو جمعي ڊکڻ وانگر
واريءَ جي وڏن دڙن تي ٻڌل آهي. ابتدا ۾ اهو ڳوٺ
ڪنهن ٻڌو تنهن جي خبر ڪانهي، پر هتي ڳوٺ جا سڀ
ماڻهو جت قوم سان تعلق رکندا آهن. ” چوڪ جتن واري“
به ڳوٺ تي نالو آهي. هتان جا جت درگاهه ڀرچونڊي
شريف جا فقير هوندا هئا. حضرت حافظ الملت ڀرچونڊي
شريف وارن جي خليفي دلمراد کوسي هتي هڪ وڏي
عاليشان مسجد جوڙائي جيڪا غالباً 1899ع ۾ جڙي راس
ٿي. ڳوٺ جي فقيرن سرون ذڪر الاهي سان قالب ۾ وجهي
ٺاهيون، کوري مان به ذڪر الاهي سان ڪڍي مسجد شريف
جي جاءِ آنديون ۽ ذڪر الاهي سان مسجد جي اوساري
ٿيندي رهي. مطلب ته مسجد شريف جي جوڙاءُ جو سڄو
ڪم في سبيل الله ۽ ذڪر الاهي سان ٿيو. ڪاريگر به
الله لوڪ قسم جا فقير تن ماڻهو هئا. اها مسجد شريف
هڪ سؤ سال گذرڻ بعد به اڃا بهترين حالت ۾ ڪر کنيو
بيٺي آهي.
عام دستور موجب مسجد جي ڀرسان اول منهنجي والد بزرگوار الحاج
عبدالعزيز خان مرحوم و مغفور جي مرقد ٺهي، جنهن
1939ع ۾ وفات ڪئي. اول اول پهرين قبر منهنجي والد
مرحوم جي انهيءَ مسجد شريف جي پاڇي ۾ ٿي. منهنجو
والد ڀرچونڊي شريف جو فقير هو. پاڻ انتقال کان
ٿورو اڳ پنهنجي فرزند ( امين الملت رحه ) کي سڏي
چيائون ته تون اها ” گانڌي ٽوپي “ لاهي پٽڪو ٻڌي
اچ جو پير سائين بادشاهه آيو آهي. پوءِ پاڻ وڏي
آواز سان افضل الذڪر پڙهڻ لڳا. الله الله ڪندي
سندن روح پرواز ڪري ويو.
حضرت امروٽي رحمت الله عليہ، حضرت حافظ الملت رحه باني ڀرچونڊي
شريف وارن جا وڏا خليفا هئا. امروٽي خيلفو صاحب هن
مسجد شريف ۾ گهڻو ايندو ويندو هو. هڪ ڀيرو غالباً
1925ع ڌاري پاڻ سان هڪ پٺاڻ ورتيون آيو، جنهن کي
هن مسجد شريف ۾ رهڻ جوحڪم فرمايائون. اهو فقير
افغانستان جي طرف جو هو. سندس نالو عمر جان فقير
هو. هو غالباً سؤ سال حياتي ڪري هن مسجد ۾ئي وفات
ڪري ويو ۽ اتي ئي مدفون آهن. هي هتي سٺ سال کن
رهيو پر حضرت امروٽي صاحب جي حڪم مطابق مسجد شريف
کان ٻاهرڪونه ويو. فرلانگ پنڌ تي ريلوي لائين آهي،
ان تائين به ڪڏهن ريل ڏسڻ ڪونه ويو. چوندو هو ته
ڪولک رپيا ڏئي ته به مسجد شريف کان ٻاهر ڪونه
وڃان. عجيب انسان هو! ايڏو ته بي پرواهه جو دنيا
جهان جي ڪنهن به معاملي جي خبرڪانه رکندو هو. قدرت
واري اهڙو ته بندوبست رکيو هو جو هن متوڪل علي
الله انسان وٽ دنيا جهان جي هر بهترين چيز موجود
هئي. بهترين چانهه تمام اعليٰ ڪوپن ۾ پيئندو
هو.بظاهر ڪنهن کان به نذرانو وغيره ڪونه قبوليندو
هوالبته امين الملت رحه جي هر پيش ڪيل چيز بلا حجت
قبوليندو هو. چوندو هوته ” تون منهنجي پير جو
موڪليل آهين.“
ابتدائي دور ۾ ڳوٺ جا جت فقير ڏاڍا ذاڪر ۽ عابد هوندا هئا. سندن
گذارو ’پيش‘ جي تڏن ٺاهڻ ۽ وڪڻڻ تي هوندو هو.
’پيش‘ جو ٻوٽو ديره بگٽي جي جبلن ۾ پيدا ٿيندو
وڌندو آهي. بگٽي قوم جا ماڻهو انهيءَ کي پنهنجي
فصل سمجهندا آهن، سو مفت ۾ڪنهن کي به ڪپڻ نه
ڇڏيندا آهن. هڪ ڀيري حضرت حافظ الملت رحه باني
ڀرچونڊي شريف جي زماني ۾ چوڪ جو هڪ فقير بگٽي
علائقي جي ٽَڪرن تي ” پيش “ وڍڻ ويو ته اتان جي هڪ
محافظ کيس نشان ڪري پٿر هنيو، جيڪو هن کي ڪونه
لڳو. اهڙيءَ طرح هن ٽي گهمرا پٿر اڇلايا، پر هن
فقير کي آهي ڪونه لڳا. انهيءَ ڪرشمي سبب اهو بگٽي
هن وٽ آيو ۽ چيائين ته ” تون ڪنهن ڪامل مرشد جو
مريد آهين يا پاڻ ’صاحب ڪرامت‘ آهين، جو منهنجي
زندگيءَ ۾ اڇليل پٿر ڪڏهن به نشاني کان ڪونه گٿو
آهي، پر توکي ٽيئي پٿر ڪونه لڳا. هاڻي توکي ڇڏي ٿو
ڏيان پر ٻيهر منهنجي هن جوءِ ۾ ’پيش‘ وڍڻ نه
اچجانءِ“. اهو جت فقير سلامت موٽي آيو. هفتي کان
پوءِ ڀرچونڊي شريف مرشد سان ملڻ لاءِ ويو ته حافظ
الملت رحمت الله عليہ کيس اچڻ سان چيو ته ” فقير !
خطرناڪ جاين تي نه ويندو ڪر!“ جت ڏٺو ته حضرت صاحب
جن جي تري مبارڪ هٿ تي هڪ وڏو ڌڪ جو نشان بيٺل هو.
ڳوٺ چوڪ ۾ پير سائين حضرت شيخ عبدالرحمان صاحب
رحمة الله عليہ 1933ع ۾ هڪ عالم سڳوري جي اچي
دستار بندي ڪئي. اهو مولوي عبدالوهاب صاحب به صاحب
استغنا هو. غريبي هوندي به هن وڏن ماڻهن جون
مهمانيون ڪيون. وڏا ماڻهو وٽس سندس علمي شهرت ۽
سندس ڪتبخاني کي ڏسڻ ايندا هئا. تنهن زمانيءَ ۾ هن
مولوي صاحب وٽ مصري ڇاپي وارا عربي ڪتاب تمام گهڻا
گڏ ڪيل هئا. سندس ڪتبخانو هينئر به محفوظ آهي.
