سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1995ع (4)

 

صفحو :23

ڪجهه ڳالهيون نجم عباسي جون!

 

” ... ۽ هڪ تارو سنڌي ساهت جي آسمان تان اُلهي ويو!“

نجم جي مرتئي جي خبر پوڻ کانپوءِ منهنجي مَن ۾ اهو هڪ – سٽو تاثر جُڙي ٿو، ذهن جي اسڪرين آڏو سندس شخصيت جو اسڪيچ، سندس لکڻين جو خاڪو اڀري اچي ٿو ... ماٺيڻو سُڀاءُ، نهٺو، ڌيرج سان گهٽ ڳالهائڻ وارو، سٻاجهو، سلڇڻو، اندر ۽ ٻاهر اُجرو ماڻهو.

        اهو سٺ وارو ابتدائي ڏهاڪو هو. اسان فل ٽائيم شاگرد سياست سان واڳيل هئاسين ۽ ادب جي ايوان ۽ اديبن تائين پهچڻ لاءِ اڃا بانبڙا پائي رهيا هئاسين، جو ساڻس پهرين ڏيٺ سائين ابن حيات پنهور ڪرائي ۽ پوءِ ادبي ناتي ويٺ ٿيندي رهي. نجم جي تن ڏينهن ۾ سروري منزل، گاڏي کاتي حيدرآباد جي لڳ خانگي اسپتال هئي، جيڪا پوءِ مکيه رستو ٽپي ٻئي پاسي عباسي چئمبرس جي هڪ دڪان ۾ کولي هئائين. منهنجي نجم سان شوق ملاقات جو پهريون حوالو هو سندس پاران ليکڪن ۽ شاگردن جو مفت ۾ علاج ڪرڻ، پوءِ اُهي ليکڪ توڙي شاگرد ڀلي ڪيتري به سرنديءَ وارا ڇو نه هجن. پر هجن سنڌي! نجم کانئن ڪجهه به چارج نه ڪندو هو! اُن کان پوءِ جيئن جيئن اسين ادب نگر جا واسي ٿياسين ته سندس شخصيت ۽ لکڻين جا ڏيک ويک سامهون ايندا ويا _ خاموش پورهيت ليکڪ، سنڌ ۽ سنڌين جو شيدائي نجم!

        اُنهن ڏينهن ۾ اسان جا اسٽيٽس (Status) وارا ليکڪ ڪا ڪچي ڦڪي لکڻي لکندا هئا ته اُن جو پرچار اهڙي نموني ڪرائيندا هئا جو ڄڻ اُنهن ادب جو آسمان لوڏي ۽ ڏات  جو ڏيهه ڌوڏي ڇڏيو هجي. پر هي سمنڊ جيان مٺو ماڻهو رڳو پيو لکندو هو؛ لکڻ به جهڙو سندس ڊيوٽي ۾ شامل هو، ائين جيئن ڪلينڪ هلائڻ.

        سنڌي ادبي سنگت جي ڪلاسن ۾ اچڻ کان البت لنوائيندو هو، شايد اديبن جي پنهنجو پاڻ ۾ ڄنڊا پٽ جي ڪري. پر ادبي ڪلاسن جي هلڻ جي کيس اون ۽ چنتا تمام گهڻي هوندي هئي ۽ گڏجاڻين جي روئداد ضرور معلوم ڪندو هو ۽ پڇندو هو ته اُهي هلن ٿا يا نه؟ ڪهڙ اڪهڙا اديب اچن ٿا وغيره. پر جي ادبي ڪلاس ڪنهن سبب جي ڪري بند ٿي ويا ته کيس ڏک ٿيندو هو ۽ ٿڌا شوڪارا ڀريندو هو!

        ’جيئي سنڌ‘ چئي ملڻ ۽ موڪلائڻ سندس منشور ۾ شامل هو ۽ هڪ وڏي ڪمزوري پڻ. ايتري قدر جو اسان جا ڪيترا چندي باز يار گرمجوشيءَ مان ”جيئي سنڌ“  جو سلام ورائي کڻي چندي جو چوپڙيون سامهون رکندا هئس ۽ چڱو چوکو پائي ويندا هئا.

        ستر اسي وارا ٻئي ڏهاڪا جتي ساري سنڌي سماج لاءِ اتي سنڌي ساهت لاءِ به ڏاڍا ڏکيا هئا. انهن ئي سالن ۾ سندس پاڙي يعني گاڏي کاتي ۾ ’آگم‘ جي آفيس کولي سين،جيڪا انهيءَ گهُٽ ۽ ٻوسٽ واري دور ۾ ساهتين لاءِ هڪ ’هائيڊ پارڪ‘  هو. حيدرآباد ۽ سنڌ کان ايندڙ ويندر ساهتڪار ٻيو نه ته به هڪ منٽ لاءِ آگم مان جهاتي پائي ضرور ويندا هئا ۽ ڪو وقت ته آگم ۾ ادبي ڪلاس به هليا ۽ نجم هونئن جو ادبي ڪلاسن ۾ گهٽ ايندو ويندو هو، سوآگم ۾ ٿيندڙ ادبي ڪلاسن کا ڀيرو نه ڀڃيندو هو؛ جڏهن ته کيس پينٽ پيل هوندي به آگم جي ڪوٺيءَ ۾ هيٺ پلٿي ماري وهندو هو. سندس آگم جي ويجهو آفيس هئڻ ڪري ساڻس اڪثر ڪچهريون ٿينديون هيون. وڃبو ته پهريون اهوئي پڇندو ته ’ڇا پياڪريو! _ ادبي دنيا جا ڪهڙا واءُ سواءُ!‘

        سنڌي سماج وانگر اسان جي ساهتي دنيا به سدائين ڇڙو ڇڙ، اختلافن، جهيڙن جهٽن ۽ منافقين جي ور چڙهيل، سو جڏهن اهڙيون خبرون ٻڌندو هو ته افسوس ٿيندو هوس ۽ چوندو هو، ”اسان جو سماج وڏيرڪو سماج آهي پراُن کي هاڻي ڪلر کائي رهيو آهي، نيٺ ته ڊهندو. اوهان نوجوانن کي مايوس نه ٿيڻ کپي. وس ۽ وت آهر ڪم ڪرڻ گهرجي.‘ _ سندس واتان ڪڏهن به ڪنهن جي گلا يا گيبت نه ٻُڌي سون. نجم ئي هڪ اهڙو ماڻهو ۽ ليکڪ هو جيڪو پنهنجي شخصيت ۽ لکڻين جي لحاظ کان اختلافي گهٽ هو. سچ ته اسان سڀني سنڌين يعني سنڌ جو هڪ تارو هو.

        فڪري لحاظ کان هو نج ترقي پسند سنڌيت جو پرچاري هو. سنڌي ماڻهن جي گهڻائي واهڻي آهي ۽ هُن واهڻي هئڻ جي ناتي ساري سنڌي زندگي کي انتهائي ويجهڙائيءَ کان ڏٺو. هن وڏيرڪي ۽ ملائيت جي ڪوڙڪين ۾ ڦاٿل ماڻهن جي وهمن، وسوسن، سورن، پورن ۽ دکن جون ڪهاڻيون سولي، سنئين ۽ سڌي ٻوليءَ ۾ جيئن نجم بيان ڪيون آهن، اهوئي سندس پنهنجو ڏانءُ هو. هن پرڏيهه کان پر گهٽ ٿيندڙ فني لوازمات کي پنهنجي لکڻين لاءِ نه چونڊيو، جڏهن ته هو انگريزي ٻوليءَ جو سٺو ڄاڻو ۽ سنڌيءَ جو بهترين ترجمان هو. سنڌيڪار جي حيثيت ۾ نجم جو اهم مقام آهي. هن پرڏيهي ٻولين جي لفظن کي سنڌيءَ ۾ الٿو ڪرڻ جا ڪيئي تجربا به ڪيا، جيئن لائوند اسپيڪر لاءِ ’گونجارو‘، ائش ٽري لاءِ ’رک وٽي‘ ٽيليويزن لاءِ ڏور ڏسڻي ٽيلي فون لاءِ ’پريان ڳالهائڻي‘ وغيره. هي ڪو سنڌي ٻوليءَ کي محدود ڪرڻ جي خيال کان ڪونه ڪيائين، پر اهو سڀ ڪجهه سنڌيت جي ساءُ ڪري!

        مون ماهوار ’نئون نياپو‘ ۾ سندس هڪ ڪهاڻي ڇاپي هئي، جنهن ۾ هڪ هنڌ هم جنس پرستي بابت اشاراتي جملو هو، ۽ جنهن تي اسان جي هڪ مشهور ڏاهي مون کي ڏند ڪرٽيندي چڱي ڇنڊ پٽي هئي منع ڪئي هئائين ته آئينده اهڙي قسم جي سندس ڪابه لکڻي نه ڇاپيان ۽ جڏهن ته اهو ڏاهو نجم جو گهرو هو ۽ سندس لکڻين جو مداح پڻ. نجم جي هڪ ناول تي ’اگهاڙپ‘ جو الزام لڳو هو پر ڇا جنس ڪو مسئلو ناهي يا اُها ماڻهوءَ جي فطرت ۾ شامل ناهي؟

        منهنجو هڪ پيارو دوست آهي ۽ ليکڪ به ڀلوڙ. سنڌ يونيورسٽي ۾ پڙهڻ جي دوران کيس لکياري بڻجڻ جو خيال ٿيو. لکيائين به ۽ هڪ ڪتابي سلسلو به ڪڍيائين پر شروعاتي لکڻين ۾ هو ناليوارن ليکڪن ۽ سندن لکنيڻ تي ٽيڪا ٽپڻي ڪندي گارين کان به نه گٿو. مون جڏهن کانئس ان جو سبب پڇيو ته هن چيو، ”نثار، ائين نه ڪريان ها ته مون کي ادبي دنيا ۾ جاءِ به نه ملي ها،“ سو هڪ ڀيري آگم تي ڪچهريءَ دوران زيب مون کي نجم جي مجموعي لکڻين جي باري ۾ راءِ پڇي ته مون چيو ته نجم وٽ لکڻين جي فني لوازمات کان وڌيڪ اُنهن جي خيال جي اهميت آهي؛ هو پنهنجي سوچ، مقصد ۽ خيال کي هڪ پرچارڪ وانگر پيش ڪري ٿو. اُن وقت ڪچهريءَ ۾ هڪ للي پٽ جو ڄامڙو ليکڪ به موجود هو، جنهن منهنجي ان ذاتي ڪچهريءَ واريءَ راءِ کي پنهنجن لفطن ۾ ٽوڙي مروڙي سندس هڪ پبليڪشن ۾ ڇاپي وڃي نجم کي پڙهائي . خير نجم ته تمام قداور ماڻهو هو، هُن ان ڳالهه کي ڪابه اهميت ڪانه ڏني پر مون کي انهيءَ ڄامڙي جي اها حرڪت ڪانه وڻي. پر پوءِ جڏهن ڪٿ ڪيم ته ڪَل پيم ته هي ڄامڙو نه صرف پنهنجي سوچ جي خيال کان پر جسماني طرح به ڄامڙو آهي، انهيءَ ڪري هو پنهنجي قد کي وڌائڻ لاءِ اهڙيون حرڪتون ڪرڻ لاءِ نفسياتي طرح مجبور آهي.  ڇو ته هُن سنڌ جي امام سائين جي. ايم سيد جهڙي عظيم هستيءَ کي به نه بخشيو آهي ۽ اُن جي خلاف لکيو آهي، سو اسان جهڙا عام ماڻهو ته سندس ليکي ۾ ئي ڪونه آهن!

        آءٌ اڄ به انهيءَ راءِ جو آهيان ته نجم جي اڳيان ڪنهن به لکڻي جي گهاڙيٽي يا فني فاعلاتن فاعلن کان وڌيڪ اهميت پنهنجي پيغام کي سولي ۽ سليس ٻوليءَ ۾ پنهنجي پڙهندڙن تائين پهچائڻ هو ۽ جنهن ۾هو سڦل ويو، جو سندس ڪتاب بازار ۾ ايندي ئي وڪامي ويندا هئا؛ ايتري قدر جو سندس ڪيترن ئي ڪتابن جا ٽي ٽي ۽ چار چار ايڊيشن به پڌرا ٿيا. نجم سنڌين جي هڪ وڏي پرچارڪ ليکڪ جي حيثيت ۾ سدائين لاءِ سڃاتوويندو، پر جيڪڏهن ....

الا، ائين مَ ٿئي جو ڪتابن ۾ پڙهجي

ته هئي سنڌ ۽ سنڌ وارن جي ٻولي _

(نارائڻ شيام.)

_ نثار حسيني


 

نجم عباسي جي مرتئي تي

مُرڪ ماڻيا نه پل

جيءُ جهڄندا رهيا

سج سنڌو اُتي

ڪيئي ترندا رهيا _

لفظ جاڳي پيا

سِنڌ جي نڀ تي

وهائو تاري جيان

۽

وقت جي ٻوٿ تي

سچ لکجي ويو _

ليک تُنهنجا نجم

اماوس اُڀ تي

ڄڻ تارا هُيا

يا هيا، ها، ڏيئا

جهانگي جهوپن اڳيان

دونهيون ڪي دُکيل _

هڪ ڏينهن اڳي

ساري عالم ڏٺِي

سج جي مُک تي

ڪاري چادر پيل،

پر

سنڌ جي سج ته

هئي اوڍي اُها

ٻه ڏينهن سڄا

هڪ گرهڻ وتَو

مرتئي تي ٻيو

آه! مرتيو سندءِ

ڏات جو ڏيهه آ

سارو وٺجي ويو!

_ زيب نظاماڻي

 

24- آڪٽوبرمڪمل سج گرهڻ وارو ڏينهن ۽ 25- آڪٽوبر نجم جي مرتئي وارو ڏينهن.)

 

زندگيءَ جي ڊرامي جو الميه ڪردار....!

        ڊاڪٽر نجم عباسي جو مرتيو نه صرف قومپرست ڪهاڻيءَ جي هڪ دؤر جي پُڄاڻي آهي، پر ان سان هڪ سچي ۽ کري ماڻهوءَ جي اُٿي وڃڻ جو ڏکوئيندڙ احساس به اسان جي اندر کي جهوري ٿو.

        ڊاڪٽر نجم عباسي جي هن مني صديءَ جي لڳ ڀڳ واري سفر ۾ هُن اسانکي سنڌي ڪهاڻيءَ جا ٽيهارو نظرياتي ڪتاب ڏنا، جن اسانکي نه صرف ادب جي لاءِ اتساهه ڏنو پر ڌرتي ۽ ڌرتي واسين جي دردن ۽ پيڙائن جو پڻ احساسيندڙ جذبو عطا ڪيو. انهيءَ سڀ ڪجهه ملڻ جي باوجود اسان ڊاڪٽر نجم عباسي کي ڇا ڏنو؟ بس، هڪ اندر کي اڏوهيءَ وانگر کائيندڙ محروميءَ وارو احساس ۽ اڪيلائپ وارو ڏک!

        ڊاڪٽر نجم عباسي زندگيءَ جي ڊرامي جو ڄڻ هڪ الميه ڪردار هو، جيڪو پنهنجي ذمي ٿيل ڏکيل ۽ ڏکائيندر پارٽ پورو ڪري ڪالهه دنيا جي اسٽيج کي خالي ڇڏي هليو ويو. ڊاڪٽر صاحب جي زندگي ڀوڳنائن جو هڪ سفر هئي، جنهن جي وک وک تي قوم جي دردن سان گڏ پنهنجا انفرادي درد به وڇايا پيا هئا.