حضرت علامه مولانا غلام مصطفيٰ صاحب قاسمي هتي امين الملت رحه
جي مرقد تي ختمو چوڻ آيو ته مسجد شريف ڏسي چيائين
ته هي مسجد شريف هتي هن ڳوٺڙيءَ ۾ انهيءَ ڪري ٺهي
جوحضرت امين الملت کي هتي آخري ” آرام گاهه“ ڪرڻو
هو. حضرت حافظ الملت رحه کي ” ڪشف“ ذريعي معلوم
ٿيو هوندو ته سندس ” خانقاهه“ جو هڪ ” خادم“ هتي
دفن ٿيڻو آهي، سو ان لاءِ هتي مسجد سڳوري ٺاهڻ
جوحڪم خاص خليفي دلمراد فقير کي ڏنائون. مسجد شريف
تي ڪتبو به اهڙيءَ طرح جو لڳل آهي. غالباً منو سؤ
سال گذرڻ بعد اهو مطلب پورو ٿيو. مسجد شريف 1893ع
کان ٺهڻ شروع ٿي ۽ 1899ع ۾ مڪمل ٿي. حضرت امين
المت رحه 1973ع ۾ وفات ڪئي. 6 ڊسمبر 1973ع جي بعد
از نماز مغرب لحد اندر داخل ٿيو. حافظ خير محمد
صاحب اوحدي تاريخ وفات هن ريت ڪڍي.
” يار رب بخشجانءِ محمد امين کي.“
انهيءَ مسجد شريف کي هڪ سؤ سال ٿي چڪا آهن، مگر اڃان بلڪل سٺي
حالت ۾ بيٺل آهي ۽ وسنڌ آهي. هن مسجد شريف جي اها
به هڪ ڪرامت آهي جو هڪ سو سال ۾ ڳوٺ اندر ڪوبه
وڏيرو ” اوطاقي“ ٿي ڪونه رهيو. سندس تصرف کان ڳوٺ
هميشه آزاد رهندو اچي ٿو. وڏيرن جا ” ٽپڙهميشه
ٽيشن تي“ رهيا آهن. علامه دائود پوٽوصاحب به هتي
هڪ رات رهيو هو، پر خانبهادر آدم خان به هتي مهمان
وانگر رهيو هوندو.
جڏهن منهنجي ڏاڏي جي ڀاءُ حاجي عظيم خان، خان بهادر آدم
خان کان هتان جي ٻني خريد ڪئي ته هڪ سروي نمبر
مسجد شريف جي نالي وقف ڪري ڇڏيائين. اڄ به انهيءَ
نمبر جي پيدائيش مان ايتري ” اپت“ ٿئي ٿي جو مسجد
شريف جي سنڀار جو سڄو خرچ ان مان پورو ٿيندو رهي
ٿو.
چوڪ ڳوٺ کي فقيرن جون دعائون آهن. موجوده دؤر جون سڀ
سهوليتون ’خودبخود‘ هتي اچي ويون. سب هيلٿ سينٽر،
اسڪول، بجلي، پي. سي او. وغيره وغيره سڀ ڪجهه خدا
تعاليٰ جي طرفان منظور ٿيندا رهيا. ڪنهن وڏيري ۽
ڪنهن ميمبر صاحب جي ڪا مهرباني ڪانهي.
چوڪ کان ڏکڻ طرف جمع ڊکڻ جي ويجهو سيد عبدالغني شاهه جو
ڳوٺ آهي. اهو ڳوٺ به قديمي آهي. انگريزن درياءَ تي
بند ٻڌا ته شاهن جو اڳيون ڳوٺ ڪچي وارو بندن جي
سبب ڦٽي ويوته هنن شاهن هتي اچي ڳوٺ ٻڌو. هتي به
سندن زمين هئي. سيد عبدالغني شاهه وڏي همت وارو ۽
نانءُ ناموس واروسيد هو. بجاراڻي سردارن جو ”مرشد“
هو، پر هي ڪڏهن به عام پيرن وانگر گهوڙن تي سنج
رکي چار پنج خليفا ساڻ ڪري” چاليهو“ اڳاڙڻ لاءِ
ڪنهن مريد جي در ڪونه ويو. پنهنجو گذرسفر پنهنجي
ٻنيءَ جي اپت مان ڪيائين.مون کي سائين جي. ايم.
سيد صاحب ٻڌايو ته هو سال 1942ع ۾ سيد عبدالغني
شاهه جي ڳوٺ آيو هو. انهيءَ زماني ۾ سڄي سنڌ جي
سيدن ۾ يڪجهتي لاءِ سيد اعظم ڪوششون ڪري رهيو هو.
سيد عبدالغني شاهه وٽ به انهيءَ سلسلي لاءِ آيو
هو.
هڪ دفعي هڪ پرديسي سيد عبدالغني شاهه جي شهرت ٻڌي وٽس
رات جو ” اويلو“ اچي مهمان ٿيو. شاهه صاحب کيس
ماني ٻوڙ سان موڪلي پر ان پرديسي ماني ڪانه کاڌي ۽
چيائين ته مون سڄي حياتي تتر جي ٻوڙ سان ماني کاڌي
آهي، سو اڄ وري انهيءَ ٻوڙ کان سواءِ ماني ڪيئن
کائيندس. عبدالغني شاهه پاڻ گهران نڪري اوطاق ۾
آيو. مهمان کي ڏاڍيون منٿون ڪيائين ته بابا هينئر
رات جو اويلو تتر ڪٿان هٿ اچي، سو تون هي کاءُ صبح
ساجهر ” چڙهاڪو تِتر“ مارائي به توکي سوير سان تتر
جي ٻوڙ سان نيرن ڪرائيندس، پر مسافر ڪونه مڙيو ۽
بکئي پيٽ سمهي پيو. شاهه به لاچار ٿي گهر موٽي
ويو.عشاءَ جي نماز کان پوءِ حاجي محمد نواز خان
کان شاهه صاحب لاءِ ماني آئي. حاجي صاحب وارا شڪار
تي ويا هئا. تتر جام ماري آيا هئا، سو ماني رڌائي
شاهه صاحب ڏانهن به موڪليائون. شاهه صاحب کي ”
خومچو“ اچي مليو. کولي ڏٺائين ته ” مکيل مانيون “،
” تتر جو ٻوڙ“ ۽ ” سيخ ٿيل ٻه ٽي تتر“ ان اندر
موجود آهن. شاهه صاحب ان مهل ئي ماني کڻي اچي ننڊ
۾ ستل مسافر کي اٿاري چيو ته ” اٿي! الله سائين
تنهنجي روزي جو بندوبست ڪيو آهي. هاڻ تتر کائي
’ڍوَ ڪر ۽ اوڳرايون ڏي.“
عبدالغني شاهه پنهنجي وقت جو وڏو برجستو سيد ٿي
گذريوآهي. سخاوت ته هر سيد جي صفت ۾ آهي. هي به
وڏو سخي هو. اوڙي پاڙي جي زميندار سان ته سُٺا
تعلقات هيس، پر تر جي غريبن جو به هر وقت همدرد
هو. تنهن زماني ۾ ڪنهن کي ڪنهن تي رنج ٿيڻ جا سبب
ڪونه هوندا هئا. اليڪشني عذاب به 1937ع کان پوءِ
آيا، جنهن ۾ عوام کان ووٽ وٺڻا پوندا هئا. 1937ع
کان اڳ بمبئي ڪائونسل يا سينٽرل اسيمبليءَ لاءِ
چونڊون ٿينديون هيون، جنهن ۾ عوام ووٽر نه هو.
جيڪي کاتيدار 70 رپيه ڍل ڀريندڙ هئا،. تن کي ووٽ
ڏيڻ جو حق هو. سو انهن جي ووٽن وٺڻ لاءِ ڪا گهڻي
’ڇڪ تاڻ‘ ڪانه ٿيندي هئي. گهڻو ڪري خط ذريعي عرض
ڪبوهو ۽ تَر جي ڪنهن ’اثرائتي امير‘ وٽ ڪهي وڃبو
هو ۽ بس. اميدوار به تمام وڏا زميندار ۽ شاهوڪار
قسم جا ماڻهو بڻبا هئا. جيپن ۽ موٽرن جو زمانو
ڪونه هو، سووهٽن تي چڙهي هر کاتيدار ووٽر وٽ پهچڻ
اميدوار کان ڪانه ٿيندي هئي. انهيءَ زماني
’اليڪشن ورڪ‘ فقط خطن ذريعي ۽ ڪنهن وڏي اثرائتي
ماڻهو جي ’رسوخ‘ سان هلندو هو. انهيءَ مخصوص طبقي
کان سواءِ ٻي ڪا مخلوق انهيءَ عذاب ۾ ڪانه آيل
هوندي هئي، سو ’دوستيون‘، ’محبتون‘، ’عزتون‘، ۽
’احترام جون ڳالهيون‘ زوال پذير ڪونه ٿينديون
هيون. دنيا جهان جو ڪاروبار انصاف سان هلندو هو.
مهانگائي اصل ڪانه هئي. سنڌ اڃا بمبئيءَ سان
ڳنڍيل هئي. سڄي سنڌ ۾ سيدن جو وڏو مان هو.
مسلمانن ۾ انهيءَ ذات لاءِ احترام هو. سيد
عبدالغني شاهه صاحب به اهڙي عزت ۽ احترام جي لائق
هو. منهنجن وڏن سان سندس تعلقات ’دوستاڻا‘ هوندا
هئا. انهيءَ واسطيداري سبب ته 1970ع واري هنگامه
خيز اليڪشن ۾ حضرت امين الملت رح گهوڙي تي چڙهي
پولنگ تي پهچي پنهنجو ووٽ سيد عبدالغني شاهه جي
پوٽي احمد شاهه کي ڏنو هو. حالانڪ هن ڪڏهن پنهنجي
اليڪشنن ۾ به پنهنجو ووٽ استعمال ڪونه ڪيو هو.
سيد احمد شاهه جهڙي مولوي صفت جو هن دؤر جي چونڊن ۾
ڪامياب ٿيڻ مشڪل هوندو آهي پر ته به هر اليڪشن ۾
سندس پيپر ضرور ڀربو آهي. احمد شاهه کي اليڪشن ۾
اٿڻ جو شوق آهي ۽ سندس وڏي ڀاءُ سائين علي شاهه کي
وري ڪنهن زماني آپريشن ڪرڻ جو شوق هوندو هو. مريض
جو نه پر مشينن جو.نئين جيپ وٺندو هو يا موٽر
وٺندو هو يا تنهن زماني گاسليٽ تي هلندڙ جنريٽر به
وٽس هو تن سڀني کي کولي پُرزا پُرزا ڪري ڏسندو هو.
موٽرون ته وري به هلڻ جهڙيون ٿينديون هيون پر
جنريٽر وري ٺهڻ کان جواب ڏيئي بيٺو. هاڻي پوئين
زماني ۾ آخري شوق اهو ڪيائين ته سڄي ٻني وڪڻي پيسا
وڃي بئنڪ حوالي ڪيائين. سيد عبدالغني شاهه جي وقت
کان وٺي اڄ تائين سندس خاندان نامور رهندو اچي ٿو.
سيدن جي ڳوٺ کان ڏکڻ طرف بنگلاڻين جو ڳوٺ آهي، جيڪو به
ڏيڍ سؤ سال اڳ جو آهي. اتي جان محمد خان بنگلاڻي ۽
سندس پٽ ارسلاخان بنگلاڻي وڏي همت سان رهيا. سندن
ڳوٺ ۾ هينئر به پُراڻيون نشانيون آهن: ’انبن جو
باغ‘ ۽ ان ۾ ديال جي ڪاٺ سان ٺهيل ’وڏو چؤنئرو‘ ۽
ڪرڙ جي پٽين سان ٺهيل تمام ’وڏي لانڍي‘، هن وقت به
سؤ سالن جا نشان خسته حالت ۾ نه پر مناسب حال ۾
موجود آهن.
هي علائقو خاص ڪري مراد پور سرڪل ٻروچڪو علائقو آهي.
هتي سؤ سال اڳ ته ڏاڍو امن هوندو هو، ڇاڪاڻ ته هر
سرنديءَ واري زميندار وٽ پنهنجي بچاءُ جا اسباب
موجود رهندا هئا. انهيءَ خود حفاظتي انتظام لاءِ
ڳوٺ مان ڪي ’برجُستا ماڻهو‘ رات جو پهري تي مقرر
هئا ۽ انهن کي مهيني سر پگهار ڏيڻ جو دستور ڪونه
هو. البته هر فصل جي ديري وقت انهن کي مقرر ان ڏبو
هو. انهيءَ کي ’بنات‘ سڏبو هو. انهيءَ کان علاوه
هتي هن علائقي ۾. 1950ع تائين صدين کان اهو به
بندوبست هو ته تر ۾ ’پيرن کڻڻ‘ ۽ ’پيرن پرکڻ‘
وارن ماڻهن کي سرنديءَ وارن وٽ وڏي عزت هئي. تر جا
زميندار اهڙين ’پاڳين‘ کي ديرن جي وقت هر سال ڪجهه
ان وغيره ڏيندا هئا، انڪري سندن سار سنڀال چڱي
ٿيندي هئي. انهن ماڻهن جي ’مڃوتي‘ چورن ۾ هئي.
جيڪڏهن ڪا چوري ٿيندي هئي ته اهي ’پيراڍو‘ پير کڻي
وڃي چورن جي ’ٿَم‘ ۾ هڻندا هئا يا چورن جا پيرا
سُڃاڻي وٺندا هئا. اهڙيءَ طرح چوري ٿيل مال موٽندو
هو. چوري جو سلسلو آرين ۽ اڻ آرين جي زماني کان ئي
شروع آهي. اڻ آرين تي آرين اچي قبضو ڪيو ۽ اڻ آرين
نفرت سبب آرين کي مالي نقصان خاطر سندن چوريون
شروع ڪيون. هينئر ته اها ” نفرت “ وڃي ” عادت“ تي
رسي آهي.
مراد پور سرڪل ۾ ٻن صدين کان ٻروچن اچي
ملڪ وسايو. بيگاري واه ڪلهوڙا دؤر ۾ ئي وهندو هو،
پر آباديون ڪرڻ لاءِ پاڻي جام وهندو هو ٻروچ گهڻو
ڪري ’مالوند‘ هئا، سو سندن گُذر جو دارومدار مال
تي هوندو هو. هن علائقي ۾ گهڻو ڪري طوائف الملوڪي
رهي. ڪو عرصو ته قلات جي خان جي حڪومت به هن
علائقي ۾ هئي. چون ٿا ته انگريزن ۽ قلات جي درميان
بيگاري واهه تي مبارڪپور جي سامهون ڪا جنگ به ٿي
هئي. قلات جي حڪومت تمام گهڻو عرصو رهي هئي، پر
اُن زماني ۾ بروهين هن علائقي کي ’مفتوحه علائقو‘
سمجهي اچي سياري جي موسم ۾ پنهنجي ’فاتحانه‘ ۽ ”
حاڪمانه“ ’رعونت‘ ڏيکارڻ شروع ڪئي هئي. زماني جو
دستور رهيو آهي ته ” فاتحن“ هميشه ’مفتوحن‘ کي
’پائمال‘ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، سو قلات جا بروهي
به پنهنجو مال سياري ۾ هتي ڪاهي آڻيندا هئا. جتي
به ڪو فصل وغيره بيٺل ڏسندا هئا ان ۾ ڇڏي ڏيندا
هئا. فصلن جا مالڪ دانهون ڪندا مال کي پوک مان
ڪڍڻ جي ڪندا هئا ته بروهي ساڻن وڙهڻ ايندا هئا.