        شادي کان پوءِ ذهني يڪسوئي حاصل نه ٿيڻ ڪري سندس جيون ساٿيءَ کان جيڪو وڇوڙو ٿيو، انهيءَ کان پوءِ ڊاڪٽر صاحب وري پنهنجي اندر ۾ يڪ وجودي حاصل ڪري نه سگهيو. ويتر دنيا جي ٻين حادثن کيس اندران ڀڃي ڀورا ڪري ڇڏيو. پر وري به اها ڊاڪٽر نجم عباسي جي وڏي دليري چئجي جو هن پنهنجي ذاتي درد کي پنهنجي قومي درد جي آويءَ  ۾ اڇلي ڇڏيو ۽ پنهنجي قلم کي قوم جي حوالي ڪري پنهنجون ذاتي پيڙائون ۽ پريشانيون قوم کي ارپي ڇڏيون. ڊاڪٽر صاحب جو وڇوڙو، اسان سڀني لاءِ ايڏو وڏو سانحو آهي جو ان کي محسوس ڪري سگهجي ٿو پر بيان نٿو ڪري سگهجي .

_ مقصود گل

*

ماما نجم ۽ ”مهراڻ“

        10- نويمبر 1989ع تي جڏهن ماما نجم تي اڌ رنگ جو حملو ٿيو ۽ ساڄي ٻانهن ۽ ٽنگ صفا بيڪار ٿي ويئي، پاڻ اٿڻ ويهڻ کان لاچار ٿي پيا، هڪ ڪمري تائين محدود ٿي ويا، کائڻ پيئڻ ۾ ڏکيائي ٿي پيش آئي، باٿ روم تائين نه پيا وڃي سگهن، اڌ رنگ جو اثر اڃا وڌندو پيو وڃي ۽ زبان تي ٿورو ٿورو اثر ظاهر پيو ٿئي جو ڳالهائڻ ۾ هٻڪ پئي محسوس ٿئين، ماما پنهنجي ڪوشش (علاج) ۾ رُڌل هئا. ماما کي بستري تي اٿاريان ويهاريان مان پيو، باٿ روم تائين مان پيو وٺي وڃان ۽ کارائڻ جو ڪم غزاله (ماما جي وڏي ڌيءَ ۽ منهنجي گهر واري)  ڪري رهي هئي.

        اسان ٻئي زال مڙس ماما کي همت پيا ڏياريون ته ڊاڪٽر چون ٿا آهستي آهستي ٺيڪ ٿي ويندؤ ۽ گهٻرايو نه . ماما ان وقت چيو هو ته منهنجا سڀ ڪم _ مون کي اٿارڻ ويهارڻ، وهنجارڻ، شيو ڪرڻ ۽ کارائڻ پيارڻ، سڀ توهان ڪري ويندؤ. مون کي اطمينان آهي ته مون کي ڏکيائي هوندي به ڏکيائي محسوس نه ٿيندي، جو غزاله، ڪونج ۽ تون آهيو، پر مون کي فڪر آهي ته هاڻي مان لکي نه سگهندم، ان ۾ مان محتاج ٿي پيم!

        پوءِ ڊاڪٽر جو علاج ۽ ماما جي پنهنجي همت سان ماما ڇهن ستن مهينن کان پوءِ لکڻ شروع ڪيو. هٿ ۾ قلم صحيح نموني جهلي نه سگهندا هئا، پر آهستي آهستي ڦڏا _سڌا ليڪا پائڻ شروع ڪيائون ۽ ا-ب-ٻ يا A.B.C لکڻ شروع ڪيائون. منهنجي ننڍڙي ڌيءَ مومل کي سڏي چيائون ته ”ڏس تون به ڪلاس ٻئي ۾ پئي پڙهين، پر مان ايڏو وڏو ٿي ويو آهيان، پر ڪچي پهرئين ۾ آهيان، جو الف _ ب پيو لکان!“

        مومل وري چيس ”بابا توهان جا اکر به منهنجي اکرن کان سٺا نه آهن.“ مومل کي اهو احساس نه هو ته هوءَ ڪيڏي نه وڏي اديب ۽ ڏاهي سان ڳالهائي رهي آهي يا هو کيس ڇا ٿو چوڻ چاهي.

        ماما سائين زور سان کِليو ۽ چيائين ته ”اڙي ها، منهنجا ته اکر به مومل جي اکرن کان گندا آهن.“ ماما جي ان چوڻ ۾ هڪ درد هو، جيڪو مون اتي ويٺي محسوس ڪيو.

        ماما سائين، ائين ”الف – ب“ جي پرئڪٽس ڪندي هڪ ڏينهن ڦڏن _ سڌن اکرن ۾ ”جيئي سنڌ“ لکيو ۽ مون کي ڏيکاريائين. مون کي اطمينان ٿيو ته سندس هٿ ۾ لکڻ جي طاقت ايندي پئي وڃي.

        ماما سائين جي فزيوٿراپي ٿيندي هئي، جنهن لاءِ اسان ڊاڪٽرياڻيءَ جي اسپتال ويندا هئاسون، جتي هوءَ ڪلاڪ ڏيڍ تائين فزيوٿراپي ڪندي هئي ۽ پوءِ مون کي سيکاري ڇڏيو هئائين ته گهر ۾ ائين تون به فزيوٿراپي ڪرائيندو ڪر. گهر ۾ ماما جي خواهش هوندي هئي ته سمورو وقت مان صرف هٿ ۽ ٻانهن جي فزيوٿراپي ڪريا، ته جيئن پاڻ جلد کان جلد لکڻ شروع ڪن.  پوءِ منهنجي خيال ۾ آگسٽ يا سيپٽمبر 1990ع ڌاري ماما سائين وري لکڻ شروع ڪيو اکر صحيح طرح نه هوندا هئا، پر وري به سمجهه ۾ اچي ويندا هئا مان اهو خوشنصيب آهيان جو ماما جي هر تحرير پهرين پهرين پڙهندو هئس، يعني ماما جي هر لکت ٽن سالن تائين مون فيئر ڪئي ان کانپوءِ سکر ۾ منهنجو ڀاءُ شميم عباسي ۽ حيدرآباد ۾ وري عاصم آخوند به ان ڪم ۾ شامل ٿيا، جو ماما جي لکڻ جي رفتار تيز ٿيندي وئي ۽ مون اڪيلي کان اها ڳالهه زور ٿي وئي جو مان ٻين ڳالهين سان گڏوگڏ ايڏو ڪم نه پيو ڪري سگهان، ماما سائين جا ان دوران يعني 1990ع کان وٺي وفات تائين اڌ رنگ جي خطرناڪ بيماريءَ دوران ٻه ٽي ڪتاب شايع ٿيا ۽ تقريباً ايترائي اڻڇپيل صورت ۾ مون وٽ موجود آهن.

        ماما سائين اڌرنگ جي بيماريءَ جو مقابلو ڪندو رهيو ۽ ڇهه سال لڳاتار ان بيماريءَ کي شڪست ڏيندو رهيو، ليڪن 1995ع ۾ آڪٽوبر جي 8- 10 تاريخ کان دمي (سهڪي) جي تڪليف ٿي پين. وفات کان اٺ – ڏهه ڏينهن اڳ به قلم هٿ ۾ هين، ۽ هڪ ڪهاڻي لکي رهيا هئا. مان دوا کارائڻ لاءِ سندس ڪمري ۾ ويس ته ڪجهه لکي رهيا هئا. مون کي چيائين ته ”ڪهاڻي ٿو لکان پر سهڪو لکڻ ئي نٿو ڏئي؛ هيءَ ڪهاڻي به الائي پوري ڪري سگهندس الائي نه !“ مون کين دوا کارائي ۽ صلاح ڏنيمانس ته تڪليف ٿي ٿئي ته بعد ۾ لکجو . پاڻ قلم ۽ ڪاغذ منهنجي حوالي ڪيائون ته سامهون ڪٻٽ ۾ رکي ڇڏ.