چوندا هئا ته ” اسيڏا ٻڪري رِذ، پُنَ پُوٽَڙي
چَرسي، تسيڏا سنگ سَٽي اُتيهي“ ( يعني اسان جو مال
ته هيٺ پيو چري سنگن کي نقصان نٿو رسي.) بهرحال
ڏاڍي جي لٺ کي به مٿا هوندا آهن. قلات پنهنجي
انتظام لاءِ هتي ’ليويز‘ نمونو به رکيو هو. ان جي
پوليس واري کي ’جان شين‘ سڏيندا هئا. اهڙا ’جان
شين‘ ڪيترين جاين تي ڪچا ڪوٺا ٺاهي اچي ٿاڻو
بڻائي ويٺا. ڳالهه ڪندا آهن ته اهي جان شين ايڏا
ته ظالم هئا جو شل نه منهن پون. اهڙو هڪڙو
’جانشين‘ هڪ ڏينهن گهوڙي چڙهيو وڃي پيو ته ڏٺائين
ته پريان هڪ ماڻهو منڊڪائيندو پيو وڃي. هي گهوڙو
هڪلي وڃي پهتس. پڇيائين ته ” اڙي تيڪون ڪيا ٿيا
هي. اسان اڄ دريافت تي نڪتا هي،اسان ڪون اڄ
تيريجها ڏينهن هي. اسان لنگهڻ اسيڏا گهوڙا لنگهڻ،
اسان تسيڏا دريافت ڪريسي. “ واٽهڙو وراڻيس ته مان
ڪنهن گهير مان لنگهيو آهيان اتي گپ هئي سو جوتا
لاٿم ته ڪو ڪاٺي جو ٽڪر پير کي لڳو هوندو انڪري
پير جي سور کان منڊو ٿيو پيو هلان. ’جان شين‘
فرمايو ته ” ڄل، اها جاهه ڏکا، اسان دريافت ڪيتي
نڪتاهي. اسان لنگهڻ، اساڏا گهوڙا لنگهڻ.“ انهيءَ
غريب کي ٻه لڪڻ هڻي اڳ ۾ ڪري انهيءَ گهير تي اچي
چيائين ” هُڻ اوهو ڪاٺي کوٽ ڪڍ“. واٽهڙو ويچاري
لوڏي لوڏي اهو ڪاٺ جو ٽڪرو گپ مان ڇڪي ڪڍيو. هن
حڪم ڪيس ته ” هُڻ ايهو چاڄل“، ٿاڻي تي پهچي ان
ماڻهوءَ کي چيائين ته ” اسان تيڏا دريافت ڪيتاهي
هُڻ ڏون دري جوار دي ڏي. اسان لنگهڻ، ساڏا گهوڙا
لنگهڻ، اڄ تريجها ڏينهن ٿي ڳيا
هي.“ اهڙيءَ طرح ان کي ڪاٺ ۾ وجهي
ڇڏيائين. ان زماني ۾ اڄ ڪلهه جي ٿاڻن وانگر حوالات
نه هوندا هئا. ڪاٺ جي ڳرڻ بنڊن ۾ سوراخ نڪتل هوندا
هئا. ان جي پُڙن کي کولي ماڻهوءَ جا پير يا هٿ
لنگهائي، بعضي ته ڳچي به لنگهائي تختا ملائي ڪلي
هڻي ڇڏيندا هئا. قلات جي حڪم کي هلندي هتي چڱو وقت
ٿيو هو. غالباً ڪلهوڙن ۽ ٽالپر دؤر ۾ به هتي جا
حاڪم قلات جا خان رهيا. انهن قلات جي والين کي ترڪ
اسلامي حڪومتن جي خليفن وٽان ” بيگلربيگي“ جو خطاب
مليل هو. خان نصير خان نوري هڪ درويش صفت حاڪم ٿي
گذريو آهي. احمد شاهه ابدالي ساڻ پاڻي پٽ جي جنگ ۾
ساڻ هو. اتان مرهٽن کي غلام بڻائي وٺي آيو هو.
هينئر جيڪي به مرهٽا بگٽي علائقا جا آهن سي سڀ
انهن مرهٽن جي اولاد مان آهن جيڪي
شيوا جي جا فوجي هئا. خان ڳڙهه کان اتر ۾ نصير آباد
علائقوانهيءَ خان جي نالي سان سڏبو آهي. قلات جو
خان خداداد خان جنهن انگريزن سان جيڪب آباد ۾
عهدنامو ڪيو هو، اهو ڏاڍو جابر حاڪم هو. ان ڪري
انگريزن کيس معزول ڪيو هو.
منهنجي ڏاڏي محمد امين خان جو وڏوءُ ڀاءُ مير حيات خان
سندس ” مصاحب“ هو. اسان جو پڙ ڏاڏو وليو خان قلات
جي حڪومت ۾ وڏو ماڻهو هو. جهٽ پٽ ڀرسان ممل ۽ سندس
ڳوٺ هو. خان خداداد خان جي معزوليءَ کان پوءِ مير
حيات خان ٺل تعلقي ۾ اچي پنهنجو ڳوٺ ٻڌو، مگر سندس
زمينون ساڳيءَ طرح بلوچستان ۾ هيون. جاماڻين جي
وڏي جامڪ خان جي قبر به بلوچستان ۾ آهي ۽ سردار
رحيم خان کوسي اول جي قبر به چُکڙا ريلوي اسٽيشن
ڀرسان آهي. اهو دؤر ڪلهوڙن جو هو. ڪلهوڙن اتي خان
کان ڪجهه علائقو فتح ڪري اتي ’مراد ڪهيري‘ کي
پنهنجو ’ناظم‘ مقرر ڪيو هو. انهيءَ مراد ڪهيري
ناظم صاحب، سردار رحيم خان کوسي اول کي عزت ڏيئي
کيس ’سرڪاري پڳ‘ عطا ڪئي هئي. انهيءَ طوائف
الملوڪي واري دؤر ۾ ئي اسان جي وڏن جون آخري قيام
گاهون اچي تعلقي ٺل ۾ ٿيون، جن ۾ اڄ تائين سڀني جا
ڳوٺ اِتي آهن.
مذڪوره علائقي جي ديهه توج ۾ ارسلا خان بنگلاڻي جو ڳوٺ
آهي ۽ ڀرسان ديهه سيدو ڪوٽ آهي. اتي ايامن جو ٺهيل
هڪ وڏو ۽ ويڪرو ڪوٽ هو. هيو ته ’ڪچو‘ پر ايامن
گذرڻ بعد به ان جا نشان جون 1950ع ۾ به ڏٺا هئا.
هينئر به اڃان ان جي ٺُلن جا ڪي نشان باقي آهن.
انهيءَ ڪوٽ جي ٺهرائيندڙ جو پتو ڪونهي پر اهڃاڻ
اهڙا آهن ته هتي ايامن ۾ ڪنهن ’امير ڪبير‘ جي
رهائش رهي هوندي. انهيءَ ديهه ۾ سروي کان اڳ ڪافي
غير آباد زمين اڻ سروي ٿيل هئي. انگريزن منهنجي
ڏاڏي صوبيدار امين خان کي ايمانداريءَ ۽ فرض شناسي
سان ڪم ڪرڻ سبب هتي چار هزار جريب زمين ’انعام‘
طور ڏني هئي. ڏاڏي مرحوم جي زندگي ۾ فقط چارسؤ
جريب سروي ٿي سگهي، جيڪا منهنجي والد ۽ چاچي جي
نالي لئنڊ رجسٽرڊ پهرين ۾ درج ٿي . ڏاڏي جي شهادت
(1899ع) کان پوءِ باقي زمين سروي ڪانه ٿي سگهي.
اها چارسؤ جريب زمين به پاڪستان ٿيڻ شرط مسلم ليگ
حڪومت جي وڏي وزير خان بهادر کهڙي جي حڪم سان ضبط
ٿي.
انهيءَ علائقي جو مک ماڻهو محمد خان بنگلاڻي 1927ع ۾
منهنجي والد سان گڏ ضلعي بورڊ جو ميمبر ٿيو هو.
سندس فرزند ارسلا خان منهنجي چاچي جو دوست هو.
موجوده دؤر جي هڪ اليڪشن ۾ ارسلا خان جو پوٽو سنڌ
اسيمبليءَ جي ميمبري لاءِ اميدوار بڻيو هو.
انهيءَ علائقي جون زمينون نهايت ’زرخيز‘ آهن. سم ۽ ڪلر
ڪونهي. تمام چڱي حالت آهي. صدين بعد به هي علائقو
آباد آهي. اڳي هتي خشڪ پوک ٿيندي هئي، گڊو بئراج
کان پوءِ ساريال ٿي آهي.
ٺل تعلقي جي ڏاکڻئين حد سان بيگاري واهه آهي، جنهن جي
ڀرسان اتر ۾ جونگل جو ڳوٺ آهي، جتي هن وقت ’پهوڙ‘
رهن ٿا. اتي ڪنهن زماني ۾ غالباً 1900ع کان پوءِ
ميان دين شاهه نالي سيد رهندو هو. هو سنڌ جي
مشهور صحافي مولوي صدر الدين شاهه جو ڏاڏو هو.
انهيءَ مولوي جي تصوير ” الوحيد“ ( سنڌ آزاد
اسپيشل نمبر 1936) ۾ ڇپيل آهي ۽ سندس ذڪر پير صاحب
حسام الدين شاهه راشدي پنهنجي ڪتاب ” هو ڏوٿي هو
ڏينهن“ ۾ به لکيو آهي. ميان دين شاهه سڳورو چون ٿا
ته ڏاڍو نيڪ، صالح ۽ زبان ۾ تاثير رکندڙ ’اهل بيت‘
هو. اتر سنڌ جي مشهور ’حاذق حڪيم‘ مولوي سراج
الدين کوسي جون سڄيون اکيون هن سيد جي پاراتي سان
انڌيون ٿيون هيون. ميان دين شاهه جي فرزند ميان
شرف الدين شاهه کي مون گهڻو ڏٺو. هو اسان وٽ گهڻو
ايندو ويندو هو ۽ ڪي ڏينهن رهي پوندو هو. نيڪ
نمازي ماڻهو هو. گهوڙي تي ايندو هو. ڪلام الله
شريف هميشه بغل ۾ هوندو هوس. منهنجي سؤٽ کيس
خوبصورت ڇپائي وارو ’حمائل شريف‘ هڪ خوبصورت چمڙي
جي ٿيلهي ۾ وجهي ڏنو هو، جيڪو هن کي باقي حياتي
تائين ساڻ هوندو هو. هتي هي ايندو هو ته ان زماني
۾ آءٌ تمام ننڍو هوس، پر اها سمجهه هئي ته شاهه
صاحب گهڻو وقت ڏينهن رات جو قرآن ڪريم جي تلاوت ۾
مشغول هوندو هو. ڀانيان ٿو ته ڏهه سيپارا روز
پڙهندو هو. نماز مسجد شريف ۾پڙهي ايندو هو، باقي
’تلاوت‘ اوطاق ۾ اچي ڪندو هو. ڪڏهن کٽ تي پڙهندو
هو. البته سياري جي موسم ۾ تڏي تي ويهي پڙهندو هو.
سفيد ريش، حليم طبع، ڪفايت شعار، ٿوري تي به خوش
ٿيڻ وارو سيد هو. سندس دعا قبول پوندي هئي. پاراتو
هن ڪڏهن به ڪنهن کي ڪونه ڏنو سندس فرزند مولوي
صدرالدين شاهه صاحب سياسي ورڪر هو. ڪجهه وقت
ڀرچونڊي شريف جماعت طرفان جاري ڪيل اخبار
’الجماعت‘ جو ايڊيٽر به رهيو. اها اخبار شڪارپور
مان ڇپجي نڪرندي هئي. صدرالدين شاهه کي مون به
چڱيءَ طرح ڏٺو. سندس ڀاءُ محڪم الدين شاهه آبپاشي
کاتي جو داروغو هو، جيڪو به رٽائر ٿيڻ بعد صحافي
بڻيو. ٽيون ڀاءُ نور محمد شاهه به صحافي هو، پر
نشي جي عادت سبب هي سيد سڳورو هميشه ’استغراق‘ ۾
رهي ’عالم بالا‘ جي سفرن ۾ هوندو هو. هي بخاري
سيد هئا. انهن سيدن کان علاوه جونگل جا پهوڙ به سڀ
نيڪ نمازي هئا. ملان ۽ مدرسن سان واسطو رکندا هئا.
هتان جو حاجي مير محمد پهوڙ 1952ع واري اليڪشن ۾
صوبائي تڪ ٺل اوڀر ۾ ’جمعيت العماءِ اسلام ‘ طرفان
اميدوار بيٺو هو مگر ’مسلم ليگ‘ جي اميدوار جي
مددگارن سندس ووٽرن کي هر پولنگ تي ڏنڊا هڻي ڊڪائي
ڇڏيو. ڏنڊن هڻائڻ ۾ همراهن سان همدردي ۽ همت
افزائي پوليس عملدارن جي به هئي.
سنڌ اندر انگريزن جي دؤر ۾ ٽي اليڪشنون ٿيون. پهرين سنڌ
آزاد ٿيڻ وقت 1937ع ۾. ٻي جنوري 1946ع ۾ ۽ ٽين
ڊسمبر 1946ع ۾، ۽ هڪ ضمني چونڊ 1938ع ۾ 1937ع ۽
جنوري 1946ع ۽ ضمني چونڊ 1938ع واريون سڀ ’غير
جانبدارانه‘ ، ’آزادانه‘ ۽ ”شفاف“ نموني
ٿيون.1938ع واري ضمني چونڊ ۾ ڪانگريسي اميدوار جي
مخالفت ته انگريز ڊپٽي ڪمشنر ڪئي پر ووٽر کي ووٽ
ڏيڻ لاءِ آزاد رکيائون. ڪوڙا ووٽ نه ڏياريائون.
بوگس بيلٽ پيپرن تي ’منڌيئڙا‘ هڻي نتيجو خراب نه
ڪيائون. ايمانداريءَ سان پيتين جي حفاظت ڪري ڳڻپ
ڪيائون نتيجي نڪرڻ تي هڪدم مخالف ڪانگريسي اميدوار
جي ڪاميابي جو اعلان ڪري ڇڏيائون. جڏهن سنڌ جي
مسلم ليگ حڪومت جي نگراني ۾ ڊسمبر 1946ع جي آخرين
اليڪشن تي ته سڀ ليڪا لنگهائي ڇڏيائون. خود
’قراداد پاڪستان‘ پاس ڪرائيندڙ سيد اعظم جي . ايم
سيد صاحب کي به هٿرادو نتيجو ڏيکاري شڪست
ڏياريائون. بعد ۾ اليڪشن ٽربيونل ۾ اهو معاملو آيو
ته وقتي وزير اعليٰ پير الاهي بخش صاحب سوڌو
ڪامياب ڏيکاريل ميمبر قاضي محمد اڪبر صاحب ڇهن
سالن لاءِ نااهل قرار ڏنا ويا. 1946ع جي آخري
اليڪشن فيصله ڪن ثابت ٿي. 1947ع ۾ پاڪستان قائم ٿي
ويو. حقيقت ۾ اها حڪمت عملي مسلم ليگ حڪومت جي نه
هئي. حضرت شيخ المشائخ پير عبدالرحمان صاحب
ڀرچوندي شريف وارن جي دعائن ۽ ڪوششن سان حڪومت
ٺهي، جنهن ذريعي سنڌ پاڪستان سان الحاق جو اعلان
ڪيو. واضح هجي ته حضرت صاحب جي پنجن ميمبرن جي
حمايت سان حڪومت مسلم ليگ جي ٺهي هئي.