        ٻيو ڏينهن 18- آڪٽوبر هو، سالگرهه جو ڏينهن . ڪجهه اديب دوست ملڻ آيا، انهن سان سٺي ڪچهري ڪيائون. انهن مان ڪجهه دوست سوکڙيون به کڻي آيا هئا. انهن جي وڃڻ بعد مون کي، غزاله، ڪونج، مومل ۽ مهراڻ کي سڏيائون ۽ چيائون ته ”ڏسو ته مون کي دوستن ڪهڙا ڪهڙا نه سهڻا تحفا ڏنا آهن. “ انهن ۾ سائين نفيس احمد ”ناشاد“ جو موڪليل ”مهراڻ“ به هو. ماما اهي سڀ سوکڙيون ان وقت ئي اسان ۾ ورهائي ڇڏيون، باقي ”مهراڻ“ ، سليم چنا جو ڏنل هڪ ڪتاب ۽ يوسف سنڌيءَ جو ڏنل ڪتاب پاڻ وٽ رکيائون.

        ماما سائينءَ کان ٻن ڏينهن کان پوءِ پڇيم ته ڪهاڻي مڪمل ٿي يا نه، چيائون ته ”اڃان نه ... سهڪو لکڻ ئي نٿو ڏئي. الائي ڪهاڻي پوري ڪري سگهندس به الائي نه .... !“ پوءِ مون کي چيائون ته ”منهنجي پهرين ڪهاڻي 1946ع ۾ ”مهراڻ“ جي ڇپي هئي. جي مان مري پوان ۽ هيءَ ڪهاڻي مڪمل نه هجي ته به ”مهراڻ“ جي سائين نفيس صاحب کي ڏجانءِ ته شايع ڪري.“ مون دلداري ڏني ته الله ڪندؤ ته ٺيڪ ٿي ويندؤ ۽ لکڻ پڙهڻ وري شروع ٿي ويندو.

        سليم چنا جو ڏنل سوکڙي طور ڪتاب، جيڪو انگريزيءَ ۾ حيدر بخش جتوئي جي سوانح، ڪارنامن ۽ تحريرن تي مشتمل هو، اهو مون پڙهڻ لاءِ ورتو ۽ يوسف سنڌي جو ڏنل ڪتاب، جيڪو ماما جي ئي خطن تي مشتمل هو، اهو سامهون ڪٻٽ ۾ رکڻ لاءِ چيائون ۽ ”مهراڻ، پاڻ پڙهڻ شروع ڪيائون. پر ٿوري ءَ دير بعد رکي ڇڏيائون، جو طبيعت شايد اجازت نه ڏني. ان حساب سان ماما جي مطالعي هيٺ آخري ڪتاب به ”مهراڻ“ رسالو ئي هو.

        ماما سائين 25- آڪٽوبر تي لاڏاڻو ڪيو. عجيب ڳالهه ته ماما جي اها ڪهاڻي ”پيار جي دشمني“ آخري ثابت ٿي، جيڪا پاڻ طبعيت جي خرابي سبب مڪمل نه ڪري سگهيا ۽ ”اڻپوري“ رهي. ماما جي خواهش هئي ته پهرين ڪهاڻي به ”مهراڻ“ ۾ شايع ٿي هئي ۽ آخري ڪهاڻي به ”مهراڻ“ ۾ اچي. ان خواهش کي پوري ڪرڻ لاءِ مون سائين نفيس احمد صاحب کي فون ڪري اها ڳالهه ٻڌائي ۽ چيم ته اها اڻپوري ڪهاڻي. ”مهراڻ“ ۾ اچڻ کپي. جي ائين ٿيو ته منهنجي خيال ۾ اها هڪ دلچسپ تاريخي ڳالهه ٿيندي ته سندن پهرين ۽ آخري ڪهاڻي، ٻيئي، هڪ ئي رسالي ۾ اچڻ ۽ مطالعي هيٺ به آخري رسالو اهوئي هجي.

_ الطاف جميل عباسي

 

تبصرا

صوفي لاڪوفي:

        علم ج دنيا ۾ فلسفي جو مضمون ۽ ادبي دنيا ۾ ترجمي جو فن ڏکيائيءَ ۾ بيشڪ پنهنجو مٽ پاڻ آهن، پر علامه آءِ. آءِ. قاضي جي ڪتاب “Casual peeps at Sophia” جو ”صوفي لاڪوفي“ جي عنوان سان سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري محترم عبدالفغار سومري صاحب ادب جي دنيا ۾ پنهنجي پاڻ کي مڃرائي ڇڏيو آهي.

        اصل ڪتاب “Casual peeps at Sophia” سن 1967ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ طرفان شايع ٿيو، جنهن جو ٻيو ڇاپو 1977ع ۾ پڌرو ٿيو، جيڪو پڻ هن وقت اڻلڀ آهي. فاضل مترجم هڪ ترتيب ذريعي ڪتاب کي آسان ۽ عام فهم بڻايو آهي: مضمون يا تقرير جي ترجمي پيش ڪرڻ کان اڳ ان جو پس منظر بيان ڪيو اٿس، يعني موقعي مهل جي حوالي سان اصل مواد جوترجمو ڪيو اٿس جنهن سان پڙهندڙ جي ذهن ۾ وضاحت سان گڏ هڪ ذهني تسلسل قائم ٿئي ٿو، جيڪو هڪ طبعزاد اديب ۽ هڪ ذهين مترجم جي اهليت کي ظاهر ڪري ٿو.

        اصل انگريزي ڪتاب “Casual peeps at Sophia” ۾ سمايل 15 مقالن ۽ تقريرن جو نچوڙ ۽ علامہ صاحب مرحوم جي فڪر تي جنهن جامع انداز ۾ مترجم روشني وڌي آهي انهيءَ کان بهتر نموني ڪجهه لکڻ ناممڪن پيو لڳي، مترجم جي پنهنجي قلم سان لکيل ”مهاڳ“ هن ڪتاب کي وڌيڪ لاڀ وارو بڻايو آهي.

        اصل انگريزي ڪتاب جا پيش لفظ، جيڪي مرحوم اي. ڪي بروهي صاحب جا لکيل آهن، سي پڻ سليس سنڌيءَ ۾ ڏاڍي سهڻي نموني ۾ ترجمو ڪيا ويا آهن. مرحوم علامه آءِ آءِ قاضي ۽ مرحوم اي. ڪي. بروهي صاحب جي انگريزي تحريرن جو سنڌي زبان ۾ ترجمو ڪرڻ ڪافي مشڪل ڪم آهي، جنهن کي محترم عبدالغفار سومري صاحب سهڻي نموني ۽ ڪاميابيءَ سان نباهيو آهي.

        جيڪڏهن ڳالهه کي کٽائڻو هجي ته کڻي چئجي ته محترم غفار صاحب جو هيءُ ڪارنامو سنڌي ادب ۾ بي بها اضافو آهي، پر ائين ڪار نه آهي. مثالن سان ۽ دليلن سان جيڪڏهن انهيءَ راءِ جو اظهار ڪيو وڃي ته علم جي پانڌيئرن ۽ پارکو پڙهندڙن لاءِ پرڪشش ۽ قابل قبول ٿيندو

        مهاڳ ۾ محترم غفار صاحب” ان الدين عندالله الاسلام“ جي قرآني نظريي کي علامه مرحوم جي سمجهاڻيءَ ۽ فڪر جي حوالي سان نهايت سليس ۽ دلپذير پيرائي ۾ بيان ڪيو آهي ۽ جديد دور ۾ اسلام تي بنياد پرستيءَ جو جيڪو الزام عائد ڪيو وڃي ٿو انهيءَ جي پاڙ پٽي ڇڏي آهي. لکي ٿو ته : ”انساني تاريخ ۾ اهڙو صرف هڪڙوئي ترقي پسند ۽ انقلابي مذهب نظر اچي ٿو، جنهن انسان کي رڳو انسان هئڻ جي ڪري هن ڪائنات ۾ وڏي ۾ وڏي ۽ محترم هستي قرار ڏنو. جنهن علم کي مرد توڙي عورت لاءِ لازمي چيو،  جنهن علم جي سلسلي ۾ مڪان ۽ قوميت جي حد بندين کي غير ضروري تصور ڪيو، بلڪ اهو به چيو ته علم حاصل لاءِ ڀلي چين ولايت جو سفر ڪريو. اهي ڳالهيون موجوده دور ۾ ڪرڻ ته ڏاڍيون سوليون آهن، پر اهو ڪهڙو فڪر ۽ فلسفو هو جنهن اڄ کان چوڏهن سئو سال اڳ تعليم کي عورت لاءِ ضروري تصور ڪيو. دنيا جي اها ٻي ڪهڙي تهذيب هئي، جنهن پورهيت ۽ ڪاسبيءَ کي ”خدا جو دوست“ قرار ڏنو، جڏهن ته ان وقت ان کي هيچ نيچ سمجهيوٿي ويو. ڪهڙي تهذيب انسان جي غلاميءَ کي روڪيو ۽ ان کان ڇوٽڪاري جي ترغيب ڏني. وري وڏي ڳالهه ته انسان کي اهو سڀ ڪجهه پاڻ ڪرڻو هو ۽ ان ۾ ڪنهن زور زبردستيءَ کي دخل نه هو. ڇو ته ان مذهب (اسلام) انسان کي بالغ، آزاد ۽ خود مختيار تصور ٿي ڪيو ...... انهيءَ مذهب جو مقصد انسان ذات ۾ هڪ لاڳيتي ۽ اکٽ انقلاب جي لهر کي قائم ۽ دائم رکڻ هو، جيڪا انساني وجود جو لازمي جزو آهي ...“

        هن وضاحت بعد اسلام تي بنيادي پرستي جي ليبل لڳائڻ بي سمجهي جي برابر ٿيندي ۽ فاضل مترجم مهاڳ ۾ انهيءَ کي ڪماحقہ رد ڪري ڇڏيو آهي.

        علامه آءِ. آءِ. قاضي مرحوم جي فڪر ۽ لفظي اظهار کي انگريزي زبان مان کڻي سنڌي ٻوليءَ ۾ پيش ڪرڻ ڪا معمولي ڳالهه نه آهي. مرحوم اي. ڪي. بروهي صاحب پڻ اظهار جي فن جو ڌڻي آهي. سندس ديباچي جو سنڌي ترجمو پڻ سليس ۽ روان زبان  ڪيو ويو آهي، پر خاص طور تي شيڪسپيئر ۽ ڪارلائل جي انگريزي نظم ۽ نثر کي سنڌيءَ ٻوليءَ جو ويس ڍڪائڻ وڏي ڪاميابيءَ جي ڳالهه آهي.

        ٻئي جي لکيل مواد کي هڪ ٻوليءَ مان ٻي ٻوليءَ ۾ ترجمي ڪرڻ وقت ذومعني يا ٻٽو مطلب رکندڙ لفظ محاورا ۽ اصطلاح خاصي دقت پيدا ڪندا آهن ۽ مترجم کي نه صرف انهن جي صحيح لغوي ۽ اصطلاحي معنائن کي خيال ۾ رکڻو پوندو آهي، پر جنهن پس منظر ۽ پيرايي ۾ اصل مصنف اهي لفظ، محاورا ۽ اصطلاح استعمال ڪيا آهن ۽ انهن مان جيڪو مفهوم ۽ مجموعي تاثر ملي ٿو، انهيءَ کي به ڀليءَ ڀت ڄاڻڻو پوي ٿو. پوءِ ترجمي جي ٻوليءَ ۾ انهن جا متبادل جيڪي اهو ساڳيو مطلب، مفهوم ۽ ڪارج ڏين ٿا، انهن کي ٻوليءَ جي مزاج مطابق ڪتب آڻڻو آهي.

        مثال طور شيڪسپيئر جوهي شعر ڏسجي.

“Nature is made better by no means,

But nature mades that mean”

اسان جو فاضل مترجم شيڪسپيئر جي انهن سٽن جو سنڌي ترجموهن ريت ڪري ٿو:

”فطرت کي ڪنهن به ريت بهتر نٿو بنايو وڃي،

پر فطرت خود انهيءَ ريت وجود ۾ آڻي ٿي.“

جيڪڏهن ڇڙواڳيءَ سان انهن سٽن کي سنڌيءَ ۾ بيان ڪجي ها ته :

Makes that meam” “means is made better”      تي جيڪو “Pun” يا ٻٽو مفهوم مڙهيل آهي، سنڌيءَ ۾ ذومعني لفظن جو استعمال ڪرائي ها ۽ اصل مفهوم غائب ٿي وڃي ها، پر فاضل مترجم هتي ”ريت“، ”بهتر بنائڻ“ ۽ ”وجود ۾ آڻڻ“ جا لفظ آڻي اصل مفهوم کي برقرار رکيو آهي.

       

ٻيو مثال ٿامس ڪارلائل جا اسڪاٽلئنڊ جي ڳوٺاڻي شاعر رابرٽ برنس جي باري ۾ چيل لفظ آهن. هو لکي ٿو ته:

        “This Burns appears at every disadvantage… that be should have tempted so many to penerate through the rough husk of that dialect of his, is proof that there lay something far from the common inside.”

        اسان جو سنڌي مترجم ڪارلائل جي لفطن جو تاثر ۽ مزاج پرکي انهن کي هن طرح پيش ڪري ٿو.

        ”ويچاروبرنس هر طرح خساري ۾ نظر اچي ٿو... اڄ جا گهڻا ماڻهو سندس ان ڳوٺاڻي ۽کهري زبان تي فدا آهن، ۽ انهيءَ کي هنئين سان هنڊائيندا وتن، ان جوسبب اهوئي آهي ته منجهس ڪي غير معمولي ڳڻ موجود آهي“

(ص 122)

        هتي proof يا ثابتيءَ جي لفظ کي نظر انداز ڪندي به فاضل مترجم اصل مصنف جي مفهوم کي قائم رکيو آهي ۽ سنڌي محاورن ۽ اصطلاحن مثلا ”هينئين سان هنڊائڻ“ ۽ ”فدا هجڻ“ ۽ چند سنڌي لفظ ”ڳڻ“ جو ماهراڻو اسعتمال ڪري پنهنجي قابليت جو ثبوت ڏنو آهي. اهڙا ڪيترائي مثال آهن، جيڪي پيش ڪري سگهجن ٿا.

        هاڻي هڪ معيار جيڪا مترجم تي رهجي وڃي ٿي، انجو ذڪر ڪجي، اصل ڪتاب جي ضميمي جو مواد فاضل مترجم پنهنجي ترجمي جي منڍ ۾ کڻي آيو آهي ۽ انهيءَ ترتيب سان هن جيڪو نِفس مضمون جو تعارف ڪرايو آهي ۽ انهيءَ ۾ پڙهندڙن جي ذهن ۾ هڪ تسلسل قائم ڪرڻ جو جتن ڪيو آهي سو ته جسُ لهڻي، پر مرحوم مير علي نواز”ناز“ (سابق والي خيرپور رياست) جي اردو غزل جو انگريزي ترجمو جيڪو مڌر ايلسا قاضي جو ڪيل ضميمي ۾ ڏنل آهي، سو ترسايو ويو آهي. پياري ماڻهوءَ جي ڇڏيل ڪسر ڪجهه قدر پوري ڪرڻ لاءِ انهيءَ اردو غزل جون چار سٽون ۽ انهن جو انگريزي ترجمو هيٺ ڏجي ٿو:

”جب سي ڊالي بهار گُل په نظر

پهري نه بُلبُل ني آشيان ديکها

درِ حيدر پر ناز پُهنچا هي

جيتي جي روضه ء جنان ديکها“

منظوم انگريزي ترجمو

Since glance of spring the rose did greet,

The bulbul found with love replete:

Not Designed to seek its old retreat,

Nor for its luring nest did look!