سنڌ جي انهيءَ اسيمبليءَ ” انتقال ايراضي“ بل پاس ڪيو
هو، جيڪو سنڌ جي انگريز گورنر جي صحيءَ لاءِ ويو
ته پاڪستان قائم ٿي ويو. بل تي گورنر صحي نه ڪئي
هئي. انهيءَ بل بحال ٿيڻ سان سنڌ جون زرعي زمينون
جيڪي قرضن ۽ وياجن جي ڪري ڊگرين ذريعي هندن جي
کاتي ٿي ويون هيون، سي ڦري اصلي مالڪن جي نالي
ٿيڻيون هيون. اهو وڏو نقصان سنڌ جي آبادگار طبقي
کي رسيو. هيڏانهن وري ڪن مسلمانن کي فائدو رسيو.
مٿن قرض ختم ٿي ويا جو قرض خواهه هندو هليا ويا ۽
هندن جون ڪي ملڪيتون جعلي دستاويزن ذريعي کين ڦٻي
ويون.
1946ع ڊسمبر ۾ جيڪا اليڪشني ’هير ڦير‘ ٿي، تنهن ۾ سڄي
سنڌ مان فقط ٺل مان هڪ غير مسلم ليگي ميمبر خان
صاحب سردار خان کوسو 16 ووٽن تان خان صاحب سهراب
خان سرڪي مسلم ليگي اميدوار کي شڪست ڏيئي ڪامياب
ٿيو. انهيءَ ۾ به انتظاميه تي خان صاحب سردار خان
کوسي جو رسوخ اثرائتو ٿيو، جنهن هيراڦيري سان 16
ووٽ وڌائي ڏيکاريا.
ٺل- جونگل روڊ سان عودي جو ڳوٺ تمام قديمي آهي، جنهن ۾
ٻه سؤ سال کان اڳ جي ٺهيل مسجد آهي مسجد شريف اندر
جيڪي اکر لکيل آهن سي نهايت خوش خطي ۾ آهن. غالباً
نيري رنگ ۾ آهن. اهو رنگ اڄ به تازو نظر اچي ٿو.
مسجد شريف تي اهي اکر تمام پوءِ جا لکيل آهن.
مولانا نبي بخش صاحب سومري جي زماني جا آهن. عودي
جو هي پيش امام وڏو عالم ۽ خدا رسيد هو، حضرت
مولانا تاج المحمود امروٽي صاحب جو مجاز خليفو هو،
مولوي صاحب پاڻ وڏو عالم هو پر سندس سڀئي پٽ به
وڏا عالم ٿيا ۽ دين اسلام جي علم کي تعلقي ٺل ۾
عام ڪيائون.
تعلقي ٺل ۾ سرڪي تمام وڏا زميندار آهن. سندن سڀيئي
زمينون ٺل شهر جي چئني طرف ويجهو آهن. عودي جو شهر
ڏکڻ طرف آهي. عودي جا سرڪي زميندار هئڻ سان گڏ نيڪ
نمازي ۽ سياسي سمجهه وارا به هئا. تحريڪ خلافت جي
دؤر ۾ ( 1915ع کان 1922ع) وڏيري عبدالرحمان خان
سرڪي جو نالو به رڪارڊ تي آهي. 1952ع واري اليڪشن
۾ ٺل اوڀر تڪ مان مسلم ليگ جو اميدوار محمد بخش
خان سرڪي ميمبر ٿيو هو.
ڪنهن زماني ۾ ڪنهن درويش جي زبان مان نڪتل هي گفتا ڏاڍي چوٻول ۾
هوندا هئا:
ميرپور منڊي
چانڊاڻ چنڊي
ٺل ڏنو ٺڪاءُ
ته عودي ويئي سنجن سوڌي
خبر ناهي ته درويش ائين ڇو چيو هو. انهن گفتن جو اثر ڪنهن وقت
تائين انهن ڳوٺن تي ڏاڍو رهيو. هينئر مس مس وڃي
انهن ڳوٺن ساهه پٽي آهي ۽ اڳتي قدم وڌائڻ شروع ڪيو
آهي. پراڻو ٺل ريلوي اسٽيشن جي ڀرسان ڏکڻ طرف هو.
اسان جي سمجهه واري دؤر ۾ به انهيءَ شهر جا کنڊر
موجود هئا. هينئر ته اتي چانورن جا ڪارخانا لڳي
ويا آهن. نئين ٺل جو شهر به سرڪين جو هو. اتي سندن
وڏن جون قبرون هاڻي به خسته حالت ۾ آهن. ٺل غالباً
ٽالپرن جي دؤر جو آهي.
رتي ديري تعلقي ۾ جيلاني سيدن جو ڳوٺ” نبي شاهه وڳڻ“ هو. اتان
جو هڪ سيد دامن شاهه جيلاني پنهنجن عزيزن کان ڌار
ٿي هتي ٺل ۾ اچي درگاهه ٺاهي ويٺو. سرڪي وڏيرا
پيرن فقيرن جا معتقد هئا، تن اتي شاهه صاحب کي
ڪجهه زمين به ڏني، جيڪا اڄ تائين دامن شاهه جيلاني
بادشاهه جي پوين وٽ موجود آهي. پيرن وٽ مال
مڏي جام گڏ ٿيندو آهي. فقيرن وٽ ڪجهه ڪونه هوندو
آهي. سيد دامن شاهه هتي درگاهه جوڙي پيري مريدي جو
سلسلو شروع ڪيو. چون ٿا ته انهيءَ ’خانقاهه‘ جي هڪ
پير سيد غلام رسول وٽ سون جون سِرون هونديون هيون.
شاهه صاحب ڪاني ڪرامت جو مالڪ هو. چون ٿا ته هڪ
دفعي هڪ ڀت تي چڙهي ان کي گهوڙي وانگر هلايو
هئائين. اهو مست سيد بي اولاد وفات ڪري ويو. خبر
ناهي ته سندس سونيون سرون ڪنهن کي هٿ چڙهيون.
ٺل شهر مون جڏهن پهرين ڏٺو، تڏهن تمام ننڍڙو شهر هو. سون واه جي
اوڀر ۾ سٺ ستر دڪان ڍڪ بازار جي نالي سان هئا.
اندر اناج منڊي جي چوگرد واپارين جا گدام هئا. ڪن
وڏيرن جا اوطاق به هئا. سون واهه جي اولهه ۾ ٻيرين
جا باغ هئا، جن جا ’حاجي ٻير‘ مشهور هئا.