 

ڏٺو وڃي ته انگريزي ترجمو صرف مٿين ٻن سٽن جومفهوم ظاهر ڪري ٿو، پر اصل معنيٰ جوزور پوين ٻن سٽن ۾ آهي. ڪهڙو نه چڱو ٿئي ها جيڪڏهن محترم عبدالغفار سومرو صاحب اسان کي هن سڄي غزل جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري ڏئي ها.

”صوفي لاڪوفي“ سنڌي ادبي بورڊ پنهنجي روايتي طباعتي حسن ۽ معيار سان سينگاري شايع ڪيو آهي. ان جو سرورق وڻندڙ آهي. 336 صفحن جي هن ڪتاب جي قيمت سؤ رپيا مناسب رکي ويئي آهي. سنڌي ادبي بورڊ جي بوڪ اسٽال تلڪ چاڙهي حيدرآباد وٽان ملي سگهي ٿو.

ڊاڪٽر حبيب الله صديقي

*

سنڌالاجيءَ جا نوان ڇپيل ڪتاب:

        هن وقت سنڌ اندر سرڪاري سرپرستيءَ ۾ جيڪي اشاعتي ادارا ڪم ڪن ٿا، انهن ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جو انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي وڏي اهميت رکي ٿو. سنڌالاجيءَ نه رڳو هڪ پبلشنگ ادارو آهي، پر ان جو ڪم ڪار ۽ خدمتي دائرو نهايت وسيع آهي. ان ڏس ۾ ڪنهن به رسمي تعارف جي ضرورت ڪانهي. هي ادارو هن وقت تائين مختلف ٻولين ۾، جدا جدا عنوانن تي وڏي تعداد ۾ سنڌ بابت ڪتاب ڇاپي منظر تي آڻي چڪوآهي. هن وقت اداري ٽي نوان ڪتاب پڌرا ڪيا آهن.

(1) سنڌا لاجيڪل اسٽڊيز 1992ع

        سنڌالاجي تحقيقي، علمي ۽ ادبي خدمتن جي پورائي لاءِ ٻه جرنل شايع ڪري ٿو: ”سنڌالاجيڪل اسٽڊيز“ (انگريزي) ۽ ”سنڌي ادب“ (سنڌي)، برٽش دور ۾ ڪن سڄاڻ علمي ماڻهن ”سنڌ هسٽاريڪل سوسائيٽي“ ٺاهي، ان پاران انگريزي زبان ۾ هڪ ٽماهي جرنل جاري ڪيو. هن جرنل سنڌ بابت مختلف رخن کان تحقيقي مقالا شايع ڪيا. هي سوسائٽي ۽ جرنل ويهارو کن سال سنڌ جي خدمت ڪندا رهيا.

        سال 1975ع ۾ سنڌ جي مشهور علمي ۽ تعليمي شخصيت پروفيسر سيد غلام مصطفيٰ شاهه صاحب، ساڳئي جذبي ۽ مقصد سان، انگريزي زبان ۾ هڪ جرنل” سنڌ ڪئارٽرلي“ جاري ڪيو. هي رسالو ٽماهي آهي ۽ گذريل ايڪويهن سالن کان باقاعده ڇپجندو رهي ٿو. هن رسالي سنڌ بابت مختلف رخن کان، همعصر سماجي، سياسي ۽ ادبي گهرجن کي آڏو رکي وڏي خدمت ڪئي آهي.

سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ علمي ۽ ادبي لحاظ کان شيخ اياز جي وائيس چانسلريءَ جو زمانو وڏي اهميت رکي ٿو. هي اهودور آهي جڏهن شيخ صاحب انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ پاران هڪ انگريزي ۽ ٻيو سنڌي جرنل ڪڍڻ جي منظوري ڏني. سال 1977ع ۾ انگريزيءَ ۾ ”سنڌالاجيڪل اسٽڊيز“ نالي ڇهه ماهي جرنل جاري ڪيو ويو. هي جرنل ڪجهه وقفن سان بهرحال ڇپبو رهي ٿو. تبصري هيٺ آيل شمارو سال 1992ع جو گڏيل پرچو آهي ۽ دعويٰ ڪيل آهي ته مجموعي طرح سان هي ٽيويهون شمارو آهي. سال 1992ع جو پرچو، سو به گڏيل حالت ۾، سال 1995ع جي آخر ڌاري منظر عام تي آيو آهي، جنهن مان اداري جي ڪم ڪار جي رفتار، مجبورين ۽ محرومين جو اندازو ڪري سگهجي ٿو. ان سڄي ماجرا جي باوجود هن رسالي بهرحال سنڌ جي وڏي علمي خدمت ڪئي آهي.

        تبصري هيٺ آيل شمارو (”سنڌالاجيڪل اسٽڊيز“) ڊاڪٽر رفيعه احمد شيخ ايڊٽ ڪيو آهي. محترمه جو تعلق سنڌ يونيورسٽيءَ جي ڊپارٽمينٽ آف لئبرري سائنس ۽ انفرميشن سان آهي. جڏهن ته ان کان اڳ هي پرچو نامور عالم جناب مظهر يوسف ايڊٽ ڪندو ٿي آيو. هن پرچي ۾ ڪل اٺ مقالا آهن،جن جو تعلق سنڌ جي مختلف رخن کان ڏسجي ٿو. مقاله نگارن ۾ مارٽن موئر، ايم. ايڇ. پنهور، ڊاڪٽر الهرکيو ٻُٽ، محمد رفيق ڌناڻي، گل محمد مستوئي، پروفيسر الهه وسايو راڄڙ ۽ محبوب اختر پٺاڻ جا نالا ڏسجن ٿا. انهن ۾ وري به ٻُٽ صاحب جو مقالو وڏي اهميت رکي ٿو. هن صاحب اخبار ”هندواسي“ بابت هليل بغاوت ڪيس کي بحث جو موضوع بنايو آهي، جنهن جا مکيه ڪردار ڊاڪٽر ايڇ.ٽي. سورلي ۽ جيٺمل پرسرام گلراجاڻي جهڙا عالم ۽ فاضل بنيا هئا. پٺاڻ صاحب جي مقالي ۾ سنڌي زبان جي ببليوگرافين ۽ ڪيٽلاگ جوجائزو ورتل آهي. هن مقالي تي علمي لحاظ کان ٻه اعتراض ڪري سگهجن ٿا. هڪ ته هي جائزو خالص سنڌي ٻوليءَ جي حوالي سان ڪونهي، ٻيو ته ان ۾ داخل ٿيل مواد ۾، ڪن ادارن جي ڇپيل ڪتابن جي فهرستن کي به درج ڪيو ويو آهي؛ جڏهن ته عنوان ۽ مواد جي لحاظ سان هي مطالعو سنڌ جي ببليو گرافين ۽ ڪيٽلاگن تي مبني آهي. انڪري ان جو درست عنوان _ “Bibliographyies and catalogues of sindh” هجڻ کپي ها. پرچي جي آخر ۾ ايڊيٽر جي قلم مان مقاله نگارن جو تعارف ڏنو ويو آهي، جنهن ۾ الائي ڇو محبوب اختر پٺاڻ جي ڄاڻ سڃاڻ نه ڏني وئي آهي.

سنڌي ادب : 1994ع.

        ”سنڌي ادب“ جرنل 1976ع ۾ جاري ٿيو. ان جو پهريون شمارو ”قائد اعظم نمبر“ ٿي ظاهر ٿيو هو. هي جرنل پڻ انگريزي جرنل وانگر وقفن سان ڇپجندو رهي ٿو. تبصري هيٺ آيل ”سنڌي ادب“ سال 1994ع جو پهريون شمارو ٿي منظر تي آيو آهي. ناشر پاران ٻڌايو ويو آهي ته هن پرچي سان جرنل ٻارهين جلد ۾ داخل ٿي ويو آهي. هي پرچو مشهور اديب ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي صاحب ايڊٽ ڪيوآهي. هن پرچي جا ڪي مقاله نگار ۽ مقالا هنريت آهن: ” حيدر خان جوڻيجو“ (ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو)، ”سنڌ ۾ دراوڙ“ (ڊاڪٽر گلاب راءِ اوڏ)، ”شمس العلماء مرزا قليچ بيگ“ ( ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي) ۽ ”لڄالٽ _ هڪ سنگين سماجي ڏوهه“ (تنوير جوڻيجو) وغيره. ان کان علاوه ميمڻ عثمان اديب ۽ بشير احمد ميمڻ صاحب جا مقالا پڻ هن پرچي جو سينگار بنيا آهن هن سڄي پرچي جو ڀرپور مقالوتنوير جوڻيجو لکيو آهي. تنوير جوڻيجو صاحبه سنڌ يونيورسٽيءَ جي سوشالاجي ڊپارٽمينٽ جي پروفيسر آهي ۽ سندس علمي ۽ ادبي حيثيت تسليم ٿيل آهي. هميشه کان هر پرچي جي آخر ۾”سنڌالاجي“ جي ساليانه ڪارڪردگي جي رپورٽ ڏني ويندي آهي، البته هن پرچي ۾ دستور ٽوڙيو ويو آهي. ضرورت آهي ته اداري جا اهلڪار ٻين ڪمن سان گڏ ٻنهي جرنلس جي باقاعده اشاعت طرف توجهه ڏين.

خيرپور جي ميرن جو ادب، سياست ۽ ثقافت ۾ حصو

ڊاڪٽر عطا محمد حامي مرحوم جونالو موجوده دورجي ادبي تاريخ ۾ وڏي اهميت رکي ٿو. پاڻ هڪ سٺو شاعر ۽ بهترين مقاله نگار هو. ناليرومحقق هو ۽ وڏي ڳالهه ته سچل سرمست جو معتبر پارکو هو. سچل سرمست بابت سندس تحقيق ۽ مطالعو وڏي اهميت رکي ٿو. حامي صاحب نه رڳو ايترو پر هڪ ڀلور انسان هو ۽ ”مٺڙو ماڻهو“ هو. جن کيس ڏٺو، ٻڌو ۽ گفتگو ڪئي، اهي سڄي عمر هن کي وساري نه سگهندا. حامي صاحب 1982ع ۾ وفات ڪئي. سندس وفات کان پوءِ به سندس معتدد ڪتاب ڇپجي پڌرا ٿيا آهن. سندس تازي ۾ تازو ڪتاب ”خيرپور جي ميرن جو ادب، سياست ۽ ثقافت ۾ حصو“ نالي سان ڇپجي منظر تي آيو آهي. هي اصل ۾ هڪ ٿيسز آهي، جا سنڌيونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي ۾ سال 1977ع ۾ ڊاڪٽوريٽ جي ڊگري لاءِ پيش ٿي هئي ۽ مصنف کي پي. ايڇ. ڊي جي سند عطا ٿي هئي.

        سترهين صديءَ جي خاتمي ڌاري سنڌ ۾ ڪلهوڙن جو راڄ قائم ٿيو. هڪ صديءَ جي حاڪميت کان پوءِ ڪلهوڙا منظر عام تان هٽي ويا ۽ ميرن جو راڄ قائم ٿيو. شروع کان ڪري ٽالپرن ۾ اندروني طورتي ڪابه مفاهمت نه ٿي سگهي. هڪٻئي ۾ شڪ گمان وڌندا ويا ۽ هرڪو پاڻ کي سنڌ جو فاتح سڏائڻ لڳو. ميان يار محمد، ميان نور محمد ۽ ميان غلام شاهه جان جي بازي لڳائي سنڌجي اتحاد ۽ وقار کي بحال ڪيو هو. نادر شاهه ۽ احمد شاهه جي حملن ۽ سنڌ دشمن عملن مان ملڪي وحدت ۽جاگرافيءَ کي سلامتيءَ سان پار ڪيو. 1793ع ۾ نوبت اتي پهتي جو ميرن ملڪ جو ورهاڱو ڪيو ۽ سنڌ ٽن رياستن ۾ تقسيم ٿي. وڏو ۽ مرڪزي حصو حيدرآباد جي مير فتح علي خان کي مليو جي شهداداڻي مير سڏبا هئا. ٻيو حصو مير ٺاري خان کي مليو جي ماڻڪاڻي مير سڏبا هئا. سندن هيڊڪوارٽر ميرپور خاص بنيو.هي ٻئي رياستون سرچارلس نيپيئر هٿان 1843ع ۾ ختم ٿيون ٽيون حصو مير سهراب خان کي مليو ۽ اڳتي هلي هي سهراباڻي مير سڏيا ويا. خيرپور جو شهر هنن ميرن جو آباد ڪيل آهي.

        مطالعي هيٺ آيل ”خيرپور جي ميرن جو ادب، سياست ۽ ثقافت جو حصو“ سهراباڻي ميرن جي دور حڪومت جي مطالعي تي مبني آهي. مير سهراب خان کان پوءِ مير رستم خان حاڪم بنيو. سرچارلس نيپيئر هن کي مير علي مراد خان جي مدد سان ڊوڙايو ۽ رستم خان اچي حيدرآباد ۾ پناهه ورتي. نيپيئر 1843ع جي فتوحات کان پوءِ به رياست خيرپور کي برقرار رهڻ ڏنو ويو ۽ مير علي مراد خان کي نئون حاڪم تسليم ڪيو. ان بعد مير فيض محمد اول، مير امام بخش خان، مير علي نواز خان، مير فيض محمد ثاني ۽ مير علي مراد خان ثاني، رياست جا حڪمران ٿي گذريا. هي رياست قيام پاڪستان کان پوءِ به قائم رهي. 1955ع ۾ ون يونٽ ٺاهي رياستن ۽ صوبن کي ختم ڪري اولهه پاڪستان جو صوبو وجود ۾ آندو ويو. تڏهن خيرپور جي ميرن جو راڄ به پورو ٿيو.خيرپور کي ضلعو بنايو ويو. ان ريت نئين انتظام هيٺ ان کي ڊويزنل هيڊ ڪوارٽر به مقرر ڪيو ويو.

        1793ع ۾ هي رياست وجود ۾ آئي ۽ برابر هڪ سؤ ٻاهٽ سال قائم رهي. حامي صاحب جي هن ٿيسز ۾ انهيءَ سموري دور جو ڀرپورجائزو ورتل آهي. هن ٿيسز ۾ ڪل پندرهن باب هن ريت آهن:

باب پهريون: خيرپور جي جاگرافي.

باب ٻيون: خيرپور جو تعارف ۽ قديم آثار.

باب ٽيون: ٽالپرن جو حسب نسب ۽ اوائلي احوال.

باب چوٿون ٽالپرن جي سياسي تاريخ ۽ ان ۾ خيرپور جي ميرن جوحصو.

باب پنجون: خيرپور جا حاڪم.

باب ڇهون: خيرپوري ٽالپرن جو ملڪي نظام.

باب ستون: خيرپور جي ميرن جو ادب، تعليم ۽ تدريس ۾ حصو.

باب اٺون: ميرن جي تهذيب ۽ تمدن جو مطالعو.

باب نائون: سنڌي ٻولي جو خيرپوري ۾ لهجو.

باب ڏهون: ميرن متعلق لطيفا.

باب يارهون: ميرن جو گهريلو لوڪ ادب.

باب ٻارهون: مشاهير:- مير، وزير ۽ ديوان.

باب تيرهون: مشاهير:- فوجي سردار ۽ سرائي.

باب چوڏهون مخدوم، قاضي ۽ عالم

باب پندرهو پير، فقير ۽ شاعر.