تعلقي آفيس ۽ ٿاڻو اولهه طرف شهر کان تمام پري هئا. لوڪلبورڊ جي
تعلقي اسپتال به شهر کان ٻاهر هئي ٺل انڙ واهه جي
ڪچي سڙڪ جي ڪناري اسپتال کان تمام پري قبرستان جي
ويجهو ” پيٽ ڦاڙ“ جي ڄارين سان ’ڇپري‘ هئي، جتي
مهيني ۾ڪم از ڪم هڪ اڌ ” پوسٽ مارٽم“ ضرور ٿيندا
هئا، جيڪي اڪثر ” ڪارو ڪاري“ سلسلي ۾ قتل ٿيل
هوندا هئا. هڪ اڌ ڪو انتقامي بلوچي وير سبب به قتل
ٿيل هوندو هو. اهڙو لاشو ضرور مالڪ کڻي وڃي گهر
رسائيندا هئا، ورنه ” سياه ڪاري“ ۾ قتل ٿيل لاشن
کي اتي ان قبرستان ۾ ئي دفن ڪندا هئا. ٻروچ اهڙن
لاشن کي گهر ڪونه آڻيندا هئا. هينئر اهو سلسلو
ڪونهي. هر ڪو ” جنازي“ کي کڻي اچي ان جي مان شان
سان ’تجهيز و تڪفين‘ ڪندا آهن اڳي اهڙن قضين جو
تڏو به ڪو نه رکبو هو، هينئر اهو ’جوش‘ جذبو نه
رهيو آهي. ڇاڪاڻ ته اڳي اهڙا واقعا حقيقت تي هوندا
هئا، هينئر ڪجهه ٻي طرح جو معاملو به ٿي پوندو
آهي. سو عام طرح ’ناحق ماريل‘ جو اکر وچ ۾ اچي
ويندو آهي. اڳي اهڙن دستورن جي ڇنڊڇاڻ ۽ حق ڪرڻ
لاءِ ’جرگا‘ ٿيندا هئا، جنهن ذريعي سچ ۽ ڪوڙ صاف
ٿي پوندو هو. ان زماني ۾ ’شاهي جرگي‘ جا ميمبر
قومي سردار هوندا هئا. جيڪب آباد جي شاهي جرگي ۾
سردار بهادر عبدالرحيم خان کوسو مشهو ر ” حق شناس“
، ” حق گو“ ۽ ” حق تي عامل“ ميمبر هوندو هو.
سندس شموليت سان ڪڏهن به جيڪب آباد جي شاهي جرگي ۾
ناحق فيصلو ڪونه ٿيو. جيڪب آباد ۾ گهوڙن جي
سالياني ميلي تي ’جائنٽ شاهي جرگو‘ به ٿيندو هو.
سنڌ بلوچستان جا سردار گڏجي بين الصوبائي معاملا
نبيريندا هئا. ٺل ۾ به ’لوڪل جرگو‘ ٿيندو هو، جنهن
۾ قوم جا مقدم ميمبر ٿيندا هئا.
ون يونٽ جي زماني کان پوءِ جرگا سسٽم ختم ٿيا. وچ ۾ وري اهو
سسٽم جاري ڪيائون جنهن ۾ سرڪار ميمبر پنهنجي مرضي
سان نامزد ڪيا، سو مقدمن، معتبرن ۽ قومي سردارن جي
نه هئڻ ڪري فيصلا نه نبري سگهيا، سو اهو سلسلو وري
بند ڪري ڇڏيائون.
حقيقت ۾ ’پراڻين رسمن ‘ ۽ ’قدرن‘ کي ’سياسي فضائن‘ پائمال ڪري
رکيو، نه ته قبائلي علائقن ۾ ’قبائلي رواج‘ سبب
بدامني کي وڏو ٻنجو آيل هو. سياسي ماڻهن پنهنجي
مطلب لاءِ ماڻهن کي عجيب عجيب نعرا ڏنا، جن ماڻهن
کي ’ڇڙ واڳ‘ ڪري ڇڏيو.
ڪانگريس ته ڪنهن زماني کان ’متعارف‘ هئي، پر مسلم ليگ هتي ٺل ۾
42-1943ع ۾ پير پاتو، سو به سائين جي. ايم سيد جي
ذريعي. سائين 1942ع ۾ ٺل ۽ عبدالغني شاهه ڳوٺ ۾
انهيءَ سلسلي ۾ آيو هو. ٺل مان سنڌ اسيمبليءَ جو
ميمبر تنهن زماني ۾ خان صاحب سهراب خان سرڪي هو،
جنهن جي ڪانگريس سان ته ڪا همدردي ڪانه هئي، پر
مسلم ليگ کان ڪاوڙيل ڪونه هو. ان زماني ۾ ٺل جو
مسلم ليگ تعلقي پريزيڊنٽ هڪ نانوائي هوٽ وارو مولا
بخش بڻيو. هڪ دفعي ٺل جي مختيارڪار وٽ موجوده سيد
دامن شاهه جو والد بزرگوار سيد عبدالستار شاهه
ويٺو هو ته ’نائڪ‘ اچي ٻڌايو ته ديوان صاحب! تعلقي
جو مسلم ليگي پريزيڊنٽ اوهان جي ملاقات لاءِ آيو
آهي. ان زماني ۾ نائڪ مرزا خان ميربحر هو، جيڪو
’رعب‘ ۽ ’ڏيکاءُ‘ ۾ ڪنهن ” پوليس حوالدار“ کان گهت
ڪونه هو. سندس اجازت کان سواءِ چڱو ڀلو زميندار ۽
معتبر ماڻهو به مختيارڪار وٽ ڪونه پڄي سگهندو هو.
نائڪ جي رپورٽ تي ديوان جا ڪن کڙا ٿي ويا. هڪ ”
سياسي جماعت جو عهديدار“ سندس ملاقات لاءِ آيو
آهي،سو نائڪ کي چيائين ته عزت سان اندر وٺي اچينس.
هي مولا بخش نانوائي اندر آيو ته مختيارڪار کيس
ڪرسيءَ تي ويهاريو. مولابخش جو ڪرسيءَ تي ويهڻ ۽
سيد عبدالستار شاهه ٽپ ڏيئي اٿي ديوان کي چوڻ لڳو
ته عبدالستار شاهه جو اچڻ اڄ کان پوءِ ڪونه ٿيندو.
ههڙا ماڻهو به اچي عبدالستار شاهه سان ڪڏهن ڪرسي
تي گڏويهڻ جا حقدار ٿيا آهن ته بس هاڻي اسان
اشرافن جو دور ختم ٿيو. سيد عبدالستار شاهه صاحب
جيستائين حيات رهيو اوستائين وري ڪنهن ڪاموري جي
آفيس ۾ ڪونه ويو. سندس وڏو پٽ سيد دامن شاهه به
جڏهن ضياءُ الحق حڪومت ۾ مجلس شوريٰ جو ميبر ٿيو،
تڏهن ڪجهه عرصو ڏسڻ ۾ ايندو هو. هينئر اهو به تمام
گهٽ ڏسڻ ۾ ايندو آهي. آءٌ به گوشه نشين آهيان ته
ڪيئن ۽ ڪاٿئون سندس زيارت نصيب ٿيندي.
ٺل جا ’جيلاني سيد‘ اڄ به پنهنجن پيرن تي بيٺل آهن. هر ڪنهن جي
جدا اوطاق آهي. هر ڪو بنگل سينگاريون ويٺو اهي.
باقي سائين دامن شاهه اول جي درگاهه وارو
مسافرخانو ويران آهي. نه ڪي مريد، نه ڪي عقيدت
مند، نه دعا نه ڌاڳو، نه لنگر، گهٽ ۾ گهٽ آءٌ ته
هميشه ائين ڏسندو رهان ٿو. سائين عين شاهه صاحب ۽
سندس فرزند سيد شبير شاهه صاحب سان نيازمندي آهي،
سو ڪڏهن ڪڏهن سندن آستاني تي حاضري ڀرڻ ويندو
آهيان. پاڻ ٻئي (پيءُ، پٽُ) منهنجي ڏاڍي عزت ڪندا
آهن. قدرت جي طرفان مون کي هر سال عمره تي وڃڻ
نصيب ٿيندو آهي ته واپسي واري پهرين ڏينهن هي صاحب
قرب ڪري سڀ کان اڳ ۾ مون تي نوازشون ڪرڻ ايندا
آهن.