        آخر ۾ ٻه ضميما، ببليوگرافي ۽ انڊيڪس ڏني وئي آهي. ان ريت ڪتاب جي اهميت ۾ اڃا به واڌارو ٿيو آهي. ڊاڪٽر عطا محمد حامي مرحوم هن تحقيقي مقالي لکندي وڏي محنت ڪئي ڏسجي ٿي. هزارين ڇپيل ۽ اڻ ڇپيل ڪتاب، مقالا، مضمون ۽ مونو گراف هڪ طرف ڪتب آندا ويا آهن ۽ ٻئي طرف سوين راوين جي صدري روايتن کي ڪم آڻي، هن تاريخي تحقيقي داستان کي مڪمل ڪيو ويو آهي. ڏسجي ٿوته حامي صاحب هن تحقيقي ڪم دوران سابقه رياست جو چپو چپو گهمي گهربل معلومات جا موتي ميڙيا آهن. دَڙن ڀِڙن، شڪارگاهن، شهرن ۽ ڳوٺن کي ڏسي مطالعي کي سگهارو بڻايو ويو آهي. خاطري آهي ته رياست خيرپور بابت اهڙو شاهڪار تحقيقي مطالعو، صرف ۽ صرف ڊاڪٽر عطا محمد حامي ئي ڪري سگهيو ٿي، ڇو ته پاڻ نه رڳو اعليٰ پايي جو اديب هو، ليڪن هن جو تعلق به خيرپور رياست سان هو. پاڻ ٽالپرن جي آخري حاڪمن کي اکين سان به ڏٺائين ۽ ڪجهه وقت رياستي اسيمبليءَ جو ميمبر به رهي چڪو هو. مقدمي ۾ ڏيکاريل آهي ته پاڻ ڪافي نقشا، ڊزائنون ۽ تصويرن جو عمدو سيٽ به ٿيسز ۾شامل ڪيو هئائين. پبلشر کي کپندو هوته انهن مان ڪن جي چوند ڪري ڪتاب ۾ شامل ڪجن ها. ان ريت ڪتاب جي اهميت اڃا به وڌي وڃي ها. حامي صاحب هن ٿيسز ۾ رياست جوڀرپور مطالعو پيش ڪيو آهي. هڪ سنجيده محقق ۽ مورخ جي حيثيت ۾ پاڻ حاڪمن تي جائز رائزني به ڪئي اٿس، پر جارحانه ۽ تضحيڪي انداز کان گريز ڪيل آهي. حاڪمن جي واجبي تعريف به حد ۾ رهي ڪئي وئي آهي. بابن ۽ فهرستن تي نظر وجهڻ سان پتو پوي ٿو ته، اٽڪل روءِ هرپهلوءِ تي لکيو ويو آهي ۽ ڪو به اهم نقطو نه ڇڏيو ويو آهي. افسوس ته پروف ريڊنگ طرف جوڳو ڌيان نه ڏنو ويو آهي، ان ڪري ڪٿي ڪٿي پريس ۽ ڇاپي جون غلطيون رهجي ويون آهن. ٿوري به ڌيان سان ان عيب کان بچي سگهجي ها.

        رياست جي تاريخ بابت ان کان اڳ خداداد خان، مرزا قليچ بيگ۽ نسيم امروهيءَ جا ڪتاب ڇپيل هئا. خاطري آهي ته حامي صاحب جي هن ڪتاب ڇپجڻ سان خيرپور جي مطالعي کي وڌيڪ اجاگر ڪرڻ ۾ مدد ملندي. تازه دؤر ۾ هتي ٻن اهم واڌارن جي پيش رفت ٿي آهي. هڪ طرف هتي ريڊيواسٽيشن کولي وئي ۽ ٻئي طرف  شاهه عبداللطيف يونيورسٽي به وجود ۾ آئي. هن يونيورسٽيءَ ۾ ”سچل چيئر“ نالي هڪ تحقيقي ادارو به ڪم ڪري ٿو. جنهن جي ڪارڪردگي ان جي شروعات کان ئي پسنديده پئي رهي آهي، جنهن جو سڄو ڪريڊيٽ ڊاڪٽر تنوير عباسي ڏانهن وڃي ٿو. ضروري آهي ته چيئر طرفان به خيرپوررياست بابت مطالعا ڪيا وڃن ۽ ان بابت موجود مواد کي نئين سر ترجمن ۽ ترتيب ذريعي ڇپرايو وڃي. اهو هن يونيورسٽيءَ تي رياست جو حق بنجي ٿو. سنڌ يونيورسٽي ۽ خاص ڪري سنڌالاجي هن تاريخي ٿيسز ڇپرائڻ لاءِ مبارڪباد جا حقدار آهن. ڪتاب جي قيمت 225 رپيا مناسب ڏسجي ٿي.

_ پروفيسر محمد قاسم سومرو

 

جان جان هُئي جيئري:

        ڪتاب ”جان جان هُئي جيئر“ پروفيسر عبدالله مگسي جي لکڻين جو تازوڇپيل ٻيو مجموعو آهي. هن ڪتاب کان اڳ سندس لکڻين جو پهريون مجموعو ”سنڌ جي تاريخ جو جديد مطالعو“ سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي پاران ڇپجي چڪو آهي، جنهن ۾ سنڌ جي سياسي تاريخ تي ٻارهن مقالا،سنڌ جي تهذيب، ثقافت ۽ آثار قديمه متعلق ست مقالا ۽ آخري چار مقالا سوانح تي آهن. ڪجهه وقت اڳ انهي ڪتاب تي تبصرو ڪندي مون لکيو هو ته ”پروفيسرعبدالله مگسي جا ٻيا به ڪيترائي تحقيقي مقالا لکيل آهن، جيڪي هن ڪتاب ۾ اچي نه سگهيا آهن، اهيڻ مختلف رسالن ۽ اخبارن جي ورقن ۾سانڍيل آهن چڱو ٿئي ها جو اهي سمورا مقالا  به هٿ ڪري ڪتاب جي ٻئي ايڊيشن ۾شامل ڪيا وڃن ته جيئن اهو قيمتي اثاثو هميشہ لاءِ محفوظ ٿي وڃي.“ (ٽماهي مهراڻ1/ 1995ع صفحو 273) هوڏانهن اهو تبصرو ڇپيو مس ته هيڏانهن وري منهنجي انهيءَ مٿئينءَ خواهش جي پورائي به ٿي ويئي، يعني پروفيسر عبدالله مگسي، جي بقايا لکڻين جو ٻيو مجموعو”جان جان هُئي جيئري“ جي نالي سان ڇپجي نروار ٿيو. هن ڪتاب جو سهيڙيندڙ پروفيسر عبدالله مگسي جو ڀاءُ ڊاڪٽر لياقت علي مگسي آهي. هي ڪتاب پهريون ڀيرو 1995ع ۾ ” پروفيسر عبدالله مگسي يادگار ڪميٽي دادو سنڌ“ طرفان شايع ٿيو آهي. 414 صفحن تي مشتمل هن بهترين ڪتاب جي قيمت 150 روپيه آهي، جيڪا مناسب آهي. ڪتاب جي بائينڊنگ ۽ ڇپائي تمام سهڻي ٿيل آهي. سرورق لهندڙ سج جو نظارو ۽ پس ورق تي پرفيسر عبدالله مگسي جي هڪ خوبصورت يادگار تصوير ڏنل آهي، جنهن جي ڪري ڪتاب جي سونهن ۾ اضافو ٿيو آهي.

        ڪتاب جي شروع ۾ پروفيسر عبدالله مگسي جي ڀاءُ دين محمد مگسي تعارف جي عنوان سان هڪ صفحو لکيو آهي، جنهن ۾ پروفيسر عبدالله مگسي جي حياتيءَ جي احوال کي مختصر ليڪن تمام سهڻي نموني سان بيان ڪيو ويو آهي. ان کان پوءِ ڪتاب جو مهاڳ سنڌ جي مشهور شاعر ۽ دانشور جناب تاج جويي جو لکيل آهي، جنهن ڪتاب ۾ آيل سموري مواد جو سرسري مطالعو پيش ڪيو ويو آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com