ٺل جي شهر جي آبادي ڪنهن زماني ” سئنيٽري ڪاميٽي“ جيتري به ڪانه
هئي، هينئر ايترو ته وڌيو آهي جو عنقريب
ميونسپالٽي بڻبو. هن دؤر ۾ هن شهر اندر چانورن جا
ڪارخانه چاليهن کان گهٽ ڪونه ٿيندا. موجوده شهر ۾
اڃا ڄاموٽن جي اڪثريت آهي. دايا ۽ سومراٽائون جا
ميمبر گهڻا آهن. ٻروچن به ٻهراڙيون ڇڏي هتي اچي
جايون ٺاهيون آهن. دڪان ورتا آهن پر اڪثريت اڃا به
ڄاموٽن جي آهي. ٺل تعلقي ۾ سياسي طرح هينئر ٻه تڪ
آهن، اوڀر تڪ ڄاموٽن جي اڪثريت سبب سنڌ اسيمبليءَ
۾ پنجون دفعو ميمبر ڄاموٽ ٿئي ٿو ۽اولهه تڪ مان
ٻروچن سان ڄاموٽ مقابلا ڪندا آهن. فقط هڪ دفعي
ڄاموٽ ميمبر ٿي ويو هو. تعلقو ٺل جيڪب آباد ضلعي
جو وچون تعلقو آهي، سو سڄوسياسي زور انهيءَ تي
هوندو آهي. سياسي آکاڙو ٺل آهي جو انهيءَ ڪشمڪش
ڪري تعلقي ۾ ترقياتي ڪم به ٿيندا رهن ٿا. تعلقو
هاڻي ترقي پذير آهي. گهڻو ڪري سڀني ڳوٺن ۾ ٽيليفون
جي سهوليت آهي. سڀ هيلٿ سينٽر آهن، بجلي آهي، پڪا
روڊ آهن، هاءِ اسڪول، مڊل اسڪول جام آهن. پرائمري
گرلز اسڪلول جو ته شمار ئي ڪونهي. هر ڪنهن چرندڙ
ماڻهو کي گرلز اسڪول مليل آهي.جيڪو تعليم جي نه پر
سندس تصرف ۾ هوندو آهي.
ٺل شهر جي چؤگرد ڄاموٽن جون زمينون هيون. اوڀر طرف ٻن ميلن بعد
ديهه کوسا آهي. سروي کان اڳ به انهيءَ ديهه ۾ کوسن
جو قبضو هو. ديهه کوسا ۾ سروي کان اڳ بهادر کوسي
جي زمين هئي جيڪا هينئر سندن پوٽن جي ملڪيت آهي.
سروي کان اڳ به هتي بنگل کوسي جي نالي سان ڳوٺ هو.
اها زمين خان صاحب بهادر خان کوسي جي ملڪيت ٿي ته
سندس وفات کان بعد ورثي ۾ سندس فرزند مير حسن خان
جي حصي ۾ اهو علائقو آيو. مير حسن خان عام روايتي
زميندارن جي برعڪس هڪ درويش طبع زميندار هو.
’لوڙها لتاڙ‘، ’ٻوڙا لڪڻو‘ زميندار ڪونه هو. شريف
النفس زميندار هو. حضرت مولانا عبدالغفور صاحب
رحمت الله عليہ همايوني جو معتقد هو، ان ڪري هن
پنهنجي ڳوٺ جو نالو ’دين پور‘ رکيو. هڪ ڳوٺ جو
نالو ”رسول آباد“ رکيو ۽ هڪ ڳوٺ جو نالو ” پير
شاخ“ رکيو. منهنجو سؤٽ مرحوم ابراهيم خان ڳالهه
ڪندو هو ته ميرحسن خان جي گهر روزانو اڪيچار طعام
پچندا هئا. وٽس هميشه هنداڻن جو وڏو ذخيرو هوندو
هو. روزانو هنداڻن جو واهپو گهڻو هوندو هو. منهنجي
سؤٽ جي مير حسن خان جي وڏي فرزند مير دريا خان سان
ننڍي لاڪون دوستي هئي.ٻه ٽي دفعا سندس ڳوٺ ويو هو.
تڏهن اهو مشاهدو ڪيو هئائين. مير دريا خان کي
انهيءَ زماني ۾ ” آغآ فيض“ ڪري سڏبو هو.
مير حسن خان جي نيڪ نفسي سبب سندس اولاد به نالي سان ٿيو. مير
دريا خان پاڪستان اسيمبلي جو ناميارو ۽ ايماندار
ميمبر ٿي گذريو. مير صبح صادق خان عالمن جي صحبت ۾
رهي وڏو مخير ۽ صالح انسان بڻيو. ڪنهن زماني ۾
ضياءُ الحق حڪومت ۾ مرڪزي وزير به ٿيو. مير شاهڏنو
خان مرحوم دنيا جهان جي سياسي ڦندن کان بيزار
رهيو. ڪامياب ڪاشتڪار ٿي عزت آبرو واري حياتي
گذاري ويو. موجوده مير حسن خان کوسو به هڪ دشمن
داغ انسان آهي. سياسي دنيا ۾ آيو ته جبري غلط سمت
طرف هلڻ سبب سياسي ماحول مان نڪري چڪو آهي. وقت
کيس وارو ڏنو ته وري ساڳي سياسي ماڳ تي رسي
سگهندو.
خان صاحب بهاد خان کوسي جو فرزند خان صاحب شاهل خان کوسو ٺل کان
اوڀر ۾ ڪريم آباد ۾ هڪ عاليشان بنگلو ٺاهي وڏي
شاندار زندگي گذاري ويو. انگريزي دؤر ۾ انگريز
ڊپٽي ڪمشنر وٽس ڪهي ايندا هئا. سنڌ اسيمبلي جو
ميمبر ٿيو. ون يونٽ مغربي پاڪستان اسيمبليءَ جو
ميمبر ٿيو. سندس شاندار شخصيت متاثر ڪندڙ هئي. هو
پنجاب جي چوڌرين وانگر ”ڪُلاه“ ” طره دار پٽڪو“
ٻڌندو هو. سردار بهادر عبدالرحيم خان کوسي جي لا
ولد وفات ڪرڻ سبب قادرپور ۾ سرداري پڳ کي قائم رکڻ
۾ هن حضرت امين الملت رحه سان ڀرپور ساٿ ڏنو. خان
صاحب شاهل خان کوسو ’کوسڪي شان‘ جو نشان هو. خدا
جي قدرت جو اهڙي ” املهه انسان“ جي اولاد وٽ سندس
” شاندار شان مان“ جو ڪو حصو باقي نه رهيو. ڪريم
آباد ۾ هڪ جريب زمين به وٽن ڪانه باقي رهي. ڪريم
آباد جو بنگلو اڄ به پري کان ’نشان بر‘ ۽ ’ماتم
ڪنان‘ آهي. بنگلي تي نظر پوندي آهي ته اکين مان
ڳوڙها وهي ويندا آهن. اهو اڃا ڪو وقت بيٺو رهندو ۽
مڙسن جون ڳالهيون ياد ڏياريندو رهندو.
ڀُڄ
مٿي ڀيرون، ٻرنُديون ٻاروچن جون |